6
مون آمريڪا جو مشهور يونيورسل اسٽوڊيو گهمي ڏٺو آهي. جت بيشمار فلمون ٺهن، انهيءَ کان سواءِ مون هالي ووڊ به سڄو گهمي ڏٺو جنهن جو ذڪر مون پنهنجي سفرنامن ۾ ڪيو آهي.
اڄڪلهه ته هالي ووڊ جي فلمن سان گڏوگڏ هندستاني فلمن جو به وڏو چرچو آهي. جيڪي هاڻ گهڻو ڪري سڄي دنيا ۾ ڏيکاريون وڃن. هندستاني ائڪٽرن جا مجسما، توهان کي هاڻ لنڊن جي مادام تساد ميوزم ۾ به نظر ايندا. انهن ۾ اميتاب بچن، ايشوريا راءِ، شاهه رخ خان ۽ سلمان خان شامل آهن. هندستاني فلمن ۾ مرد ائڪٽرن ۾ دليپ ڪمار، راجڪپور، گُرودت اميتاب بچن ۽ شاهه رخ خان وڏو نالو ماڻيو. وري عورت اداڪارائن ۾ مينا ڪماري، نرگس، وجنتي مالا، ريکا، ماڌوري ۽ ايشوريا راءِ وڏي شهرت ماڻي، هندستاني فلمون وي سي آر، وي سي پي، سي ڊي ۽ ڪيبل ذريعي ٻني کان نيويارڪ تائين شهرت جي بلندين تي پهچي ويون آهن. ان ڪري ٻهراڙين جي هوٽلن ۾ پوليس وارن جو هڪ نئون ڌنڌو شروع ٿي ويو.
هندستان جون آرٽ فلمون ته ڏاڍيون لاجواب آهن جنهن جو شيخ اياز به پنهنجي لکڻين ۾ ذڪر ڪيو آهي. آرٽ مووين ۾ پرهار، اجازت، زبيده، ناچي ميوري، مرچ مصالحا ۽ درو ڪال لاجواب فلمون هيون. هندستان ۾ به اڄڪلهه آرٽ فلمون گهٽ پيون ٺهن ۽ ڪمرشل فلمن ۾ به ساحر لڌيانوي جي اهڙن سٺن شعرن:
میں پل دو پل کا شاعر ہوں،
پل دو پل میری کہانی ہے۔
جي جاءِ تي اڄڪلهه هي بي سرا گانا پيا ڳائين.
ٹم ٹم ٹم ٹم تارا
چلتے ہے نو سو دو گیارہ
هندستاني فلم انڊسٽري ته پنهنجي جاءِ تي پر انگريزي فلمن جي ڳالهه ئي ٻي آهي، ڇا ته ٿو پيسو خرچ ٿئي ۽ ڇا ته ٿيون فلمون پئسو ڪمائين. ان دولت وسيلي آمريڪي فلمن جا ائڪٽر آمريڪا جا صدر ۽ رياستن جا گورنر ٿي ويا. انهن ۾ آمريڪي صدر ريگن ۽ آرنلڊ شيوازنگر قابل ذڪر آهن. آئون جڏهن آمريڪا ويس ته مون کي شوق ٿيو ته مائيڪل جيڪسن ۽ مئڊونا سان ملان. اها ڳالهه مون اسان جي ميزبان نظام الدين جتوئي سان ڪئي. جنهن چيو ته سائين آئون آمريڪا ۾ ڪيترن سالن کان رهيو پيو آهيان پر ساڻن ملڻ ته ٺهيو پر کين ڏسي به ڪونه سگهيو آهيان. سو توهان ڪيئن ٿا ٿوري وقت ۾ ساڻن ملي سگهو. آئون پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪافي فلم ائڪٽرن سان ائيرپورٽ تي نوڪريءَ دوران ۽ هندستان ۾ سنڌي فلمسازن سان ملي چڪو آهيان، پر مون هالي ووڊ جو ڪوبه مشهور ائڪٽر ڪونه ڏٺو هو. محمد علي ڪلي کي مون هانگ ڪانگ ائيرپورٽ تي ڏٺو هو سندس زندگيءَ تي ڪنئين فلمون ٺهي چڪيون آهن ۽ کيس صديءَ جو وڏي ۾ وڏو رانديگر جو اعزاز به ملي چڪو آهي. پر پاڻ رانديگر آهي، نه ائڪٽر.
سيٺ ٽيون مل جي بنگلي تي پهچي ماني کائي واندا ٿياسين ته مٿي ماڙيءَ تي سيٺ ٽِيون مل به آيو بابا سائين سان ڏاڍي حُب ۽ اُڪير سان مليو. ڪافي وقت مون کان خبرون چارون پڇندو رهيو پاڻ مون کي خرچي به ڏنائين. پوءِ آئون سمهي پيس پر بابا ۽ پاڻ ڪچهري ڪندا رهيا.
صبح جو سوير اُٿي هاسٽل وياسين جت هاسٽل پراڪٽر کي بابا ٻڌايو ته اسان هاسٽل سپرنٽينڊنٽ سان داخلا جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ پاڻ اسان کي توهان سان ملڻ لاءِ چيو اٿس. پاڻ اسان کان پڇيائين ته توهان جي اسڪول ۾ داخلا ٿي وئي آهي. بابا کيس ٻڌايو ته ها، ۽ پوءِ پاڻ رجسٽر ۾ منهنجو نالو لکي بابا کي فيءَ لاءِ چيائين، جيڪا ان وقت پنجويهه روپيا هئي جنهن ۾ رهائش، ٽي وقت ماني ۽ ڌوٻيءَ جي سهولت هئي. ان کان سواءِ ڪابه ائڊوانس يا سيڪيورٽي وغيره ڪونه ورتائون. بابا کيس پنجويهه روپيا ڏنا جنهنجي بروقت رسيد ڪڍي ڏنائون ۽ اسان کي چيائين ته ٽيبل ڪرسي ڇوڪري کي ملندي، کٽون هاسٽل ۾ اسان شاگردن کي اڳئي ڏيئي چڪا آهيون تنهن ڪري کٽ توهان کي وٺڻي پوندي. باقي هنڌ بسترو ته توهان ڳوٺان آندو هوندو. پراڪٽر بابا کي اهو به چيو ته هاسٽل اڄ کان ۽ اسڪول سڀاڻي کان شروع ٿيندو. هاسٽل ٻاهران ڪتابن جي دُڪان تان ڇوڪري کي ڪتاب ۽ ٻيو ضروري سامان وٺي ڏيو. 2007ع ۽ 2009ع ۾ ائين وري مون پنهنجي پٽن کي انگلينڊ جي (Warwick) وارڪ ۽ سينٽ اينڊريور بزنس اسڪولس ۾ داخلا ڪرائي پوءِ اهڙو ئي سامان ۽ ڪتاب وٺي ڏنا.
بابا مون کي ان وقت ڪتابن جي دُڪان تي وٺي آيو. جيڪو ڀرڳڙي روڊ تي هو. دُڪان جو نالو فتح برادرس هو. جيڪو دُڪان شايد اڃان موجود آهي. اهو ڪتابن جو دڪان سنڌين جو هو جنهن دڪان تان پوءِ اڪثر ڪتاب پين، مس وٺندا رهندا هئاسين.
دُڪان سامهون ايراني هوٽل هئي جنهن ته پوءِ نَوَ سال چانهه پيئندا رهندا هئاسين. آئون هاسٽل ۽ اسڪول ۾ مئي اٺونجاهه ۾ داخل ٿيو هوس. ۽ 1967ع ۾ بي اي جو امتحان ڏيئي هاسٽل ڇڏي هليو ويو هوس. پهرئين هاسٽل ۾ صرف اسڪول جا ٻار رهندا هئا. ڪاليج ٺهڻ کان پوءِ هت ڪاليج جا شاگرد به رهڻ لڳا.
بابا مون کي ڪتاب ۽ ٻيو ضروري سامان وٺي ڏنو پاڻ مون کي هاسٽل جي ڪمري ۾ ڇڏي ٽيون مل جي گهر هليو ويو ۽ پاڻ مون کي چيائين ته دل لڳائي پڙهه، آئون به تنهنجي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويو هوس، ۽ هاسٽل ۾ رهيس. بابا مون کان موڪلائي هليو ويو ۽ پاڻ مون کي چيائين ته آئون پندرهن ڏينهن کان پوءِ ايندس ۽ گرمين جي ويڪيشن تي توکي ڳوٺ وٺي هلندس. بابا مون کان موڪلائي هليو ويو. منهنجو زندگيءَ ۾ اڪيلو رهڻ جو هي پهريون تجربو هو. پر مون کي اڪيلي رهڻ جو ڪوبه احساس ڪونه ٿيو. شايد حيدرآباد شهر جي شوق ۽ نئين ماحول ۾ مون ۾ وڌيڪ اعتماد ۽ تجسس پيدا ٿيو . هڪ جيڏن هاسٽل جي ٻارن سان آئون گهڻو دير کان پوءِ رلي ملي ويس هاسٽل جي چؤگرد وڏي ديوار ڏنل هئي. جنهن اندر ٻه وڏا ڊبل اسٽوري هاسٽل بلاڪ ٻه ڊائيننگ هال، هاسٽل بلاڪن جي پويان ليٽرين ۽ وهنجڻ خانا، ڌوٻين ۽ ملازمن لاءِ ڪوارٽر ۽ هڪ تمام وڏو رڌڻو هو. وڏو بنگلو هاسٽل سپرنٽينڊنٽ لاءِ ۽ هڪ ننڍو ڪوارٽر هاسٽل پراڪٽر لاءِ هو. وڏي جامع مسجد جنهن ۾ باقاعدگيءَ سان شاگرد پنج وقت نماز ۽ شام جو قرآن شريف پڙهندا هئا. مسجد شريف ۾ باقاعدگي سان شاگردن جي حاضري ورتي ويندي هئي. نالي پڪارڻ کان پوءِ جواب ۾ هر شاگرد لبيڪ چوندو هو. اهو حاضري رجسٽر هر روز ڊائيننگ هال ۾ ويندو هو. جيڪو نماز کان غيرحاضر هوندو هو تنهن کي هڪ ويلو ماني ڪانه ملندي هئي. هاسٽل جي باني مرحوم نورمحمد جي قبر مسجد ٻاهرن ننڍڙي چوديواري ۾ ٺهيل هوندي هئي. جنهن کي ايندي ويندي شاگرد ٻُڪ کڻي دعا ڪندا هئا. انهن سڀني عمارتن جي چؤگرد وڏو ڪوٽ ۽ ڪوٽ کي لوهي دروازو جنهن تي چوويهه ڪلاڪ پٺاڻ چوڪيدار ڏنڊو کڻيو ويٺا هوندا هئا.
مون پنهنجي ڪمري ۾ ڪپڙا ڪٻٽ ۾ رکي ڪتاب ٽيبل تي رکيا. کٽ تي هنڌ وڇائي ليٽي پيس ته وچئين جي نماز جو گهنڊ وڳو هاسٽل ۾ اڳ رهندڙ شاگردن ٻڌايو ته نماز جو گهنڊ وڄي چڪو آهي. هلو ته نماز تي هلون، فجر جي نماز تي مسجد جو پيش امام سڀني شاگردن کي ننڊ مان جاڳائيندو هو. پهرئين مون سان ڪمري ۾ ڪير رهندو هو اهو مون کي ياد ڪونهي. پر پوءِ رجب ميمڻ (وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) عبدالحميد هاليپوٽو، محمد افضل راجپوت، مرحوم نجم الدين ميمڻ (چيئرمين دڙو ٽائون ڪاميٽي) مراد جوڻيجو ۽ ٻيا به ڪنئين دوست؛ ڪيترن جانالا لکجن جيڪي مون سان گڏ هاسٽل ۾ رهيا. وچيئن جي نماز پڙهي، مسجد ۽ ڊائننگ هال وچ ۾ پارڪ ۾ ويهي رهياسين. ڪي شاگرد اڪيلائي اڪيلا ته ڪي وري هڪ ٻئي سان گڏ حال احوال ونڊڻ ۾ لڳي ويا. مثلا: توهان جو نالو، توهان جي پيءُ جو نالو، ڇا ڪندا آهيو، ڪٿان آيا آهيو، هاسٽل ۾ سڄي سنڌ جا شاگرد رهندا هئا. جيڪب آباد جا کوسا، لاڙڪاڻي جا جلباڻي، سانگهڙ جا مَري، ڪراچيءَ جا سيد، دادوءَ جا ٻگهيا، ٺٽي جا سيد، ميمڻ ۽ پليجا، بدين جا ساريجا، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه جا شاگرد زياده هئا. ڇو ته اهي ضلعا حيدرآباد کي نزديڪ هئا. وچئين کان پوءِ وري سانجهي ٻانگ ملي ۽ اسان سانجهي نماز پڙهڻ لاءِ وڃي مسجد ڀيڙا ٿياسين. نماز پڙهي هاسٽل تي آياسين ۽ اچي پڙهائي کي شروع ٿياسين. هاسٽل ۾ هر روز جو پروگرام ۽ دستور هوندو هو ته صبح سوير تيار ٿي ناشتو ڪري اچي ڊائننگ هال ٻاهران بيهبو هو ۽ لائين ڪري مانيٽر جي نگرانيءَ ۾ اسڪول وڃبو هو. اسڪول ختم ٿيڻ کان پوءِ واپس هاسٽل وڃبو هو. لنچ کائي ٿورو آرام ڪري راند جي ميدان ۾ اچبو هو. جت ڪرڪيٽ، والي بال ۽ فٽ بال رانديون کيڏبيون هيون. جنهن لاءِ وسيع ميدان هوندو هو. راند کان پوءِ نماز، ماني ۽ پڙهائي وڃي رات جا ڏهه ٿيندا هئا. آخر ۾ لائيٽ آف ٿيڻ جو بيل وڄندو هو ۽ سڀ شاگرد وڃي پنهنجن ڪمرن تي آرامي ٿيندا هئا. هاسٽل سپرينٽنڊنٽ کي، جي شڪ پيو ته ڪو شاگرد هاسٽل مان غيرحاضر آهي ۽ لڪي فلم ڏسڻ ويو آهي، ته رات جو هڪ بجي تائين هو ان شاگرد جي انتظار ۾ ويٺو رهندو هو. جيسين وڃي اهو شاگرد هاسٽل پهچي. اهو شاگرد گيٽ کان آيو يا ڀت ٽپي پر بچي ڪونه سگهندو هو. کيس هاسٽل سپرنٽنڊنٽ سزا ڏئي يا ٻڌائي پوءِ وڃي بنگلي تي آرامي ٿيندو هو. اهو دستور گهڻو وقت هليو. مسلم هاسٽل ۾ ڇوڪرن لاءِ ايڏي ته سختي هوندي هئي جيڪا اڄڪلهه ڇوڪرين جي هاسٽلن ۾ به ڪانهي. رات جي ماني جو گهنڊ وڳو ته مانيٽر ٻٽن ڇوڪرن کي سڏيو جن پنهنجن پنهنجن سيٽن تان اُٿي وڌيل ماني کڻي اچي ڇوڪرن اڳيان رکي، پوءِ پاڻ ماني کاڌائون. هاسٽل لاءِ هڪ بورچي ۽ سندس مدد لاءِ ٻه ٽي ٻيا پگهاردار هوندا هئا. بورچيءَ جو نالو سونهارو هو جيڪو آخر تائين هاسٽل جو بورچي هو. پاڻ پنجابي هو، باقي ٻيو سندس سڄو اسٽاف سنڌي هو. رات جي مانيءَ ۾ دال چانور ڏنائون جنهن جو ذائقو مون کي اڃان تائين ڪونه ٿو وسري. کاڌي ۾ نيرن تي اُڦراٽو ۽ چانهه، منجهند جو گوشت جو ٻوڙ ۽ ماني ۽ رات جو دال ۽ چانور ملندا هئا. پوءِ جڏهن فرسٽ ايئر ۾ آياسين ته ٻه ميسون ٿي ويون. هڪ ڪاليج شاگردن لاءِ ۽ ٻي اسڪول شاگردن لاءِ. ڪاليج شاگردن جي ميس جي في ڪجهه وڌيڪ هئي. انهيءَ کي فرسٽ ڪلاس ميس سڏيندا هئا. ڪاليج ۾ داخلا کان پوءِ مون ان ميس ۾ ماني کائڻ شرو ع ڪئي. اسان جي اسڪول جو پهريون مانيٽر شفيق کوسو هو جيڪو پوءِ حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر ٿيو. اهي پاڻ ۾ چار جيڪب آباد جا ڀائر ۽ سؤٽ هوندا هئا. جن مان ٻه دريا خان کوسي جا پٽ هوندا هئا جن جا نالا فدا حسين ۽ ميرحسين هوندا هئا. باقي نثار احمد ۽ شفيق احمد شايد سندن سؤٽ هئا. نثار ڪافي ٿلهو هوندو هو. اسان رات جي ماني کائي وڃي ڪمرن تي آرامي ٿياسين. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو گهر کان اڪيلو اڪيلو رهڻ جو اتفاق ٿيو. پر خاص اڪيلائي محسوس ڪانه ٿي. ننڊ اچڻ ۾ مون کي دير ئي ڪانه لڳي. مسلم هاسٽل ۽ نورمحمد هاءِ اسڪول مرحوم نورمحمد جي ڪوششن جو نيتجو هو. مرحوم نورمحمد جڏهن علي ڳڙهه مان پڙهي اچي حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي تڏهن ان حيدرآباد ۾ مسلمانن لاءِ هڪ جدا اسڪول ۽ هاسٽل جي ضرورت محسوس ڪئي اُن لاءِ پاڻ پهرئين مسلم ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪيائين. جنهن پهرئين 1930ع ۾ صرف مسلم هاسٽل جو بنياد وڌو ۽ پوءِ حيدرآباد هاءِ اسڪول جي شروعات ڪئي. جنهن جو نالو سندس وفات کان پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول رکيو ويو. سندس ارادو هن اداري کي يونيورسٽي بنائڻ جو هو. پر پاڻ جلد وفات ڪري ويو، سندس وفات کان پوءِ ڪنئين هيڊماستر آيا پر جڏهن سائين الهه بخش نظاماڻي هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ۽ مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ته پاڻ هن اداري ۾ وري نئون روح ڦوڪيو ۽ هن اداري کي وڏي ترقي وٺرائي، جنهن جو احوال اڳيان ايندو.
اسان صبح سوير تيار ٿي ناشتو ڪري ڪتاب هٿن ۾ جهلي ڊائيننگ هال ٻاهران اچي بيٺاسين. ٿوريءَ دير ۾ هاسٽل مانيٽر اسان سڀني شاگردن کي قطار ۾ ڪري اسڪول ڏانهن هلڻ لڳو، هاسٽل ۽ اسڪول وچ ۾ سول اسپتال ۽ ميڊيڪل اسڪول هوندو هو جيڪو پوءِ ميڊيڪل ڪاليج ٿيو ۽ ڄامشوري شفٽ ٿي ويو. جيڪا هاڻ ميڊيڪل يونيورسٽي (L. U. M. H. S) نالي سان آهي. اسان جو اسڪول جيل روڊ واري پاسي کان نه پر اسپتال جي الهندي طرف کان، جت هاڻ اسپتال جي او پي ڊي آهي، اهو سڄو علائقو آباد ٿي ويو آهي. پر ان وقت اهو سڄو علائقو خالي ميدان ۽ سُنسان لڳو پيو هوندو هو. نورمحمد هاءِ اسڪول جي الهندي طرف جت اڄڪلهه لبرٽي مارڪيٽ ۽ فليٽ آهن. اُت هڪ وڏو پراڻو بنگلو هوندو هو. اسان هاسٽل کان اسڪول پهتاسين، جت پهرئين اسيمبلي ٿي، جنهن ۾ قرآن شريف جي تلاوت ۽ ترجمو ٿيو پوءِ قومي ترانو ڳائي، پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ۾ داخل ٿياسين. اسان جي چوٿين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر سائين غلام حسين بالادي هو جيڪو استاد گهٽ پوليس وارو زياده لڳندو هو. سڀني ڇوڪرن کان نالو، پيءُ جو نالو ۽ ذات پُڇي پوءِ نصاب جي باري ۾ سوال ڪيائين ۽ پوءِ شاگردن جي ذهانت جي بنياد تي شاگردن کي اڳيان پٺيان ڪري ويهاريائين. وچيئن بئنچن تي ويٺل شاگردن کي ڳئو ماتا ۽ بلڪل آخري بئنچن تي ويٺل شاگردن کي گئو شالا ڪري سڏيندو هو. اهو سندس تڪيو ڪلام آخر تائين قائم رهيو، جيسين وڃي اسان امتحان پاس ڪري ٻي ڪلاس ۾ پهتاسين. پاڻ بدن ۾ ڀريل هوندو هو ۽ ڪلاس ۾ گهڻو ڪري فل سوٽ پائي ايندو هو. هميشه حاضري رجسٽر سان گڏ ٽيبل تي رول رکيو هوندو هيس. ٻني ۾ سواءِ انگريزي جي سبجيڪٽ جي ٻيا سڀ سبجيڪٽ هڪ ئي استاد پڙهائيندو هو. پر هت هر سبجيڪٽ جدا جدا استاد پڙهائيندو هو، ڪلاس ٽيچر رڳو اضافي حاضري وٺندو هو ۽ اسڪول مان موڪل به ان استاد کان وٺڻي پوندي هئي. اسڪول ۾ ان وقت ٻيا هيٺيان استاد هوندا هئا.
1- سائين الهه بخش نظاماڻي هيڊماستر
2- سائين غلام حسين سومرو هيڊماستر
3- سائين ڌرمداس ورياڻي مئٽرڪ جو ڪلاس ٽيچر
4- سائين غلام حسين بالادي چوٿين جو ڪلاس ٽيچر
5- سائين محمد حسن بوزدار
6- سائين محمد علي شيخ سنڌيءَ جو استاد
7- سائين غلام محمد پنهور هسٽريءَ جو استاد
8- سائين سليم الدين جاگرافيءَ جو استاد
9- سائين K. A. N آئر سائنس جو استاد
10- سائين فيروز شاهي عربي ۽ پارسيءَ جو استاد
11- سائين ڌڻي بخش ساند جنرل مئٿس جو استاد
12- سائين احمد شاهه سنڌيءَ جو استاد
13- سائين الهڏنو
14- سائين ضياءُالدين انگريزيءَ جو استاد
15- سائين محمد جمن ٽالپر
نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پهرين صرف مسلمان شاگرد پڙهندا هئا. پر ورهاڱي کان پوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ ٻهراڙيءَ جا هندو مسلمان سڀ شاگرد هت پڙهڻ ۽ رهڻ لڳا. ان وقت شهرن ۾ ٻهراڙيءَ جي زميندارن، ٺيڪيدارن ۽ واپاري طبقي جا ايڪڙ ٻيڪڙ گهر هوندا هئا. تنهن ڪري وڏي تعداد ۾ ٻهراڙيءَ جا شاگرد هاسٽل ۾ رهندا هئا. اهي ٻار جيڪي پنهنجي گهرن ۾ رهندا هئا ۽ اسڪول مان واپس هاسٽل نه پر گهر هليا ويندا هئا، هاسٽل جي ٻارن جي هنن سان گهٽ اُٿ ويهه هوندي هئي. پر حفيظ شاهه ۽ پرڪاش سان منهنجو سٺو واسطو هو. اسڪول جي ٻاهران رسيس ۾ ڪچورين، چڻن، پڪوڙن، بن ڪباب، شربت، آئسڪريم، ڪلفي ۽ گول ڳنڍن وارا هوڪرا ڏيندا رهندا هئا. سڀ شاگرد رسيس ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور خريد ڪندا هئا. جڏهن ته اهو رواج ٻني اسڪول ۾ ڪونه هو. ٻني بازار مان آئسڪريم ۽ گول ڳنڍي کان سواءِ ٻيون سڀ شيون ملنديون هيون. جيڪي محمد رحيم خاصخيلي ۽ محمد سومرو ٺاهيندا هئا. سندن پڪوڙن ۽ ڪُرملين جو سواد اڃان ڪونه ٿو وسري. آئون اڄ به ڪڏهن ڪڏهن محمد رحيم خاصخيلي جي پٽ مرتضيٰ کان پڪوڙا، سموسه ۽ ڪُرمليا ٺهرائيندو آهيان. بن ڪباب کي اڄڪلهه برگر جو نالو ڏئي وڏي شان ۽ مان وارو رتبو ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪي آمريڪن ڪمپنيون مڪڊونلڊ، مسٽربرگر، ڊنڪن ڊونلڊ وارا سڄي دنيا ۾ وڪرو ڪن ۽ ماڻهو انهن جي دڪانن تي وڏي چاهه سان وڃي اهي بن ڪباب برگر جي معتبر نالي ۾ کائين ۽ ڪارن ۾ ويٺي ويٺي ٻڌرائي وڃي پنهنجن ٻارن کي کارائين. انهن ڪمپنين کان اڳ به پاڻ وٽ بن جي اندر ڪباب يا ڪچوري وجهي کائبو هو ۽ جنهن کي بن ڪباب چئبو هو. جيڪي سئنيمائن ۽ اسڪولن اڳيان وڪرو ٿيندا هئا. پر هاڻ ته برگر ۽ سئنڊوچ جي نالي پوڻ ڪري وڏي شان ۽ مان وارو کاڌو ٿي پيو آهي. رسيس دوران پهرين اهي گاڏن وارا اسڪول ٻاهران دروازي تي بيهندا هئا. پر پوءِ جيئن جيئن سندن تعداد وڌندو ويو ته کين گيٽ کان ٻاهر بيهڻ لاءِ چيائون ۽ پوءِ ٻاهر ئي بيهندا هئا. اسان به پوءِ دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي انهن کان ڪانه ڪا کاڌي جي شيءِ خريد ڪندا هئاسين. مهينن ۽ سالن پڄاڻا ته اسان انهن جي نالن کان به واقف ٿي وياسين ۽ هو به ڪن ڪن شاگردن کي سڃاڻي ويا هئا. دروازي کان ٿورو پرڀرو ڪيفي شيزان نالي هڪ صاف سُٿري ايرانين جي هوٽل هوندي هئي. پوءِ اُت به وڃي ڪي ڪي سرنديءَ پڄنديءَ وارن جا ٻار ويهندا هئا. آئون ۽ مرحوم سيد محمد حفيظ شاهه (سيد پور وارو جيڪو سيد ذوالفقار شاهه جو والد هو ) به وڃي اُن ايراني هوٽل تي آئسڪريم ۽ سوڍا ڏاڍي شوق سان پيئندا هئاسين. اسان اسڪول مان موڪل کان پوءِ واپس هاسٽل آياسين، ماني کائي نماز پڙهي وڃي ڪمري تي آرامي ٿياسين. اُن زماني ۾ جيتوڻيڪ ون يونٽ چئني صوبن تي مڙهجي چڪو هو. پر تڏهن به اڃان اسڪول ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۾ سياسي بيداري ڪانه پيدا ٿي هئي. ٻهراڙيءَ مان شهرن ۾ سنڌي شاگرد اڃان ايڏي وڏي تعداد ۾ پڙهڻ لاءِ ڪونه آيا هئا ۽ سياسي دؤر پوءِ ايوب جي آخري ڏينهن ۾ شروع ٿيو. جنهن وقت سنڌي شاگرد شهر جي تعليمي ادارن ۾ وڏي تعداد ۾ اچي چُڪا هئا. تنهن کان پوءِ چار مارچ جهڙن واقعن سڄي سنڌ کي لوڏي ڇڏيو. نيٺ حاڪمن کي ون يونٽ ٽوڙڻو پيو. 1958ع جي اوائل ۾ سنڌ بلڪل سانت هئي، ون يونٽ ٺهڻ وقت ڪراچيءَ جي چند سنڌي شاگردن ۽ چند سنڌي ليڊرن جن جو سرواڻ سائين جي ايم سيد هو، سنڌي قوم کي گهڻو ئي پڪاريو پر عوامي سطح تي ڪابه چرپر اُڀري مٿي ڪانه وڌي. سائين جي ايم سيد مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٽوڙائڻ وارو بل اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر جنرل ايوب مارشل لا هڻي سياست ۽ سياستدانن کي گهڻي عرصي تائين قيد ۾ بند ڪري فوج جي زور تي پاڻ حاڪم ٿي ويهي رهيو ۽ جيسين وڃي کيس دل جو دورو پيو ۽ اڌ رنگ ٿيو، ته وري ٻيو جنرل يحيٰ خان اچي حاڪم ٿي ويهي رهيو. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. اهو سڄو احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ڇپيو آهي. قدرت الله شهاب، شهاب نامه جنرل ايوب فرينڊس ناٽ ماسٽرس (Friends not Mastres) اصغر خان جنرلس اِن پالٽڪس نالي پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
ٻن ٽن هفتن جي پڙهائي کان پوءِ اسڪول ۾ گرمين جون موڪلون شروع ٿيون ۽ آئون بابا سان گڏ واپس ٻني هليو ويس. حيدرآباد کان واپس ٻني ايندي هينئر اسان جهرڪن کان نه پر ڏاڏوري پتڻ کان آياسين. صبح سوير گورنمينٽ بس ۾ ڳوٺ لاءِ روانا ٿياسين. بس اسان کي جهرڪن کان ست اٺ ميل اڳيان ڏاڏوري بس اسٽاف کان هڪ ڪلوميٽر اوريان آڻي لاٿو. نيشنل هاءِ وي کان سنڌو درياءَ تائين تقريباً هڪ ميل پنڌ ٿيندو. حيدرآباد کان ڏاڏوري پتڻ تائين سڄو جابلو علائقو آهي ۽ ڏاڏوري پتڻ پڻ ننڍين ننڍين خوبصورت ٽڪرين جي وچ ۾ آهي. انهن ٽڪرين جي هيٺان درياءَ پنهنجو رُخ بدلائي پوءِ اولهه طرف ڏانهن وهڻ شروع ڪري ٿو. انهيءَ سندس رُخ بدلائڻ ڪري درياءَ جو وهڪرو ڏاڍو خوبصورت ٿو لڳي. اهڙو سندس انداز سڄي وهڪري ۾ صرف چند جڳهين تي آهي. سيوهڻ کان ڏاڏوري پتڻ تائين درياءَ اهڙو موڙ وري ملاڪاتيار وٽ ڪري ٿو نه ته سڌو ئي سڌو وهندو اچي. پر ملاڪاتيار واري موڙ وٽ درياءَ کي ٻنهي پاسن کان خوبصورت ٽڪريون ڪونه آهن. ڏاڏوريءَ وٽ انهن ٽڪرين مٿان سنڌو سڌو وهندي ڏسڻ ۾ سندس سونهن هڪ جادوئي اثر ٿي ڪري، اُن کان اڳتي سمنڊ جي ڇوڙ تائين درياءَ سان ڪٿ به جبل ڪونه ٿو ملي. سپر هاءِ وي ٺهڻ کان اڳ جڏهن صرف نيشنل هاءِ وي هوندو هو تڏهن انهيءَ جڳهه تي ڪراچيءَ جي سرمائيدارن پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ پنهنجا خوبصورت بنگلا ٺهرائڻ شروع ڪيا. جنهن ۾ باواني سيٺين جو بنگلو اڃان به ٺهيو پيو آهي. پر ڏاڍي خراب حالت اٿس، سپر هاءِ وي ٺهڻ ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب هئڻ ڪري پوءِ اها صورتحال تبديل ٿي وئي. هاڻ اهڙا فارم هائوس توهان کي سَوَن جي تعداد ۾ سپر هاءِ وي تي نظر ايندا. ڏاڏوري واري علائقي جي صورتحال ويتر اڳوڻي کان به خراب آهي. اُتي هڪ بلوچ جو خوبصورت باغ آهي ان باغ جي مالڪ کي به ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا. اُتان هاڻ ٻني جي ماڻهن جي اچ وڃ به ختم ٿي چڪي آهي، جي امن امان جي صورتحال ائين خراب نه ٿئي ها ته اهو علائقو وڏي پئماني تي ترقي ڪري ها. ڇو ته ٺٽي ۾ جڏهن ابڙو ڊپٽي ڪمشنر هو تڏهن به حڪومت سونڊن وٽ هڪ تمام وڏو پبلڪ اسڪول ٺاهڻ جو پلان ڪيو هو پر اهو به امن امان جي صورتحال جي نذر ٿي ويو. ڏاڏاوري وٽ اهي جبل ته مٿاڻ تي هوندا هئا. جڏهن اُنهن جبلن تي ويهي ٻني ڏانهن نظر ڪبي هئي ته ٻني جا سڀ وڏا وڻ صاف نظر ايندا هئا. بابا سائين مون کي وڏن وڻن ڏانهن اشارو ڪري ٻڌائيندو هو ته هي وڏو نم پنهنجي اوطاق وارو آهي هي ٻٻر ٽڪاڻي جو آهي، هي آمري پاتڻين جي آهي، هي وڏا گهڻي تعداد وارا وڻ ٻني بنگلي وارا آهن. هماليه جي چوٽيءَ مان شينهن جي وات مان نڪرندڙ هي درياءَ جنهن کي اُتي جا لداخي شير درياءَ چوندا آهن، ساوڻ ۾ هت به شينهن جيان گجگوڙ ڪري وهندو هو. منجهس هلندڙ وڏيون وڏيون ٻيڙيون ڪاغذن جي ٻيڙين جيان لڳنديون هيون. ننڍي هوندي جا ڏٺل هي حسين نظارا اڄ به جڏهن ياد ٿا پون ته يادگيريون سمنڊ جيان شرير ۾ ڇوليون ٿيون هڻن هن علائقي جو پٿر پڻ تمام قيمتي آهي اهو ٺٽي جي مشهور مغل بادشاهي مسجد ۾ به استعمال ٿيل آهي. وڏا وڏا ٺيڪيدار ڪراچي ۾ ٺيڪيداري ڪمن ۽ پنهنجن گهرن ۾ استعمال لاءِ هي پٿر کڻي وڃي مشين ۾ گهڙي ٺاهي پوءِ عمارتن ۾ استعمال ڪندا آهن. مون به بابا سائينءَ جي قبر جو پٿر ڏاڏوري مان ٺهرائي پوءِ اچي قبر تي رکيو. هت تازو ڏاڏوري جبلن تي برسات پئي آهي ۽ مالوند ماڻهو مال چاري رهيا آهن، جنهن ۾ ڳئون، ٻڪرين ۽ رڍن جو وڏو تعداد نظر اچي رهيو آهي. جبل جا مالوند ماڻهو مينهون ڪونه پالين، ڇو ته ماهي مال کي پاڻي جام گهرجي ۽ جبل ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي. پر جڏهن برسات جام پوي ته جبل کان ٻاهريان ماڻهو به پنهنجو مال ڪاهي جبل وڃن. ان موسم کي مالوند ماڻهو وَسَ چون، وَسَ جو لفظ شاهه سائين پنهنجن بيتن ۾ به استعمال ڪيو آهي. جبل جا ماڻهو ڏاڍا سادا ۽ سٻاجها ٿين، انهن ۾ به مال چاريندڙ ڌراڙ ته وڌيڪ سادا ٿين. ظاهر آهي ته انهن کان ٻيو ڪم ڪونه ٿو ٿئي، تنهن ڪري ئي هنن کي مال حوالي ڪيو ويو آهي. هو مال جا ڌڻن جا ڌڻ جنهن ۾ سوين رڍون، ٻڪريون ۽ ڳئون ٿين، سي سڀ حفاظت سان چاريو اچيو شام جو وٿاڻن تي پهچائين. هڪ ڀيرو مون هڪ ڌراڙ کان سوال ڪيو ته تون ڪيئن هنن سڀني جانورن جو حساب رکين؟ پاڻ چيائين ته سڄو حساب آئون منهنجي آڱرين تي ڪريان ۽ ڪڏهن به مون کان هڪ به ٻڪري وئي ڪانهي. هونئن به انهيءَ زماني ۾ جابلو علائقي ۾ چوري ڪانه ٿيندي هئي. جبل جي ماڻهن جو ڌنڌو جيئن ته صرف مال چارڻ آهي. تنهن ڪري هو واندا ڏاڍا هوندا آهن ۽ انهيءَ واندڪائي جي پورائي لاءِ هر رات جو ڪچهريون ڪن. جنهن ۾ گجهارتون، ڏور، نڙبيت ۽ مورا ڳائي سڄي رات پوري ڪن. بيماري ۽ خاص ڪري مال جي بيماريءَ جو علاج به هو رڳو گيهه جي ڍُڪن ۽ جابلو ٽوٽڪن تي ڪن. اڄڪلهه ته اُن جابلو مورن جي سرن تي ڪئين گيت ٺهي پيا آهن، جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا آهن. جبل جي ماڻهن جو مزاج به ٿر جي ماڻهن جيان ٿئي. کاڌي پيتي جي شين کي اهڙي نموني محفوظ ڪري رکن جو ڪيتري وقت تائين اهي شيون خراب ئي ڪونه ٿين. جنهن ۾ گوشت به شامل آهي. جبل جا ماڻهو گوشت کي سنڀالي رکن ۽ کائڻ جا ڏاڍا شوقين آهن. شايد اُن ڪري سندن صحت به ڏاڍي سُٺي ٿئي. اصل جانٺا جوان لڳا پيا هوندا آهن ۽ اهي ڏاڍا سخت جان به هوندا آهن. جابلو ماڻهو توهان کي ڪڏهن به ڪمزور يا ڏٻرو يا ٿُلهو ۽ پيٽ وڌيل ڪونه ملندو. سندن عمر به تمام وڏي ٿئي. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جبلن ۾ رهڻ وارا ماڻهو، ڀاڄيون ۽ روازنا اسپرين جي گوري کائيندڙ ماڻهن جي صحت سُٺي ۽ عمر وڏي ٿيندي آهي. شاهه صاحب سسئي ۽ جبل کي ڳائي ڄڻ ته جبل کي ڏک جي علامت ڪري ڇڏيو آهي. جبل معنيٰ ئي ڏک ۽ ڏوراپو ٿي پيو آهي.
پر اڄڪلهه يورپ، هندستان ۽ پاڪستان ۾ هل اسٽيشنون ته سيروتفريح جي علامت ٿي پيون آهن. شملا، ڪوه مري، گلگت، ناراڻ ڪاغان سڀ پهاڙن تي ته آهن. پر سنڌ جا جبل سواءِ مينهن، برساتن جي گرم موسم ۾ تپيو ٽانڊو ٿيو پون ۽ انهن گرمين جي مهينن ۾ جبلن ۾ اهڙيون ته لُڪون لڳن جو ماڻهن لاءِ اُت رهڻ ئي ڏکيو ٿيو پوي ۽ سياري ۾ وري جام سردي ٿئي ۽ ان گرمين ۽ سردين ۾ جابلو ماڻهن پيرن ۾ نوڙين جو ٺهيل چمپل پائين جنهن کي هو ڇال چون ۽ پاڻ ئي نظريي ضرورت موجب ٺاهين. جبل جا ماڻهو مرڻي تي مٿي تي ڪارو پٽڪو ٻڌي ڏک جو اظهار ڪن. ٿر ۾ ٿريءَ اُٺ تي عورت اڳيان ويهاري تي معنيٰ سندس ڀيڻ آهي ۽ جي عورت پويان ويٺل آهي ته معنيٰ سندس زال آهي. جيئن ته ٿر جي ماڻهن جو گذران سندن مال تي آهي. تيئن ئي جابلو ماڻهن جو گذران به مال تي ٿئي. تنهن ڪري هو پاڻ کان به مال جو خيال وڌيڪ رکن ۽ پنهنجي سهولت کان به مال جي سهولت کي وڌيڪ ترجيح ڏين. جت مال خوش اُت سندن رهائش ڪن. تنهن ڪري هو هڪ هنڌ گهر ڪري ڪونه ويهن ۽ خانه بدوشن جيان هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ رُلندا وتن. هي سپ هڪ هنڌ گڏ ٿي ڳوٺ ٻڌي ڪونه رهن، پر گهر گهر جدا هڪ ٻئي کان ڪوهين ڏور ٿي ويهن.
مون سائين جي ايم سيد واري اليڪشن، جنهن ۾ پاڻ ۽ ملڪ سڪندر هڪ ٻئي جي سامهون هئا، دادو ضلعي جو ڪوهستان وارو سڄو علائقو ڏٺو، جنهن ۾ سري، ٿاڻو بولاخان، ٿاڻو احمد خان، مول ڪرچات وغيره. اُن اليڪشن ۾ بابا سائين ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو موڪليا هئا ۽ پاڻ سائين جي ايم سيد جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو. سائين جي ايم سيد، بابا سائين ۽ آئون مول ۾ وڃي وڏيري ملهه پالاريءَ جا مهمان ٿياسين. خبرن چارن کان پوءِ سڄي رات ڪچهري هلي، ڪچهريءَ ۾ ڀرپاسي جي راڄن جا ڪنئين ماڻهو شامل هئا. وڏيري ملهه ٻه وڏا ڇيلا ذبح ڪرايا، جنهن ۾ ڪنئين طعا م تيار ٿيا. انهن طعامن جو سواد ۽ اها ڪوهستاني ڪچهري مون کي اڄ به ياد آهن. پاڻ سائين جي ايم سيد ۽ بابا کان ٻه ٽي ڀيرا حال احوال ورتا. صبح جو مکڻ، ماکي، ماني ۽ ڏُڌ کائي پوءِ جبلن جي ڳوٺن ۾ اليڪشن ورڪ ڪندا وڃي سن پهتاسين.
ٻني جو شهر جابلو ۽ سرسبز علائقي جي وچ ۾ درياءَ ۽ ٻيلن جي ٻنڌين تي آباد هئڻ ڪري هميشه سربسز ۽ خوشحال رهيو آهي. بٺوري تعلقي جي بڪڪ موريءَ کان ڇوريا جاگير تائين وارو خطو ٻي سڄي لاڙ جي علائقي کان مختلف آهي. هتي جون زمينون سم ۽ ڪلر کان پاڪ ۽ تمام زرخيز آهن. وڏي ڳالهه ته جَرَ جو پاڻي به مٺو ٿئي. اُن خطي ۾ رهندڙ ماڻهن صدين کان ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڪونه ڏٺو. پر هينئر 2000ع کان 2004ع تائين واري عرصي ۾ درياءَ ۽ بئراجن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ماڻهن کي اچڻ وارا ڏينهن ڏکيا پيا نظر اچن. ٻني جي ڀرسان پراڻي پيڃاري ۾ منهنجي سڄي ڄمار ۾ صرف انهن سالن ۾ پاڻي ڪونه چڙهيو. انهيءَ آبادين ڪري جبلن کان ڪيترائي قبيلا لڏي اچي هت آباد ٿيا ۽ هميشه لاءِ هتي جا ٿي ويا. جن ۾ چانگ، گڊا، برفت، جاکرا شامل آهن. جيڪي هاڻ هت پنهنجن گهرن ۽ ڌنڌي ڌاڙين وارا ٿي ويا آهن. ان جبلن جي سرسبز ۽ شاداب ساوڪن تي چرندڙ مال کي ڏسندا اچي ڏاڏوري پتڻ تي پهتاسين. هت سنڌوءَ جو پاڻي موج سان وهي رهيو آهي. اسان ڪانڊيري پاتڻيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اچي درياءَ جي ٻي ڀر پهتاسين.
جَتَ اسان کي ڏسي پنهنجي اُٺ جو گوڏي مان رسو کوليو ته اُٺ به اٿي بيهي رهيو. شايد ڪافي وقت کان سندس گوڏو رسي سان ٻڌل هو. اهو اُٺ کي هڪ هنڌ ويهارڻ جو نُسخو آهي. ائين نه ڪرڻ سان اُٺ اُٿي هڪ ٻئي سان وڙهندا هئا يا هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي ويندا هئا. ڏاڏوري پتڻ کان ٻنون پنج ميل کن ٿيندو. اهو رستو جهرڪ کان اڌ پنڌ جيترو ٿيندو. جهرڪ کان ٻني لاءِ صرف ٻيڙيءَ رستي اچڻ جي سهولت هئي پر ڏاڏوريءَ کان ٻني پهچڻ لاءِ بيڙي ۽ اُٺ ٻئي سهولتون هيون. پر ڪڏهن ڪڏهن جي ٻيڙي ُ اُٺ نه مليا ته پنڌ به هليو اچبو هو. نوان ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ٻيلي ۾ گس ڀُلجي ڪٿان جو وڃي ڪٿان نڪرندا هئا. ائين هڪ ڀيرو مون سان به ٿيو هو. رستو ڀُلجي وڃي وڏيري علي محمد گُگي جي ڳوٺ پهتس. پوءِ وري اُتان بچاءُ بند کان ٻيڻو پنڌ ڪري ٻني اچڻو پيو ۽ گهر پهچڻ شرط بخار شروع ٿي ويو. اهو سهڻو سفر مون کي زندگيءَ ڀر ڪونه وسرندو.
اسان اُٺ تي ٻني ڏانهن روانا ٿياسين، جتان پنجاهه فوٽو، سؤ فوٽو شيديءَ جي ڀٽ ۽ قيدين وارا کامان لتاڙيندا ٻني پيا وڃون. رستي ۾ برساتن تي پيرون، پُسيون، ڏونئرا، گولاڙا، گرگالون، دودڦلا، ڳانڱيون، مُنگها، چڀڙ، کنڀيون ۽ ڇانهيون کائيندا ۽ کڻندا اڳيان پيا اچون. اُن دؤر ۾ ٻني مان شاگرد پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي پهچي تعليم پرائي وڏن وڏن عهدن تي پهتا. اڄ جي حالتن ۾ هتي جا ٻيلا ڌاڙيلن لاءِ هڪ محفوظ جڳهه ٿي پئي آهي، جت نه رڳو اغوا، ڌاڙن ۽ ڦرن جو خدشو آهي پر ٻين هنڌن کان به ڌاڙيل مغوين کي کڻي اچي کڏي ويران ٻيلي ۾ قيد ڪندا آهن جنهن جو مثال سنڌ جو مشهور سرجن ڊاڪٽر محمد حسين لغاري آهي، جنهن کي ڌاڙيل حيدرآباد جي علائقي گلستان سجاد مان اغوا ڪري اچي ٻني ويجهو کڏي ٻيلي ۾ رکيو. حاصل مطلب ته ڌاڙيلن لاءِ هي علائقو وڌيڪ محفوظ آهي. هتي جي پوليس کان کين ڪوبه خطو نٿو محسوس ٿئي. ڏاڏوري پتڻ کان ٻني تائين اُٺ جو ڀاڙو سوا روپيو هوندو هو. اُٺ تقريباً ڪلاڪ وٺندو هو.
اُٺ اسان کي آڻي اُٺن جي کوڙي تي لاٿو. جتان اسان گهر پهتاسين، جيجي وڏي ڀاڪر پائي چميو ۽ ٻين گهر ڀاتين به بيحد پيار ڪيو. شام جو والي بال تي ويس ۽ رات جو شهر. پر ڪجهه ڏينهن ۾ مون کي گهڻو بازار وڃڻ سٺو ڪونه لڳو ۽ هاڻ آئون بازار گهٽ وڃڻ لڳس ۽ گهڻو وقت اوطاق تي ويهڻ لڳس، ته دوست يار به اوطاق تي اچڻ لڳا. مون ٿوري وقت ۾ محسوس ڪيو ته شهر جي ماڻهن جو رويو به مون سان هاڻ هڪ ننڍي ٻار وارو نه پر هڪ شهر ۾ پڙهندڙ شاگرد وارو محسوس ٿيو. جنهن ۾ هنن مون کان هاءِ اسڪول، هاسٽل، حيدرآباد اچڻ ۽ وڃڻ، هاسٽل ۾ کاڌي پيتي جا احوال پڇيا. مثال شهر ۽ ٻهراڙيءَ جو تفاوت ۽ ٻني جي پڙهائي ۽ حيدرآباد جي پڙهائي، استادن جا نالا، پڙهائي تي خرچ گهڻو ٿو اچي، سال ۾ گهڻا ڀيرا ڳوٺ ڇڏيندا. ٺٽي ضلعي جا ٻيا گهڻا شاگرد آهن ۽ ٻيا به ڪنئين سوال پڇيا. اُنهن سوالن ڪري مون ۾ هڪ قسم جو اعتماد پيدا ٿيو ته منهنجي به ڪا اهميت آهي، جو ڳوٺ جا ماڻهو مون سان ملڻ ٿا اچن ۽ هيترا سوال ٿا پُڇن! اعتماد سان گڏ هڪ ذميواريءَ جو احساس به ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ پاڻ کي وڏو محسوس ڪرڻ ۽ هر ڳالهه جو جواب سوچي سمجهي ۽ ذميواري سان ڏيڻ شامل هو. ذميوار انسان جي جسم ۽ ذهن ۾ جڏهن تبدلي اچڻ شروع ٿئي ٿي. تڏهن ماڻهوءَ جي روين ۾ به تبديلي هڪ فطري عمل آهي. جنهن جا اثرات انسان کي ڪنهن به طرف وٺي وڃي سگهن ٿا. اهو عمل انسان کي بلوغت جي شروعاتي دؤر ۾ منجهائي ڇڏيندو آهي. ٻار جي صحيح تربيت، مائٽن جي روين ۽ گهريلو ماحول منجهان ئي ماڻهو پاڻ لاءِ ڪو رستو ڳولهي لهندو آهي، جنهن تي پوءِ ماڻهو سڄي زندگي هلندو رهندو آهي. ماڻهن جي روين سبب مون ۾ به تبديلي آئي. اُن ۾ بازار گهٽ وڃڻ، روز ڪپڙا بدلائڻ، وڏن جي ڪچهريءَ ۾ ويهڻ، ريڊيو تان خبرون ٻڌڻ، اخبار پڙهڻ ۽ ٻيون به ڪنئين تبديليون آيون. بابا مون کي پاڻ سان گڏ شادين ۽ ميلن ملاکڙن تي به وٺي وڃڻ لڳو.
اسان بچل گگي جي ڳوٺ شايد سندس پٽن جي شاديءَ تي وياسين، جت ڪيترن راڄن جي ماڻهن سان ملاقات ٿي. ٻني جي ڀرپاسي ۾ هونئن ته ڪنئين وڏا قبيلا ۽ ذاتيون آباد آهن پر انهن ۾ ڇهه وڏا راڄ جيڪي ميربحر، لاشاري، مگسي، سومرا، پليجا ۽ گُگا آهن. ٻهراڙيءَ ۾ اهي ذاتيون پاڻ ۾ مٽي مائٽي ڪونه ڪن. پر اهي ساڳيون ذاتيون ۽ قومون شهرن ۾ هڪ ٻئي سان مٽي مائٽي جي رشتي ۾ ڳنڍجي ويون آهن. جنهن جا پاڻ وٽ ڪنئين مثال آهن. جو سومرن پليجن مان، پليجن سومرن مان، پليجن ميمڻ مان، ميمڻن پليجن مان، پليجا ٻروچن سان به مٽيون مائٽيون ڪري هڪ ٿي ويا آهن. اهو عمل ۽ سوچ به حيران ڪن آهي ته جيڪو عمل اسان کي شهرن ۾ سٺو ٿو لڳي سو عمل اسان لاءِ ٻهراڙين ۾ ناممڪن آهي ۽ اهڙن روين ڪري اسان وڃون پٺتي پوندا ۽ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيندا. انهن وڏين ذاتين کان سواءِ ٻيون به ڪنئين ننڍيون ننڍيون ذاتيون هت آباد آهن. ڪيترن جا نالا لکجن. ٻني ۽ ڀرپاسي ۾ ڪنئين درگاهون آهن جن ۾:
1- شاهه فتح محمد
2- مورو فقير
3- شاهه ولي (هت مور ۽ ديلون جام هوندا هئا پر هاڻ ڪونهن)
4- شاهه پير ڏنو
5- مائي نياڻي
6- شاهه اسماعيل (دَڙِ ۾)
7- احمد شاهه (راهوٺ ڀرسان) شامل آهن.
ٻني جي قبرستان ۾ 1919ع ۾ پليگ کان اڳ صرف ننڍن ٻارن کي دفن ڪيو ويندو هو ۽ سندس نالو ئي ”معصومن جو مقام“ هو. پر 1919ع واري پليگ ۾ ايڏي ته وڏي تعداد ۾ ماڻهو فوت ٿيا جو ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. تنهن ڪري ننڍن سان گڏ وڏن کي به اُت دفن ڪرڻ لڳا، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. اُن کان اڳ ۾ اسان جي خاندان جو قبرستان لاکي پير تي هوندو هو. منهنجي ڏاڏي ارباب عبدالحئي جو پيءُ ارباب نورمحمد ۽ اسان جا ٻيا مٽ مائٽ اُت مدفون آهن. جن مٿان چٽسالي ٿيل پٿرن جون راڪون ٺهيل آهن. اُن پليجن جي قبرستان جو ڪيترن ليکڪن پنهنجي لکڻين ۾ ذڪر ڪيو آهي. ٻني جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن پر انهن سڀني ۾ راهوٺ وڌيڪ تاريخي ۽ قديم شهر آهي. جيڪو خود ٻني کان گهڻو آڳاٽو آهي اهو راهوٺ جي شهرين جي رسم رواج مان ظاهر آهي. راهوٺ جو ذڪر مير علي شير قانع جي تاريخي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ به آهي. پر ٻني يا بٺوري تعلقي جي ڪنهن به ٻئي شهر جو ذڪر ڪونهي. ٻني جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي شهر ته بلڪل هينئر ٺهيا آهن. جن ۾ ڊڀو پليجو موري، موالي موري، قادر ڏنو شاهه موري قابل ذڪر آهن. ٻني شهر مان ٻي عالمي جنگ ۾ محمد حسن خاصخيلي جنهن کي شهر جا ماڻهو محمد حسن مخول جي نالي سان ياد ڪندا آهن، فوج ۾ ڀرتي ٿي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ پاڻ انگريزن جي فوج سان گڏ برما ۾ ڪجهه سال رهيو. پوءِ جڏهن جنگ ختم ٿي ته پاڻ واپس ٻني آيو، اچڻ شرط سندس ماءُ سان اردوءَ ۾ ڳالهايائين ته سندس ماءُ روئي وڌو ۽ پاڙي وارن کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ چريو ٿي ويو آهي. خبرناهي ته ڇا پيو چوي. آئون ته سندس ٻولي سمجهان ئي ڪانه ٿي. مرڻ گهڙيءَ تائين اها سندس پراڻي وردي اڪثر پائي شهر ۾ چڪر ڏيندو رهندو هو ۽ پاڻ جنگ جا احوال هر هڪ کي ٻڌائيندو رهندو هو. سندس پيءُ عمر مخول به ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هوندو هو. 1970ع واري بنگال جي جنگ ۾ ٻني مان پنهون ميربحر بنگال ويو ڪيترا سال هندستان ۾ جنگي قيدي ٿي پوءِ واپس ٻني آيو. اُن به بنگال ۽ هندستان جي قيدين جا ڪنئين قصا ٻڌايا. ان کان سواءِ سمنڊ ۾ مڇي ماريندي ٻني جا ٽي ميربحر هندستان نيوي گرفتار ڪري هندستان جي سابرمتي جيل ۾ قيد ڪري رکيا. سابرمتي اهو شهر آهي جت گانڌي پيدا ٿيو، اهي ميربحر به سالن کان پوءِ هندستان جيل مان آزاد ٿي ٻني آيا، سندن نالا هي آهن:
1- نور محمد ملاح
2- يار محمد ملاح
3- عثمان ملاح
4- غلام مصطفيٰ ملاح
ٻني شهر مان مختلف سياسي تحريڪن دوران هي شهري جيل ڪاٽي آيا.
1- ارباب نورمحمد پليجو (منهنجو والد)
2- مولوي محمد يوسف قاضي
3- عبدالحئي پليجو
4- مير نصير پليجو (منهنجو ننڍو ڀاءُ)
5- ڊاڪٽر سيلمان پليجو (منهنجو ڀاڻيجو)
6- محمد موسيٰ سومرو
7- عبدالغفور قاضي
8- رياض احمد پليجو
9- ڊاڪٽر عبدالعزيز سومرو
10- انجنيئر عبدالعزيز سومرو
11- آچار ڪنڀار
12- اڱاريو مڱڻهار
13- عبدالغني پليجو
14- حاجي ڀٽي، شامل هئا.
ٻني ۽ ڀرپاسي ۾ هي فنڪار، سگهڙ ۽ پلهوان هئا.
فنڪار (راڳي):
1- استاد حاجي شيدي
2- استاد بلو شيدي
3- استاد گلشير خاصخيلي
4- استاد الهڏنو سومرو
5- غلام مرتضيٰ پليجو
سازندا:
1- يعقوب ميربحر سرندي نواز
2- راڻو ميربحر دنبوري نواز
3- ملهار لاشاري نڙ وارو
4- بهادر منڱڻهار باسري نواز
5- فقير وسايو عرف وسو منڱڻهار شرنائي وارو
6- محمد جمن منڱڻهار شرنائي وارو
7- اعجاز خاصخيلي ڊولڪ نواز
ٻني شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڀرت جو ڪم ڏاڍو لاجواب ٿيندو آهي جنهن ۾ زري، مُڪو، هرمنج ۽ آر شامل آهن. ان کان سواءِ کرڙين جو ڪم به ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو سٺو ٿيندو هو پر هاڻ اهو ڪم کور واهه طرف ٿيندو آهي.
ٻني ۾ زريءَ جو ڪم ته ڪنئين قومون ڪنديون آهن پر جيڪو ڪم سومريون عورتون ڪن ٿيون، ان جو جواب ڪونهي. صفائي، سُٺائي ته ڪو انهن کان سکي، خاص ڪري مٿي تي پهرڻ لاءِ وڏيون گنديون (چنريون) ڏاڍيون سُٺيون ٺهنديون آهن. جيڪي پري پري جا وڏا وڏا ماڻهو هتان ٺهرائيندا آهن. ڪن گندين تي ته ڏهه ڏهه هزارن تائين به خرچ اچي ويندو آهي.
مون پنهنجي ٻن مهينن جي موڪلن ۾ خوب گهميو ڦريو ۽ ميلا ملاکڙا ڏٺا ۽ شادين ۾ شريڪ ٿيس، وئڪيشن دوران 28 جون 1958ع تي عيد ٿي جنهن ۾ اڳوڻي کان به وڌيڪ مٽن مائٽن ۽ بابا جي دوستن خرچيون ڏنيون. بابا عيد جي ڏينهن ڳوٺ جي معززين جي دعوت ڪئي ان ۾ آئون به شريڪ ٿيس. دعوت ۾ شريڪ ماڻهو بابا سان گڏ مون سان به ملندا رهيا ۽ حيدرآباد ۾ تعليم جا حال احوال وٺندا رهيا ۽ اُن زماني ۾ عام ماڻهن جو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ گهٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو.