1
ڪڏهن ڪڏهن مون کي منهنجي ڏاڏي آکاڻي به ٻڌائيندي هئي پر اهي آکاڻيون مون کي ياد ڪونه آهن. منهنجي ماءُ مون کي بلڪل ياد ڪانهي. منهنجي پالنا منهنجي ڏاڏيءَ ڪئي جنهن کي اسان جيجي به چوندا هئاسين. انهيءَ جو اسان جي سڄي خاندان تي وڏو ٿورو آهي. جيڪڏهن اها عورت زنده نه هجي ها ۽ منهنجي پالنا نه ڪري ها ته شايد ئي آئون زنده هجان ها، ڇو ته مون کان پوءِ منهنجي هڪ ڀيڻ به ڄائي هئي، جنهن کي جنم ڏيئي امان وفات ڪئي. منهنجي اها ڀيڻ به ٿورڙن ڏينهن ۾ وفات ڪري وئي منهنجي ماءُ کان اڳ به منهنجي پيءُ جون ٻه گهرواريون هيون جن مان کيس ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ هو جيڪو وفات ڪري ويو. باقي ٻي گهر مان منهنجي ماءُ جي وفات کان پوءِ کيس ٽي پُٽ غلام رسول، شمشير جنگ ۽ مير نصير پيدا ٿيا.
منهنجي پيءُ ارباب نور محمد پليجي هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. جيل ويو، ضلعي بدر ٿيو، گهرن جون تلاشيون ورتيون ويون ۽ ٻنون فائرنگ جهڙن ڪيترن ڪيسن کي پاڻ منهن ڏنو. هندستان جي آزاديءَ کان پوءِ سنڌ کي پنجاب جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ ۾ پهرايائين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان هاري تحريڪ ۾ ڪم ڪيائين، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري به رهيو ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد سان سڄي زندگي ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪيائين ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري رهيو. سائين جي ايم سيد جو مشهور ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون“ پاڻ ڇپرايائين ته سائين سان گڏ مٿس به ڪُفر جي فتويٰ نڪتي. انهن تحريڪن ڪري بابا اڪثر ڳوٺ کان ٻاهر رهندو هو ۽ اسان جي سڄي گهر جي سارسنڀال اسان جي ڏاڏي ڪندي هئي. پاڻ هڪ سؤ پنج سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. يعني 1987ع ۾ اسان جو ڳوٺ ٻنون سنڌو درياءَ ۽ پيڃاري ڦاٽ تي هئڻ ڪري وڏي اهميت وارو هو. جتي انسپيڪشن بنگلو، چاوڙي مسافرخانو، ٻيلي کاتي جي آفيس، پرائمري اسڪول (جيڪو 1888ع کان قائم ٿيل آهي.) اسپتال، ڍڪ ۽ شهر جي صفائي، روشني ۽ سنڀال لاءِ سينيٽري ڪاميٽي قائم هئي جنهن جو چيئرمين اڪثر بابا هوندو هو. هو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻي کي به چيئرمين ڪندو هو. ٻيلي کاتي جي آفيس سان گڏ هت سندن سڄي اسٽاف جي رهائش پڻ هوندو هئي. جيڪي هت وڏي ٺٺ سان رهندا هئا. آر- ايف- او پنهنجي بنگلي ۾ رهندو هو انهيءَ مٿان هڪ وڏي لانڍي ۽ اڱڻ هوندو هو. رينج فاريسٽ آفيسر گهڻو ڪري شام جو اُت ماڙيءَ تي آرام ڪُرسين تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هوندو هو ۽ سندس اڳيان سندس ملازم ۽ مالدار ماڻهو ويٺا هوندا هئا. انهيءَ زماني ۾ ٻيلن ۾ مال چارڻ لاءِ سرڪاري في ڏبي هئي جنهن کي ”پن چري“ چئبو هو ۽ مالدار کي في پيارڻ جي رسيد ملندي هئي. اُها رسيد مال چارڻ وارو پاڻ سان گڏ رکندو هو. جيئن بروقت هو ٻيلي کاتي جي عملدارن کي ڏيکاري سگهي. جنهن جو باقاعدي رينج آفيس ۾ رڪارڊ هوندو هو.
ٻيلن اندر هينئر ماڻهو ۽ مالدار ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آهن. وڻ نالي ته ٻيلن ۾ ڪابه شيءِ ڪانهي. جيتوڻيڪ ٻيلن ۾ هينئر وڻ پوکڻ لاءِ اقوام متحده ۽ ٻيا ڪيترا عالمي ادارا فاريسٽ ڊپارٽمينٽ کي ڪروڙن رپين جا فنڊ به ڏين ٿا. جيڪي اڳ ڪونه ملندا هئا. پر هينئر ڪرپشن، پاڻيءَ جي گهٽتائي ۽ هر طرح جي بي راه روي جنهن ۾ ٻيلن جي ڪامورن سان گڏوگڏ عوام ۽ سياسي ماڻهن به گهٽتائي ڪانه ڪئي آهي. ٻيلن ۾ وڏا پَها هوندا هئا جن جي باقاعدگيءَ سان لاپنگ صفائي، پاڻي جي ڇنڊڪار ڪئي ويندي هئي. مال جي چرڻ لاءِ سڄو ٻيلو نه پر ڪجهه حصو مخصوص ٿيل هوندو هو. ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو خاص ٻيلا ڏسڻ لاءِ ايندا هئا.
دادا گوبند پنجابي 1989ع ۾ جڏهن هندستان مان مون وٽ ٻني گهمڻ آيو هو تڏهن به مولچند ٻيلو گهمڻ هليو هو. اُهي هئا ٻيلي جا ٺٺ. ٻنون انسپيڪشن بنگلو ته انگريزن پنهنجي ۽ سندن بيگمن جي موڪلن ۽ تفريحن لاءِ ٺهرايو هو. سو سنڌ جي چيف مسنٽر هائوس ۽ دهليءَ حڪومت جي چيف منسٽر هائوس (جت اسان کي دهلي جي چيف منسٽر شيلا ڊڪشٽ ڊنر ڏني ۽ ائين ان جي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو.) کان به وڌيڪ پروقار ۽ سينگاريل هوندو هو. ٻنون انسپيڪشن بنگلو ٻني کان ميل کن پري پيڃاري ڦاٽ سان لڳ تقريباً پندرهن ايڪڙن ۾ پکريل باغ ۾ وڏن پپرن، بڙن ۽ نمن هيٺان هڪ محل لڳندو هو. انگريز دؤر حڪومت ۾ اهو قانون هو ته صوبي جو گورنر پنهنجي صوبي جي اندر ندين ۽ اهم آثار قديم جي ماڳن تي سال ۾ هڪ ڀيرو ضرور وڃي. هڪ ته انهيءَ ڪري جو انهن جي اچڻ سبب سارسنڀال به ٿي ويندي هئي، ٻيو ته صوبي جي سربراهه کي اهي هنڌ ڏسڻ ڪري سڄي پوزيشن جي خبر پوندي هئي. اهڙي طرح سان وري وائسراءِ لاءِ به قانون هوندا هئا ته سال ۾ هڪ ڀيرو هندستان جي اهم قومي ورثن ۽ اهم فوجي اهميت جي ماڳ مڪانن تي سال ۾ هڪ ڀيرو وڃي ڏسي. اهوئي سبب هو جو وائسراءِ موهن جو دڙو ڏسڻ ايندو هو ۽ پوءِ انهيءَ بهاني اُت شڪار به ڪندو هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ تر جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو هو. انهيءَ ڪري ئي سرشاهنواز ڀٽو، قاضي فضل الله ۽ ايوب کهڙو هندستان جي مک ليڊرن ۾ ڳڻجڻ لڳا. سرشاهنواز ڀٽو جوناڳڙهه جو وزيراعظم ۽ ايوب کهڙو گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن وڃي پهتا. نه ته خان بهادر ته سڄي سنڌ ۾ جام هئا. رڳو اسان جي سجاول سب ڊويزن ۾ به سڄا سارا ٻه خانبهادر موجود هئا، هڪ خانبهادر خير محمد چانڊيو ۽ ٻيو خانبهادر خير بخش خان لغاري. انگريز حاڪمن جي انهن دورن ڪري ٻني انسپيڪشن بنگلي جو وڏو شان هو. بنگلي ۾ اڳيان ورانڊو، پٺيان ورانڊو وچ ۾ وڏو هال، هال جي ٻنهي پاسن کان ٻه وڏا سوٽ هئا. هر سوٽ ۾ ٻه ڪمرا، وڏو باٿ روم، جنهن ۾ هر شيءَ انگريزي نموني جي، يعني وڏا ٽب، ڪموڊ وغيره باٿ رومن جي صفائي لاءِ ٻاهران ٻاهر دوازا هئا. بنگلي جي ڪراڪري لاءِ بنگلي اندر هڪ جدا ڪمرو هو. پر بورچي خانو پرڀرو هو، بنگلو ايڏو ڪشادو هو جو ٻنهي سوٽن ۾ رهندڙن جي پراءِ ويسي (Priwacy) بلڪل قائم رهي. انهيءَ وڏي بنگلي ۾ صرف صاحب لوڪ ۽ انهن جو مئڊمون رهنديون هيون. جڏهن اهي هليا ويندا هئا ته بنگلو صفا بند ٿي ويندو هو. ڪير به ان ۾ڪونه رهندو هو. بنگلي ۾ هوا لاءِ وڏيون جهليون، ڇت ۾ ٽنگيل هوندو هيون. جن جا رسا ڇڪڻ لاءِ ڀتين ۾ سوراخ ٺهيل هئا. رسو ورانڊي ۾ ويٺل نوڪر ڇڪيندا رهندا هئا. انگريز آفيسرن کي ۽ انهن رسن ڇڪڻ وارن کي هڪ ٻئي جي شڪل ته پري پر هڪ ٻئي جي ڪا خبر به ڪانه پوندي هئي ته اندر صاحب لوڪ ڇا پيا ڪن. بنگلي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪشادي ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٺهيل هوندي هئي. ان ڏاڪڻ جي ڀرسان بنگلي لاءِ وڏي پاڻي جي ٽانڪي هوندي هئي. جنهن کي ايريگيشن جا ملازم سڄو ڏينهن پيا ڀرينداهئا ۽ صفائي ڪندا رهندا هئا. بنگلي جي ڇت تي آفيسرن جي ويهڻ جو بندوبست ٿيل هوندو هو. بنگلي جي اڳيان هڪ وڏو ٿلهو هوندو هو جنهن جو سيمينٽ پلستر سج جي روشنيءَ تي پيو چلڪندو هو. انهيءَ تي تمام وڏيون آرام ڪرسيون رکيون هونديون هيون، مون ايڏيون وڏيون ڪرسيون زندگي ۾ ڪونه ڏٺيون.
قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب شهاب نامه ۾ لکيو آهي ته اُهي هوا واريون جهلون هلائڻ وارا ملازم جي ڪڏهن ننڊ سبب سمهي پوندا هئا ته انگريز آفيسر کين ٿڏا هڻي ماري ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ جي ڪڏهن انهي آفيسر تي انڪوائري ٿي به ته کيس رڳو وارننگ ئي ڏني ويندي هئي. يا مٿس ٻه روپيا ڏنڊ وڌو ويندو هو. مون پاڪستان ۽ هندستان گهڻو ڪري سڄو ڏٺو آهي، مثلاً ممبئي جو گيٽ وي آف انڊيا، اورنگ آباد، لڳ اجنتا الورا ۽ اورنگ آباد اندر اورنگزيب جي زال جو ٺهيل مقبرو جنهن کي هندستان ۾ ”بيبي کا مقبرا“ چون جيڪو هو بهو تاج محل جو نقل ٺهيل آهي، دهليءَ ۾ لال قلعو، بادشاهي مسجد، لوڌي گارڊن جنهن ۾ ننڍا وڏا مقبرا شامل آهن، قطب مينار، انڊيا گيٽ ۽ ان جي چؤطرف انگريزن جون ٺهيل جايون جنهن ۾ ٻاهران وائسراءِ جو گهر جنهن ۾ انهيءَ وقت ٽي هزار ملازم هوندا هئا. اتي اهڙا ته بورچي هوندا هئا جو لارڊ مائونٽ بيٽن جي زال پنهنجي ساروڻين ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته جڏهن اسان پهريون ڀيرو وائسراءِ هائوس ۾ آياسين ته اتي بورچين اسان جي پاليل ڪُتي لاءِ ڪڪڙ ٺاهي کيس ڏنو پر مون کي اهو ڪتي لاءِ پڪل ڪڪڙ اهڙو ته وڻيو جو مون لِڪي وڃي هڪ عليحده ڪمري جي ڪُنڊ ۾ کاڌو. چون ٿا ته انگلينڊ جو ولي عهد انهيءَ دؤر ۾ جڏهن هندستان آيو ۽ وائسراءِ هائوس ۾ قيام کان پوءِ چيائين ته مون کي اڄ خبر پئي آهي ته بادشاه محلن ۾ ڪيئن رهندا آهن. مٿرا ۾ ڪرشن جي جاءِ پيدائش ۽ اُتي ٺهيل مندر، آگري ۾ تاج محل، آگري جو قلعو، فتح پور سِڪري ۾ جامع مسجد، قلعو ۽ ان ۾ ٺهيل محل.
لاهور ۾ بادشاهي مسجد، لاهور جو قلعو، شاليمار باغ، ڪراچيءَ ۾ هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ، سنڌ اسيمبليءَ جي بلڊنگ ۽ راڻي باغ ڏٺا آهن. واقعي مغلن ۽ انگريزن گڏيل هندستان ۾ وڏي شوق ۽ نفاست سان محل محلاتون ۽ باغ باغيچا ٺهرايا جن جو مثال ڪونهي ۽ هندستاني اُنهيءَ تي ترنگا هڻي ويهي رهيا.
هاڻ وري ٿا اچون ٻني جي بنگلي جي احوال تي، انهيءَ جي ٿلهي اڳيان وڏو باغ هوندو هو. جنهن ۾ وڏي لان ۽ ان جي چؤطرف رنگ برنگي موسمي گل، جنهن لاءِ ڪيترا مالهي هر روز باغ جي سارسنڀال لهندا هئا. منهنجو ننڍي هوندي جڏهن باغ/ بنگلي ڏانهن وڃڻ ٿيندو هو ته ڪيترا سارا گل ۽ ڊاک مالهي مون کي ڏيندا هئا، جن کي کڻي اچي ڏاڏيءَ جي پيرن تي رکندو هوس. هن وڏي بنگلي جي ڀر ۾ ٻيو به هڪ تمام وڏو بنگلو هو (پر انسپيڪشن بنگلي کان ڪجهه ننڍو.) جنهن جي اندران ٻاهران ڪئين ولائتي شيشا لڳل هوندا هئا. جن ۾ پاڻ کي سڄو ڏسي ڏاڍو لطف ايندو هو. اهو بنگلو به وڏي بنگلي کان گهٽ ڪونه هوندو هو. پر انهيءَ اڳيان دڪو ۽ باغ ڪونه هوندو هو. انهيءَ بنگلي ۾ ريگيوليٽر، ڪالوني، پيڃاري ۽ شاخن جو انچارج، اسسٽنٽ انجنيئر رهندو هو. انهيءَ کان ٿورو پرڀرو سب انجنيئر، فون آپريٽر (جنهن کي ان وقت ڪئنال وائچر به چوندا هئا.) گدام، بورچي خانو ۽ ڪئمپ آفيسر لاءِ ٺهيل آفيس ۽ ٻيا ڪوارٽر ٺهيل هوندا هئا. پر پوءِ فون آفيس ۽ فون آپريٽر لاءِ ڪوارٽر بنگلي کان گهڻو پري ٺاهيو ويو. ڇو ته فون آپريٽر جي هيلو هيلو ۽ فون جي گهنٽين جو آواز بالا آفيسرن جي آرام ۽ ڳالهائڻ کي ڊسٽرب ڪندو رهندو هو. انهيءَ ڪري فون کي هتان هٽائي آواز جي رينج کان ٻاهر لڳايو ويو.
بنگلي جي پندرهن ايڪڙن جي ايراضيءَ کي سرسبز رکڻ لاءِ واهن مان پاڻي ايندو هو. ۽ جڏهن واهن جو پاڻي هيٺ ٿي ويندو هو ته پڪي کوهه ذريعي پارڪ، گلن ۽ هن سڄي ايراضيءَ ۾ پوکيل وڻن کي پاڻي ڏنو ويندو هو.
نيويارڪ ۾ اقوام متحده جو هيڊ ڪوارٽر پڻ پندرهن ايڪڙن تي ٺهيل آهي. هي زمين راڪفيلر مفت ۾ ڏني. ڇو ته زمين شهر کان پري هئڻ ڪري وڪي ڪانه ٿي پوءِ اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر ٺهڻ دوران ئي وڏي اگهه ۾ وڪجي ويئي (ڏسو روسي صدر گروميڪو جي آتم ڪٿا) بنگلي ۽ ڪوارٽرن ۽ رستن تي ڇٽڪار ڪئي ويندي هئي. انهيءَ واه جي ڀرسان ڍڳن لاءِ گاهه (جيڪي نار وسيلي واه مان پاڻي ڪڍندا هئا.) به جام هوندو هو. هڪ ڇني تي پکڙيل ڊاک جي وَل جو وڏو شيڊ هوندو هو. جنهن ۾ هميشه ڪاري ڊاک جا وڏا ڇُڳا پيا لڙڪندا هئا. پارڪ سان گڏ بنگلي ڏانهن ويندڙ سڀني رستن تي ڪيترن ئي قسمن جا گل پوکيل هوندا هئا. انهن جي باقائده هر روز سارسنڀال ۽ ڇانٽي ٿيندي هئي. انسپيڪشن بنگلي جي حدن اندر چوپايو مال ته ٺهيو پر اسٽاف کان سواءِ غير واسطيدار ماڻهو به نظر ڪونه ايندو هو. سڄو منظر ۽ ماحول پرسڪون ۽ گلن جي خوشبوئن سان واسيل هوندو هو. اڄ به بنگلي اڳيان جيڪو پِپِرَ جو وڻ بيٺو آهي. تنهنجي ٿُڙ جي گولائي گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه، ٽيهه فٽ ٿيندي. هاڻي ٻيو ته سڀ ڪُجهه ختم ٿي چڪو آهي. سواءِ بنگلي جي بلڊنگ جي تنهن جا به حال هيڻا سور ٻيڻا آهن.
چون ٿا ته درياءَ مان نڪرندڙ پيڃاريءَ ۾ جڏهن پاڻي لهي ويندو هو ۽ درياءَ کان بنگلي تائين ٻيڙي ڪانه پهچي سگهندي هئي ته پوءِ صاحب لوڪن ۽ سندن مئڊمن کي آگ بوٽ ۽ وڏين ٻيڙين مان کڻي بنگلي تائين پهچائڻ لاءِ وڏيون سينگاريل ڏوليون هونديون هيون جن ۾ کڻي کين انسپيڪشن بنگلي تائين پهچايو ويندو هو. پوءِ اهي مئڊمون وڏن وڏن ٽبن ۾ شام جو خوشبودار پاڻيءَ ۾ وهنجي سهنجي تيل ڦليل ڪري اچي باغ ۾ ٽلنديون هيون. بقول ڪنهن شاعر جي ته:
کیا رات تھی کہ، ایک کھانی میں کٹ گئی
اڄ انهيءَ بنگلي ڏانهن ويندي به ڊپ ٿو لڳي. انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. ڪهڙن نه تجربن ۽ قاعدن قانونن سان انگريزن هي سڀ ڪجهه ٺاهيو ۽ ڪيئن نه يڪدم کيل ختم ٿي ويو. اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو هو.
وڏا چوندا هئا ته هر سال جڏهن ممبئي جو ۽ تنهن کان پوءِ سنڌ جو گورنر ٻني بنگلي تي اچي منزل ڪندا هئا ته ٻني ۽ اردگرد جي علائقي ۾ ميلي جو سمان لڳندو هو. گورنر سان سندس فيملي ۽ سڄو اسٽاف گڏ هوندو هو. اسٽاف لاءِ ٽينٽ (تنبو) لڳندا هئا جن ۾ هو رهندا هئا. گورنر جو رڪارڊ اٺن جي ٻنهي پاکڙن تي رکيل پيتين ذريعي پهچندو هو، گورنر هت ٻه ڏينهن رهندو هو. انهن ٻن ڏينهن ۾ پاڻ باقاعدگيءَ سان سرڪاري ڪاغذ ڏسندو، پڙهندو ۽ انهن تي ضروري حڪم جاري ڪندو هو. ڳوٺ جا وڏا ڳالهيون ٿا ڪن ته صبح سوير گورنر انهيءَ جي زال ۽ سندس ڌيئرون بنگلي کان نڪري ٻني جي چؤطرف بند تي چڍين سان واڪ ڪندا هئا. ساڻن ڪوبه گارڊ نه هوندو هو. صرف هڪ گائيڊ (ترجمان) ساڻن گڏ هوندو هو. جڏهن ٻني جي ويجهو بند جي چاڙهيءَ هيٺان ماڻهن جا هشام ڏسندا هئا. جيڪي ماڻهو کين ڏسڻ لاءِ اتي جمع ٿيندا هئا. ته انهيءَ گائيڊ کان پُڇندا هئا ته هي هيترا سارا ماڻهو هتي ڇو اچي گڏ ٿيا آهن ته گائيڊ کين ٻڌائيندو هو ته هي ماڻهو توهان کي ڏسڻ لاءِ آيا آهن ته پاڻ ماڻهن ڏانهن نهاري هٿ لوڏي مشڪي اڳتي روانا ٿي ويندا هئا ۽ ڳوٺ جا غريب، مسڪين ماڻهو انهيءَ ادا تي خوش ٿي ويندا هئا. ٻني جي ويجهو ٽن ميلن تي هڪ تمام وڏي ڍنڍ به هوندي هئي جنهن جو نالو ٻگهي ڍنڍ هوندو هو. جت ملڪ جا وڏا امير وزير ۽ حاڪم شڪار تي ايندا هئا. انهن ۾ مير غلام علي ٽالپر، صدر اسڪندر مرزا ۽ صدر ايوب ۽ ڀٽي کي مون منهنجي ننڍپڻ ۾ اُت شڪار ڪندي ڏٺو. ڍنڍ ۾ جڏهن سَوَن جي تعداد ۾ پکي اڏامندي ڏسندا هئاسين ته ڏاڍو مزو ايندو هو. مون کي بابا سان گڏ محمد يوسف چانڊئي وٽ لاڏين ۾ شڪار تي اچڻ ڪري ۽ سن ۾ سائين جي ايم سيد وٽ ۽ ايئرپورٽ تي نوڪري ڪندي، چوويهه مُلڪن جا سؤ کن وڏا شهر ڏسڻ ڪري ۽ دنيا جي ڪيترن بادشاهن، صدرن، وزيراعظمن، شهزادن ۽ راڻين کي ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ ايئرپورٽ تي ته هر روز ڪونه ڪونه وي آءِ پي ماڻهو ڏسبو هو.
ٻگهي ڍنڍ کان سواءِ دريا سنڌ، سانوڻ ۾ ٻني سان گڏوگڏ ۽ سانوڻ بعد ٿوري پنڌ تي وهندو هو. ٻني جو پيڃاريءَ سان گڏ هئڻ ڪري درياءَ جي پري هئڻ جو احساس ئي ڪونه هوندو هو. ڇو ته پيڃاريءَ ۾ هميشه ٻيڙيون بيٺيون هونديون هيون. جن ۾ چڙهي درياءَ تائين پهچڻ ۾ دير ڪانه لڳندي هئي. هندستان کان سنڌ ۾ آيل ڪيترن ئي سياحن جڏهن پهريون ڀيرو سنڌو درياءَ ڏٺو ته انهيءَ سان گڏ ٻنون به ڏٺو، جن پنهنجين لکڻين ۾ ٻني جو به ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ جيمس برنس جو ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ به شامل آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا ته پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته سڪندر، جڏهن هندستان ۾ ڪاهن کان پوءِ يونان لاءِ سنڌ مان ٿيندو روانو ٿيو هو ته هو ٻني جي پيڃاري ڦاٽ کان ئي وڃي سمنڊ تائين پهتو هو. پوءِ اُتان واپس يونان روانو ٿيو. سو درياءَ بادشاهه جو ٻني سان لڳ هئڻ ڪري ٻنون هميشه سکيو ستابو رهيو آهي. آڳاٽي زماني ۾ جڏهن درياءَ تي اڃان ڊئم ۽ بئراج ڪونه ٺهيا هئا، گهڻو ڪري درياءَ سڄو سال وهندو رهندو هو. اهوئي سبب هو جو سڄو سال پَلا، مڇيون، گانگٽ مرندا رهندا هئا. سانوڻ مهيني ۾ ڪنهن ڪنهن سال ته ايترا پلا ٿيندا هئا جو اڌ رڇ ۾ پيل پلن سان ئي ٻيڙي ڀرجي ويندي هئي. ۽ باقي رڇ ۾ پيل پلا واپس درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. ايترن پلن کي وڍڻ ۽ ڇلڻ لاءِ ٻني جي مياڻ جون سڀ مايون درياءَ تي وينديون هيون. تڏهن به پلا بچي پوندا هئا. پوءِ ٻني جي ماڻهن کي ناکئا نياپيا موڪليندا هئا ته اچي مفت ۾ پلا کڻي وڃو. هڪ ڀيرو ته مون پنهنجي اکين سان درياءَ تي وڃي ڏٺو ته درياءَ جو سڄو ڪپر رڳو پلا ئي پلا ٿيو پيو هو. پوءِ اهي پلا اتان ساٽي ۽ گهوريئڙا گهوڙن، گڏهن ۽ پٺن تي کڻي ميلن تائين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڪڻڻ لاءِ پکڙي ويندا هئا. (پر اڄ ڪڏهن ڪڏهن ٻني ۾ ٻني جا نه پر توهان کي ايران جا پلا کائڻ لاءِ ملندا.) درياءَ ۾ اُن وقت ٺيڪيداري سسٽم هوندو هو. ٺٽي ضلعي ۾ گهڻو ڪري پلن جا ٺيڪا غلام حسين بابو (سابق ميمبر قومي اسيمبلي) جو پيءُ کڻندو هو. جنهن کي ”سيٺ سوني مُنڊي“ نالي سان سڏيو ويندو هو.
هڪ دفعي حيدرآباد جي سيٺ ٽئون مل به درياءَ جو ٺيڪو کنيو ۽ بابا سائين جو به ساڻس حصو هو. پلن کي رکڻ لاءِ مياڻ هوندي هئي. جنهن ۾ ٺيڪيدار جو منشي ۽ ٻيو اسٽاف رهندو هو، جن جي رهائش به اُتي هوندي هئي ۽ پلي جي وڪري جو حساب ڪتاب به رکيو ويندو هو جنهن لاءِ رجسٽر هوندا هئا. سڄو سال درياءَ جي وهڪري ڪري درياءَ جي ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا سرسبز ٻيلا هوندا هئا جنهن ۾ هر قسم جا وڻ نظر ايندا هئا. درياءَ ۾ پاڻي لهڻ شرط ٻيلي کاتي وارا ٻيڙين ذريعي ۽ پنڌ، پاڻ ۽ مزورن معرفت اُتي ٻج پوکيندا هئا. (ٻيلي کاتي جي آفيس اڳيان ٻجن جي ٻورين جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا.) جڏهن اهي وڻ ٿورا وڏا ٿيندا هئا ته انهن ۾ ڦاڙها ۽ سوئر جام نظر ايندا هئا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ٻني شهر ۾ به لنگهي ايندا هئا. هڪ دفعو اسان جي گهر ۾ به سوئر اچي داخل ٿيو. ٻيو دفعو سانوڻ درياءَ وقت شهر ۾ ٻوڏ جو خطرو هو انهيءَ دوران ماڻهن ڦاڙهو ڏٺو ۽ وڏي آواز وٺي ڦاڙهو ڦاڙهو ڪري پڪارئون ته ڪن ماڻهن سمجهيو ته گهارو گهارو پيا چون ۽ ائين سڄو شهر گهاري جي ڊپ کان اچي بچاءُ بند تي گڏ ٿيو پوءِ خبر پئي ته گهارو نه پر ڦاڙهو هو. ٻيلي ۾ شڪار ڪرڻ ڪري ڪيترا دفعا ڦاڙهي جي گوشت کائڻ جو موقعو مليو. درياءَ ۾ پري پري جا ماڻهو درياءَ گهمڻ ايندا هئا ۽ اسان وٽ بابا سائين جي وقت کان ڪئين مهمان، بابا سائين جا دوست ايندا رهندا هئا. جن ۾، شيخ اياز، جمال ابڙو، سراج ميمڻ، ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ بابا جا انگريز آفيسر دوست به شامل هوندا هئا. درياءَ ۾ چانڊوڪيءَ رات جي وقت هڪ سحر انگيز منظر هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا پروگرام ٻن ٻيڙين ۾ ته ڪڏهن درياءَ وچ ۾ ڪنهن ٻيٽاري تي ٿيندا هئا. سڄي رات درياءَ ۾ راڳ رنگ، کاڌا پيتا ۽ وڃي صبح ٿئي يا ڀنڀرڪي جو گهر واپس اچبو هو. سانوڻ درياءَ جو پنهنجو گوڙ، موج مستي ۽ ڀرپاسي گهاٽن وڻن جي هٻڪار ڪري ماحول هڪ عجيب منظر پيش ڪندو هو. مٿان شيخ اياز جو ڪلام ۽ دؤر پي دؤر چلي ۾ دل چاهيندي هئي ته هيءَ رات اڄ ختم ئي نه ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا پروگرام ڏينهن جو به ٿيندا هئا جن ۾ دريا اندر ٻُلهڻيون ٽپ ڏيندي نظر اينديون هيون. اهو نه صرف ٻني ۾ پر سڄي درياءَ سنڌ ۾ توهان کي ٻلهڻيون درياءَ ۾ نظر اينديون هيون. درياءَ سنڌ تي ڊئم ۽ بئراجن ٺهڻ ڪري هاڻ توهان کي صرف پنجاب جي چشما ۽ تونسا واري علائقي ۽ سکر کان مٿي ٻلهڻيون (ڊالفن) نظر اينديون چون ٿا ته هن وقت سڄي درياءَ ۾ فقط 965 ٻلهڻيون وڃي بچيون آهن. دنيا ۾ پنجن قسمن جون ٻلهڻيون ٿين. پهرين ۽ ٻي قسم جون ٻلهڻيون آمريڪا جي اميزون درياءَ ۽ ليپ ليٽ Lap Late ۾ ٿين ۽ ٽي قسم جون ٻلهڻيون چين جي يانگ ٽز Yangtze دريا ۾ ٿين ۽ چوٿين قسم جون ٻلهڻيون نيپال، هندستان ۽ بنگلاديش جي دريائن گنگا، برهم، پترا، ميگهنا ۽ ڪرنافليءَ ۾ ٿين جڏهن ته پنجين قسم واري ٻلهڻ صرف درياءَ سنڌ ۾ ٿئي. جنهن کي انڊس ڊالفن يا انڌي ڊالفن چيو ويندو آهي. جيڪا تمام ناياب ۽ اڻلڀ آهي. ڇو ته هيءَ انڌي آهي، هزارين سال اڳ هيءَ انڌي ڪانه هئي. پر درياءَ سنڌ جي ميري ۽ لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ رهي هيءَ انڌي ٿي ويئي ڇو ته هن پاڻيءَ ۾ اندر ڪجهه به ڏسي ڪونه ٿو سگهجي تنهن ڪري قدرت جي قانون مطابق جنهن عضوي جو ڪارج ختم ٿي ويندو آهي ته اهو عضوو خود به خود جاندار جي جسم مان خارج ۽ ختم ٿي ويندو. قدرت ان جي عيوض ٻلهڻ کي وري انتهائي حصاص سونار سسٽم Sonar Ecolotation System سان نوازيو آهي. جنهن تحت هوءَ کاڌي جي تلاش خطري ۽ حملي جي قوت سان پاڻ کي محفوظ رکيو اچي. بحرحال هاڻ درياءَ ۾ اهي ٻلهڻين جا ٺينگ ٽپا ته پنهنجي جاءِ تي پر هاڻ ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سم جي پاڻي ۽ سمنڊ جي اُٿل ڪري درياءَ جو پاڻي سانوڻ کان پوءِ کارو ٿي ويندو آهي. کاري پاڻي ڪري هر قسم جي جيوت ۽ مڇي پلو به مري ويندا آهن ۽ درياءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ميربحر ويندا آهن ته شهر مان پيئڻ لاءِ ڪولر پاڻي جو پاڻ سان کڻي ويندا آهن.