7
اسڪول جي پڙهائي دوران سيد حفيظ شاهه مرحوم سيدپور وارو، عبدالحميد ميرپور بٺوري وارو ۽ فدا کوسو دريا خان کوسي جو پٽ جيڪب آباد وارو، نجم ميمڻ دڙي وارو ۽ موري منگر جو هڪ شاگرد جنهن جو مون کي نالو ياد ڪونه ٿو اچي. انهن سان منهنجي ويجهڙائپ ٿي. 1958ع ۾ اڃان حيدرآباد بورڊ شروع ڪونه ٿيو هو ۽ اسڪولن، ڪاليجن جا امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ به بمبئي يونيورسٽي جو ڪورس پڙهائبو هو، تنهن ڪري ان وقت تعليم جو معيار تمام اُچو هوندو هو ۽ سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي. پر لائق، هوشيار ۽ باصلاحيت استادن جي ڪري پڙهڻ ۾ ڪابه تڪليف محسوس ڪانه ٿيندي هئي. اسان جي دؤر جا شاگرد محنت ڪرڻ ڪري وڏن وڏن عهدن تي وڃي پهتا تن ۾ ڪن ته تمام وڏو نالو پيدا ڪيو. انهيءَ وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي هو.
انگريزن کان اڳ سڄي هندستان جيان سنڌ ۾ به مغلن کان وٺي ميرن تائين حڪومت جو سڄو ڪاروهنوار فارسي زبان ۾ هلندو هو. مدرسن ۾ به شاگردن کي قرآن شريف سان گڏ فارسيءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. اهو مشهور هو ته: ”فارسي گهوڙي چاڙهه سي.“
ان فارسي تعليم لاءِ سيوهڻ، ٺٽو، کهڙا، مٽياري، ولهاري ۽ حيدرآباد ۾ وڏا مدرسا هوندا هئا. اهو سلسلو انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ به ڏهه سال، يعني 1853ع تائين هلندو رهيو. جيسين وڃي سنڌي لپي تيار ٿي، نه ته ان کان اڳ شاهه، سچل جا رسالا به ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل آهن جيڪي مون وٽ به آهن.
1853ع ۾ انگريزن سنڌ ۾ سنڌيءَ زبان کي رائج ڪيو. ۽ شهرن ۽ سنڌي اسڪولن ۾ سنڌي نصاب جي شروعات ٿي، جيڪو پنهنجي جڳهه تي هڪ ڏاڍو دلچسپ داستان آهي. اسڪول، استادن ۽ ڪتابن کان سواءِ هلي ڪونه سگهندا اُن لاءِ پهرين فارسي، عربيءَ ۽ گجراتيءَ مان ڏهه ڪتاب ترجمون ڪري اسڪولن کي ڏنائون پر مڪمل تعليم لاءِ سڀني سبجيڪٽن لاءِ گهڻن ڪتابن جي ضرورت هئي. اُن وقت سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري کيس بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو هو. هاڻ سڄي لک پڙهه بمبئي پرڳڻي سان ٿيڻي هئي. سنڌيءَ جي انهن درسي ڪتابن کي قائدي قانون پٽاندڙ جوڙڻ ۽ شايع ڪرڻ لاءِ بمبئي سرڪار بمبئي صوبي جي ماهر تعليم ۽ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن مسٽر ڪاورنٽن (Covernton) کي اهو ڏکيو ڪم سونپيو. خوش قسمتيءَ سان اهو پاڻ به سٺي سنڌي ڄاڻندو هو. سندس هيڊڪوارٽر پوني ۾ ٺاهيو ويو. سندس مدد لاءِ ڪمشنر سنڌ پهرين مرزا قليج بيگ کي مقرر ڪيو پر اُن جي انڪار کان پوءِ ديوان پريم چند کي پوني موڪليو ويو. حڪومت گهڻو سيليبس ٻين ٻولين مان ترجمو ڪرايو هو پر ڪجهه ڪتاب ترجمي کان سواءِ به لکيا ويا. اُن نصاب جي ڪم ۾ :
1- مرزا قليچ بيگ
2- ڀيرو مل آڏواڻي
3- پرمانند ميوارام
4- ديوان ڪوڙو مل
5- ديوان خانچند ۽ ڪجهه ٻين مکيه ڪردار ادا ڪيو.
هنن لائق انسانن سالن جا سال وڏي محنت سان اُن ڪم کي مڪمل ڪيو. شاباس هجي انهن اسان جي تعليم جي ماهرن کي جن رات ڏينهن هڪ ڪري اسان کي کوڙ سارا درسي ڪتاب ڏنا. جنهن جي بنياد تي اسان جا اسڪول کُليا ۽ هليا. اسان جا ٻار پڙهيا ۽ اسان به برصغير جي پڙهيل قومن ۾ ليکجڻ لڳاسين، انگريزن هندستان جي ٻين صوبن ۾ اهو نظام اڳ ئي رائج ڪري ڇڏيو هو. سنڌ ۾ به پهرين اهي اسڪول صرف شهرن ۾ شروع ٿيا جت سنڌي مسلمان اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. پر هندو وڏي تعداد ۾ آباد هئا ان مان انهن خوب فائدو ورتو تعليم ۾ هو اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويا ۽ اسان پٺيان رهجي وياسين، جيڪو اسان اڃان پيا لوڙهيون. جيتوڻيڪ خلافت تحريڪ، بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۽ ورهاڱي کان پوءِ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌي مسلمانن تمام گهڻو حصو ورتو. ان ڪري هو سياسي سوچ ۾ هميشه اڳيان رهيا آهن پر ورهاڱي کان اڳ تعليم ۾ پٺتي هئڻ ڪري اسان جو ڪافي نقصان ٿيو.
انهن اوائلي درسي ڪتابن مان ڪجهه سبقن جون ڪي سٽون توهان کي به ٿو ٻڌايا جيڪي هن ريت آهن:
اُڃ لــڳي آهــي پــاڻــي ڏي
هــن دلــي ۾ ٿــڌو پــاڻــي آهــي
اک پــــــٽ، انـــــب ڏس
انــب جــي وڻ تـــي پــکــي ڏس
اٽـــي ڏڪـــــر کـــڻـــي اچ
*
ڪــوڏڻ کـي مــکــڻ مــانــي ڏي
سُڪن ٻيرن کي ڪوڪلا چئبو آهي
هن گاڏيءَ جا ڦيٿا ڀڳل آهن.
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو، پيار منجهان ٿي گود ويهاريو.
آءٌ نه ڪڏهن ڪوڙو ٿيندس- ساهه سدائين سچ تي ڏيندس
مٿيان ٻه نظم ته موجوده ڪورس ۾ به موجود آهن. نصاب ۾ گهڻي ۾ گهڻا سبق:
1- پرمانند
2- مرزا قليچ بيگ ۽
3- ڪوڙي مل
لکيا، اهو علم جو پورهيو ڪرڻ وارن پهرين سمجهيو ته کين ڪوبه اُجورو يا عيوضو ڪونه ملندو ۽ اهو صرف پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن پر حڪومت انهيءَ وقت سندن پورهئي عيوض کين اُجوري جو مُلهه هن ريت ڏنو.
هڪ سبق لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه روپيا ۽ وڌ ۾ وڌ پنج روپيا ۽ بيتن تي به اهڙي طرح سان کين رقم ملي. مسٽر پرمانند ايترا ته سبق ۽ بيت لکيا جو انهيءَ جي عيوض مليل پئسن مان هن هيٺ مٿي جڳهه ٺهرائي. اُهو هو جذبو ۽ محنت، جنهن مان ماڻهن حق حلال جي ڪمائي مان پنهنجا گهر ٺهرايا. انهن سبقن لکڻ لاءِ حڪومت جيڪي هدايتون جاري ڪيون اُهي به ڏاڍيون دلچسپ هيون انهن مان ٻه هدايتون توهان کي به ٻڌيان ٿو.
1- ڪنهن به سبق ۾ الله،خدا، ايشور، پرميشور ۽ ڀڳوان بدران ڌڻيءَ جو لفظ ڪم آڻبو، ڇو ته اُهو لفظ هندو توري مسلمان استعمال ڪن ٿا.
2- پهرئين کان چوٿين درجي جي سبقن لاءِ ٻه سؤ لفظ ۽ اُن کان مٿي درجي جي سبقن لاءِ اڍائي سؤ کان ٽي سؤ لفظ مقرر ڪيا ويا هئا. هر سبق کي ٽي چار ڀيرا پڙهبو هو ته جئين هندو توڙي مسلمانن جي دل آزاري نه ٿئي. انهن سڀني ڪتابن جي ڇپائي جو ٺيڪو لنڊن جي هڪ ڪمپني مئڪملن کي ڏنو ويو هو. جيئن اڄڪلهه سنڌ جا ڪتاب لاهور ۾ پيا ڇپجن ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين هڪ غير سنڌي به ٿيو هو جنهن جو اصل ڳوٺ لڪي مروت سرحد صوبي ۾ آهي.
سنڌي ڪتابن جي ڇپائي کان پوءِ وري انگريزي ڪتابن ۽ انگريزي تعليمي ادارن جي کولڻ جو دؤر آيو ان ۾ به هندو مسلمانن کان گهڻو اڳتي نڪري ويا. هندن جي اسڪولن ۾ مسلمانن جي ٻارن کي تعليم ڪانه ڏني ويندي هئي. ان جو ذڪر جمال ابڙي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
سنڌ ۾ مسلمانن جو پهريون باقائدي انگريزي هاءِ اسڪول سنڌ مدرسو حسن علي آفنديءَ ڪراچي ۾ کوليو. جنهن ۾ پاڪستان جو باني محمد علي جناح ٽي ڀيرا سڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ساڍا پنج سال اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ اسڪول ڇڏڻ جي سبب ۾ لکيل آهي ته شاديءَ سانگي ڪڇ هليو ويو.
(ڏسو ڪتاب سنڌ مدرسو صفحو 54)
سنڌ مدرسي کان سواءِ حيدرآباد ۾ نورمحمد لاکير وڪيل ڊڀري ۾ الهندي شاهه ۽ ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر ۽ سنڌ جي ٻين مسلمانن به هاءِ اسڪول کوليا پر ابتدائي طرح سان جيڪو تعليمي ڌڪ مسلمانن کي رسيو اُن سنڌي مسلمانن کي ڏاڍو نقصان رسايو. اهو عمل اڄ به جاري آهي. ڇو ته (C. B. M- IBA Szabist) آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي، گرامر اسڪول، آمريڪن اسڪول ۽ ٻيا سٺا اسڪول صرف ڪراچيءَ ۾ ، ۽ تمام گهڻا مهنگا آهن. جنهن ۾ سنڌين جي امير طبقي جا به چند ٻار پڙهندا آهن باقي عام ماڻهوءَ جا ٻار ته اهڙن ادارن ۾ پهچي ئي نٿا سگهن.
لِپيءَ، اسڪول ۽ هاءِ اسڪولن جو مسئلو حل ٿيو ته وري ڪاليج جو مسئلو پيدا ٿيو، ڇو ته ڪراچيءَ ۾ هڪ به ڪاليج ڪونه هو جت مقامي شاگرد پڙهن. انهيءَ لاءِ بمبئيءَ وڃڻو پوندو هو. جت عام ماڻهن جا ٻار ته پڙهي ڪونه ٿي سگهيا. امير ماڻهن کي به ڪافي ڏوڪڙ خرچ ڪرڻا ٿي پيا ۽ اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. انهيءَ لاءِ به وري هندن ئي ڏاڍي محنت ڪئي ان مهم جو اڳواڻ ديوان ڏيارام گدو مل هو، جنهن اُن مهم لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ديوان ڏيارام گدومل اهو ماڻهو هو جنهن اوائلي دور ۾ مرزا قليچ بيگ جا سَؤ کن ڪتاب ڇپريا، ديوان صاحب هڪ عظيم انسان هو. انهيءَ عظمت جي هڪ خفيه قرباني ڪري پاڻ پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي بمبئي ۾ گمناميءَ جي زندگي گذاريائين.
سنڌ ۾ ڪاليج به ديوان ڏيارام گدومل جي ڪوشش سان قائم ٿيو. هن هڪ آرگنائيزيشن ٺاهي سڄي سنڌ جو دورو ڪري ماڻهن کان چندو ورتو. جنهن ۾ سنڌ جا عامل پيش پيش هئا. ان وقت جي اخبارن سنڌ ٽائيمس ۽ سنڌ سڌارا وڏا وڏا ليک ۽ ايڊيٽوريل لکيا ۽ انهيءَ خير جي ڪم لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي اپيلون ڪيون. ان وقت ممبي جو گورنر لارڊ ري هڪ تعليمي ماهر ۽ علم دوست انسان هو. سندس اها جستجو هوندي هئي ته سڄي صوبي ۾ تعليم عام ڪريان. ان وقت جي ڪمشنر کي چيف ڪمشنر جا اختيار مليل هئا جنهن ڪافي مدد ڪئي. ديوان ڏيارام گدومل ممبئي حڪومت، سنڌ سرڪار، ميونسپالٽين ۽ ضلعي لوڪل بورڊن سان گڏ پنهنجي ذاتي دوستن کي به ان ڪاليج جي چندي لاءِ ذاتي طور ساڻن ملي کين عرض ۽ مجبور ڪيو ته هو گهڻي ۾ گهڻو چندو ڏين.
ان ڪم ۾ جن ماڻهن سندس گهڻي ۾ گهڻي مدد ڪئي انهن ۾:
ڏيا رام اُڌارام
ڏيا رام ڄيٺمل
اُڌارام مولچند
اي جي رستم
۽ ايڊل جي ڊنشا
خاص قابل ذڪر هئا ٿوري عرصي ۾ ديوان ڏيارام گدومل اسي هزار روپين جو چندو گڏ ڪري ويو ۽ ايتري ئي رقم هن کي ممبئي سرڪار به ڏني. ڏسندي ڏسندي ٿوري عرصي ۾ ڪاليج ٺهي تيار ٿي ويو. جنهن جو نالو سنڌ آرٽس ڪاليج رکيو ويو. ”ڏيا رام ڄيٺ مل“ جي مرڻ کان پوءِ وڏي رقم جي عيوض هن ڪاليج جو نالو ڏيارام ڄيٺمل آرٽس ڪاليج رکيو ويو. جنهن جو مخفف ٿيو .(D. J Arts Collage) اهو ڪاليج اڄ به سنڌ لا ڪاليج جي سامهون اُچي ڳاٽ سان قائم آهي. جنهن جي پروقار ۽ شانائتي بلڊنگ اڄ به ڪراچيءَ جي مکيه بلڊنگن مان هڪ آهي. ڪاليج ٺهڻ کان پوءِ ممبئي سرڪار جي گورنر لارڊري کي افتتاح لاءِ عرض ڪيو ويو هن پنهنجي پهرين مصروفيت ۾ هن ڪاليج جو افتتاح ڪيو. ممبئي جي گورنر لارڊ ري جو هي سنڌ جو پهريون دورو هو. اهڙي طرح سان ديوان ڏيا رام گدومل جي مهربانين ۽ ڪوششن سان سنڌ ڌرتيءَ تي پهريون آرٽس ڪاليج ٺهي راس ٿيو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ممبئي پڙهڻ لاءِ گهڻن خرچن کان جان ڇُٽي ۽ هاڻ اميرن سان گڏ سنڌ جا غريب ماڻهو به ڪراچيءَ ۾ تعليم وٺي ٿي سگهيا. اهو هو جذبو جنهن اسان ۾ ايڏي تعليمي سجاڳي آندي.
هيترن سالن گذرڻ کان پوءِ اڄ تائين صرف ٽن سنڌي سرنديءَ وارن مسلمانن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ صرف ٽي اهڙا اعليٰ پائي جا دارا کوليا آهن. يعني حيدرآباد ۾ مرحوم نورمحمد لاکير جي ڪوشش سان:
1- مسلم ڪاليج
2- نور محمد هاءِ اسڪول
3- مسلم هاسٽل (جيڪو اڳ ٽريننگ ڪاليج هو)
4- نور محمد مڊل اسڪول
5- مسلم پرائمري اسڪول
۽ مرحوم حسن علي آفندي جي ڪوشش سان
1- سنڌ مدرسو
2- سنڌ لا ڪاليج
۽ هاڻ محترمه بينظير ڀٽو جي ڪوششن سان .
1- شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي- لاڙڪاڻو- اسلام آباد- دبئي.
۽ لنڊن لا ڪاليج ائٽ ڪراچي کوليا آهن.وڏن شهرن ۾ جت سنڌ جا سنڌي مسلمان اڄ به پڙهائي لاءِ هزارن جي تعداد ۾ اچن ٿا ۽ سنڌي به هاڻ ڪافي تعداد ۾ سيمينٽ فيڪٽرين، شگرملن ۽ ٽيڪسٽائل ملن جا مالڪ ٿي ويا آهن. پر اسان جي اُن سرندي واري ڪلاس مان ڪنهن هڪ به ان طرف ڌيان ڪونه ڏنو آهي. جڏهن ته ٻين قومن جي سرنديءَ وارن پنهنجا ڪنئين ادارا ٺاهي ڇڏيا آهن. اسان جو رڳو اخبارن ۾ فوٽو ۽ بيان ڇپرائڻ تي زور آهي ان پهلوءَ تي اسان ڪڏهن به ڪونه سوچيو آهي.
اسڪول جي پڙهائي دوران ڏهن ٻارهن ڏينهن تائين اسڪول ۽ هاسٽل ۾ داخلا لاءِ سڄي سنڌ مان شاگرد ايندا رهيا جن مان ابڙال وارو حاجي عثمان ٻانهيپوٽي جو پٽ محمد حسين ۽ دڙي مان به ٻه ٽي شاگرد هاسٽل ۾ آيا، پر پوءِ اهو سلسلو بند ٿي ويو ۽ باقاعدي سان ڪورس جي پڙهائي شروع ٿي وئي. روزاني پڙهائي سان گڏوگڏ هوم ورڪ به ڪافي ملندو هو. پر محنت ۽ شوق سان هوم ورڪ وقت تي ٿي ويندو هو.
پهرين ٻه چار ڏينهن نئين ماحول ۾ سوچيندو هوس ته شهر ۾ اسڪول ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي پر پنهنجي محنت ۽ استادن ۽ مائٽن جي توجه ۽ همت افزائي ڪري ڪڏهن به ڪا دقت محسوس ڪانه ڪيم. ڪڏهن ڪڏهن سائين بالادي مڙئي ڪاوڙ ۾ اچي دڙڪا ڏيندو هو پر پوءِ جيئن جيئن ويو وقت گذرندو، تيئن تيئن وئي آساني پيدا ٿيندي.
سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا ٻين اسڪولن جا شاگرد هاسٽل جي شاگردن سان ڪرڪيٽ ۽ والي بال کيڏڻ آيا. ٻه ڀيرا ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جا شاگرد به نورمحمد هاءِ اسڪول جي شاگردن سان ڪرڪيٽ مئچ کيڏڻ آيا، کين ڏاڍيون سُٺيون ڊريسون پاتل هيون. منجهن ڊسيپلين ڏسي آئون به ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ دل ۾ سوچيم ته ڪاش! آئون به ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هجان ها. اُن شوق جي پڄاڻي مون هينئن ڪئي جو پنهنجي پٽن نورمحمد ۽ فرخ کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا وٺي ڏنم ۽ محبوب به اُتي ٽيسٽ ڏني ۽ رٽن ٽيسٽ ۾ پاس ٿيو ۽ سُٺي انٽرويو ڏيڻ جي باوجود به کيس پيٽارو ۾ داخلا ڪانه ملي اُن جو سڄو احوال ڏيئي آئون هڪ اداري کي بدنام ڪرڻ نٿو چاهيان.
هاسٽل ۾ پهرئين سال جي پڙهائيءَ دوران هڪ ڀيرو ڊرامو به ٿيو هو پر مون اُن ۾ حصو ڪونه ورتو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن شاگردن جي هڪ ٻي سان گهرائپ وڌندي ويئي ۽ تيئن تيئن ڳوٺ جي سڪ وئي گهٽجندي. اسڪول، هاسٽل ۽ ان جي ماحول ۾ دلچسپي وئي وڌندي. نيٺ اهو به وقت آيو جو مهينن جا مهيناڳوٺ وڃڻ ڪونه ٿيندو هو. هڪ ڀيرو ته عيد تي به ڳوٺ ڪونه ويس ۽ جيجي وڏيءَ مون کي ڏاڍو ياد ڪيو. جنهن جو اڄ به ڏاڍو افسوس اٿم ۽ نيٺ بابا سائين مون کي وٺڻ آيو ۽ اُن سان گڏجي ڳوٺ ويس. هاسٽل ۽ اسڪول ۾ وقت گذرڻ سان نوان دوست به ٺهندا ويا جن ۾ محمد بچل، محمد صديق ۽ ولي محمد سمون شامل هئا. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ کٽ ۾ منگهڻ به وڌندا ويا. انهن سان به پهرين دوستي ۽ پوءِ دشمني شروع ٿي وئي. ڇو ته هاڻ هنن کي مارڻ روز جو دستور ٿي ويو، جيسين وڃي هنن مان جان ڇُٽي. مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو منگهڻ هاسٽل جي کٽن ۾ ڏٺا، نه ته اڳ مون کي خبر به ڪانه هئي ته منگهڻ ڇاکي چئبو آهي.
هاسٽل جو بورچي سونهارو ۽ ڌوٻي ڌرگو هاسٽل جي زندگيءَ جا ٻه منفرد ڪردار هئا جن سان ڳالهائڻ ۽ ملڻ ۾ مزو ايندو هو. هاسٽل جو اهو دستور هوندو هو ته اچڻ شرط سونهاري کي ٻڌائبو هو ته آئون ڳوٺان اچي ويو آهيان. جيئن ماني کائيندڙن ۾ منهنجو به نالو شامل ٿئي. ان جي جواب ۾ سونهارو اسان جي روبرو سندس نائب کي آرڊر ڪندو هو ته ٻوڙ ۾ هڪ گلاس وڌيڪ پاڻي جو شامل ڪري ڇڏ. جيئن ٻوڙ زياده ٿئي. ڌرگو رات جو ٺري پيئڻ کان پوءِ صفا ٽُن ٿي ويندو هو تيسين گهروارن سان جهيڙو جاري رکيو ايندو هو جيسين وڃي کٽ ڀيڙو ٿيئي. ڌرگو رات جو هڪ ته ڏينهن جو ٻيو هوندو هو. ڌرگي کان ڏينهن جو رات واريون ڳالهيون صفا وسري وينديون هيون يا گول ڪري ويندو هو سا خبر خدا کي. آخر ۾ صفا پوڙهو ٿي ويو هو پاڻ ٻارن سان هاسٽل ۾ رهندو هو سندس وڏو پٽ ۽ ٻيو اولاد ڏاڍا سُٺا ماڻهو هئا. آئون هاسٽل ڇڏڻ کان پوءِ به جڏهن هاسٽل ويندو هوس ته ڪوشش ڪري کين ملندو هوس، ويچارا ڏاڍي عزت ڪندا هئا.
اسڪول ۾ سائين علي محمد شيخ هڪ دفعو واڙ يا لوڙهي جي معنيٰ وڻ ٻڌائي ته مون کيس ڪريڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي ناراض ته ڪونه ٿيو ٻيڻو منهنجي همت افزائي ڪيائين. اسڪول جي ڪُنڊ ۾ هاءِ اسڪول جي بهترين لائبريري هوندي هئي. جنهن ۾ ڪنئين ڪتاب ڪاٺ جي ڪٻٽن ۾ رکيا هوندا هئا. اسڪول ٻاهران وڏا وڏا وڻ اسڪول بلڊنگ کي وڌيڪ سهڻو ۽ پروقار بنائيندا هئا. اسڪول جي اترئين طرف ميٺارام نالي هڪ تمام سُٺي بلڊنگ هندن جي دؤر جي ٺهيل هوندي هئي. جيڪا نورمحمد اسڪول جي چوديواري اندر اسڪول جو حصو لڳندي هئي. پر اها بلڊنگ مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ جي ملڪيت ڪانه هئي. ورهاڱي کان پوءِ اها وفاقي حڪومت جي ملڪيت ٿي، جنهن لاءِ مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ تمام گهڻي لکپڙهه ڪئي پر ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو. پر مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽي به اُن مسئلي کي هميشه هر اسٽيج تي کنيو ۽ نيٺ تمام گهڻي ڪوشش کان پوءِ اهو هال جيڪو ان وقت لکن جي ملڪيت هو سو نورمحمد هاءِ اسڪول کي مليو ته اسڪول جا ڊراما فنڪشن ۽ سڀ ثقافتي سرگرميون اُن هال ۾ ٿيڻ لڳيون. جيئن جيئن ويا ڏينهن گذرندا تيئن تيئن هاسٽل ۽ اسڪول سان ياري وئي وڌندي وقت سان گڏ فلم ڏسڻ جو شوق به ويو وڌندو. هڪ يا ٻي آچر تي فلم ضرور ڏسبي هئي. آچر جي ڏينهن مانيءَ کان اڳ جيترو به ٿي سگهبو هو اوترو شهر جو سير ڪبو هو.
حيدرآباد شهر اُن وقت ايڏو وڏو ڪونه هو جيڏو اڄ آهي، قاسم آباد جيڪو اڄ لکن جي آباديءَ وارو علائقو آهي. اُن جو ته ڪو وجود ئي ڪونه هو. مسلم هاسٽل پٺيان سينٽرل جيل اڳيان چؤطرف جيڪي وسنديون ۽ ڪالونيون آهن انهن جو نالو نشان به ڪونه هو. سبزيءَ منڊيءَ کان اڳيان به ڪا شيءِ ڪانه هئي. لطيف آباد به اڄ جيان ڪانه هئي. گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي ۽ شهر جي وچ وارو سڄو علائقو ميدان لڳو پيو هو. نورمحمد هاءِ اسڪول کان ڇوٽڪي گهٽي تائين هڪ به دڪان ڪونه هو. اُت هڪ طرف پگٽ ميموريل اسڪول جي ديوار ته ٻي طرف ٽريننگ ڪاليج ۽ چرچ جون ديوارون هونديون هيون. خود تلڪ چاڙهيءَ تي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان هوندا هئا. حيدرآباد شهر جون رونقون صرف شيش محل هوٽل جي علائقي ۾ هونديون هيون. رات جو هت ڄڻ ته ميلو متو پيو هوندو هو ڇو ته اُن هوٽل پٺيان وئشيائن ۽ ڳائيڻين جا ڪوٺا هوندا هئا. ائڊون بار ۽ ونڊسر بار مان ماڻهو کائي پي اچي هت گانا ٻڌندا هئا. جت رات دير تائين راڳ رنگ ۽ رقص جون محفلون هلنديون رهنديون هيون. ڪي شوقين اتي ئي ڪوٺن تي سمهي پوندا هئا. ته ڪي وري پنهنجي گاڏين ۾ انهن وئشيائن کي کڻي هليا ويندا هئا ته ڪي وري پنهنجون حسرتون ۽ آنهون پنهنجو پاڻ سان کڻي روانا ٿي ويندا هئا.
چون ٿا ته ورهاڱي کان اڳ اُن بازار ۾ اڃا به وڌيڪ رونقون هونديون هيون. وڏا وڏا معزز ماڻهو به هن بازار ۾ ايندا رهندا هئا. ۽ ڪن هن بازار مان شاديون به ڪيون ۽ انهن مان کين اولاد به ٿيا، جيڪي پوءِ امير، سفير ۽ وزير ٿيا. اُن دؤر جي پراڻن ماڻهن کي اڃان تائين اهي داستان ياد آهن. اُن حسن جي بازار ۾ سڄي هندستان ۽ پنجاب مان ڪنئين حسينائون هت حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اينديون رهنديون هيون. جن ۾ هزهائينس مير علي نواز خان ناز جي معشوقه بالي به شامل آهي. جيڪا پوءِ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ۽ مٿس ڊراما به ٺهيا. چون ٿا ته سنڌ جي ڪلهوڙي بادشاهه غلام شاهه جي ماءُ به ماريچياڻي وئيشيا هئي. جنهن جو نالو گلان هو. حيدرآباد جي اُن حسن بازار ۾ مارواڙ کان ايندڙ انهن ماريچياڻي عورتن جو پنهنجي حسن جي ادائن ۽ وفاداريءَ ڪري ڏاڍو نالو هو. خاص ڪري اميرن کي ريجهائڻ جون رمزون ۽ فن ته ڪو هنن کان سکي. سندن اکين ۾ ته اصل جادو هوندو هو، جنهن سان هر ڪو موهجي پوندو هو ۽ سندن گلي جي سونهن جو آواز ٻڌندڙن کي مست ڪري ڇڏيندو هو. بازار حسن جو ماحول ۽ ثقافت به عجيب آهي، بازار ٻاهران گهٽين ۾ ويٺل گلن وارا، پئسا کُلا ڪرڻ وارا، پانن وارا توهان کي هر هنڌ نظر ايندا.
محرم جي مهيني ۾ بازار حسن ۾ راڳ، ناچ بلڪل بند هوندو آهي ۽ سڄي بازار حسن ۾ توهان کي عورتن سان گڏ مرد به ڪارن ڪپڙن ۾ نظر ايندا ۽ محرم وارن ڏينهن ۾ بازار حسن جون سڀ حسينائون ماتمي جلوس اڳيان اڳيان هلنديون وڃي مئجسٽڪ سئنيما واري چوراهي تي ماتم ڪنديون هيون. جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي حيدرآباد جا جوان اچي هت گڏ ٿيندا هئا. تيستائين اُتي بيٺا هوندا هئا، جيسين وڃي اهي حيسنائون واپس ٿين. بازار حسن ۾ اهي حسينائون ڪوبه ڪم ڪار ڪونه ڪنديون آهن. گهر جو سڄو ڪم هنن جا مرد ڪندا آهن. گهر جون حاڪم عورتون هونديون آهن. هر حڪم انهن جو ئي هلندو آهي. بازار حسن جي گهرن ۾ ڇوڪري پيدا ٿئي ته مٺايون ورهايون وينديون آهن ۽ جي ڇوڪرو ڄائو خوشيءَ جو اظهار ڪونه ٿيندو آهي.
راڳ سان گڏ ساز وڄائيندڙ ميراثيءَ کي هت استاد ڪري سڏبو آهي ۽ انهن جي هت وڏي عزت ڪئي ويندي آهي. بازار حسن متعلق ڪريم بخش نظاماڻي ۽ لوڪرام ڏوڏيجا ٻنهي آتم ڪهاڻين ۾ ڏاڍو دلچسپ احوال بيان ڪيو آهي، تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر مبارڪ پنهنجي ڪتاب شاهي محل ۾ بازار حسن تي ڏيڍ صفحو کن لکيو آهي. پر اُن موضوع تي لوڪ ورثا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فوزيه سعيد نالي هڪ عورت جيڪا آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪري آئي آهي ڏاڍو دلچسپ ڪتاب لکيو آهي.
ڪتاب جو نالو ”ڪلنڪ“ آهي.
(ہیرا کی درپردہ ثقافت)
هندستان ۾ باقاعده بازار حسن جو رواج پهريان لکنؤ ۽ دهليءَ ۾ پيو. تنهن کان پوءِ اها بازار لاهور ۾ به شروع ٿي پوءِ سڄي هندستان ۾ وڏي پئماني تي عورتن جي ناچ گانن جون اهي بازارون ۽ منڊيون قائم ٿيون، جتي عورتن ۽ سندن جسمن جو باقاعده واپار شروع ٿيو. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اڄ به جاري آهي. جيتوڻيڪ جنرل ضياءَالحق 1979ع ۾ حدود آرڊيننس جاري ڪري راڳ ۽ ناچ کي جائز قرار ڏئي اُن تي ڪابه بندش ڪانه وڌي پر صرف عورت جي جسم فروشي کي غيرقانوني قرار ڏئي اُن جي سزا سنگسار مقرر ڪئي. اُن سان ٿيو ائين جو اها بُرائي جيڪا هڪ هنڌ محدود هئي سا چؤطرف ڦهلجي وئي اُن جي مقابلي ۾ گهڻو ڪري سڄي دنيا ۾ انهيءَ ڌنڌي کي قانوني شڪل ڏئي هڪ هنڌ تائين محدود ڪيو ويو آهي.
هالينڊ جي گاديءَ واري شهر ائمسٽرڊئم ۾ ته هنن وئشيائن جون پنهنجون تنظيمون آهن جيڪي حڪومت وٽ رجسٽرڊ ٿيل آهن۽ اُن معرفت هو حڪومت کي ٽيڪس ڏين ۽ قرض وٺن. مزيدار ڳالهه ته هو ڪڏهن ڪڏهن اسٽرائيڪ به ڪن ۽ حڪومت کين پرچائي وري اُن ڌنڌي تي آڻي. جيئن ملڪ ۾ اچڻ وارا سياح اُن برڪت کان محروم نه ٿي وڃن ۽ سندن سياحت جي صنعت متاثر نه ٿئي.
هٿيارن جي واپار جو اڄ به دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو واپاري روس آهي. پر سندس معيشت اُت وڃي پهتي آهي جو پاڪستان جهڙي ملڪ به کيس ڪڻڪ امداد طور ڏني. انگلينڊ، آمريڪا ۽ سڄي مغربي يورپ جي هوٽلن ۽ پبلڪ فون گهرن ۾ توهان کي ڪال گرلس جا رکيل ڪتاب ۽ پمفليٽ ملندا جن ۾ سندن سون هزارن جي تعداد ۾ فون نمبر لکيل هوندا آهن. توهان فون ڪري کين گهرائي پنهنجون جنسي خوشيون ۽ خواهشون پوريون ڪري سگهو ٿا يا فون ڪري گهرائڻ جي باوجود توهان کين پسند نه ڪريو ته هيلو هليو ڪندي هليون وينديون پر توهان تي ڪڏهن به اکيون ڪونه ڪڍنديون. چون ٿا ته جهانگير جي حرم ۾ اهڙين حسينائن جو تعداد ڇهه هزار هوندو هو. (ڏسو صفحو 9 ڪتاب ڪِلِنڪ)
قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب ”شهاب نامه“ ۾ لکيو ته:
”شولاپور جي انگريز ڊپٽي ڪمشنر ميڊوز ٽيلر جي سرڪاري بنگلي ۾ وٽس ٻاهٺ حسينائون سريت طور هونديون هيون. جن ۾ هڪ پندرهن سالن جي مرهٽي ڇوڪري به هوندي هئي. جنهن جون اکيون اکين سان ملائڻ جو انداز صاحب بهادر کي ڏاڍو وڻندو هو. اسان جي معاشري ۾ سدا سهاڳڻين يا انهن جي سازندن کي جنهن کي ميراثي چوندا آهن. شاهه لطيف به پنهنجي بيتن ۾ سندن ذڪر ڪيو آهي، نه صرف ذڪر ڪيو آهي پر سندن وڏي مڃتا ۽ واکاڻ ڪئي آهي. مثال : انهن وحشيائن لاءِ پاڻ هنيئن ذڪر ڪيو اٿس:
لنڊيون لک لهن، جي ڏين ڏهاڙي ڏيهه کي
ستيون ڪوهه ڪجن، جي پنهنجو رکن پاڻ سان
(شاهه)
۽ اهڙي طرح ميراثين کي به پاڻ هنئين ياد ڪيو آهي.
جي ميراثي مڱڻا، آئون پڻ منجهان تن
ڪي ڪهه منهنجي ڪن، ارث منجهاران ان جي
(شاهه)
اڳوڻي زماني ۾ شهزادا ۽ راجائون اهڙا شوق ڪندا هئا پر هينئر اها جڳهه سياستدانن، ڪامورن ۽ امير طبقي والاري آهي. لاهور جي هيرامنڊيءَ جي لکيل ڪتاب جي ليکڪه چئي ٿي ته جڏهن رات جو هڪ بجي عام ڳائڻ بند ٿيندو آهي ته اُن کان پوءِ هت وڏا وڏا سياستدان ڪامورا ۽ امير طبقي جا ماڻهو ايندا آهن. پوليس يا ته انهن جي اڳيان مجبور آهي يا خود انهن سان مليل آهي. اهو مشاهدو خود هوءِ پاڻ ڪندي سڄو سربستو احوال سندس ڪتاب ۾ لکيو آهي.
واقعي هن بازار مان مزو وٺڻ وارا وڏي مرتبي وارا آهن ۽ انهن کي ڪوبه روڪڻ وارو ڪونهي ۽ هنن لاءِ ڪوبه ٽائيم مقرر ڪونهي. پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن، جيڏي مهل اچن ۽ وڃن. نفسيات جي ماهرن جون چوڻ آهي ته ماڻهو زوري، نفس جي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ نه پر پاور جي جنون ۾ اچي ٿو ڪري.
لاهور جي بازار حسن هيرامنڊيءَ تي نالو راڻا رنجيت سنگهه جي وزير هيرا جي نالي پٺيان پيو ۽ ڪراچيءَ جي بازار حسن تي اهو نالو سنڌ تي حملو ڪندڙ انگريز جنرل سرچارلس نيپيئر جي نالي پٺيان ”نيپيئر روڊ“ پيو. اهو به هڪ عجيب اتفاق يا انتقام چئجي. حيدرآباد جي بازار حسن جون رونقون ون يونٽ ٽٽڻ ۽ ڪراچي گادي ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿي ويون ڇو ته پوءِ ڪامورن، اميرن ۽ سياستدانن جو مرڪز ڪراچي ٿي ويو ۽ انهن اوڏانهن رُخ ڪيو. حيدرآباد جي بازار حسن اندر داخل ٿيڻ لاءِ اڳيان پويان پنج دروازا هوندا هئا. جنهن مان ڪار به هلي ويندي هئي. پر شوقين گهڻو ڪري ڪار پريان روڊ تي ڇڏي پوءِ اندر داخل ٿيندا هئا. رات جي وقت ڪوٺي تي ڳائڻن، سازندن گهنگرن ۽ طبلن جو ايڏو ته آواز هوندو هو جو پري پري تائين اهو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. جنهن ڪوٺي اندر محفل نه هوندي هئي ته اُن ڪوٺي جون مهجبينون بالڪونيءَ ۾ ٻاهر اچي بيهي رهنديون هيون ۽ اهي پنهنجو پاڻ ۾ رؤنشي خاطر کل ڀوڳ ڪري تماشائين کي متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهنديون هيون. ڪي ڪوٺا چار چار ماڙ جا به هوندا هئا. جن جي هيٺ مٿي بالڪونين اندر انهن وئشيائن جا ٽهڪڙا پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. اهو ڪنهن کي متوجهه ڪرڻ جو دلچسپ انداز آهي انهن ڪوٺن مان ڪن ڪن جي دروازن تي نفيس پردا، به ٽنگيل هوندا هئا. جن اندر روشنين ڪري سڀ ڪجه نظر ايندو رهندو هو. ڏينهن جي وقت گهٽين ۾ انهن حسينائن جا ٻار گهمندا ڦرندا، راند روند ڪندا رهندا هئا، پر رات جي وقت اهي نظر ڪونه ايندا هئا.
سماج ۾ جيئن شادي جي پاڪ ۽ مقدس رشتي ۾ عورت ۽ مرد ملي هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪندا آهن، تيئن هن بازار حسن ۾ رهندڙ عورت جي ”نٿ لاهڻ“ کي عورت جي شاديءَ برابر سمجهيو ويندو آهي.
نٿ لاهڻ يا بولي لاهڻ واري رات هت گهر کي چراغان ڪري دعوت جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. جپان ۾ گيشا گرل وارو رواج به ڪي قدر پنهنجي هن بازار حسن جي هن تصور سان ملي ٿو.
مثال: پاڻ وٽ به ڪئين ماڻهو انهن بازارن ۾ يا ٻي ڪنهن هنڌ فليٽ يا گهر وٺي اهڙين حسينائن کي سريت ڪري ويهاريندا آهن. پوءِ ڪي ساڻن نڪاح ڪري ڇڏيندا آهن ڪي وري ان سلسلي کي ڪجهه وقت کان پوءِ ختم ڪري ڇڏيندا آهن. پاڻ اهڙي رشتي وارين عورتن کي ويهاريل يا رکيل چئون ۽ جپان ۾ اهڙين عورتن کي گيشاگرل چون. اهو صدين جو رواج اڄ به جپان ۾ جيئن جو تيئن هلندو اچي. يورپ ۾ ٽيوب اندر ۽ سنسان جڳهن تي توهان کي اهڙيون عورتون جام ملنديون. فيڊرل ڪاسترو اقوام متحده ۾ تقرير ڪندي اهو انڪشاف ڪيو ته صرف ٿائلينڊ ملڪ ۾ اهڙين عورتن جو تعداد پنجاهه لکن کان به مٿي آهي. جنهن ۾ ان ڌنڌي اندر ٽيهه لک عورتن جي عمر ته ويهن سالن کان به گهٽ آهي. ۽ ان ڌنڌي لاءِ ڪنئين مرد به پنهنجو سيڪس تبديل ڪري وڏي تعداد ۾ عورتون ٿي رهيا آهن. سنڌ جي اڳوڻي گورنر جهانزيب پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مغربي پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ملڪ امير محمد خان کي ڪنهن ٻڌايو ته تنهنجي ڪئبنيٽ جو وزير قانون جڏهن حيدرآباد ويندو آهي ته حيدرآباد چڪلي ۾ جهنڊي لڳل گاڏي ۾ ويندو آهي. ملڪ امير محمد کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي سو کيس پاڻ وٽ گهرائي کائنس ان الزام جي وضاحت پڇي ته پاڻ ملڪ امير محمد کي ٻڌائين ته سائين منهنجو گهر ئي حيدرآباد چڪلي ۾ آهي. چون ٿا ته ملڪ امير محمد اهو ٻڌي کيس بروقت وزارت مان ڊسمس ڪري ڇڏيو.
هن بازار مان هندستان ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي شهزادن ۽ راجائن جون راڻيون بڻيون، ته وري هندستان ۽ پاڪستان جي چوٽيءَ جون فلمي اداڪارائون به هن بازار ۾ پيدا ٿيون جن ۾:
• ملڪه ترنم نورجهان
• ملڪه پکراج
• مينا ڪماري
• ريما
• شميم آرا
• بابرا شريف
• زيبا
انجمن خاص قابل ذڪر آهن.
هندستان ۽ پاڪستان ۾ بازار حسن ۽ طوائفن جي موضوع تي ڪنئين فلمون ٺهيل آهن، جن ۾:
• امراءُ جان ادا
• پاڪيزه
• پياسا وغيره
جهڙيون لاجواب فلمون به شامل آهن. اڄڪلهه ته ڪراچي ۽ لاهور جي بازار حسن ۾ اهو ڌنڌو ڪندڙ عورتن ايتري ته دولت ڪمائي آهي جو هو هاڻ ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ٻين پوش علائقن ۾ رهن ٿيون. صرف رات جو چند ڪلاڪن لاءِ انهن بازارن ۾ وڃن ۽ انهن کي به پنهنجي زبان عام ۾ آفيس ۽ آفيس ٽائيم چون.
اسڪول ۾ ٻٽن ڏينهن جي موڪل ٿي ته ڪافي ڇوڪرا پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن لاءِ روانا ٿي ويا. پر پري رهندڙ شاگرد اُتي ئي رهي پيا ۽ آئون پڻ اڃان ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته انهن ٻٽن ڏينهن ۾ ڳوٺ وڃان يا هاسٽل ۾ رهان. تيسين شام جو بابا سائين اچي ويو ۽ آئون انهيءَ رات ساڻس گڏ سيٺ ٽِيون مل جي بنگلي تي وڃي رهيس ۽ صبح جو سوير آئون ۽ بابا سائين سيٺ ٽيون مل جي جيپ ۾ چڙهي اڏيري لال جي درگاهه ڏانهن روانا ٿياسين.
حيدرآباد کان اڳتي وڃڻ جو هي منهنجو پهريون دفعو هو ۽ هي ملڪ مون کي اسان جي لاڙ واري علائقي کان وڌيڪ آباد ۽ سرسبز لڳو. هت جي سڀ زمين آباد نظر آئي ۽ اهڙا فصل به ڏسڻ جو موقعو مليو جيڪي هن کان اڳ مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺا هئا. مثلا: ڦٽيون، ڪيلو، سبزيون وغيره هت گهڻو ڪري سڀ گهر پڪا ۽ خوبصورت نظر آيا. اسان جي علائقي ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ جيپ يا ڪار نظر ايندي هئي.پر هت وڏيون شيورليٽ ڪارون ۽ جيپون ڪافي نظر آيون. ان زماني ۾ صرف آمريڪن ڪارون ۽ جيپون روڊن تي هلنديون هيون ۽ جپاني ڪارن ۽ جيپن جو ملڪ ۾ اڃان نالو نشان ئي ڪونه هو.
اسان مٽياري ۽ ٻين ننڍن ڳوٺن کي ڏسندا ٽنڊي آدم واري روڊ طرف مُڙندا اچي اڏيري لال جي درگاهه تي پهتاسين. ات اسان ڪنهن وڏيري جي اوطاق تي ترسياسين، اُڏيري لال جي درگاهه تي وتائي فقير جي درگاهه جيان هندو ۽ مسلمان جدا جدا ميلو لڳائين، اڏيري لال جي درگاهه تي هندن جو وڏو ميلو لڳندو آهي. جتي سڄي سنڌ ۽ هاڻ هندستان مان به زائرين هت اچن.
هندن وارو اڏيرو لال هن کان سواءِ ڪوٽڙي، الله رکيو، نصرپور ۽ ڪراچي ۾ پڻ آهي. جنهن تي به هندو ميلو يا ”چيٽي چنڊ“ نالي ڏيهاڙا وڏي ڌام ڌوم سان ملهائن. صرف دهلي شهر ۾ ان ڏينهن تي ٻه ٽي مليا لڳن. ڪراچيءَ وارو اڏيري لال جو ميلو نيٽي جيٽي تي وڻ ديوتا جي مندر وٽ ملهايو ويندو هو.
ڪلفٽن جي هڪ ٽڪري کي هندو ”رام جهروڪا“ ڪري سڏيندا هئا. جنهن کي هاڻ ”آسٽرراڪ“ يا ”آسٽرويو“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. (اسان به اُت رهندا آهيون.) ان جڳهه لاءِ هندن جو عقيدو آهي ته شري رام لکشمڻ ۽ سيتا هنگلاج ويندي هت ڪجهه وقت لاءِ رهي آرام ڪيو هو. ان پٺيان ئي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جي وڏي باغيچي کي ”رام باغ“ ڪري سڏيندا هئا. نصرپور ۾ به اڏيري لال يا امر لال جو ميلو لڳندو هو. جنهن کي هندو ورڻ ديوتا جو اُتار ڪري سڏيندا آهن. سڄي سنڌ جا ٺُڪر يا ٺاڪر هن جا پوئلڳ آهن. ٺٽي جي ويجهو ڪوٽڙي الهه رکئي ڀرسان به اڏيري لال جي درگاهه هوندي هئي، جت اوائلي دؤر ۾ وڏي ڌام ڌوم سان چيٽي چنڊ جو ميلو لڳندو هو. درگاهه ڀرسان هڪ تنبو به لڳل هو جنهن ۾ راڳ جي محفل ٿي، اسان صبح سوير جيپ ۾ چڙهي پهرين مخدوم نوح رحه جي درگاهه تي آياسين. درگاهه جي زيارت کان پوءِ اسان غلام حيدر اگهيم وٽ ماني کاڌي، اهو ان وقت هالن ۾ پوليس پراسيڪيوٽر هو پوءِ پاڻ ترقي ڪري ايس پي ۽ اَي آءِ جي ٿيو. شام ڌاري اسان هالن کان روانا ٿي ڀٽ شاهه آياسين، جت شاهه سائين رحه جو سلام ڀري پوءِ حيدرآباد ڏانهن روانا ٿياسين.