آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)

هي ڪتاب ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي آتم ڪھاڻي جو ٻيو جلد آهي.
”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ ڪتاب ۾ عبدالحئي پليجو صاحب پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي مئٽرڪ تائين جي زندگي جو سربستو احوال لکيو آھي. هي ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)

8

انگريزن کان اڳ سنڌ جا مرشد، پير ۽ گادي نشين صرف درگاهن ۽ مريدن تائين محدود هئا پر پوءِ انگريز دؤر حڪومت ۾ گورنرن وزيراعليٰ ۽ وزيرن جا ٺٺ ڏسي پير مُرشدن، درگاهه نشينن ۽ سجاد نشِنن سياست ڏانهن رُخ ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي صرف هڪ صديءَ ۾ سڄي سنڌ جي درگاهن سان گڏ سنڌ جا حاڪم ۽ ليڊر ٿي ويا. نه ته سياست ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ انگريزن سان ملڻ وقت سيدن، پيرن ۽ مرشدن کي پڻ جُتي لاهرائي پيرن اگهاڙو انگريزن اڳيان حاضر ڪيو ويندو هو.
جڏهن هي پير مرشد، سجاده نشين ۽ گادي نشين سنڌ جي سياست ۽ حڪومت جا مالڪ ٿي وزير، اسپيڪر، سفير ۽ امير ٿي ويا ته ڏسندي ڏسندي سنڌ جي شگرملن، ٽيڪسٽائل ملن، ڪاٽن فيڪٽرين ۽ ٻين پڻ ڪيترين ئي ملن جي مالڪيءَ سان گڏ سنڌ جي بيوروڪريسيءَ تي به اچي قابض ٿيا ۽ سنڌ جي اڌ ضلعن جا ناظم سيد، پير ۽ مخدوم ٿيا. آئون سمجهان ٿو ته پيري مريديءَ کان وڌيڪ هنن سياست مان موجون ڪيون هونديون.
اسان سانجهيءَ مهل حيدرآباد پهتاسين، ڪجهه دير آرام ڪري پوءِ آئون ۽ بابا ٽنڊي جهانيان وياسين. جت بابا سنڌ جي ٻن انمول اديب ڀائرن منظور نقوي ۽ ڪمتر نقوي سان گهڻي دير تائين ڪچهري ڪئي. جت پوءِ ٻيا به ڪنئين عالم ۽ اديب پڻ آيا. جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ابراهيم جويو به شامل هئا. اسان رات جي ماني به اُت کاڌي، رات جو دير سان واپس اچي سيٺ جي بنگلي تي آرامي ٿياسين. صبح سوير بابا ۽ آئون ڪوٽڙي پهچي سن لاءِ روانا ٿياسين. اُن زماني ۾ حيدرآباد کان سن وڃڻ لاءِ شايد پڪو رستو به ٺهيل ڪونه هو. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بس اُن روڊ تي هلندي هئي نه ته سن، سيوهڻ، دادو ۽ لاڙڪاڻي طرف ماڻهو ريل ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ ريلون به ٿوريون هلنديون هيون. اسان ڪوٽڙي مان سن ڏانهن روانا ٿياسين. منهنجو زندگي ۾ ريل چڙهڻ جو هي پهريون اتفاق ۽ سفر هو، ڏاڍو عجيب لڳو. ماڻهو هلندڙ ريل ۾ پيا هلن ۽ جت ريل بيهي ته وڏي تعداد ۾ ماڻهو ريل ۾ چڙهن ۽ لهن. ريل جي سيٽيءَ جو آواز ڪيڏو نه رُعبدار ۽ گونجدار ٿيندو آهي، جيڪو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي. ريل ڪيڏي مهل شهرن مان ته ڪيڏي مهل جبلن ۽ ٻيلن مان تيز تيز هلندي وڃي. ٻاهر ڏسڻ سان ڄڻ وڏا وڏا جبل ۽ وڻ ريل سان گڏ هلي رهيا آهن. جبلن تي پري پري وڏا وڏا واچوڙا ڏسي مزو به اچي رهيو آهي ته عجب به لڳي رهيو آهي.
ريل ۾ ڪي ماڻهو ڪچهريون ڪري رهيا آهن ته ڪي اخبارون ۽ مئگزين پڙهي رهيا آهن ته ڪي ڪجهه کائي رهيا آهن. هڪ به عورت اسان جي دٻي ۾ ڪانهي شايد عورتن لاءِ جدا گاڏو آهي. رضا علي عابديءَ بي بي سي واري پنهنجي ڪتاب ”ريل ڪهاني“ ۾ لکيو آهي ته: ”دنيا ۾ پهرين ريل 1825ع ۾ انگلينڊ ۾ شروع ٿي تنهن کان پوءِ فرانس، آمريڪا، جرمني، روس، اٽلي اسپين ۽ ميڪسيڪو ۾ ريل جي شروعات ٿي.
هندستان ۾ پهرين ريل گاڏي 16 اپريل 1853ع ۾ هلي ان ڏينهن بمبئي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. ريل ٽي لڳي پنجويهه منٽن تي بمبئي کان ٿاڻي تائين وئي. منجهس چار سؤ مسافر هئا. گاڏيءَ کي هلڻ مهل ايڪيهن (21) توبن جي سلامي ڏني وئي. ريل گاڏي ۾ چوڏهن گاڏا ۽ ٽي انجڻيون هيون. هر هڪ انجڻ جو نالو سنڌ، سلطان ۽ صاحب هو. سنڌ ۾ ريل جي پٽڙي وڇائڻ ۽ ريل هلائڻ جو سهرو ريلوي انجنيئر جان برٽن جي سر تي آهي. جنهن ڏاڍي ڪوشش سان سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين ريل هلائي.
انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ 1858ع ۾ ريل گاڏي جي پٽڙي وڇائڻ جي شروعات ڪئي. پٽڙي وڇائڻ جو ٺيڪو هڪ انگريز ٺيڪيدار بِري“ کي مليل هو. پر هو هلندڙ ڪم ڇڏي ٻارهن سؤ مزدورن جا پئسا کائي ڀڄي ويو پوءِ سنڌ ريلوي جي وڇائي جو ڪم به ريلوي جي چيف انجنيئر جان مارٽ ڪيو. ريل جي افتتاح وقت ريل جي انجڻ ته هئي پر دٻو ڪونه هو. تنهن ڪري ريل انجڻ اندر ئي ڪاٺ جي بئنج رکي سنڌ جي ڪمشنر فريئر ۽ سندس زال کي ويهاري سنڌ ريل گاڏيءَ جو افتتاح ڪيو ويو ڇو ته ٻي ڏيهاڙي فريئر سنڌ مان بدلي ٿي وڃي رهيو هو. ريل جي افتتاح وقت ستر هزار ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. عام ماڻهن جو خيال هو ته هن کي شيطان هلائي رهيو آهي.
ريل گاڏي جان برٽن پاڻ هلائي جڏهن ريل باقاعده هلي ته پهرين ٿرڊ ڪلاس دٻي ۾ بئنچون ڪونه پيل هونديون هيون ماڻهو بسترا وڇائي ان تي ويهي يا سمهي رهندا هئا. عورتن لاءِ عليحده گاڏو هوندو هو. جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي گوڙ ڪري پري تائين آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ائين پوءِ ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ ۾ ريل شروع ٿي وئي. ان وقت اُن کي ”سنڌ ريلوي“ چيو ويندو هو.
هتي ريل جي شروعات 1858ع ۾ ٿي ۽ اڄ اسان 1958ع ۾ يعني پوري سؤ سالن کان پوءِ ريل ۾ چڙهي ڪوٽڙي کان سن وڃي رهيا آهون. ريل جي سِيٽين، ٻارن جي کلن ۽ عورتن جي آوازن کي ٻڌندي ٻڌندي اچي اسان جي ريل سن ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ته اسان پنهنجو مختصر سامان کڻي، اسٽيشن کان ٻاهر نڪري هڪڙي ٽانگي ۾ چڙهي، سن شهر ڏانهن روانا ٿياسين. سن جو شهر حيدرآباد کان ايترو پري آهي جيترو ٻنون منهنجو ڳوٺ يعني پنجاهه ميل سن ۽ ٻنون درياءَ جي ڪپ تي آباد آهن ۽ ٻنهي شهرن ۾ پليجا وڏي تعداد ۾ آباد آهن. ٻني جي اردگرد ته ٻيا به پليجن جا ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن. خبر ڪانهي ته پليجا سن ۾ ڪڏهن اچي ۽ ڪيئن اچي آباد ٿيا. سن ريلوي اسٽيشن سن شهر کان ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هوندي. ريلوي کان سن ويندي ڄامشورو کان سيوهڻ رستو به گذري ٿو، جيڪو هاڻ سن تائين پڪو رستو ٺهيل آهي. پر ان وقت سن ويندڙ رستو پڪو ڪونه هو. اسان اڌ ڪلاڪ اندر اچي سن پهتاسين. جتان پوءِ سڌا سائين جي ايم سيد جي بنگلي ڏانهن وياسين. سن شهر جو نقشو جيڪو اڄ آهي سو 1958ع ۾ بلڪل نه هو. سن بلڪل هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ چند دڪان ٻه ٽي سرڪاري جڳهيون، سيدن ۽ ميمڻن جا چند پڪا گهر جڏهن ته ٻيو سڄو شهر ڪچن گهرن تي قائم هو. پر تڏهن به جي ايم سيد جو ڳوٺ هجڻ ڪري سندس اهميت ان وقت به هئي ۽ اڄ به آهي، جيئن سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪري ڳڙهي خدا بخش جي اهميت آهي. سنڌ جا صرف اهي ٻه اهڙا ڳوٺ آهن جت سنڌ جا هزارين ماڻهو سڄي سنڌ مان ڪهي اچي، جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽي جي ورسيءَ تي گڏ ٿيندا آهن. اسان سائين سان ملياسين، بابا ۽ سائين ڪافي رات ڪچهري ڪئي، مون هن کان اڳ به سائين کي ٻني ۾ ڏٺو هو، جنهن جو ذڪر مون اڳ به ڪيو آهي. بابا ۽ سائينءَ جو واسطو بابا جي ننڍپڻ کان وفات تائين سڄي زندگي قائم رهيو ۽ اهو واسطو سائينءَ جو سندس وفات تائين مون سان به رهيو. بابا جي وفات کان پوءِ به سائين جڏهن به ٺٽي ضلعي ۾ ايندو هو ته ٻني ۾ مون وٽ اچي رهندو هو پوءِ اڳيان ٽنڊو محمد خان، ماتلي، بدين يا حيدرآباد ويندو هو. بابا جي ڪري مون کي به پنهنجي اولاد جيان ئي ڀائيندو هو. بابا جي وفات کان پوءِ سائين سان ملڻ وقت مون کي پنهنجي ڪنهن بزرگ سان ملڻ جو احساس ٿيندو هو. بابا به سائينءَ سان سڄي زندگي نڀائي آيو. بابا، سائين جا ڪيترائي ڪتاب ڇپايا جن ۾ ”جيئن ڏٺو آهه مون“ به شامل هو. ان ڪتاب ڪري سائينءَ سان گڏ بابا تي به ڪفر جي فتويٰ نڪتي ۽ ڪيترو وقت مقامي ۽ جنهاڻ جا ملان اُن ڪتاب کي بنياد بنائي اسان تي ڪُر ڪندا رهندا هئا. جڏهن 1969ع ۾ مَلڪ سڪندر ۽ سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ٿي ته بابا، سائينءَ جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو ۽ پاڻ ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو سائينءَ جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا ۾ سائين تي سخت پهرو هوندو هو ۽ گهر ڀاتين کان سواءِ ساڻس ڪنهن سان به ملڻ نه ڏيندا هئا. پر بابا اُن دؤر ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائينءَ سان ملي وٺندو هو. هڪ دفعو مون کي ياد آهي ته اسان سن وياسين ته سائين جي جڳهه تي مزورن ڪم پئي ڪيو ۽ بابا هڪڙي مزور جا ڪپڙا پائي مٿي تي تغاري رکي اندر وڃي سائين سان ملي آيو ۽ ڪنهن به ڊيوٽي عملدار کي خبر ئي ڪانه پئي، اها هئي سيد سان محبت جي انتها، نه ته ارباب نورمحمد جي به سنڌ ۾ پنهنجي هڪ سڃاڻپ ۽ عزت هئي. جڏهن سائين بزم صوفياء سنڌ ٺاهي، سڄي سنڌ ۾ دؤرا شروع ڪيا ته بابا به سڄي سنڌ ۾ ساڻس گڏ هوندو هو جهرڪن ۽ ميرپور بٺوري ۾ ته بزم صوفياء سنڌ جون ٻئي ڪانفرنسون بابا جي ڪوششن سان ٿيون ۽ انهن ڪانفرنسن جا ڪارڊ منهنجي نالي ڇپيا ۽ سپاسنامون بابا پڙهيو. جڏهن مسلم ڪاليج ۾ سائين مٿان بم اڇلايو ويو ته ان وقت به بابا سائين ۽ منهنجا ٻه ڀائر مرحوم مير نصير ۽ شمشير سائين سان گڏ هئا. اڄ به تقريباً سؤ کن خط سائينءَ جا بابا ڏانهن لکيل آهن. سائين سنڌ جو اهو پهريون ماڻهو ۽ سياستدان هو ۽ آهي جنهن سنڌ جي حقن جي نه پر آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي.
مون ڏٺو آهي ته سنڌ جا سيد گهڻو ڪري پنهنجن پٽن ۽ پوٽن کي به سڏ ڪرڻ مهل سائين ڪري سڏيندا آهن. جيئن ٻيا ماڻهو به کين سائين ڪري مخاطب ٿين. اهو هڪ طرح سان ٻين کي ٻڌائيندا آهن ته اسان کي سائين سائين ڪري سڏيو پر سائين ڪڏهن به پنهنجن پٽن کي سائين ڪري ڪونه سڏيو. کين هميشه ڏاڍي قرب ۽ پيار سان امير، امداد ڪري سڏيندو هو. اسان به پنهنجن نوڪرن کي به ادا ڪري سڏيندا آهيون. مثلا: ادا سومار شيدي ادا علو ميربحر.
سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. سائين جڏهن بابا جي وفات تي ٻني آيو ته مون کا پڇيائين ته گهڻو اولاد اٿئي. مون چيس ته هڪ پٽ آهي پاڻ چيائين ته نالو ڇا اٿس مون کيس ٻڌايو ته رُخسار حسنين نالو اٿس پاڻ ان وقت منهنجي پٽ کي گهرائي اسان جي خانداني مرشد سائين گُلي شاهه کي سڏي (اهو به اسان وٽ آيل هو) کيس چيائين ته ٻانگ ڏئي هن جو نالو نورمحمد رک ۽ ائين منهنجي پٽ جو نالو رُخسار حسنين مان نورمحمد ٿي ويو. پر اسان گهرڀاتي ۽ سڄي دنيا کيس ”بوبي“ نالي سان سڏيندا آهيون. شيڪسپيئر جو قول آهي ته: ”ڪي ماڻهو پيدائش کان عظيم هوندا آهن. ڪي پنهنجي محنت سان عظيم ٿيندا آهن ته ڪن تي عظمت رکي ويندي آهي.“
سو واقعي سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين پُڄاڻا پيدا ٿيندا آهن. واقعي الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته : ”آئون هر هڪ کي روزي ڏيندس.“ پر ”عزت جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيندس.“
اسان ٻيو ڏينهن به سائينءَ وٽ رهياسين ۽ بابا مون کي اُت پليجن سان به ملايو جيڪي سن شهر ۾ رهندا آهن. ٻنون ۽ سن ٻئي ڳوٺ درياءَ جي ڪپن تي ۽ ٻيلن جي ٻندين تي قائم آهن. ٻئي بلڪل ٻهراڙي لڳندا آهن ۽ ٻهراڙي نيچر جي وڌيڪ ويجهو لڳندي آهي. شهرن ۾ ڪافي مصنوعيت هوندي آهي. هٿرادا پارڪ ۽ وڻ هڪ ٻئي سان ملڻ به مصنوعيت، چپن تي ڪوڙي ۽ هٿرادي مرڪ، هڪ ٻئي جي هروڀرو تعريف ۽ هر ڳالهه ۾ مطلب ۽ مفاد، پر اندر ڪير نه ڪنهن جو ڪونهي.
اسان سن ۾ ٻه راتيون هڪ ڏينهن رهي واپس ريل رستي ڪوٽڙيءَ ۽ پوءِ حيدرآباد پهتاسين. بابا مون کي هاسٽل ڇڏي پاڻ موڪلائي ڳوٺ هليو ويو ۽ آئون وري پنهنجي پڙهائي کي لڳي ويس. ٻني ۽ حيدرآباد جي اسڪول جي ماحول ۾ وڏو فرق هوندو هو. وري اهڙي ئي طريقي گهر ۽ هاسٽل جي رهڻ ۾ به.
گهر ۾ جيڏي مهل مرضي پوي تيڏي مهل ماڻهو ماني کائي پر خبرناهي ته ڪهڙو ٻوڙ آهي پر هاسٽل ۾ هر ويلي تي ماني جي اڳواٽ خبر هوندي هئي. ته اڄ ڪهڙو ٻوڙ آهي. گهر ۾ تڏي، منجي يا کٽ تي ويهي ماني کائبي هئي. پر هاسٽل ۾ پوري وقت تي ڊائيننگ ٽيبل ۽ ڪرسين تي ويهي ماني کائبي هئي ۽ ماني کائڻ وقت ماني کائڻ جي آداب کي به ذهن ۾ رکڻو پوندو هو.
ٻني ۾ اڪيلو اسڪول وڃبو هو، پر هت هاسٽل کان لائين ۾ وڃبو هو. ڄڻ ته ٻڪرين کي ڌنار چارڻ لاءِ وٺيو پيو وڃي. ٻني ۾ استاد شلوار قميص پائي اسڪول ايندا هئا. پر هت استاد هڪ ٻن کان سواءِ سڀ سوٽ پائي اسڪول ايندا هئا. ٻني ۾ پريڊ سسٽم ۽ رسيس ڪونه ٿيندا هئا. پر هت ائين ٿيندو هو ۽ رسيس جو ڏاڍو انتظار هوندو هو. هت هر ڪلاڪ ۾ نئون استاد مقرر سبجيڪٽ پڙهائيندو هو. پر ٻني ۾ سڄو سال هڪ استاد ڪلاس کي مڪمل ڪورس پڙهائيندو هو. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ آئون عام شاگرد هوندو هوس. مون کي حساب ۽ گرامر صفا ڪونه ايندا هئا. منهنجي سنڌيءَ جي صورتخطي صفا بيڪار هوندي هئي ۽ آهي پر منهنجي ننڍي هوندي کان اڄ تائين اها عادت آهي ته هر ننڍي وڏي ڳالهه تي تمام گهڻو سوچيندو آهيان. نه صرف پنهنجي مسئلن تي پر ٻين جي مسئلن ۽ ڏکن سکن تي به تمام گهڻو سوچيندو آهيان. اها عادت هاڻ منهنجي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪي آهي. هڪ ڏينهن آئون حيدرآباد کان ٻني اچڻ لاءِ ٺٽي واري بس ۾ چڙهي اخبار وٺي پڙهڻ لڳس ته اخبار ۾ وڏي سرخي ۾ لکيل هو ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ويو آهي ۽ سڀني سياسي ليڊرن کي گرفتار ڪري ڪن کي گهرن ۾ ته ڪن کي جيلن ڏانهن موڪليو ويو آهي. ملڪ جو چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ايوب خان کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ٻه مارشل لا ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا هڪ ائيرمارشل اصغر خان ۽ ٻيو................. خبر سان گڏ جنرل ايوب جو هڪ ننڍڙو فوٽو به اخبار ۾ شايع ٿيو هو. شايد ڪنهن گروپ فوٽو مان ڪٽي پوءِ شايع ڪيو ويو هو بس ۾ ويٺل ماڻهو پاڻ ۾ مارشل لال تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيا هئا ته مارشل لا ڪهڙي بلا آهي ۽ نيٺ آهستي آهستي ماڻهن جي دماغ ۾ ڳالهه ويٺي ته مارشل لا بلا آهي. يعني مارشل لا معنيٰ جنگل جو قانون- ۽ ائين 1958ع واري مارشل لا کان پوءِ وردي وارن کي اهڙو ته مزو آيو جو اڃا تائين انهن کان پاڪستان جي عوام جي جان ڪانه ٿي ڇُٽي.
خاص ڪري سنڌين جو ته انهيءَ آمرانه راڄ ڪري حڪومت مان عمل دخل ئي ختم ٿي ويو ڇو ته فورس ۾ سنڌي آهن ئي ڪونه. ايوب خان پنهنجي ڪتاب ”فرينڊس ناٽ ماسٽرس“ ۾ لکيو آهي ته ”مارشل لا اسان صرف ون يونٽ کي قائم رکڻ لاءِ لڳايو هو، نه ته مغربي پاڪستان اسيمبلي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو ريزوليشن پاس ڪري چڪي هئي ۽ مرڪز ۾ ننڍا صوبا بنگالين جي مدد سان آسانيءَ سان ون يونٽ ٽوڙڻ وارو ريزوليشن پاس ڪرائي وڃن ها.
ورهاڱي بعد پهرين ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو پوءِ ننڍن صوبن کي پنجاب سان ملائي ون يونٽ ٺاهيو ويو. جڏهن سنڌ بمبئي سان گڏ هئي ته سرڪاري ڪم ڪارين لاءِ بمبئي وڃڻو پوندو هو ۽ هاڻ لاهور وڃڻو ٿي پيو. مارشل لا سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ، سنڌ جي زمينن کي ٻين صوبن جي ماڻهن ۾ مفت ورهائڻ، سنڌي زبان کي تعليمي ادارن مان ختم ڪرائڻ لاءِ لڳو. جنرل ايوب جي وقت ۾ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ملازم گهڻو ڪري غير سنڌي مقرر ڪيا ويا. يعني آءِ جي کان سپاهيءَ ۽ چيف سيڪريٽري کان پٽيوالي تائين ڪوبه سنڌي آفيسر سنڌ ۾ توهان کي نظر ڪونه ايندو هو. وري مارشل لا واري ڏينهن کي ”Revolation Day“ ۽ ون يونٽ مڙهڻ واري ڏينهن کي ”One Unit Day “ ڪوٺي سرڪاري طرح وڏي شان ۽ سان ملهائڻ لاءِ انهن ٻنهي ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ڪئي ويندي هئي. غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي ڀاڱي ٻئي جي صفحي 448 تي لکيو آهي ته: ”جڏهن آئون انهيءَ دؤر ۾ بورڊ ۾ نوڪري ڪندو هوس ته اسان کي اسلام آباد مان سرڪار وٽان ليٽر آيو ته لفافي يا ڪارڊ تي جيڪو به ماڻهو سنڌ لفظ لکندو سو قانوني طرح سزا جو مستحق هوندو ان دؤر ۾ شيخ اياز هي بيت لکيو:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
رباني ان ڪتاب جي صفحي 391 تي لکي ٿو ته انهيءَ جي خلاف اسان سنڌي اديبن، دانشورن، صحافين، سياستدانن ۽ شاگردن کان صحيح ڪرائي هڪ ميمورينڊم حڪومت کي موڪلي پر ان ياداشت نامي تي پيرپاڳاري ۽ قاضي اڪبر صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. الطاف گوهر پنهنجي ڪتاب ”ايوب خان ڪي فوجي راج کي دس سال“ جي صفحي 189 تي لکيو آهي ته پير علي محمد راشديءَ صدر ايوب کي صلاح ڏني ته تون صدر نه پر بادشاهه ٿي. توجهڙو لائق ماڻهو قوم کي وري ڪونه ملندو.“ ان ڪتاب جي صفحي 198 تي پاڻ لکي ٿو ته آمريڪا جي وزارت خارجه جي ليٽر نمبر (21,8-2151/790D00) ۾ آگسٽ 1957ع ۾ لکيو آهي ته علي محمد راشدي اهڙو ماڻهو آهي جو اقتدار خاطر پنهنجي ڀاءُ جو گلو ڪٽيندي به دير ڪونه ڪندو.“ ون يونٽ ۽ ايوب جي مارشل لا ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ڇا ٿيو ان تي ڪنئين ڪتاب لکيل آهن. جنهن ۾ سنڌ جي سورن جو تفصيلي احوال ڏنل آهي. خاص ڪري سائين جي ايم سيد اُن موضوع تي ڪنئين ڪتاب لکيا. ملڪ ۾ ايوب جو مارشل لا 27 آڪٽوبر 1958ع تي لڳو.
آئون ڳوٺ آيس ته ڪجهه ڏينهن بعد بابا جي طبيعت ٺيڪ ڪانه ٿي. کيس پهرئين ٿورو پوءِ گهڻو (Chest Pain) ڇاتيءَ ۾ سور ٿيو ۽ 28 نومبر تي سور وڌي ويو، ته ٽي ڏيهاڙي ٽيڪسي ڪري پاڻ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ حيدرآباد ويو، جت پاڻ ڊاڪٽر ابراهيم کي ڏيکاري، ( E C G) اليڪٽرڪ ڪارڊيو گرام ڪرائي دوائون وٺي چار ڊسمبر تي واپس ٽيڪسي ۾ ٻني آيو. ان زماني ۾ حيدرآباد کان ٻني ڪار ۾ اچڻ لاءِ سيريءَ کان مٿان پيڃاريءَ جو ساڄو ڪپ وٺي قادر ڏنو شاهه ريگيوليٽر پهچبو هو ۽ اُتان پراڻي گنج بحر کان بند تي پهچبو هو پوءِ بند تان هلي اچي ٻني پهچبو هو. اُن زماني ۾ بئراج جي انسپيڪشن پاٿس يا بند مٿان ٺهيل رستن تي عام طرح سان ڪارن، جيپن ۽ جانورن کي هلڻ جي اجازت ڪانه هئي ڪن ڪن هنڌن تي اُت لوهي پائيپن سان گيٽ ٺهيل هوندا هئا ۽ انهن کي ڪلف لڳل هوندا هئا جن جون چاٻيون مقدمي وٽ هونديون هيون. جيڪو اُتي ئي ٺهيل ڪوارٽرن ۾ رهندو هو. پوءِ مقدمي جي مرضي ته اڳيان وڃڻ لاءِ دروازو کولي يا اُتان ئي سواري کي واپس ڪري ڇڏي. بئراج ۽ بندن جي انهن رستن تي روز صفائي ۽ ڇڻڪار ٿيندي هئي. آر ڊي ۽ ميلن تي پٿر لڳل هوندا هئا. جيڪي سفيد چُن جي پالش هئڻ ڪري پري پري کان نظر ايندا هئا. بندن تي ٿوري ٿوري پنڌ تي بيلدارن جون لانڍيون هونديون هيون. آبڪلاڻيءَ جي وقت ته بندن تي ميڙا متا پيا هوندا هئا. ان زماني جي داروغي جي حيثيت هينئر جي اسٽنٽ انجينئر جي برابر هوندي هئي. پيڃاريءَ کان اڳ سڀ واهه درياهه مان نڪرندا هئا. سندن موريون بندن منجهه ٺهيل هونديون هيون ٻني جي اردگرد هيٺيان واهه درياهه مان نڪرندا هئا.
ايم ايس بند يعني مولچند سجاول بند.
بند جي 0/0 ميل وٽان مولچند واهه.
بند جي 0/2 ميل وٽان شڪار واهه.
بند جي 3/3 ميل وٽان گنج بحر واهه.
بند جي 7/4 ميل وٽان علي بحر واهه (جنهن مان اڳتي هلي چؤگزو واهه نڪتو).
7/5 ميل وٽان ڇهه گزو واهه (جنهن کي ٻني جا ماڻهو لُنڊو واهه سڏيندا هئا.) هي سڀ واهه ٻني شهر جي اوڀر کان درياءَ مان نڪرندا هئا ۽ ٻني جي اولهه مان وري هي واهه نڪرندا هئا جيڪي وڃي دڙي جو دنگ ڪندا هئا.
6/0 ميل وٽان لائقپور واهه.
محمد علي شاهه جي ڳوٺ وٽان اوچتو واهه، دڙو لڳ اتر اوڀر طرف شيخا واهه، دڙي جي ڏکڻ طرف کان محمود واهه اُن کان پوءِ نيچل برانچ جنهن کي هاڻ دڙو برانچ سڏجي ٿو، ان کان سواءِ پيڃاري ڦاٽ سان لڳ ساڄي ڪپ کان ٻارهن گزو واهه ۽ شهر لاءِ به هڪڙو ننڍو واهه نڪرندو هو جيڪو ٻني شهر جي چؤطرف ڏنل بند اندر زمينن کي آباد ڪندو هو. بچاءُ بند اندر انهن واهن جا نشان اڄ به ڪٿ ڪٿ نظر اچن ٿا پر بچاءُ بند کان ٻاهر هينئر انهن واهن جو نالو نشان به ڪونهي.
بابا هڪ مهينو کن ٻني ۾ رهي آرام ڪيو ۽ دوائون کاڌيون پر هڪ مهيني گذرڻ کان پوءِ کيس وري به تڪليف ٿي. بابا هينئر ڏاڏوري پتڻ رستي 25 ڊسمبر تي ڪراچي ويو. اُت پاڻ بندر روڊ تي پارڪ هوٽل ۾ رهيو ۽ کيس اُن وقت ملڪ جي مشهور ڊاڪٽر عبدالرحيم پراچه هوٽل ۾ ئي چيڪ اپ ڪيو ۽ ڊاڪٽر تپاسڻ کان پوءِ کيس يڪدم سول اسپتال ۾ داخل ٿيڻ لاءِ صلاح ڏني ۽ بابا سول اسپتال جي پرائيوٽ وارڊ جي ميڊيڪل ون ۾ شفٽ ٿي ويو. جت کيس آڪسيجن ڏني وئي. آئون ان دوران ٻني کان حيدرآباد پڙهائي لاءِ هليو ويو هوس پر بابا جي طبيعت جي خبر جو ٻڌي ريل ذريعي ڪراچيءَ هليو ويس. اهو منهنجو زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي وڃڻ جو اتفاق هو. ان زماني ۾ سپر هاءِ وي اڃان ڪونه ٺهيو هو. نيشنل هاءِ وي تي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بس هلندي هئي. سابه تمام گهڻو ٽائيم وٺندي هئي ۽ ريل جو سفر سستو ۽ جلد پهچڻ جو واحد ذريعو هو. آئون ڪراچي ريلوي اسٽيشن تي پهچي ٽانگو ڪري سول اسپتال پهتس، پر مون کي اسپتال جي پٽيوالن اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ڏاڍو پريشان ٿيس اُت بيٺل ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پٽ دادن جتوئي مونکي سڃاتو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ وٺي اندر هليو ۽ ائين آئون اسپتال اندر داخل ٿي ويس ۽ سواءِ ڪنهن پُڇ پڇان جي بابا جي ڪمري تائين پهچي ويس. انهيءَ وقت جي سول اسپتال ڪراچي، اڄ وانگر اندر سوڙهي، ڳتيل ۽ بدبودار ڪانه هئي پر ويڪري وڏن گهاٽن وڻن سان ڍڪيل هڪ صاف سٿري اسپتال هئي. جنهن ۾ ماڻهن جي رش يا گوڙ ڪونه هو. اسان پرائيوٽ وارڊ جي ٻي فلور تي بابا جي ڪمري ۾ داخل ٿياسين. بابا کي ڪجهه ٺيڪ ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ اهڙي خوشي جيڪا زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي. بابا مون کي ويجهو ڪري ڳل سان لڳائي چميو ته ڄڻ منهنجي روح کي راحت اچي ويئي. هونءَ به آئون ڪوشش ڪري پنهنجي روح کي مرجهائڻ ڪونه ڏيندو آهيان. پيار جو هر رشتو (Reciprocally) يعني هنيان گهر ته گهرين جي اصول تي قائم آهي. جنهن کي جيترو چاهيندو ۽ ڀائيندو ۽ عزت ڏيندو، ته ٻيو به کيس دل ۾ ضرور عزت ڏيندو پوءِ اهو ڀلي ڪير به هجي، پر مون پنهنجي سڄي ٻاهٺ سالن جي زندگيءَ ۾ هي نتيجو اخذ ڪيو آهي ته پنهنجي اولاد ۽ والدين کان سواءِ ٻيا رشتا گهڻو جٽاءُ ڪونه ٿا ڪن. پوءِ به دنيا ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو پيا آهن. جن جي دل ۾ هر ماڻهوءَ لاءِ گهڻو پيار ۽ قرب هوندو آهي. پر هاڻ اهڙن ماڻهن جو تعداد به وڃي گهٽجندو. بابا مون کي حيدرآباد کان ڪراچيءَ پهچڻ جو احوال ۽ پڙهائي جو پُڇيو ۽ پاڻ مون کي سندس طبيعت جي باري ۾ ٻڌايو ته ڊاڪٽر عبدالرحيم پراچا جي علاج هيٺ منهنجي طبيعت هاڻ آهستي آهستي ٺيڪ ٿي رهي آهي. ڪمري ۾ ٻه پلنگ پيا هئا ۽ ٻه ڪرسيون رکيون هيون ۽ ڪمري سان گڏ واش روم به هو.
بابا جي پلنگ جي پٺيان پلنگ کان به ڊگهي ٽيبل تي دوائون فروٽ ۽ گل رکيا هئا. سندس وهاڻي جي ڀرسان اخبار ۽ رسالا رکيا هئا. آئون چار پنج ڏينهن کن بابا وٽ رهيس. آئون ڀرواري پلنگ تي ۽ هيٺ پٽ تي بابا جي ڪم ڪار ۽ خدمت گذاريءَ لاءِ آيل ڀرو شيدي رهندو هو. بابا سان ملڻ لاءِ سندس ڪافي دوست ايندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر لاڙڪاڻي وارو، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي، جمال ابڙو، تاج محمد ابڙو، غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا به ڪيترائي سندس دوست ايندا هئا. بابا جي ڀرواري ڪمري ۾ پير صاحب آف مکڊ شريف اسپتال ۾ داخل هو ۽ اهو به اڪثر بابا سان ملڻ لاءِ ايندو هو. بابا کان عمر ۾ ٿورو وڏو هو. بابا جي اسپتال مان نڪرڻ کانپوءِ به بابا جي ساڻس خط و ڪتابت ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا تحائف موڪلڻ وارو رستو ڪافي وقت تائين هلندو رهيو. پاڻ اڪثر مکڊ شريف مان بابا لاءِ کاديءَ جا ڪپڙا موڪليندو هو ۽ جڏهن پاڻ مکڊ شريف مان ڪراچي ايندو هو ته اڳواٽ بابا کي خط لکندو هو ۽ اڪثر ڪري بابا انهيءَ سندس پروگرام تي ڪراچي ويندو هو. ٻيا ڪافي بابا جا ويجها دوست مارشل لا لڳڻ ڪري يا ته روپوش ٿي ويا هئا يا گرفتار ٿي چُڪا هئا. جن ۾ سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي شامل هئا.
بابا کي پهريون هارٽ اٽيڪ ٽيتاليهن سالن جي عمر ۾ ٿيو ۽ مون کي پنجيتاليهن سالن جي عمر ۾ ٿيو. دل جي تڪليف کان پوءِ به بابا ايڪيه سال صحتمند، چُست ۽ ڀرپور زندگي گذاري، 25 مئي 1979ع ۾ وفات ڪئي.
رب سائين کيس چئن جوان پٽن جي هٿن ۾ هلندي هلايو. نه اڳ ڪنهن جي محتاجي قبول ڪيائين ۽ نه آخري وقت ۾، کيس انهيءَ عارضي کان سواءِ ٻي ڪابه بيماري سڄي زندگي ڪانه ٿي. پاڻ هارٽ اٽيڪ جي عارضي کان اڳ باقاعدگي سان ورزش ڪندو هو. پر ان کان پوءِ ڊاڪٽرن کيس ڪنهن به جسماني پورهئي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. ٻٽن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ مون کي بابا پنهنجن دوستن سان گڏ ڇڏيندو هو. جيڪي مون کي پنهنجي گهر وٺي وڃڻ سان گڏ شهر جو به سير ڪرائي، پوءِ شام جو واپس بابا وٽ اسپتال ۾ ڇڏي ويندا هئا ۽ ائين ڪڏهن آئون اڪيلو به گهمڻ ڦرڻ لاءِ هليو ويندو هوس. هڪ ڀيرو شام جو بابا به ٿوري دير لاءِ مون سان گڏجي ٻاهر گهمڻ لاءِ هليو. ڪراچيءَ ۾ ان وقت اڄ وانگر وڏيون پنج ستاري (Five Star) هوٽلون ڪونه هيون ۽ ڪراچي شهر به ان وقت صرف سورنهن لک آدمشماري وارو شهر هوندو هو. ۽ نه ڪي اڄ وانگر هڪ ڪروڙ چاليهه لک آدم شماريءَ وارو شهر، ڪراچي ۾ ان وقت اڃان صرف سنڌي ۽ هندستان کان آيل مهاجر آباد هئا ۽ ڪنئين قدر سيڪريٽريٽ، فوج نيوي ۽ ايئرفورس ۾ شامل پنجابي به آباد هئا ڇو ته ان وقت ڪراچي پاڪستان جي گاديءَ وارو شهر پڻ هو. پر بلوچستان، افغانستان، سرحد صوبي، بنگلاديش، برما ۽ بهار جا سٺ لک پٺاڻ افغانين، برمي، بهاري ۽ بنگالين جو ڪراچي ۾ اڄ وانگر ڪو وجود ئي ڪونه هو. اهو ڌارين ماڻهن جو سمنڊ جنرل ايوب جي مارشل لا ۽ افغان جنگ ۾ جنرل ضياءَ الحق جي غلط شرڪت جي فيصلي ڪري ممڪن ٿيو. جنرل ايوب پنهنجي دؤر حڪومت ۾ پٺاڻن ۽ ضياءَالحق پٺاڻن افغانين ۽ سنڌ ۾ ايندڙ سمورن غير سنڌين لاءِ سنڌ جا دروازا کولي ڇڏيا. ڀٽي دشمنيءَ ۾ هو سنڌين جو به دشمن ٿي بيهي رهيو ۽ ڏسندي ڏسندي ڌارين جون ريلن جون ريلون سنڌ اندر داخل ٿيڻ لڳيون ۽ هاڻ اهو سلسلو بند ئي ڪونه ٿو ٿئي. ڪراچيءَ کان سواءِ باقي سنڌ ۾ اهو سلسلو بند ٿي ويو. نه ته ان کان اڳ ٻهراڙين ۾ به ڌارين جا ڪٽڪن تي ڪٽڪ زمينون خريد ڪري آباد ٿي رهيا هئا. پر ڌاڙيل فيڪٽر ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب هاڻ اهو سلسلو بند ٿي ويو آهي. جنرل مشرف جي حڪومت هاڻ انهن سڀني غيرملڪين کي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو آرڊر ڪيو آهي ته انهن ماڻهن کي سندس گهر جي اڳيان اهي سڀ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ۽ هاڻ ڪراچي ڪنهن هڪ قوم جو شهر نه پر آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان جي چئن قومن يعني بلوچن، پٺاڻن، پنجابين ۽ سنڌين سان گڏ مهاجرن، بنگالين ۽ بهارين جو منجهس برابر جو حصو هوندو. آئون سمجهان ٿو ته ڪراچي دنيا جو واحد تيزيءَ سان وڌندڙ آدم شماريءَ وارو شهر آهي، جنهن جي آدم شماري هڪ صديءَ ۾ هزارن کان ڪروڙن تائين وڃي پهتي آهي. ڪراچي جي آدم شماري 1958ع ۾ آئون سمجهان ٿو ته سورهن لک جي لڳ ڀڳ ٿيندي. ڇو ته سنڌ جي آدم شماري جي چارٽ ۾ 1951ع ۾ ڪراچيءَ جي آدم شماري ڏه لک ڇاهٺ هزار ۽ اوڻيهه سؤ ايڪهٺ (1961ع) ۾ اوڻيهن لک ٻارهن هزار ڄاڻايل آهي. ان حساب سان منهنجي نظر ۾ 1958ع جي آخر ۾ اها آدم شماري هئڻ گهرجي. يعني اڄ 2008ع جي هڪ ڪروڙ چاليهه لک؛ ڇا ته اڄ ۽ ان وقت جي ڪراچيءَ ۾ تفاوت هوندو هو.
دنيا جي شهرن ۾ ڪراچي جي سندس پنهنجي واڌ ۽ وجود جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ ۽ سنسي خيز آهي. ان سڄي ڪهاڻي جو سربستو احوال توهان کي ڪراچي تي لکيل ڪتابن ۽ مضمونن مان ملندو جنهن ۾:
1- کراچی کی کھانی ٻه جلد
2- Kurrachee Past Present and Future- Alixander F. Baillie
3- ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ڪراچي تائين، ليکڪ احسان حليم، سنڌيڪار زاهد علي مگسي
4- نائون مل جون يادگيريون
5- ڪراچي- ايم- بي پٿاوالا
6- ڪراچي- ياسمين مزاري
7- سنڌ بلوچستان- رچرڊ برٽن
تنهن کان سواءِ مختلف گزيٽيئر ۽ ٻين ليکڪن جي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ ذڪر جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي جنهن ۾:
1- برٽن
2- هيگ
3- مير علي شير قانع
4- جيمس برنس
5- ايسٽ وِڪ
6- پونسٽن
7- آيڊرن ڊا ورٽ
8- ۽ سورلي
جا نالا خاص قابل ذڪر آهن.
آثار قديم جي ماهر ڊاڪٽر ايف خان جي تحقيق مطابق ملير ڊملوٽي روڊ تي هڪ ڳوٺ حاجي الهڏني کان هڪ ميل جي پنڌ تي نئين بازار جي کاٻي ڪپ تي هڪ قديم آباديءَ جو پتو پيو آهي. جيڪا سندس تحقيق مطابق موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي دؤر جي آهي. اها آبادي 200 کان 300 چورس والن تي پکڙيل آهي. (ڪلاچيءَ جي ڪن کان ڪراچيءَ تائين صفحو 20)
ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ ۾ لکيو آهي ته ڪراچيءَ جو وڌڻ ارڙهين صديءَ جي پيداوار آهي. پر ڪياماڙي کي سڪندراعظم جي نالي سان ڳنڍيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. سڪندر اعظم جو مشهور جنرل نيرڪوس جڏهن سنڌو درياءَ مان ٿيندو سمنڊ ۾ داخل ٿيو ته پنهنجا ٻيڙا هتي اچي لنگز انداز ڪيا هئائين. اهو واقعو سال 325 ق- م جو آهي.
1720ع ۾ سيٺ پوڇو مل ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت کان پوءِ وري خان قلات ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو. 1795ع ۾ ٽالپر حاڪمن ڪراچيءَ تي قبضو ڪري کيس سنڌ سان ملايو.
1839ع ۾ انگريزن ڪراچيءَ تي قبضو ڪري کيس برطانوي هند سان شامل ڪيو.
1947ع ۾ ڪراچي، برطانوي هند مان آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿي ۽ پاڪستان جي گادي جو هنڌ ٿي.
پهرين ڪلاچي يا ڪراچي صرف ويهن پنجويهن مهاڻن جي گهرن تي مشتمل هڪ ننڍڙو ڪکائن گهرن جو ڳوٺڙو هو. جت مورڙو به پنهنجن ڀائرن ۽ امڙ سان گڏ رهندو هو. پوءِ اُت مقامي هندو واپارين پنهنجي ۽پنهنجن ٻچن جي پناهه لاءِ ۽ سامونڊي ڌاڙيلن کان تحفظ لاءِ ٽيهن ايڪڙن تي هڪ قلعو تعمير ڪرايو.
چون ٿا ته انگريزن جڏهن ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو تڏهن ڪراچيءَ جي آدم شماري اٺ هزار هئي. پوءِ جڏهن هنن ڪراچي کان پوءِ فيبروري 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ته هنن کي حيدرآباد جي گرم هوا راس ڪانه آئي ۽ هنن هميشه لاءِ حيدرآباد بدران 1844ع ۾ ڪراچيءَ کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ۽ سنڌ کي ٽن ڪلڪٽوريٽس ۾ ورهايو ويو. يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ان وقت ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ هيٺيان ضلعا هوندا هئا.
1- ڪراچي
2- گهوڙا ٻاري
3- جهرڪ
4- سيوهڻ
انهن ضلعن جا وري ڪنئين پرڳڻا هئا.
انگريز ڪراچي کي باقاعدي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي اُتان ويهي حڪومت ڪرڻ لڳا. ابتدائي طور حڪومت هلائڻ لاءِ هي کاتا قائم ڪيا ويا.
1- پبلڪ گارڊنس (سربراه ميجر بلينڪنس)
2- ڪينال ۽ ٻيلا (سربراه ميجر اسڪاٽ)
3- سول جج ۽ ائڊوڪيٽ جنرل (ڪئپٽن ينگ)
4- پوليس ۽ جيل (سربراهه ليفٽيننٽ مارسٽن)
5- ڪسٽم (ڪليڪٽر مئڪليوڊ)
6- پبلڪ ورڪس (سربراهه ميجر پيٽ)
7- ٽريزر
8- انڊس فلو ٽيلا ۽ بوٽ (Boat)
9- سمنڊ فشريز ۽ لوڻ.
اليگزينڊر بيلي پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي“ جي صفحي ڇهين تي لکي ٿو ته: ”هڪ ڀيرو جڏهن وائسراءِ هند ڪراچيءَ جي دوري تي آيو ته کيس چيو ويو ته ڪراچي کي سڄي گڏيل هندستان جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪريو ڇو ته ان وقت هندستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتو هو. جيڪو انگلينڊ کان تمام گهڻو پري هو، پوءِ اهو ڪراچي کي گڏيل هندستان جي گاديءَ وارو هنڌ مقرر ڪرڻ ڪيترو وقت وائسراءِ جي دماغ ۾ ڊوڙندو رهيو. پر نيٺ فيصلو اهو ٿيو ته دهلي کي گڏيل هندستان جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪجي.
ڪراچي جي اڏاوت ۾ انگريزن پهرين فوجي سپاهين جي رهائش لاءِ بيرڪون ٺاهيون جنهن کي نيپئر بيرڪس جو نالو ڏنو. ان کان پوءِ سامونڊي بندر، ريلوي رستو، چرچ ۽ اسڪول ٺهرايا ويا. ان کان پوءِ ٻين ڪمن ڏانهن ڌيان ڏنائون. سنڌ ۽ پنجاب مان ڪراچي پورٽ ذريعي انگلش ڪمپنين، انگلينڊ ڏانهن اناج موڪلڻ جي ڌنڌي ۾ ايڏي ته ترقي ڪئي جو ڪراچيءَ جي گاديءَ ٿيڻ جي سورهن سالن کان پوءِ 1860ع ۾ انهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس قائم ڪيو ۽ ان جي ميمبرن ۾ انگريزن سان گڏ ٻه هندستاني ڪمپنيون به ان جون ميمبر ٿيون. جيڪي هر هڪ: ايس طيب جي ائنڊ ڪمپني ۽ ارد شير ائنڊ ڪمپني هيون. انگلينڊ مال موڪلڻ واري وڏي ۾ وڏي اسٽيم نيوي گيشن ڪمپنيءَ جو نالو ”سنڌيا“ رکيو ويو. (کراچی کی کھانی صفحو 167)
جڏهن سنڌ جو واپار وڌيو ته ممبئي جي ڪمشنر جي ليٽر نمبر 561 تاريخ 1855ع ڊسمبر جي حڪم مطابق ”بئنڪ آف بمبئي“ جي ڪراچيءَ ۾ برانچ قائم ڪئي وئي. ائين سنڌ ڌرتيءَ تي پهرين باقاعدي بئنڪ ڪم شروع ڪري ڏنو. (Contents of the Pre mutiny Records page 31)
ڪراچيءَ مان پهريون ڀيرو ”ڪراچي ائڊور ٽائيز“ نالي انگريزي اخبار شروع ڪئي ويئي. جيڪا هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي. ان کان پوءِ سنڌ ٽائميس ۽ سنڌ سڌار اخبارون شايع ٿيون. انگريزن جت جديد طرز جا پنهنجي فوجين لاءِ بيرڪون ۽ بنگلا ٺهرائڻ شروع ڪيا ته ات شهر جي ترقي، صفائي ۽ ضرورتن لاءِ ڪمشنر ڪراچيِ، فريئر، ميونسپالٽي به قائم ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي ڏسندي ڏسندي ڪراچي شهر ۾ ڪنئين بلڊنگون اوچو ڳاٽ ڪري تيار ٿي اٿي بيهي رهيون، جنهن ۾ مکيه بلڊنگون هي هيون.
1- فريئر هال
2- انڊريو چرچ
3- گرامر اسڪول بلڊنگ
4- ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بلڊنگ
5- ميري ويدر ٽاور
6- ٽرينٽي چرچ
7- بولٽن مارڪيٽ
8- ڪراچي ميونسپل جي بلڊنگ
9- ڪلفٽن تي ڪوٺاري پريڊ
انهن بلڊنگس ۽ نون رستن ڪراچيءَ جي رونق ۽ سونهن کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا ۽ هاڻ ڪراچي ايشيا جي سهڻن شهرن ۾ ڳڻجڻ لڳي. ڪراچي ۽ بمبيءَ وچ ۾ برٽش انديا اسٽيم نيويگيشن وارن پاڻيءَ جو جهاز به هلائڻ شروع ڪيو جنهن جي (Deck) عرشيءَ جي مسافرن جو ڀاڙو پنج روپيا هوندو هو پر وري جڏهن انهيءَ روٽ تي حاجي قاسم اسٽيم ڪمپنيءَ وارن پنهنجو جهاز شروع ڪيو ته انهن پنهنجو ڀاڙو پنجن روپين مان گهٽائي اڍائي روپيا ڪيو ۽ مسافرن کي تحفي ۾ هڪ ريشمي رومال به ڏيندا هئا.
ڪراچيءَ ۾ ٽرام جي شروعات 1885ع ۾ ٿي. پهرين ٽرام ڪوئلي تي هلندي هئي پر تمام گهڻي دونهون ڪڍڻ ڪري کيس ٻن گهوڙن تي هلايو ويو. جيڪي گهوڙا هر ٻن ميلن تي تبديل ڪيا ويندا هئا. گهوڙن کي ڪاڙهي (اُس) کان بچائڻ لاءِ مٿائن سولا هيٽ هڻي کين ڇانءَ ڪري ڏني ويندي هئي. پوءِ گهوڙن کي ختم ڪري ٽرام ڊيزل مشين تي هلايون ويون. ٽرام سولجر بازار کان ڪياماڙي تائين هلندي هئي. يعني پنج ميل جو مفاصلو ۽ سندس ڀاڙو صرف هڪ آنو هوندو هو. اسان به ان ٽرام ۾ سفر ڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سٺ جي ڏهاڪي ۾ ٽرام ڪراچي مان بند ٿي وئي. ڪراچيءَ ۾ جڏهن حڪومت هوائي اڏي کولڻ جو پروگرام ٺاهيو ته پهرين حڪومت جو خيال هو ته اهو هوائي اڏو ملير ۾ کولجي ان اميد تي ته ملير ۾ سستي زمين خريد ڪري، حڪومت کي مهانگي اگهه ۾ زمين وڪرو ڪجي. انهيءَ آسري تي ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي مالدارن اُت زمين خريد ڪئي ۽ ائين ملير جي ماڻهن جي تقدير کُلي پئي. پر حڪومت چپ چاپ ۾ ملير ۾ نه پر ڊرگ روڊ تي زمين خريد ڪري هوائي اڏو کولي ڇڏيو. هوائي اڏو ٺهي تيار ٿيو ته ڪراچيءَ ۾ (R 101) هوائي جهاز جي هت آڻڻ جو بندوبست ڪيو ويو ۽ انهيءَ لاءِ هڪ هئينگر به ٺاهيو ويو. جهاز کي ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي ايئرپورٽ تي گڏ ٿيا. سڄي ڏينهن جي انتظار ڪرڻ کان پوءِ رات جو خبر پئي ته اهو ڪراچيءَ اچڻ وارو جهاز فرانس ۾ ڪري تباهه ٿي ويو ۽ منجهس سواريءَ ڪندڙ سڀ مسافر به مري ويا. ڪراچيءَ ۾ پهرين هوٽل پالز هوٽل (Pauls Hotel) جي نالي ۾ هڪ روسي شهريءَ کولي جيڪا ڪئنٽونمينٽ ريلوي اسٽيشن جي سامهون هوندي هئي. جنهن جو نالو پوءِ تبديل ڪري ”ڪارلٽن هوٽل“ رکيو ويو. هن هوٽل جي کولڻ کان پوءِ ڪجهه سالن بعد هڪ ٻئي هوٽل مارڊر نالي ڪنهن يورپين عورت کولي، پر ان ۾ صرف اهي يورپين اچي رهندا هئا جيڪي فرمن ۾ ڪم ڪندا هئا يا فرمن لاءِ آرڊر وٺڻ لاءِ انگلينڊ کان هت مختصر وقت لاءِ ايندا هئا. اها هوٽل هڪ قسم جي فيملي هوٽل هئي. جنهن اسٽائل جون هوٽلون اڄ به انگلينڊ ۾ جام آهن. جن ۾ رهندڙ مسافرن کي پيئنگ گيسٽ (Paying gest) چيو ويندو آهي.
انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪنئين ڪم سرانجام ڏنا ۽ ڪنئين سرڪيولر جاري ڪيا پر انهن مان مکيه نوٽيفڪيشن هي هئا. سرڪيولر ليٽر نمبر (1825 of the 6 sept 1851) ڪمشنر سنڌ طرفان جاري ڪيل سڀني سول ملازمن جي سربراهن کي حڪم ڪيو ته سڀ سرڪاري ملازم سنڌي ٻوليءَ جو لازمي امتحان پاس ڪن.
ٻيو آفيس ليٽر نمبر 433 تاريخ (25 May 1857) ڪمشنر سنڌ طرفان حڪم جاري ڪري سنڌ جي سڀني ڪليڪٽرن کي حڪم ڪيل آهي. ته اڄ کان سنڌي ٻولي کي سڀني کاتن ۾ سواءِ جاگيرن جي کاتي جي سڀ لکپڙهه صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي ڪئي وڃي ۽ سنڌي اڄ کان سنڌ جي لئنگويج آف رڪارڊ مقرر ڪجي ٿي. (ڏسو صفحو 63 ڪئٽلاگ آف پري ميونٽي رڪارڊس) ۽ ائين انهيءَ حڪم جاري ٿيڻ سان سڄي سنڌ جي سرڪاري ۽ اسڪولي زبان صرف ۽ صرف سنڌي ٿي وئي ۽ سندس اها حيثيت پاڪستان ٺهڻ تائين قائم هئي. پوءِ اردو جو هندستان مان هت اچڻ ۽ انگريزن جي جڳهه تي پهرين مهاجر ۽ پوءِ پنجابين جو ملڪ تي حاڪم ٿيڻ سان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي اها حيثيت ختم ڪئي ويئي. ان ڪتاب جي صفحي 361 تي ڪمشنر سنڌ جو پگهار لکيل آهي. جيڪو ان وقت يعني 1848ع ۾ ٻاونجاهه هزار روپيا ساليانو مقرر ڪيو ويو هو ۽ ٽوئر دوران کيس روزاني جي حساب سان ڏهه روپيا ملندا هئا.
جيئن جيئن بابا جي طبيعت ٺيڪ ٿيندي وئي تيئن تيئن بابا تان ڊاڪٽرن جا قانون گهٽجندا ويا. بابا هاڻ اخبارن سان گڏ رسالا به پڙهڻ لڳو. بابا اخبارن ۾ ڊان ۽ هڪ سنڌي اخبار پڙهندو هو ۽ رسالن ۾ مهراڻ ۽ نئين زندگي، پوءِ سهڻي ۽ روح رهاڻ به وٺندو هو. انگريزي رسالن ۾ ٽائيم، ريڊرس ڊائجيسٽ ۽ لائيف مئگزين پاڻ سڄي زندگي باقاعدگي سان آخر تائين پڙهندو هو.
ڊاڪٽر عبدالرحيم پراچا بابا کي هر روز ڏسڻ ايندو هو. ان وقت ڊاڪٽرن وٽ جديد علاج ۽ دل جي بيماريءَ بابت ايتري ڄاڻ ڪانه هئي، جيتري اڄ آهي. اڄڪلهه ته ڪي وارن جا هر مرض تي جدا جدا ڇپيل ڪتاب وٺي پڙهي مرض بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪري گهڻن خطرن کان پاڻ کي بچائي سگهجي ٿو. جيڪي توهان کي ڪراچي جي سڀني مکيه انگريزي ڪتاب گهرن تي ملندا. هاڻ ته ڪتابن سان گڏ هر مرض بابت انٽرنيٽ تي مڪمل معلومات ۽ پل پل جي نئين تحقيق دستياب آهي پر ڳالهه آهي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي جنهن کان اسان بلڪل پري آهيون.
ماڻهو سيڪس جون دوائون کائڻ لاءِ ته تيار آهي پر ان تي به ماڻهو ڪتاب پڙهي معلومات حاصل ڪري لطف اندوز ٿيڻ لاءِ يا ان کي سڄي زندگي برقرار رکڻ لاءِ تيار ناهي.
انگريزي ۾ چوڻي آهي ته ”هر ماڻهو بهشت ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي پر مرڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونهي، مطلب ته بهشت ۾ ماڻهو مرڻ کان پوءِ ئي ويندو. اڄڪلهه جي جديد ميڊيڪل سائنس جو چوڻ آهي ته دل جي بيماريءَ جا ننڍا ننڍا ته ڪنئين سبب آهن پر مکيه سبب صرف هي آهن يعني:
1- هاءِ بلڊپريشر
2- هاءِ شگر
3- هاءِ ڪوليسٽرول
4- هاءِ ڊرنڪنگ
5- هاءِ اوبيسٽي يعني (گهڻي ٿولهه)
6- سگريٽ جو استعمال
انهيءَ سان گڏ ننڍا ننڍا سبب به ڪنئين آهن پر مکيه سبب اهي آهن. مون کي منهنجي ڊاڪٽر ائين ٻڌايو آهي، باقي موروثي بيماريون سي ته ماڻهوءَ جي پنهنجي وس ۾ به ڪونهي. ان سبب لاءِ ڊاڪٽر يا ڪوبه ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي. چون ٿا ته اڳتي هلي ائين ٿيندو جو ماڻهو جي (Seman) مان موروثي بيماريءَ جا جزا ختم ڪري پوءِ ٻار پيدا ڪيا ويندا. خبر ناهي ته اهو پنهنجي زندگي ۾ ممڪن ٿيندو به يا نه. سائنسدان چون ٿا ته ڌرتيءَ کي ويجهي ۾ ويجهي ستاري تائين پهچڻ لاءِ اڃان اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پنجاسي هزار سال لڳندا. پر سائنسدانن جا سائنسي ايجادن جي باري ۾ خود سندن تجربا به ڏاڍا دلچسپ آهن. مثال 1878ع ۾ پئرس جي هڪ عالمي سائنسي نمائش ۾ هڪ برطانوي پروفيسر لائيٽ جي بلب کي پهريون دفعو ٻرندي ڏسي مٿس مسخري ڪندي چيو ته هن نمائش ختم ٿيڻ کان پوءِ هن بلب ۾ ٻرندڙ روشني به هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي، يا جڏهن ٽيليفون ايجاد ٿيڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون هيون ته ڪن سائنسدانن جو خيال هو ته تارن ذريعي آواز هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه پهچائڻ ناممڪن آهي.
1897ع ۾ هڪ برطانوي سائنسدان چيو ته دنيا ۾ ريڊيي جو ڪوبه مستقبل ڪونهي. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ آمريڪا جي سائنسي ايجادات جي ڪمشنر ايڇ ڊوئيل آمريڪن صدر مڪنلي کي ليٽر لکي چيو ته جيڪي به ايجادون ٿيڻيون هيون سي ٿي چڪيون هاڻ هن آفيس کولڻ جو ڪو ضرور ڪونهي. پر صرف آمريڪا ۾ 1899ع کان پوءِ اڄ تائين آمريڪا حڪومت چئين لکن کان به وڌيڪ پيٽنٽ جي منظوري ڏئي چڪي آهي.
(ڏسو اڳوڻي آمريڪي صدر نڪسن جو ڪتاب Victory without war). سرسلطان محمد آغا خان پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو ته دنيا جي مشهور سائنسدانن مون کي چيو ته هوائي جهاز جو ايجاد ٿيڻ ناممڪن آهي. پر اڄ مون وٽ به پنهنجو ذاتي هوائي جهاز آهي.
بابا مون کي سندس ملڻ وارن دوستن ۽ سندن ٻارن سان گڏ ڇڏيندو هو ته کين چوندو هو ته عبدالحئي کي ڪراچي گهمائي اچو. سول اسپتال ته بندر روڊ تي آهي ۽ صدر به بند روڊ جي ويجهو آهي. ان ڪري ان وقت جي ڪراچي جا ويجها علائقا ئي گهمبا هئا. ڪي اهڙيون جڳهيون به هيون جن جو اڄ وجود ئي ڪونهي. يا ڪي اهڙيون جڳهيون ۽ ماڳ مڪان آهن. جيڪي گهڻو پوءِ ٺهيا. مثلا: اڄ جيڪو سول اسپتال جو نقشو آهي اهو 1958ع ۾ ان کان بلڪل مختلف هو. اهڙيءَ طرح بندر روڊ تي ان وقت ٽرام هلندي هئي جيڪا اڄ ڪانهي، بندر روڊ جي ڪيترين پراڻين جڳهين تي اڄڪلهه ڏهه ڏهه ماڙ وڏيون وڏيون جڳهيون ٺهي ويون آهن. جن جو ان وقت وجود ئي ڪونه هو. شهر جا سٺا سٺا سئنيما گهر ان وقت بندر روڊ تي هوندا هئا ۽ 1965ع جي جنگ کان اڳ هندستاني فلمن جي نمائش تي پاڪستان ۾ ڪابه بندش ڪانه هوندي هئي. تنهن ڪري هندستاني فلمون پاڪستان ۾ هر وڏي ننڍي شهر جي سئنيمائن ۾ ڏيکاريون وينديون هيون ان ڪري ڏاڍي رش هوندي هئي. پر سئنيمائن تي اڄ نه آهن اهي فلمون ۽ نه آهن اهي بندر روڊ تي سئنيمائون. بندر روڊ تي هن وقت جي مقابلي ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بس هلندي هئي، نه ته سڄو بندر روڊ بسن جي دونهين ۽ ماڻهن جي رش کان سواءِ صاف سٿرو ۽ وڻندڙ لڳندو هو. هينئر ته رش دوران بندر روڊ ڪراس ڪندي ئي موت جو منظر ياد اچيو وڃي. صدر وارو سڄو علائقو ڪراچيءَ جو مرڪز هوندو هو. جت ڊسڪو ڪلبون، بارون، سئنيمائون، بهترين هوٽلون، سهڻا سپر اسٽور، ڪتابن جا دڪان، ٻاهرين ملڪن جي سامان جا دُڪان، جنهن ۾ ڪپڙو واچون ۽ هار سينگار جو سامان رکيل هوندو هو. جڏهن ولي عهد اردن ۽ ثروت جي شادي ٿي ته اردن جي بادشاهه شاهه حسين ۽ سندس فيمليءَ صدر مان شاديءَ جي خريداري ڪئي، نه لنڊن يا آمريڪا مان. اها هئي ان وقت ڪراچي، شهر جا معززين غيرملڪي سفارتڪار ۽ ملڪ ملڪ جا سياح هزارن جي تعداد ۾ صدر ۾ توهان کي شاپنگ ڪندي نظر ايندا هئا.