3
اسان جو گهر مسجد شريف جي بلڪل سامهون هئڻ ڪري اسان ننڍپڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نماز به پڙهندا هئاسين پر روزا باقاعدگيءَ سان رکبا هئا. رمضان شريف جي مهيني ۾ گهر ۾ بلڪل ڪنهن به قسم جو رڌپچاءُ ڪونه ٿيندو هو. گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ ڪنهن سبب ڪري روزو نه رکيو پر پوءِ به کيس کاڌي لاءِ ڪجهه به ڪونه ملندو هو. لِڪَ ڇپ ۾ ڪو پڪوڙو، سموسو مليو يا نه. ورنه بي روزاتي کي به روزاتي جهڙي بُک برداشت ڪرڻي پوندو هئي ۽ کيس سڄو ڏينهن پاڻيءَ تي گذارو ڪرڻو پوندو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي مون ۽ محمد رحيم سيف روزو ڪونه رکيو هو ۽ ماستر نعمت جي جڳهه تي ڪا کائڻ جي شيءِ ٽانڊي تي گرم ڪئي سين ته اُن ٽانڊي جي دونهين کي ڏسي پاڙي جا ماڻهو اچي اسان کي ڇنڊ ڪڍي ويا. ته واهه ميان واهه! رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ توهان اهڙا پيا ڪم ڪريو. اسان ڏاڍي شرافت ۽ سواءِ ڪنهن سوال جواب جي ٽانڊي ۾ پاڻي وجهي وسائي ڇڏيو ۽ وري ڪڏهن به ائين نه ڪيوسين. انهن ماڻهن ۾ مرحوم اسماعيل خالق ڏنو پليجو به شامل هو. جيڪو اسان کي هميشه انبن جي موسم ۾ پنهنجي انبن جي تغاريءَ ڀري گهر ڏئي ويندو هو. ان جي وفات کي به ڪئين سال ٿي ويا آهن. پر جڏهن به انبن جي موسم ايندي آهي ته الائي ڇو مون کي خودبخود اسماعيل خالق ڏنو ياد اچي ويندو آهي. ڪيڏي ننڍي ڳالهه پر ڪيڏي وڏي يادگيري، شاهه سائين جو بيت آهي ته:
ڪچن وڏا پانڌ، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
واقعي ڪي ڳالهيون ۽ واقعا زندگيءَ ڀر ڪونه وسرندا آهن. نه ته اسان جي باغ تان جيڪي انب ايندا آهن تن ۾ هزارن ۾ نه ته به سون جي تعداد ۾ ته ضرور سڄي سيزن ۾ خراب ٿيندا هوندا پر اسماعيل جا ڏنل پنجويهه انب اڃا تائين ڪونه ٿا وسرن.
ننڍپڻ ۾ روزا، نماز، تهجد، روزن رکڻ لاءِ جاڳڻ ۽ روزي کولڻ مهل روزاتن لاءِ گهران ماني، فروٽ ۽ شربت پهچائڻ ۽ ثواب ڪمائڻ جو شوق هوندو هو. ڇو ته اسان وٽ ثواب پڻ هڪ نفعي وارو عمل آهي. جنهن سان ثواب به ڪمائجي ٿو، معنيٰ ته ثواب به هڪ منافعي وارو ڌنڌو آهي نه ڪي الله جو حڪم يعني الله جي عبادت ۾ به واپار ۽ ڪمائي واري سوچ موجود آهي.
بابا سائين انقلابي ۽ سيڪيولر خيالن جو ماڻهو هو، سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”جئين ڏٺو آهه مون“ ڇپرائڻ عيوض مٿس سائين جي ايم سيد سان گڏ مُلن ڪُفر جي فتويٰ ڪڍي ان جي برعڪس منهنجو پڙڏاڏو ارباب نورمحمد پليجو هڪ ديني عالم ٿي گذريو. جنهن پنهنجي سموري ديني تعليم مخدوم نوح رحمة الله عليه هالن واري جي مدرسي مان حاصل ڪئي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي اُت رهيو ۽ پڙهيو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري اچڻ کان پوءِ شادي ڪيائين. سندس پهرين گهرواري اسان جي خاندان مان ۽ ٻي گهرواري سال مڪان جي دَلَ برادريءَ مان ڪيائين. پاڻ تعليم مڪمل ڪري جڏهن ٻني آيو تڏهن اسان جي گهر اڳيان وڏي جامع مسجد ٺهرايائين. ان ۾ ديني تعليم لاءِ مدرسو قائم ڪيائين ۽ انهيءَ کي مستقل هلائڻ لاءِ سال مڪان جي وڏي عالم مولوي حاجي محمد سليمان شوري کي ٻني آندائين ۽ ان کي رهائش لاءِ پنهنجي اوطاق ڏنائين. انهيءَ ۾ هينئر ميان عبدالشڪور قاضيءَ جو گهر آهي.
بابا عيد نماز کانسواءِ نماز ڪڏهن ڪڏهن پڙهندو هو پر جڏهن نجف علي شاهه جهانيا پوٽن وارو ٻني ۾ ايندو هو ته پوءِ انهن ڏينهن ۾ مولوي محمد يوسف ٻني وارو، مولوي محمد راهوٽ وارو ۽ ٻيا مولوي تراويح نماز کان پوءِ اسان جي اوطاق ۾ اچي بابا سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. جيڪا گهڻو ڪري سڄي رات هلندي رهندي هئي. وڏا چوندا هئا ته وڏي ڏاڏي ارباب نورمحمد جي زمين ٻاويهه سَؤ ايڪڙ هئي پر ٽن نسلن ۾ اها گهٽجي وڃي ٻه سؤ ايڪڙ رهي. بابا سائين جي وفات وقت سؤ ايڪڙ منهنجي گهرواريءَ جي نالي، پنجاهه ايڪڙ مير نصير جي نالي ۽ پنجاهه ايڪڙ بابا سائين جي نالي زمين هئي جيڪا سندس وفات کان پوءِ سندس وارثن ۾ ورهائي وئي ۽ ڪجهه وڪيل هئي. منهنجي نالي به ديهه ڪوتڪيه ۾ هڪ سَؤ سترهن ايڪڙ زمين کڻت ٿيل هئي پر اها قسطن نه پيارڻ ڪري ڪئنسل ٿي وئي هئي. اها پوءِ مون بابا سائين جي وفات کان پوءِ قسطون پياري بحال ۽ آباد ڪرائي. اسان جي علائقي جي ڳوٺن ۽ ماڻهن جو ذڪر پهريائين تاريخ جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ ۾ نظر اچي ٿو. جنهن ۾ ٻني جو ته ذڪر ڪونهي پر ٻني جي ڀرسان راهوٽ ڳوٺ جو ۽ ان ڳوٺ جي هڪ بزرگ مخدوم صدرالدين راهوٺيءَ جو ذڪر ملي ٿو. (ڏسو صفحو 430) ۽ پليجار پرڳڻي جو به ذڪر ملي ٿو ته پليجار پرڳڻي جا حاڪم ٺٽي جي سيدن کي ستر کراڙ اَن ڏيندا هئا ان جو تحفته الڪرام ۾ هنيئن ذڪر آهي ته:
”ميان نورمحمد 1155هه سال ۾ سيد عبداللطيف بن سيد عبدالمجيد کي پليجار پرڳڻي تي ستر کراڙ سارين جي سَنَدَ لکي ڏني. جيڪا پوءِ به وارثن کي ملندي رهي. آخر ۾ اها سند مير علي شير قانع جي والده کي ملي ڇو ته مير علي شير قانع جو نرينو اولاد ڪونه هو.“
ٻيو ته تحفته الڪرام جي صفحي 449 تي پليجار پرڳڻي جي ڳوٺ ۽ بزرگن جو ذڪر ملي ٿو. صفحي 453 تي شاهه فتو ”جنهن کي هاڻ شاهه فتح محمد جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي.“ جو ذڪر آهي ڌٻو ڳوٺ بابت لکيل آهي ته اهو پليجار پرڳڻي جو ڳوٺ هو. جيڪو لڳي ٿو ته ڇورائي پليجن ۽ ريلائي پليجن ضلعو حيدرآباد جي ڳوٺن ويجهو ڪٿ ڳوٺ هو ۽ اهو سڄو علائقو ٻڌڪا ٽڪر جي اردگرد وارو علائقو آهي. جنهن بابت ”چچ نامو“ جي صفحي 473 تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي اضافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته: 179/ (132) اشبهار: فارسي متن جي فاضل ايڊيٽر جي خيالن ۾ اهو قلعو نيرون ڪوٽ سيوهڻ جي وچ ۾ هو.
(ڏسو فارسي ايڊيشن ص 162حاشيه ص 132)
مگر اهو صحيح نه آهي. محمد بن قاسم ديبل فتح ڪرڻ بعد نيرون ڪوٽ فتح ڪيو ۽ ان بعد سيوهڻ ڏانهن روانيو ٿيو ۽ سيوهڻ ۽ ٻڌيه جي فتوحات بعد موٽي نيرون ڪوٽ آيو انهيءَ دوران ۾ بلاذري جي فتح البادان خواهه فتحنامي ۾ اشبهار جي فتح جو ڪوبه ذڪر ڪونهي. جنهن جي بنياد تي چئجي ته اهو قلعو نيرون ڪوٽ ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ هو. هن قلعي تي محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ کان ڏکڻ لاڙ طرف مهراڻ ٽپڻ لاءِ ويندي وقت چڙهائي ڪئي. اشبهار جي نالي ۾ بهار جي پڇاڙيءَ مان ظاهر آهي ته هن قلعي ۾ به ڪو ٻڌ ڌرم جو مندر هو. ٽنڊو محمد خان لڳ ٻڌ جا ٽڪر اهڃاڻ ڏين ٿا ته غالباً هي قلعو انهيءَ ايراضيءَ ۾ هو.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صفحو 473)
منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته ٻني جو آڳاٽو نالو ڌٻو هو ۽ اهو ٻڌڪا ٽڪر جي ڀرپاسي ڪٿ آباد هو. وڏن جو چوڻ آهي ته هي ستون ٻنون آهي ڊاڪٽر جيمس برنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ جيڪو هن 1828ع ڌاري لکيو. تنهن ۾ جيڪو ٻني جو نقشو چٽيو آهي سو به هينئر واري ٻني سان نٿو ملي. مثال هو صفحي 34 تي لکي ٿو ته:
”ٻني کان ٿورو مٿي سنڌونديءَ مان هڪ عاليشان نهر نڪتل آهي جا نهايت تجمل سان ڪلاڪ ۾ ٽن ميلن جي رفتار سان تيز وهي ٿي. ان جو سڄو پيٽ هر وقت ٻيڙين سان ڀريل رهي ٿو.“
موجوده ٻني مٿان هڪ ننڍو واهه لنڊي نالي وهندو هو جنهن ۾ ته ٻيڙي هلڻ يا بيهڻ جي گنجائش به ڪانه هوندي هئي. البت وري به هينئر ڳوٺ ريل مولچند جي ڀرسان جت هينئر به پليجن جا ڳوٺ ۽ ٻنيون آهن. ات مولچند نالي واقعي هڪ وڏو واهه درياءَ مان نڪرندو هو جت ايتريون ٻيڙيون بيهڻ جي گنجائش هئي ۽ اڄ جي ٻني ڀرسان پراڻي پيڃاريءَ جو مُنهن به وڃيو اُت دنگ ڪري جنهن کي ٻني جا ماڻهو اڄ ڪوري ٿا چون. پراڻي زماني ۾ درياءَ کي بند ڪونه هوندا هئا ۽ پنهنجي مرضيءَ سان وَهڻ ڪري جيڪا به سندس اڳيان شيءِ ايندي هئي. تنهن کي درياءَ لٽي ڇڏيندو هو. جنهن جو مثال ”موهن جو دڙو“ آهي. جنهن جي کوٽائي ڪرڻ سان شهرن مٿان شهر پوريل نظر ٿا اچن ۽ هت به درياءَ صدين کان وهندو نظر ٿو اچي ۽ ڪيترا ڀيرا هت به کوٽائي سان ڪئين تاريخي شيون هٿ آيون آهن. جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي صفحي 82 ۾ ملي ٿو ته:
”جهرڪن جي سامهون درياءَ جي ٻي ڀر واري ٽڪر کي ‘ٻڌن جا ٽڪر’ يا ٻڌڪا ٽڪر چيو ويندو آهي. انهن آثارن جي نالي مان ظاهر آهي ته هي ٻُڌ دؤر جي يادگار آهي.“
انهيءَ آثارن جو ذڪر ڪندي ‘مسٽر ڪارٽر’ ٻه ننڍڙا دڙا ڳولي لڌا هئا. جن جي سرن جي مقدار ۽ ڊول مٿاڇري جي ڪم آندل رنگ، ڪاريگريءَ ۽ لکت کي جاچيندي کيس ٻُڌ ڌرم جي ٻن راجائن جا نالا ڏسڻ ۾ آيا جي ساڳئي زماني ۾ يمني راجا ڪَنشڪ جي زماني ٿي گذريا آهن. اهي حاڪم ۽ اهي نشان ميرپورخاص واري دڙي جي زماني جا هئا. موجوده وقت هن ٽڪر تان اهڙيون سرون هٿ اچن ٿيون. جن تي ‘ٻڌ ديوتا’ جي تصوير چٽيل هوندي آهي. ساڳئي ڪتاب ‘لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ’ جي صفحي 83 تي پليجن جي قبرستان جو ذڪر ٿيل آهي. اهو قبرستان ٻني جي سامهون درياءَ جي هن پار قائم آهي. جنهن جو ذڪر ‘مسٽر ڪارٽر’ ڪيو آهي ۽ بدر ابڙي سنڌوءَ جو سفر ۾ به ڪيو آهي.
الانا صاحب لکيو آهي ته:
”اُت قبرستان ۾ ست رانڪون آهن جن ۾ هڪ رانڪ انور بيگ پليجي جي آهي. جيڪو اسان جو ڏاڏو هو. “
سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سان“ جي صفحي 451 تي بابا ارباب نورمحمد پليجو جو احوال لکندي پليجن ۽ اسان جو شجرو هينئن بيان ڪيو آهي.
هڪڙي شجري مطابق سماٽ جي سڀ کان وڏن ڏاڏن جا نالا جکرو ۽ جادم هئا. جادم ”يادو“ لفظ مان بدليل آهي جنهن جو چوڏهين پشت تي سمون نالي سان ماڻهو پيدا ٿيو جنهن جي مُک پٽن مان هڪ جو نالو جھام ڪاک هو ان جي پٽ جھام رائدان (يا راءِ ڌن- راڌڻ- راڌو) جي اولاد مان پليجا شمار ڪيا وڃن ٿا.
معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهي اصل ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف کان سنڌ ۾ آيل آهن. هن وقت اهي ٺٽي ضلعي ۾ گهڻي تعداد ۾ ۽ خيرپور، حيدرآباد، دادو ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾ ٿوري تعداد ۾ رهن ٿا. هنن سڀني گڏجي ارباب نورمحمد کي پنهنجو پڳدار يا صدر مقرر ڪيو آهي. نورمحمد جي وڏن جا نالا هيٺيئن طرح معلوم ٿي سگهيا آهن.
”نور محمد بن عبدالحئي بن نورمحمد بن محمد جعفر بن ميرڻ بن نورمحمد بن علي انور عرف راڌو. سندن سلسلو طريقت سيد عالي عليه الرحمت شيرازي ٺٽوي جي معرفت سهروردي ٿئي ٿو. جنهن جا سنڌ ۾ مکيه مرڪز مخدوم بلاول عليه الرحمة، مخدوم نوح ۽ اُچ ۽ ملتان جا بزرگ هئا.“ (جنب گذاريم جن سين صفحو 451)
انگريز سياحن ۽ محققن ٻني جو ذڪر سنڌونديءَ ۽ پيڃاري ڦاٽ جي حوالي سان ڪيو آهي ۽ انهن جو رايو آهي ته:
”سڪندر جڏهن هندستان مان واپس روانو ٿيو ته هو درياءِ سنڌ نه پر پيڃاري ڦاٽ مان گذري سمنڊ پهتو ۽ پوءِ اتان يونان روانو ٿيو.“
ٽالمي ته پراڻي Bonis کي هينئر وارو ٻنون بيان ڪري پيش ڪيو آهي. (سنڌ هڪ عام جائزو ايڇ ٽي لئمبرڪ صفحو 459) ان کان سواءِ (سنڌ هڪ عام جائزو ايڇ ٽي لئمبرڪ ص 44)، (سنڌ جي درٻار جيمس برنس صفحو 32-33-34- 115)، (سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي ايڊرين ڊيورٽي صفحو 179) (سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو جنرل هيگ صفحو 14) ۾ ٻني ۽ پيڃاري جو ذڪر ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ٻين مؤرخن به ٻني ۽ پيڃاري بابت لکيو هجي.
ٻني جي شهر ۽ ان جي ويجهڙائي ۾ راهوٺ جي شهر ۾ ورهاڱي کان اڳ هندو وڏي تعداد ۾ رهندا هئا ٻني شهر ۾ ته مسلمانن کان به زياده گهر هندن جا هئا، جيڪي پڪن گهرن ۽ ماڙين ۾ رهندا هئا. شهر ۾ سواءِ هڪ دڪان جي، جيڪو به بازار کان ٻاهر کمون ميمڻ جو هو، باقي سڄو واپار ۽ سارين جا ٻه ڪارخانا ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ به صرف هندو هوندا هئا. شهر جي سڀني هندن جو چڱو مڙس يا مکي، ٻالچند هوندو هو، جيڪو ماڙيءَ ۾ رهندو هو. شهر ۾ هندن جا سَؤ کن گهر هوندا هئا ۽ ايترائي سندن دڪان هئا. شهر ۾ هندن جا ٻه وڏا عاليشان مندر هئا، جن جا سنڀاليندڙ هر هڪ مهراج کيمچند ۽ مهراج ڏاڙهون هئا. باقي ڪارخانيدار هر هڪ تلوڪ چند ۽ رام چند حيدرآباد جا سيٺون هئا. جيڪي ڪڏهن ڪڏهن هت ايندا هئا نه ته انهن جا منشي ڪارخانا هلائيندا هئا. ماسترن کان سواءِ ٻيا سڀ هندو ملازم ٻاهر جا هئا. هندو سرڪاري ملازمن جا نالا هن ريت هئا:
پوليس جمعدار: نارائڻ داس
رينج فاريسٽ آفيسر: ديوان بخشياڻي
ميڊيڪل آفيسر: ڊاڪٽر هوتچند، ڊاڪٽر رامچند ۽ ڊاڪٽر آسانند
سب انجنيئر: منڇاڻي
هيڊماستر: ٻڌومل
تپيدار: چنديرام
اهڙي طرح سان تعلقي آفيس بٺوري ۾ به سرڪاري ملازم گهڻو ڪري سڀ هندو هوندا هئا. شهر ۾ هندن کان سواءِ مسلمانن جا به سَؤ کن گهر هئا جنهن ۾ پليجا، ميمڻ، سُرهيا، عباسي، ڌوٻي (عباسي) لوهار (سما) مڱڻهار، کٽي، خاصخيلي، شورا، عمراڻي، ڪنڀار، پاتڻي، موچي، ميربحر (جن کي بائيداڻي سڏبو هو) ۽ شيدي رهندا هئا. هندن جي وڃڻ کان پوءِ شهر ۾ ڪيترا ٻاهريان ماڻهو به اچي رهڻ لڳا. هندن جا اڄ به شهر ۾ ڏهاڪو کن گهر آهن پر اهي سڀ ورهاڱي کان پوءِ اچي شهر ۾ عارضي طور تي آباد ٿيا آهن. جن جا ويهه کن دڪان شهر ۾ ٿيندا.
مون ورهاڱي کان پوءِ هندن جا جيڪي گهر ڏٺا اهي گهڻو ڪري خالي هئا. مقامي ۽ غيرمقامي ماڻهن اچي مَٿن قبضو ڪيو هو. ورهاڱي کان پوءِ آئون ٻه ڀيرا هندستان ويس ۽ اُت بو سال ۽ جل گائون ۾ وڃي ٻني جي هندن سان مليس جن مون کي بي پناهه محبت ۽ عزت ڏني. اجنتا، الورا، اورنگ آباد پٽنا ديوي گهمايو. پاڻ مون سان واعدو ڪيائون ته اسان هڪ ڀيرو ٻني ضرور اينداسين. خاص ڪري ڪُندن مل ته پاڻ ٻني اچڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر کيس ويزا ڪانه ملي. ڪُندن جو هڪ دوست دادا گوبند پنجابي هندستان مان سنڌ آيو ته ٻني به آيو. انهيءَ سفر جو احوال اڳتي ايندو.
هندستان مان اچي مون ديس بديس نالي هندستان جو سفرنامو لکيو جيڪو سنڌ ۾ ٻه ڀيرا ۽ هندستان ۾ هڪ ڀيرو ٽيڪواڻي ٽرسٽ وارن ڇپايو. ڏاڍو قرب ۽ پيار هو منهنجي ٻني جي هندن ۾، ڪندن ۽ ٻني جي ٻين دوستن به مون کي هندستان وڃڻ کان اڳ ڪئين خط لکيا. هڪ خط مان توهان هنن جي سڪ پيار ۽ محبت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. مون ٻني جا هندو هندستان ۾ وڃي ڏٺا پر هو پاڻ وري ڪڏهن به سنڌو- سنڌ ۽ ٻنون ڏسي ڪين سگهيا. شل سدائين آباد هجن. پاڪستان ٺهڻ کان ترت پوءِ ٻني ۾ مهاجرن جا ٽيهه، چاليهه کن گهر اچي آباد ٿيا پر هڪ عجيب اتفاق ٿيو، جو هنن جي هت اچڻ شرط منجهن ڪا بيماري پئي ۽ سندن هڪ نه ٻي ڏينهن ڪونه ڪو ماڻهو مرڻ لڳو ۽ ائين سندن ٻن ٽن مهينن ۾ ويهه ٽيهه کن ماڻهو مري ويا. ۽ پوءِ پاڻ جلدئي ٻنون ڇڏي هليا ويا.
ورهاڱي کان پوءِ ٻٽن سالن ۾ ڪئين هندستاني ڪليم جا ڪاغذ کڻي ٻني پهچي ويا ۽ مقامي ماڻهن کي اهي ڪاغذ ڏيئي پيسا وٺي روانا ٿي ويا. ڪن ڪليم وارن اهي ڪليم ٻٽن ٻٽن ماڻهن کي وڪڻي ڏنا ۽ ڪليم خريد ڪرڻ وارا ماڻهو اڃان پيا ڪورٽن ۽ روينيو بورڊ جي آفيسن جا چڪر لڳائين. جڏهن ته ورهاڱي کي اڄ ٻاهٽ سال ٿي ويا آهن. پر هندن ورهاڱي وقت ٻنون ڇڏڻ مهل ڪنهن به ماڻهوءَ سان ڪابه چالبازي ڪانه ڪئي. جڏهن ته هو هميشه لاءِ هتان وڃي رهيا هئا. ورهاڱي وقت سڄي هندستان ۾ نفرت جا درياءَ ۽ رت جون نديون وهي ويون پر سڄي هندستان ۾ سنڌ واحد صوبو هو جت ٻنهي طرفن کان لڙڪن جون نديون وهيون. نه ته ٻنهي جو ماضي ڪو شانت سان ڪونه گذريو هو. هندن جي ڇڏيل ملڪيت ۾ تلوڪ چند وارو سارين جو ڪارخانو سيٺ سليمان کي ڪليم ۾ مليو ۽ زمينون وڏي تعداد ۾ اُم سڪينه کي ڪليم ۾ مليون. ۽ ٻه سؤ کن ايڪڙ عبدالعزيز کي ملي جيڪي سڀ زمينون وڪڻي ٻني مان هميشه لاءِ هليا ويا. باقي هندن جا گهر ۽ دڪان 1960ع ۾ عام نيلام ٿيا جيڪي سڀ ٻني شهر جي ۽ اردگرد جي ماڻهن ئي خريد ڪيا. اڄ سٺ سالن کان پوءِ به هڪ به مهاجر ٻنون ته ٺهيو پر سڄي تعلقي بٺوري ۾ توهان کي نظر ڪونه ايندو. سواءِ هڪ ٻه گهرن جي، جيڪي بٺوري ۾ آباد آهن. هاڻ بٺوري تعلقي جي دريا خان سوهو يونين ڪائونسل ۾ ڪراچيءَ جي هڪ پنجابي فيملي پنج ڇهه ملون هنيون آهن. جنهن ۾ الڪوهل، چڪ بورڊ، پلاسٽڪ جون ٻوريون، شگرمل، ايئرڪنڊيشن پلانٽ ۽ موٽر پلانٽ شامل آهن. تنهن ته ٺٽي ضلعي ۾ هڪ ننڍو پنجاب ٺاهي ڇڏيو آهي، جتي تقريباً سڀ ملازم پنجابي آهن. سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌين جي، سي به صرف نمائش خاطر رکيا ويا آهن جئين قسم کڻڻ جهڙا ٿين ته اسان وٽ سنڌي ملازم به آهن. سيٺ کي سندس ملازم وقار دڙي ۾ موچڙا به هنيا.
اسان جي ڳوٺ ٻني ۾ پنجاهه سٺ سالن کان هڪ پوليس اسٽيشن قائم آهي. اهڙي پوليس اسٽيشن جهڙيون تعلقي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ قائم آهن. ٻني جي ڀرسان دڙو ٻني کان پنجوڻو وڏو شهر آهي پر اتي به صدر ٿاڻو يا مڪمل پوليس اسٽيشن سال 2002ع ۾ قائم ٿي آهي. مون کي خبر ناهي ته هيڏو وڏو ٿاڻو هيڏي ننڍي شهر ۾ انگريزن جهڙي عقلمند قوم ڪئين قائم ڪيو ۽ کين ڪهڙي ضرورت محسوس ٿي جو غريب مسڪين ڳوٺاڻن مٿان هيڏي وڏي مصيبت نازل ڪري ڇڏيائون. مون کي پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪوبه پوليس جو اهڙو واقعو يا ڪارنامون ياد ڪونهي جنهن تي پوليس فخر ڪري سگهي.
ٻه ڀيرا شهر اندر ڌاڙيل اچي ٻه ماڻهو قتل ڪري ويا جنهن ۾ هڪ ميربحرن جو نوجوان ڇوڪرو محمد علي ۽ ٻيو قتل عباسين جي جوان ٻچڙيوال عورت جو هو پر پوليس ڪجهه ڪونه ڪيو. محمد علي جي قتل وقت ته پوليس ڌاڙيلن جو ٻڌي شهر مان ڀڄي وڃي ٿاڻي اندر گيٽ کي تالو هڻي ويهي رهي. عباسين جي عورت جي قتل واري واقعي ۾ مون خود ٿاڻي وارن کي فون ڪري چيو ته جي توهان واردات تي اچڻ ۾ دير ڪئي ته آئون ايس پي کي ٿو فون ڪري چوان. پوءِ پوليس ته آئي پر تيستائين ڌاڙيل واردات ڪري روانا ٿي چڪا هئا. اسان جي ڳوٺ ۾ پوليس جو ڪردار پڻ سڄي سنڌ جي پوليس جهڙو آهي. پنهنجي پنجهٺ سالن جي عمر ۾ مون اکين هنن پوليس کي ڇا ڪندي نه ڏٺو ان مان هڪ نه وسرندڙ واقعو توهان کي به ٻڌايان ٿو.
شايد هي سٺ جي اوائل جي ڳالهه آهي ان وقت ٻني ۾ برني نالي هڪ پنجابي ايس ايڇ او هوندو هو. ٿيو هينئن جو ڪنهن ماڻهوءَ ٿاڻي تي اچي شڪايت ڪئي ته منهنجي پٽ سان گلو ميربحر زوري ڪئي آهي. ۽ برني عراق جي ابو غريب جيل وانگيان پنهنجي اسٽاف کي حڪم ڏنو ته هن کي اگهاڙو ڪري هن جي ضروري حاجت واري جڳهه ۾ ڪاٺي وجهو ۽ انهيءَ ڪارروائي دوران هن جي جان مان ايترو ته رت وهيو جو هو غريب مسڪين اُهي سور نه سهي ترت مري ويو. نه داد نه فرياد! هڪ انسان جو قتل سڄي انسانيت جي قتل برابر آهي.
مون کي لنڊن ۾ هڪ دوست ٻڌايو ته هت ماڻهو پوليس جي خلاف نه پر پوليس ماڻهن جي خلاف بالا آفيسرن وٽ شڪايت ڪندي آهي ته هي هي ماڻهو يا گروهه ڊيوٽي دوران يا نجي زندگيءَ ۾ اسان کي تنگ ڪندا آهن ۽ پوليس جي شڪايت جو کاتي ۾ باقاعده هڪ سيل قائم آهي. جنهن جي هر سال سالياني رپورٽ جاري ڪئي ويندي آهي ۽ اهڙيون رپورٽون اخبارن ۽ رسالن ۾ به شايع ڪندا آهن.
اسان به ننڍپڻ کان هيستائين اهو سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي رهيا آهيون. سواءِ صوبيدار جي بدليءَ جي ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهيون. هڪ ماڻهو هن سڄي سسٽم ۾ ڇا ٿو ڪري سگهي. جڏهن ته ان ڏس ۾ ملڪ جون سياسي پارٽيون يا هيومن رائيٽس وارا به ڪجهه ڪونه ڪري سگهيا آهن. عام ماڻهو ته ٺهيو پر مون پوليس اڳيان ڪيترا پوليس جا وڏا آفيسر به بيوس ڏٺا. ان جا ڪيئن مثال آهن، پر ڪيترا مثال ڏئي ڪيترا ڏجن.
شهيد ڀٽو جو دؤر حڪومت اهڙو دؤر هو جو سڄي نوڪر شاهي سان گڏ پوليس کي به ڪي قدر لغام مليو. مون کي پنهنجي سڄي زندگي ۾ صرف هڪ ڀيرو محترمه ڀٽو جي دؤر حڪومت ۾ حيدرآباد قلعي آپريشن دوران پوليس جو ڪردار وڻيو. شيخ اياز پنهنجي لکڻين ۾ ٿاڻي کي گهاڻي سان تشبيح ڏني آهي. پوليس جي هيڏين ڪوتاهين هوندي به آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پوليس کي درست ڪجي نه ڪي ان کي ختم ڪجي ڇو ته سنڌي صدين کان غلام قوم رهي آهي ۽ اڄ به آهي. سو جيڪڏهن کين ٿوري به ڇوٽ ملي ۽ پوليس جو ڌاٻو ختم ٿيو ته جيڪر هڪ ٻي جون اکيون به ڪڍي ڇڏين.
جڏهن سر چارلس نپيئر حيدرآباد قلعي ۾ سنڌ جو ستن اڇين ۽ ڳاڙهين پٽين وارو جهنڊو لاهي يونين جيڪ وارو جهنڊو ڦرڪايو هو ۽ سنڌ کي ايسٽ انڊيا ڪمپني بهادر جي راڄ سان ملائي ميرن جا فرسوده ۽ کل جهڙا قانون ختم ڪيا جنهن ۾ چورن ۽ ڏوهارين کي ڏاڙهي مُڇون ڪوڙي يا ڪاراٺ سان مُنهن ڪارا ڪرڻ ۽ ٻروچن کي پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ جو قانوني حق (ڏسو سورلي جو گزيٽر صفحو 707) کي ختم ڪري جديد طرز تي سڄي حڪومت قائم ڪئي جنهن ۾ پوليس به اچي وڃي ٿي.
انگريزن ڪلهوڙن ۽ ميرن جي گادي واري شهر حيدرآباد کي الوداع چئي ڪراچي کي پنهنجي گادي وارو شهر ٺاهيو جنهن پاڻ 1839ع کان ريئر ائڊمرل فريڊرڪ ميٽل جي ڪمانڊ هيٺ بحري فوج ذريعي اڳ ئي قبضو ڪري چڪا هئا. نيپئر ڪراچي پهچي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر پريڊي کان سندس بنگلو خالي ڪرائي پاڻ ان ۾ رهيو. پوليس ۽ جيلن جو گڏي هڪ کاتو ٺاهيو ويو جيڪو فوج جي ماتحت ڪم ڪرڻ لڳو. جنهن جو سربراهه ليفٽيننٽ مارسٽن کي مقرر ڪيو ويو، جنهن مياڻي جي جنگ ۾ نيپئر جي زندگي بچائي هئي. 1865ع ۾ پوليس ملٽري جي ڪنٽرول مان ڪڍي ڪمشنر جي ماتحت ڪئي وئي. 1905ع ۾ ڊي آءِ جي مقرر ڪري سڄو پوليس ڪنٽرول انهيءَ حوالي ڪيو ويو. انهيءَ دوران انگريزن جي جيلن ۾ هي قيدي هئا.
جيل ۾ سزا مليل قيدي 1262
ڪيس هلندڙ قيدي 147
۽ جنگي قيدين جو تعداد 176 هو.
1847ع ۾ سڄي سنڌ اندر ٻاويهه سؤ ڏهه (2210) پوليس نفري هئي. جنهن ۾ اٺ سؤ ٽيهه (830) گهوڙي سوار هئا. 1843ع ۾ سڄي سنڌ جي آدم شماري ٻارهن لک چوهتر هزار ست سؤ ٻٽيهه (1274732) هئي. ۽ وري 1921ع ۾ اها وڌي ٻٽيهه لک اوڻاسي هزار ٽي سو ستهتر (3279377) ٿي وئي. خيرپور رياست جي آدمشماري انهيءَ کان علاوه هئي. ان وقت سنڌ صوبي ۾ ڏوهن جو انگ نو هزار ستيتاليهه (9047) هو. جيڪو سڄي هندستان جي صوبن کان زياد هو. (ڏسو سورلي جو گزيٽئر صفحو 712)
حُر تحريڪ ڪري سانگهڙ ۾ پوليس ٽريننگ اسڪول قائم ڪيو ويو. پر پوءِ پاڪستان بعد 1953ع ۾ سانگهڙ کي ضلعي هيڊڪوارٽر بڻايو ويو ته پوليس ٽريننگ اسڪول کي اتان شفت ڪري شهدادپور ۾ قائم ڪيو ويو. جيڪو هاڻ پوليس ٽريننگ اسڪول نه پر ڪاليج آهي.
آئون ٻني ٿاڻي جي احوال سان پوليس جي سنڌ ۾ تاريخ لکي ويس. خير ان بهاني گهٽ ۾ گهٽ پوليس وارن کي ته ڪجهه ڄاڻ ملندي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته: ”چور جي گهر پٽ ڄائو ته صوبيدار مٺائي ورهائي“ پر هاڻ سنڌ ۾ چورن نه پر ڌاڙيلن جو راڄ آهي. جيڪي پوليس جي ڪنٽرول کان به زور آهن. ماڻهو اغوا ڪريو، ڪي ٽي اين وارن کي پيا انٽرويو ڏين ۽ پوليس ان سڄي عمل کان ڪوهون پري آهي. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي. ڪي ٽي اين وارن ته ڌاڙيلن کي پهرين ٻي ۽ ٽي آڪٽوبر ٻه هزار چار تي هر روز خبرنامي ۾ چار پنج ڀيرا ڏيکاريو ويو.
پوليس، ڌاڙيل، چور، پاٿاريدار اهو به ته زندگيءَ جو حصو آهي. سو انهيءَ جو به احوال ٿيڻ گهرجي. ٿاڻن تي اهڙا ئي ماڻهو ويندا، نه ڪي ابراهيم جويي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر الانا ۽ شيخ اياز جهڙا.
ميرن جي حڪومت ختم ٿي ۽ انگريز حاڪم ٿيا جن اسان کي علم ۽ سائنس جي ڄاڻ ڏني. سنڌ ۾ صدين کان پارسي ٻولي سرڪاري ٻولي هئي. جيڪا ختم ڪري انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي طور رائج ڪيو. جنهن سان اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي شروع ٿي. جيڪا اڄ يونيورسٽي ليول يا ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ڪري سڄي دنيا ۾ پڙهي وڃي ٿي. موهن جي دڙي جي دريافت ڪري اسان کي بين الاقوامي شهرت ۽ سڃاڻپ ملي. اسان وٽ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ قاعدي قانون جي حاڪميت ٿي، ملڪ ۾ چونڊيل عيوضي حاڪم ٿيا ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه ٿيو. پر انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اڄ تائين جيڪو ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي يعني درياءِ تي ڊئم سنڌ اندر سنڌي اقليت ۾، صوبي جو گورنر، آءِ جي، ڪور ڪمانڊر، چيف جسٽس، ڪراچي پورٽ جو سربراهه سنڌ ۾ سڀني بئنڪن جا سربراه، چيف سيڪريٽري، محتسب اعليٰ، سينيئر ميمبر روينيو بورڊ، ائڊووڪيٽ جنرل ......... پر جي سنڌ ۽ هندستان تي انگريز قبضو نه ڪن ها ته اڄ سنڌ جي اها صورتحال ڪانه هجي ها. اسان ڪيترا به غير ترقي يافته هجون ها پر غلام هرگز نه هجون ها.
ورهاڱي کان پوءِ اڄ اسان سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون. سڄي هندستان ۾ (565) رياستون ۽ (20) صوبا هئا. جن ۾ پنجاب ۽ بنگال ٻن ٽڪرن ۾ ورهايا ويا ۽ سڄي هندستان ۾ خون خرابا ٿيا پر اسان ڪابه خوني هولي ڪانه کيڏي، توهان سڄي هندستان تي نظر ڊوڙايو ته توهان کي سنڌين جهڙي مظلوم قوم ڪابه نظر ڪانه ايندي. هر ايندڙ ڏينهن سنڌي قوم کي ڏکوئيندڙ نظر اچي رهيو آهي. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان اندر پنجابين، مهاجرن ۽ پٺاڻن جي ڄڻ لاٽري نڪتي آهي سڄي ملڪ جي روزگار جا موقعا ڄڻ هنن لاءِ آهن.