آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)

هي ڪتاب ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي آتم ڪھاڻي جو ٻيو جلد آهي.
”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ ڪتاب ۾ عبدالحئي پليجو صاحب پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي مئٽرڪ تائين جي زندگي جو سربستو احوال لکيو آھي. هي ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)

2

درياءَ ۾ جڏهن ٻيڙين جي آمدرفت ۽ شهرن سان واپار هلندڙ هو. تڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍا دلچسپ واقعا به ٿيندا هئا. گهر ۾ منهنجي ڏاڏي خديجه صبح جو سوير اُٿي پهرين نماز پڙهي مصلحي تي تسبيح پڙهي پوءِ ڪم ڪار ۾ لڳي ويندي هئي. اسان سج اڀري کان اڳ ننڍ مان اٿندا هئاسين. گهر ۾ هڪ وڏو صفحو، پاسن کان ٻه ڪمرا، تن اڳيان ورانڊو، ورانڊي جي اترطرف هڪ ڪمرو وهنجڻ ۽ پاڻيءَ لاءِ، ڏکڻ طرف به ڪمرو، انهيءَ کان ٻاهر هڪ تمام وڏي لانڍي، جنهن ۾ رڌپچاءُ به ٿيندو هو ۽ ماني به اُت کائبي هئي. سرديءَ ۾ گهر اندر ۽ گرميءَ ۾ ٻاهر اڱڻ تي سمهڻ ٿيندو هو. پر گرمي ۽ سرديءَ کان سواءِ ، برسات ۾ به انهيءَ لانڍيءَ ۾ سمهبو هو. گهر ۾ بتيون ٻرنديون هيون ۽ ٻن ڪلاڪن لاءِ پئٽرومڪس جنهن کي گولو به چئبو هو سو ٻرندو هو. پر جي مهمان هوندا هئا ته رات دير تائين هڪ نه پر ٻه گولا ٻرندا هئا. سياري ۾ به انهيءَ لانڍيءَ جي وچ ۾ آڳٺي ٻاري چؤطرف ويهبو هو. سمهڻ کان اڳ ڏاڏي سياري ۾ هٿ پير سيڪي پوءَ هنڌ تي سمهاري سوڙ مٿان وجهي پوءِ وڃي پاڻ سمهندي هئي. کاڌي ۾ صبح جو ماني، مکڻ ماکي لسي ۽ بابا بيضو به کائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به بيضو ملندو هو. ٻنپهرن جو گهڻو ڪري مڇي پلو ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت جو ٻوڙ هوندو هو. صرف بابا لاءِ اضافي هڪ ٻوڙ سبزيءَ جو ٺهندو هو. رات جو گهڻو ڪري اهائي ٻوڙ ۽ چانور ٺهندا هئا. پر مون حيدرآباد پڙهڻ کان اڳ ڪڏهن به رات جي ماني ڪانه کاڌي، صرف وٽو کير جو پي سمهي رهندو هوس. باقي ناشتو ۽ ٻنپهرن جي ماني کائيندو هوس. برسات ۾ ڏاڏي مٺو ڀت به ٺاهيندي هئي. مٺو ڀت ڳڙ ۾ ٺهندو هو. برسات جي موسم ۾ شهر جا ٻار سڄي شهر ۾ ڪارڙو ڪنڀارڙو، اَن پاڻي ڏي، مينهڙو وسي، ڳائي گهر گهر مان اَن وٺي پوءِ اهو بازار ۾ وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا. ننڍپڻ ۾ آئون گهڻو ڪري طبيعتاً اڪيلائي پسند هوس پر گهر اڳيان ٻارن سان بلورن يا اٽي ڏڪر راند ڪُڏندو هوس.
ٻنون شهر ڪنهن ماهر جي نقشي ۽ رٿابندي سان ٺهيل آهي جنهن ۾ سرڪاري آفيسون هڪ طرف ته رهائشي علائقو ٻي طرف ۽ وچ ۾ بازار هوندي هئي. ٻنون شهر جون گهٽيون بلڪل سڌيون هونديون هيون. گهٽيون جت هڪ ٻئي سان گڏبيون هيون ته هڪ چوڪ ٺهي پوندو هو. يعني چئن رستن جو وچ، جت پري تائين نظر پوندي هئي. رات جو روشنيءَ لاءِ شمعدان هوندا هئا جن جي هر روز صفائي ٿيندي هئي ۽ گاسليٽ وڌو ويندو هو. شهر جي اولهه ۾ اسڪول، اوڀر ۾ رائيس مِل، اولهه ۾ ٿاڻو، ڏکڻ ۾ ٻيلي وارن جون آفيسون، اسپتال چاوڙي ۽ ٽڪاڻو جنهن ۾ وڏي واءِ هوندي هئي. اتر ۾ پيڃاري جت سدائين جام ٻيڙيون بيٺيون هونديون هيون، شهر جي وچ ۾ بازار، جنهن ۾ دُڪان ۽ هوٽلون هونديون هيون. دڪانن جي اڳيان پِڙيون هونديون هيون. حيدرآباد کان وايا ملاڪاتيار هڪ بس هلندي هئي. جيڪا ٻني کان دڙو، ٻيلو ۽ سجاول تائين ويندي هئي. بس ملاڪاتيار جي قمبر علي شاهه نالي سيد جي هئي. بس جي باڊي ڪاٺ جي هوندي هئي. بس هئنڊل هڻي پوءِ اسٽارٽ ڪئي ويندي هئي. بس جو ڪنڊيڪٽر جکو ميگهواڙ هوندو هو. آئون جڏهن ڪجهه وقت لاءِ سجاول پڙهڻ ويس ته ان بس ۾ چڙهي سجاول ويندو هوس. بس وارا مون کان ڀاڙو ڪونه وٺندا هئا. اڳ خاص ماڻهن جي چڙهڻ لاءِ گهوڙا هوندا هئا. بابا به دڙي، بٺوري ۾ ڪا ميٽنگ ٿيندي هئي ته گهوڙي تي ويندو هو. دڙو ٻني کان يارنهن ميل ۽ بٺورو سترهن ميل پنڌ تي آهن. بابا 1961ع ۾ وليس جيپ ورتي، جڏهن آئون انهيءَ وقت جي حساب سان پنجون انگريزي پڙهندو هوس. بابا اها جيپ اُن وقت جي اسسٽنٽ انجنيئر کان ٽن هزارن ۾ ورتي ۽ مٿس ٻارهن سؤ خرچ ڪيائين ته صفا نئين ٿي پئي جيڪا پوءِ اسان وٽ سالن جا سال هلي. ڪافي وقت کان پوءِ بابا اها جيپ وڪڻي ڪار ورتي جيڪا مورس ڪمپنيءَ جي هئي. مون خود 1976ع ۾ ٽريڪٽر خريد ڪيو جيڪو سورهن هزار ٻه سؤ رپين ۾ مليو. ۽ اڄ يعني سيپٽمبر 2009ع ۾ ٽريڪٽر جو گوبل به ستر هزار رپين ۾ ٿو ملي.
راند ڪرڻ لاءِ اسان وٽ تمام ٿورو وقت هوندو هو. ڇو ته انهيءَ زماني ۾ شام جو وقت به اسڪول ۾ پڙهائي ٿيندي هئي. رات جو وقت وري سانجهيءَ ۽ سومهڻيءَ جي نماز جي وچ ۾ باقاعدي قرآن شريف پڙهايو ويندو هو ۽ رات جو سوير سمهڻ جي عادت هوندي هئي. اسان جو گهر شهر جي جامع مسجد جي بلڪل سامهون آهي، تنهن ڪري مسجد مان گهر تائين پهچڻ ۾ ڪابه دير ڪانه لڳندي هئي. ائين کير جو وٽو پي سمهي رهبو هو ۽ وري صبح سوير اُٿبو هو. منهنجيون ٻه وڏيون ڀيڻون هيون پر اهي مون کا نوَ ڏهه سال وڏيون هيون ۽ منهنجا ڀائر مون کان پنج سال پوءِ ڄاوا جيڪي اڃان ننڍا هئڻ ڪري مون سان راند ڪرڻ جيڏا ڪونه هئا مون کي ياد ٿو پوي ته شايد پهرين محمد رحيم (سيف) ۽ پوءِ منهنجي مامي شمس الدين جيڪو منهنجو هم عمر هو ۽ پوءِ محمد ميربحر سان منهنجي سنگت يا راندروند جي شروعات ٿي. جيڪا پوءِ ڪافي وقت هلي، محمد ميربحر ته مرحوم ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو. هر ڳالهه جي هڪ عمر ٿيندي آهي، مون ڏٺو آهي ته عمر جي آخري حصي ۾ يعني سٺ کان پوءِ (آئون هينئر ڇاهٺ سالن جو آهيان.) ماڻهو پنهنجي فيملي ۽ ٻارن تائين محدود ٿيو وڃي صرف چند مائٽن يا دوستن سان ئي ميل ملاقات رهي ٿي. خاص ڪري لکڻ پڙهڻ واري ماڻهوءَ جي ته پوءِ سنگت صرف ڪتابن تائين محدود ٿيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو سياست ۾ آهن تن کي نه چاهيندي به ماڻهن سان رابطو رکڻو ٿو پوي، ڇو ته اها انهن جي ضرورت آهي.
صبح سوير وهنجي سَهنجي تيار ٿي اسڪول وڃبو هو. منهنجي ڏاڏي مون کي چوندي هئي ته ننڍپڻ ۾ تون وهنجڻ مهل ڀڄي گهٽين ۾ هليو ويندو هئين اسين پيا توکي سڏ ڪندا هئاسين. پوءِ تيار ٿي اسڪول وڃبو هو. انهيءَ وقت اسڪول ۾ ڪتاب ٿورا کڻي وڃبا هئا. هينئر ته پهرئين درجي جي ٻار کي به وڏو ٿيلهو پُٺن تي هوندو آهي. جنهن جي بار سان ٻار گهڻو ڪري جهڪي ويندو آهي. پر اسان جي وقت ۾ تمام ٿورا ڪتاب هوندا هئا. اسڪول وڃڻ مهل يا هر روز گهڻي خرچي ملندي هئي. اهو ياد ڪونهي، پر جڏهن کان ياد ٿو پوي ته شايد اٺ آنا خرچي ملندي هئي اُن مان ڇا خريد ڪبو هو. سو به ياد ڪونهي. اسڪول ۾ هينئر وانگر گهورئيڙا يا شين وڪڻڻ وارا ڪونه ايندا هئا. اسڪول کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ بازار مان ڪا شيءِ وٺي يڪدم گهر اچبو هو. بازار وڃڻ کي انهيءَ وقت سٺو ڪونه سمجهيو ويندو هو. انهيءَ وقت ڪنهن ماڻهوءَ کي هيٺانهون ڏيکارڻو هوندو هو ته چئبو هو ته هي ته ڪو بازاري ماڻهو آهي ۽ رات جو ڪڏهن ڪڏهن بازار وڃبو هو. جڏهن ريڊيو تي فرمائش ايندي هئي يا ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بهاني طور، نه ته گهر ۾ ريڊيو هوندو هو جيڪو موٽر بيٽريءَ تي هلندو هو ۽ وڻ يا ڇت تي ڪاٺي ٻڌي اُن تي وائر لڳائي ريڊيو سان ڳنڍبو هو ۽ هيٺ به ريڊيو مان وائر ڇڪي زمين ۾ لڳائبو هو جنهن کي ارٿ چئبو هو. ان وقت ريڊيا اڄ جي ٽي وي سائيز جا هوندا هئا. جيڪي مرفي ۽ فلپس ڪمپنين جا هوندا هئا. جن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ جام ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. خاص ڪري رات جو بابا سائين گهڻو ڪري انگريزي خبرون، انگريزي پروگرام، ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪي ميوزڪ ٻڌندو هو. جن کي ٻڌڻ اسان جي وس کان ٻاهر هو. باقي ان وقت کان بي بي سي ٻڌڻ جي عادت اڃان تائين ڪانه وئي آهي. گهڻو ڪري صرف ماسٽر ڪمپنيءَ جا فونوگرام ۽ رڪارڊ هوندا هئا. بابا جڏهن به ڪراچيءَ مان ايندو هو ته ٻه ٽي رڪارڊ وٺي ايندو هو انهيءَ زماني ۾ گوهر جان ۽ امير جان پاني پت واري جا گانا ڏاڍا مشهور ٿيا. (79ع ڌاري بابا سڀ رڪارڊ سنڌالاجي وارن کي ڏيئي ڇڏيا.) جيڪي ڏاڍي شوق سان ٻڌندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن آيل مهمانن کان سواءِ هتي اهي گانا ۽ پروگرام ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونه هوندو هو. فونو يا ريڊيو گهر ۾ نه پر اوطاق ۾ رکيل هوندا هئا. جيڪا گهر جي ڀرسان هوندي هئي ۽ تقريباً اسان جي گهر جيڏي ئي هوندي هئي. انهيءَ ۾ ٻه ڪمرا، وچ ۾ وڏو ڊرائينگ روم جنهن ۾ انگلش اسٽائل جو فرنيچر پيل هوندو هو. جيڪو ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ وقت آمريڪا جي ڪراچيءَ ۾ جنرل ”هند“ جي استعمال هيٺ آيل سامان هو. جيڪو پوءِ بابا خريد ڪيو، اهو مون کي بابا سائين ٻڌايو. شيشم جي پيتيءَ تي به اهوئي نالو لکيل آهي جيڪا اڄ به اسان وٽ محفوظ آهي. پيتيءَ سان گڏ ٻه بيڊروم لاءِ ٻه عدد اسپرنگ سان ڪوچ ۽ الماري به اڃان موجود آهن. باقي ٻيو فرنيچر ختم ٿي ويو. اوطاق جي وچئين ڪمري ۾ ڪروما پلاٽيڊ ٻه صوفا سيٽ ۽ ڊائينگ ٽيبل پيل هئا. ڀر وارن ٻن ڪمرن مان هڪ ۾ بابا جي لائبريري هوندي هئي. چئن (4) ڪٻٽن ۾ گهڻو ڪري سڀ انگريزي ڪتاب هوندا هئا. ٻيو ڪمرو بيڊ روم طور استعمال ٿيندو هو. ٻاهر وڏو اڱڻ هوندو هو ۽ اوطاق جي پُٺيان پارڪ هوندو هو جنهن ۾ شام جو بابا ۽ سندس دوست ويهندا هئا. شام جو چانهه اوطاق ۾ پئبي هئي ۽ صبح جو گهر. گهر ۾ صرف ٻه ڀيرا چانهه ٺهندي هئي. اوطاق اڳيان هڪ تمام وڏو نم جو وڻ هوندو هو جيڪو اڄ به موجود آهي. ان نم جي بابت مون کان ماسٽر چندر ممبئي ۾ ، ۽ جمال ابڙي وفات کان ٿورو اڳ ڪراچيءَ ۾ پُڇيو هو. ٻني ۾ ان وقت والي بال راند هر روز ۽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملاکڙو لڳندو هو. آئون به والي بال ۽ ملاکڙي ۾ حصو وٺندو هوس، پوءِ جڏهن سنڌ لا ڪاليج جي يونين ۾ آيس ته ٻين راندين سان گڏ مَلهه کي به ڪاليج ليول تائين شامل ڪرايم، پر مون کان پوءِ اهو سلسلو ڪاليج مان ختم ٿي ويو. گهر جو خرچ گهڻو ڪري بابا خود ڪندو هو پر جڏهن پاڻ ڪراچي حيدرآباد يا ٺٽي ويندو هو ته گهرجي خرچ لاءِ پهرئين ڏاڏي کي ۽ پوءِ جڏهن آئون وڏو ٿيس ته پئسا مون کي ڏيو ويندو هو. جيڪي صرف پنج روپيا هوندا هئا. اها ڳالهه پنجاهه جي ڏهاڪي جي آهي. جڏهن ڊالر پنج رپين جو هو.
محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ (Daughter of the East) پورب ڄائي ۾ لکيو آهي ته بابا جڏهن وزير خارجه هو ۽ بابا اَمان پرڏيهي دؤري تي ويندا هئا ته مون کي گهرجي خرچ لاءِ ويهه روپيا ڏئي ويندا هئا. انهيءَ وقت به آمريڪن ڊالر ڇهه، ستن روپين جو هو. بينظير اها ڳالهه سٺ جي ڏهاڪي جي ڪئي اهي. اهو سستائي جو دؤر هو ۽ ضرورتون به گهٽ هيون، ٻه ٽي وڳا ڪپڙن جا، سادي ماني جنهن ۾ هڪ قسم جو ٻوڙ هوندو هو، پئٽرول، ڊيزل ۽ ڪيميائي ڀاڻ جي لعنت اڃان ماڻهن جي زندگيءَ ۾ داخل ڪانه ٿي هئي. تعليم مفت هئي، ڪتاب، ڪپڙو ۽ دوائون بلڪل سستا هئا. هينئر ته ڪراچي ۾ او ليول ۽ اي ليول جي اسڪولن ۾ هڪ ٻار جي في هڪ مهيني جي پنجن ستن هزارن کان گهٽ ڪانهي ۽ ويهه ويهه هزار ڊپازٽ جدا ڏيڻو پوي ٿو انهيءَ وقت ۾ ڪارون، جيپون، هيئنر ٻارن جي هڪ مهيني جي ٽيوشن فيءَ کان به گهٽ قيمت ۾ ملنديون هيون.
اهي شهر يا ڳوٺ جيڪي دريا جي لڳ آباد هئا. انهن تي ته الله جا خاص ڪرم هوندا هئا. يعني مڇي، پلو، گانگٽ بلڪل سَستا ۽ درياءَ جي ڪپرن تي وڏا ٻيلا، جن ۾ ماکيون، کنئور، لاک، کنڀيون رڌپچاءَ لاءِ ڪاٺيون، گهر ٺاهڻ لاءِ وڏو عمارتي ڪاٺ ۽ درياءَ جي ڪپرن سان چيڪي مٽي، جيڪا عورتون ۽ مرد مٿن تي کڻي اچي گَنبَ جا گهر ٺاهين ۽ ان مٽيءَ سان ڊَڀ ملائي ڇتين، ڀتين ۽ پٽن کي راڳو ڏيندا هئا. ٻيلن مان مال جو چارو بلڪل مفت ملي ويندو هو جنهن ڪري هر ماڻهوءَ جي گهر ۾ هڪ يا ٻه ڦر مال جا ۽ ڪن وٽ ته مال جا ڌڻ جا ڌڻ ٿيندا هئا. دنيا جون قديم تهذيبون هزارن سالن کان درياهن جي ڪپرن تي آباد نظر اچن ٿيون. دنيا جي قديم ترين تهذيب يعني اسان جي پنهنجي تهذيب ۽ ورثو موئن جو دڙو پڻ درياءَ سنڌ جي ڪپرن تي آباد هو. درياءَ جي ڪنڌيءَ تي هئڻ ڪري ٻيڙين وسيلي ٽرانسپورٽ جي سهولت به هڪ تمام وڏي سهولت ۽ نعمت آهي. انهيءَ سفر جي ڪري ئي ماڻهن جو هڪ ٻئي سان ميلاپ وڌيو ۽ مختلف قبيلن جون هڪ ٻئي سان مٽيون مائٽيون ٿيڻ لڳيون. جنهن ڪري دنيا هڪ فيملي ٿي پئي.
ٻنون به درياءَ جي ڪنڌيءَ تي هئڻ ڪري انهن سڀني نعمتن سان نوازيل هو ۽ آهي جنهن ڪري ٻني جا رهاڪو به هميشه سُڪاريل رهيا آهن. انهن سڀني سهولتن ۽ آسائشن سان گڏ ڪجهه نقصان به هئا ۽ آهن. مثلاً دريائن جي ڪپن تي جيڪي به شهر آباد آهن انهن ۾ ڌُوڙ، مٽي اتي جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏو آزار آهي. ٻيو ٻوڏن جو خطرو جنهن کان ٻني کي ته رب پاڪ محفوظ رکيو آهي. پر هاڻ درياءَ سنڌ تي ڊئم ۽ بئراجن ٺهڻ ڪري. دريائن مان پاڻي ئي موڪلائي ويو آهي. سو ٻوڏن وارو خطرو به هميشه لاءِ ختم ٿي ويو آهي. درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي وڏا ٻيلا سدائين ڌاڙيلن جو مرڪز رهيا آهن ۽ ٻنون به اُن ڌاڙيل فئڪٽر کان محفوظ رهي نه سگهيو آهي. ٻني ۾ پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ ڦل ماڇي نالي هڪ مشهور ڌاڙيل پيدا ٿيو جنهن تي فلم به ٺهيل آهي. اَسي جي ڏهاڪي ۾ وڏي واڌ آئي. هڪ اهڙو به زمانو آيو جو ٻني جي ويجهو کڏي ۽ ويران ٻيلو ڪراچي، دادو ۽ حيدرآباد جي ڌاڙيلن جو هڪ وڏو مرڪز ۽ منڊي ٿي پيو جت ماڻهو اغوا ٿي اچي وڪبا هئا. پر جنرل ڪرامت ۽ ڊي پي او، اي ڊي خواجه انهن کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو جنهن لاءِ واقعي اُهي کيرون لهڻن. ڪن پوليس وارن جا ته ڌاڙيلن سان واسطا به رهيا ۽ پاڻ مُخبر ٿي انهن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳا پر اهو هيٺين ليول تي ٿيو، سوجت درياءَ جي ڪنڌين ته رهڻ وارن کي ڪيترا فائدا آهن ته وري اهڙن امڪان جو به هميشه خطرو رهندو آهي.
ٻهراڙيءَ جي زندگي سدائين خاموش ۽ سانت واري ٿيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اليڪشن، عيد ڏهاڙن يا ڪنهن حاجيءَ جو حج تان اچڻ ڪري يا بابا سائينءَ طرفان ڪنهن ڪانفرنس يا ورسي ملهائڻ ڪري ٻني ۽ اردگرد جي ماحول ۾ چرپر اچي ويندي هئي. مثلاً: شهر جو ڪو ماڻهو حج تان واپس ايندو هو ته شهر جا ماڻهو وڏو سرگس ۽ مولودن سان کيس شهر مان گشت ڪرائي اچي سندس گهر ڀيڙو ڪندا هئا. پوءِ شهر ۽ ڀرپاسي جا سوين ماڻهو هر روز کيس مبارڪون ڏيڻ لاءِ ايندا هئا. ات وري هر ماڻهوءَ کي پيالي ۾ آب زم زم ۽ ڪجهه کجور ڏني ويندي هئي. پوءِ ڪي ماڻهو ويٺي ويٺي ته ڪي اُٿي بيهي ڪعبي شريف ڏانهن مُنهن ڪري آب زم زم پيئندا هئا ۽ رب پاڪ جا شڪر بجا آڻيندا هئا. حاجي ڪن ڪن ماڻهن لاءِ قيمي سوکڙيون به حج مان آڻيندا هئا. مرحوم حاجي ارباب محمد سومار دَلَ سال مڪان واري منهنجي لاءِ حج مان قيمتي واچ روليڪس آندي پوءِ رب پاڪ مونکي، منهنجي گهرواري ۽ ٻن پُٽن نور محمد ۽ فرخ کي به حج بيت الله جو ديدار ڪريو. (حضرت محمد ﷺ جو به چوڻ آهي ماڻهو هڪ ٻي کي تحفا ڏيندا ڪن.)
عيد تي ته واقعي سڄي ڳوٺ ۾ عيد ٿي ويندي هئي. عيد رات سڄو شهر کليو پيو هوندو هو ۽ اسان به نون ڪپڙن کڻڻ بهاني درزيءَ وٽ ڪافي دير تائين ويٺا هوندا هئاسين. گهڻو ڪري نوان ڪپڙا سبرائي استري ڪرائي پوءِ گهر ايندا هئاسين.
عيد ڏهاڙي وهنجي سِهنجي نوان ڪپڙا پائي، وارن کي مٺو تيل هڻي اکين ۾ سرمون وجهي ٻه وڏيون سفيد چادرون کڻي بابا سائينءَ سان گڏ عيدگاهه ۾ وڏين ٽالين جي هيٺان عيد نماز پڙهي پوءِ ڳوٺ وارن سان عيد ملي ڀرسان ئي قبرستان ۾ پنهنجي مائٽن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهي قل پڙهي، پوءِ بازار جو چڪر هڻي اوطاق تي اچبو هو، جت سَوَن جي تعداد ۾ شهر ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو بابا سان عيد ملڻ لاءِ ايندا هئا.
بابا گهڻو ڪري عيد جي ڏينهن ٻن پهرن جو عيد ملن پارٽي ڪندو هو. جنهن ۾ شهر جا مُک ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. عيد جي ڏينهن شام جو شهر ۾ گهڻو ڪري ملاکڙو ۽ ڪوڏي ڪوڏيءَ جو مقابلو ٿيندو هو. جنهن ۾ سڄي سنڌ جا وڏا وڏا ملهه ۽ ڪوڏي ڪوڏيءَ جا رانديگر حصو وٺندا هئا. انهن کي ماڻهو دل کولي داد ڏيندا هئا ۽ پئسا به گهور ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن عيد جي ٻي رات اسان جي اوطاق ۾ راڳ جي محفل ٿيندي هئي جنهن ۾ بابا جي پسند جا راڳي مرحوم استاد محمد ابراهيم، مرحوم استاد منظور علي خان ۽ مراد فقير خاص طرح سان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان ايندا هئا، اهي مون خود ٻڌا. جڏهن آئون پهريون دفعو هندستان ويس ته ماسٽر چندر مون کي ٻڌايو ته آئون ۽ بسنت به توهان جي اوطاق ۾ نم جي هيٺان محفل ڪري ويا آهيون. مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته ورهاڱو مون کي بلڪل ياد ڪونهي. عيد ڏهاڙي بابا ۽ ڏاڏيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيئن مائٽ ۽ بابا جا دوست خرچيون ڏيندا هئا. مون کي ان وقت بشير احمد شاهه جيڪو شايد رينج فاريسٽ آفيسر هو، تنهن سؤ رپيا خرچي ڏني جيڪا مون کي اڃان تائين ياد آهي ڇو ته پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ سؤ روپيا وڏي ڳالهه هئا. بشير احمد شاهه مرحوم نوڪريءَ جي شروعات ٻني مان فاريسٽ گارڊ طور ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ ئي کاتي جو وزير ٿيو، ماڻهو سچ چون ٿا ته:
“خدا جب دیتا ہے،چھپڑ پھاڑ کے دیتا ہے”
ننڍي عمر ۾ ايترن پئسن اچڻ ڪري اصل رنگ لڳي ويندا هئا. پر عيد جي ختم ٿيڻ ۾ به دير ئي ڪانه لڳندي هئي. هونئن به انسان جي فطرت آهي ته کيس خوشيون ئي ياد رهنديون آهن ۽ ڏک وسري ويندا آهن ان ڪري ماڻهوءَ کي هميشه گذريل وقت سهڻو لڳندو آهي ۽ پنهنجون يادون ٻڌائيندي ڍاپجندو ئي ڪونهي. ائين اسان کي به ننڍي هوندي جون گهاريل عيديون وسرن ئي ڪونه ٿيون. خدا جو فرمان آهي ته: ”مون غريب امير کي خوشيون غم برابر ڏنا آهن.“ ٻار کي ننڍي هوندي ڪنهن پيار ڪيو، خرچي ڏني يا گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مار ڪڍي سا ڪڏهن به وسرندي ڪانهي. پر سچ پچ ته مون کي نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ اسان جي هڪ استاد ورياڻيءَ جي مار کان سواءِ ٻي ڪا به اهڙي مار يا گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارو واقعو ياد ڪونهي.
ورياڻي هڪ هندو استاد هو سندس گهر مسواڙ تي نورمحمد هاءِ اسڪول جي پٺيان ۽ سول اسپتال جي اولهه طرف ماڙيءَ تي هوندو هو. پاڻ ٻارن کي ٽيوشن به ڏيندو هو پر ڪنهن آسودن مائٽن جي ٻار جي کائنس ٽيوشن نه ورتي ته تيستائين اُن ٻار کي ماريندو ۽ بيعزت ڪندو رهندو هو جيستائين وڃي وٽس ٽيوشن شروع ڪري. ٽيوشن شروع ڪرڻ کان پوءِ سندس رويو بلڪل مختلف ٿي ويندو هو. پوءِ مار ته ٺهيو اُلٽو انهيءَ شاگرد جي خوشامد ڪندو رهندو هو ۽ پوءِ سندس گهر جا دروازا ڏينهن رات انهيءَ شاگرد لاءِ کليا پيا هوندا هئا. اهڙي ڪريل ذهنيت جو استاد مون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪونه ڏٺو.
پرائمري اسڪول ۾ سائين نورمحمد سومرو ۽ سائين صالح نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ سائين بالادي ڪنهن سبب ڪري سزا ڏيندا هئا. پر ان ۾ لالچ يا ٽيوشن جو ڪوبه عمل ڪونه هوندو هو ۽ نه ئي ڪڏهن اسان دل ۾ ڪيو يا محسوس ڪيو.
عيد رات ۽ ٻي رات دير تائين عورتن جو گهر ۾ ، ۽ مردن جو اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو تنهن ڪري ڪافي دير تائين گولو به ٻرندو رهندو هو. عيد جي پهرين رات خوشيءَ ۾، ۽ ٻي رات خريد ڪيل رانديڪن سان کيڏڻ جي خوشيءَ ۾ رات جو دير سان سمهبو هو. ڪڏهن ڪڏهن جيجيءَ جا مائٽ به عيد ڏهاڙي گهر ايندا هئا. انهن سان عورتون ٻار به گڏ هوندا هئا ٻارن سان راند ڪُڏي خوشي ٿيندي هئي. عيد جي ٻي رات يا ڪنهن ملاکڙي ميلي کان پوءِ ٻني شهر ۾ رات جو شهر جي چوڪ ۾ گهڻو ڪري راڳ جي محفل ٿيندي هئي. شهر جي راڳين ۾ گلشير خاصخيلي، محمد ٽڪو، راڻي ميربحر ۽ ملهار کانسواءِ ٻاهر جا فنڪار به حصو وٺندا هئا. جنهن ۾ سکر جو رسول بخش ڀٽ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهران آيل راڳين سان ناچو ڇوڪرا به گڏ هوندا هئا. انهن مقامي وندرن کان سواءِ ٻه ٽي سال شهر ۾ پنجاب کان ٿيٽر وارا به ايندا هئا جن سان جانور، ڳائڻا، ناچو عورتون ۽ ڊرامي جا فنڪار به هوندا هئا، جيڪي راڳ، ناچ ڊراما ۽ جانورن جا ڪرتب ڏيکاريندا هئا. انهيءَ دؤر ۾ جڏهن سخت پردي جو ماحول هوندو هو ته ٻهراڙيءَ ۾ ائين ڇوڪرين کي نچندي ٽپندي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو اچيو گڏ ٿيندا هئا. اهي ٿيٽر وارا ڏينهن جا ڏينهن شهر ۾ ديرو ڄمايو ويٺا هوندا هئا، جيسين وڃي ڏسڻ واران جا پئسا پورا ٿين. پوءِ ٿيٽر وارا ٻني کان شفٽ ٿي ڪنهن ٻي شهر دڙي، بٺوري يا سونڊن هليا ويندا هئا. شهر جا شوقين ڇورا به سندن پٺيان شهر شهر پيا رلندا هئا. انهيءَ دؤر جي هڪڙي ناچڻي جنهن جو نالو فيروزه هو ڏاڍي حسين هئي. اسڪول جون موڪلون هونديون هيون ته بابا ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان گڏ حيدرآباد، ٺٽي، سجاول، بٺوري، دڙي، نورئي شريف، پليجاڻي، جنگ شاهي، لاڏيون، ٽيماڻي، باڊهه، سن ۽ مهر شاهه ۽ شاهه فتح محمد جي ميلن تي پاڻ سان گڏ وٺيو ويندو هو. اُت هو پنهنجن دوستن سان ملاقاتون ڪرائيندو هو. اسان جي اردگرد ۾ ڪي اهم واقعا به ٿيا. جيئن 1930ع ۾ منهنجي ڄمڻ کان اڳ اڄ جي ٺهيل ڇنڊڻ موريءَ کان ٿورو اولهه ۾ علي محمد پليجي جي ڪُن واري هنڌ ۽ ٻني کان چار پنج ڪلوميٽر پري، بچل گگو جي ڳوٺ وٽ ۽ انهيءَ کان ويهه ڪلوميٽر پري سورجاڻ وٽ درياءَ سنڌ جي بچاءُ بند ۾ وڏا گهارا پيا انهن ٻني ۽ ان جي آس پاس واري علائقي کي لوڏي ڇڏيو.
ڇنڊڻ موريءَ وارو گهارو ته ٻني جي مٿانهين طرف کان تمام ويجهو هو. پر ان جون صرف ڳالهيون ٻڌل آهن. ٻني ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن لاءِ ٻيو به هڪ عجيب ۽ نه وسرندڙ واقعو ٿيو. ٿيو ائين جو 1965ع واري جنگ ۾ هندستان جو هڪ جنگي هوائي جهاز ٻني کان ڏهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پر ٻني يونين ڪائونسل ۽ ٿاڻي جي حدن اندر ڳوٺ حاجي عثمان ٻانهيپوٽي جي بلڪل ڀرسان ڪري پيو. جنهن سبب سڄي ضلعي انتظاميه ۽ فوجي آفيسر بروقت پهچي ويا. جنهن کان پوءِ الائي ڪٿان ڪٿان ماڻهو انهيءَ جهاز کي ڏسڻ لاءِ اچي پهتا. آئون ۽ بابا سائين به اهو جهاز ڏسڻ وياسين. بابا سائين ٻني ۾ ڪيئن ڀيرا سياسي جلسا ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪرايون. ڪي منهنجون ڏٺل ته ڪي ٻُڌل، تن ۾ ساقي سجاولي جي وفات کان پوءِ سندس ورسيون، سائين جي ايم سيد ۽ ميران محمد شاهه جا جلسا وغيره مون پهريون ڀيرو سائين جي ايم سيد جي جلسي ۾ لائوڊ اسپيڪر ڏٺو. شايد اهو 1951ع جو سال هو. مرحوم محمد رحيم سومرو ڏگن سومرن وارو جلوس اڳيان نعرا هڻندو ويو. پٺيان ڪار ۾ بابا ۽ جي ايم سيد اچي رهيا هئا، جيڪي اچي والي بال گرائونڊ وٽ ڪار مان لٿا، وڌيڪ ڪابه يادگيري ڪانه ٿي پئي.
ان کان پوءِ محترمه مادر ملت جي اليڪشن جا ۽ ٻيا به ڪيترائي جلسا ٿيا. مادر ملت واري جلسي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي به شامل هو. ٻه لوڪل بورڊ جون اليڪشنون مون کي به ياد آهن. هڪ ۾ حاجي ٻُڍو سومرو ۽ بابا اليڪشن ۾ بيٺا، ٻئي ۾ ارباب حاجي ناٿو ميمڻ موجوده تعلقي ناظم ارباب رميز جو ڏاڏو ۽ بابا اليڪشن ۾ بيٺا. ٻئي ڀيرا بابا وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. جڏهن ته خانبهادر لغاري ۽ تر جي سڀني وڏيرن ارباب حاجي ناٿي جي مدد ڪئي. مون کي رئيس شاهنواز لغاري ٻڌايو ته منهنجي پيءُ گل محمد خان لغاريءَ ٻڌايو هو ته اليڪشن جي ڏينهن منهنجي ڪمدار کان مون قسم کڻائي پُڇيو ته تو ووٽ ڪنهن کي ڏنو ته مون کي جواب ڏنائين ته مون ووٽ ارباب نورمحمد پليجي کي ڏنو. جڏهن ته گل محمد لغاريءَ وارا ارباب ناٿي ميمڻ جي مدد ڪري رهيا هئا. اهو جواب ٻڌي بابا گهوڙي تي چڙهي ڳوٺ هليو آيو ۽ اليڪشن جي رزلٽ کان اڳ اسان کي ٻڌايائين ته پاڻ اليڪشن هارائي چڪا آهيون. انهيءَ اليڪشن ۾ رسول بخش پليجو ۽ ٻين جنگ شاهي مان وڏي تعداد ۾ پليجن اليڪشن ورڪ ۾ ٻني اچي بابا جو ورڪ ڪيو هو ۽ مون پهريون ڀيرو رسول بخش پليجي جي تقرير ٻڌي. ڪڏهن ڪڏهن ته بابا راڄ جي وڏي شاديءَ ۾ به راڳ رهاڻ سان گڏ ادبي ڪانفرنس به ڪرائي ڇڏيندو هو. اُنهن مان مون کي مرحوم وڏيري اسحاق جي شاديءَ ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنس ياد ٿي اچي.