آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)

هي ڪتاب ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي آتم ڪھاڻي جو ٻيو جلد آهي.
”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ ڪتاب ۾ عبدالحئي پليجو صاحب پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي مئٽرڪ تائين جي زندگي جو سربستو احوال لکيو آھي. هي ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)

4

انگريزن سؤ ساله دؤر حڪومت ۾ پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ چناب، جهلم، راوي، ڀياس ۽ ستلج هئا ۽ سنڌ لاءِ فقط هڪ ندي سنڌو دريا هئي. انگريزن جي دؤر ۾ درياءَ سنڌ تي پنجاب ڪيتري ڪوشش ڪئي ته ان تي پنجاب ۾ بئراج ۽ ڊئم ٺاهجن پر انگريزن پنجاب کي ائين ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني. پر ورهاڱي کان پوءِ فلڊ ڪئنال يا عارضي بئراجن جي نالي ۾ پنجاب ۾ درياءَ سنڌ تي، جناح، تونسه، چشما، جهلم لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال جي نالن سان چار بئراج ٺهي چڪا آهن. جيڪي سڄي پنجاب جي زمينن کي آباد ڪري رهيا آهن. ۽ وري هاڻ ڪالاباغ ڊئم ٺاهڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ٿي رهيون آهن. آئون سمجهان ٿو ته پنجاب اهو ڊئم به ضرور ٺاهيندو ڇو ته گن پاوَر ۽ مين پاوَر ٻئي هن وٽ آهن ۽ پوءِ سنڌ پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي لاءِ سڪي رهندي. ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين تي آباد شهر ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو تباهه ٿي ويا آهن يا پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي ڪنهن ٻي هنڌ وڃي آباد ٿيا آهن.
منهنجي ماءُ پيءُ جي شادي 12 اپريل اربع جي ڏينهن 1944ع ۾ ٿي ۽ منهنجي ماءُ جي وفات 2 جون 1947ع ۾ سومر جي ڏينهن صبح جو ٿي. آئون 31 جنوري 1945ع ۾ صبح جو ڄائُس. مون کي راستي پليجي دائي ڄڻايو ۽ منهنجي پيءُ مون کي ڪن ۾ ٻانگ ڏئي منهنجو نالو رکيو. پهرين اپريل 1951ع ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيس. پنج سال ٻن مهينن جي عمر ۾، اسان جي اسڪول جو هيڊماستر سائين محمد ابراهيم پليجو هوندو هو ۽ اسان جو ڪلاس ماستر سائين حاجي مجنون ڌماچ هوندو هو. اسڪول عمارت ۾ هڪ وڏو هال هوندو هو جنهن ۾ ٻه ڪلاس پڙهايا ويندا هئا. باقي ٻن ڪمرن ۾ هڪ هڪ ڪلاس پڙهايو ويندو هو. پهرين درجي جا ٻار ورانڊي ۾ پڙهندا هئا ۽ اسان به پهريون درجو ورانڊي ۾ پڙهندا هئاسين. اسان جو استاد هڪ عمر رسيده ماڻهو هو، جيڪو سڄو وقت ڪرسيءَ تي سُتو پيو هوندو هو ۽ اسان کي پڙهائڻ ۾ هن کي ڪابه دلچسپي ڪانه هوندي هئي. جيڏي مهل ننڍ مان سجاڳ ٿيندو هو ته ان مهل ٻه ٽي گاريون ڏيئي وڏو سَتَ اَٺَ فٽن جو لڪڻ ٻن ٽن ڇوڪرن کي هڻي پوءِ وري سمهي رهندو هو. پر ڪڏهن به اسڪول مان غيرحاضر ڪونه رهيو. ان زماني ۾ استادن ۽ شاگردن جو غيرحاضر رهڻ جو تصور ئي ڪونه هو. آئون به سڄي عمر ۾ هڪ ڀيرو اسڪول کان غير حاضر رهيس. سو به شاگرد فقير جو روپ ڌاري گهر اڳيان اچي سدا هنيائون. آئون جيئن ئي گهران نڪري کين خيرات ڏيڻ آيس ته يڪدم مون کي کڻي وڃي اسڪول ڀيڙو ڪيائون. ان واقعي کان سواءِ مون کي ياد ڪونهي ته سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏهن اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ مان غير حاضر رهيس. اسان جي زماني ۾ اسڪول صبح شام ٻه وقت هوندو هو ۽ ٻنپهرن جو ماني کائي وري اسڪول پڙهڻ وڃبو هو. شام جو اسڪول ۾ انگ ۽ کوڙا سُر ۾ ياد ڪيا ويندا هئا. يعني سڀ شاگرد هم ڪلام ٿي هڪ ايڪو ٻه ايڪا چوندا هئا. انهيءَ وقت ٻارن کي اسڪول ۾ مارڻ جو رواج نه هئڻ جي برابر هوندو هو. اسان جي پهرين ڪلاس جو استاد سائين حاجي مجنون هو. ٻيو ڪلاس استاد سائين علي محمد سومري اسان کي پڙهايو. ٽين، چوٿين ڪلاس سائين محمود ڀٽي، پنجين، ڇهين ڪلاس سائين محمد صالح ۽ ستين ڪلاس سائين نورمحمد سومري پڙهائي.
ان وقت بابا سائين ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر، سنڌ مدرسي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن ڪاميٽي جو سيڪريٽري هوندو هو. سو انهيءَ جي ڪوشش سان ٻني ۾ انگريزي ڪلاس به شروع ٿيا. جنهن کي A V Classes ڪلاس (Anglo Vernicular) چئبو هو. بابا ڪوشش ڪري سنڌ جي وڏي اديب ۽ ان وقت جي مشهور استاد سائين غلام احمد جيڪو پوءِ ساقي سجاولي جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو ٻني ۾ انگريزي استاد طور مقرر ڪرايو. ان زماني ۾ اڃان ڪوٽڙي بئراج ٺهي راس ڪونه ٿيو هو، سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهي چڪو هو. تنهن ڪري لاڙ ۾ درياءَ وسيلي پيڃاري ۽ ٻين واهن ۾ صرف ٻه ٽي مهينا پاڻي وهندو هو ۽ ان ٿوري پاڻيءَ تي تمام گهٽ آباديون ٿينديون هيون ۽ ماڻهن جو ذريعو معاش نه هئڻ جي برابر هو. لاڙ ۾ ڪوٽڙي بئراج نيچلداس وزيراڻي ٺٽي ضلعي جي وزير جي ڪوشش سان ٺهيو جنهن جو ذڪر پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اُهي شينهن“ ۾ ڪيو آهي.
ڪوٽڙي بئراج 1955ع ۾ ٺهيو ان کان پوءِ لاڙ جي ماڻهن چانور ۽ ڪڻڪ ڏٺا. 1980ع ۾ ٺٽي ضلعي ۾ شوگر ملون لڳڻ ڪري ماڻهن پئسا، چيڪ ۽ بئنڪون ڏٺيون نه ته: ”آڻين ۽ چاڙين ڏٿ ڏيهاڙي سومرا.“ وارو حال هو. وڏا ڳالهيون ڪندا هئا ته سکر بئراج ٺهڻ کان اڳ لاڙ سرسبز ۽ زرخيز علائقو هوندو هو. سکر بئراج ٺهڻ ڪري لاڙ جي معيشت ڊانوانڊول ٿي وئي. آئون انهيءَ دور ۾ پيدا ٿيس ۽ پڙهيس. جيتوڻيڪ ٻني ۽ ارد گرد ۾ زراعت گهٽ هئي پر تنهن هوندي به ٻني جي ڀرسان ٻيلو، درياءَ ۽ پيڃاري ۽ ڍنڍون هئڻ ڪري هت ڪوڻيون، قُم، لوڙهيون، گند، ٻور، بِهه، پاٻوڙا، مڇي، پلو، گانگٽ، ڪاٺ ۽ گاهه درياءَ جي اُٿل ڪري مَسور، جوار، مڪئي، ڪڻڪ، گدرا ۽ ڇانهيون جام ٿيندا هئا. انهيءَ ڪري حيدرآباد جهرڪ ۽ ڏاڏوريءَ ڏانهن ٻه طرفو واپار جام ٿيندو هو. هتان چوياپو مال، ان، گدرا، ڇانهيون ۽ مڇي پلو، گانگٽ، ڪنڀار ڪو سامان شهرن ڏانهن ويندو هو ۽ اُتان ڪپڙو، ڊيزل، گاسليٽ، جُتا، سائيڪلون، کنڊ، سگريٽ، ٻيڙيون، تماڪ، پان، ريزڪي دڪان جو سامان دوائون ڪتاب، پينون، پينسلون، مس ڪاپيون ۽ ٻيو روزمره جو سامان وڏي تعداد ۾ ايندو هو. ڪجهه وقت جهرڪ کان ٻني تائين پاڻيءَ جي ننڍي بوٽ به هلندي هئي جنهن کي آگبوٽ سڏبو هو. پر اها مون ڪانه ڏٺي.
مون کي ڪجهه وقت چانڊيه هاءِ اسڪول سجاول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. جت آئون ان وقت جي هاسٽل سپريٽنڊنٽ سومري صاحب جي گهر ۾ رهندو هوس. جنهن جو گهر هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل جي چوديواريءَ اندر هوندو هو پر جلد ئي آئون اُتان واپس ٻني هليو آيس. هي اهو دؤر هو جڏهن پنجابي حاڪمن ننڍن صوبن تي اڃان ون يونٽ ڪونه مڙهيو هو ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ اڃا هڪ به سرڪاري ملازم غير سنڌي ڪونه هو. البت ٻه گهر پنجابين جا هئا، جن مان هڪ گهر ماستر محمد يوسف پنجابيءَ وارن جو هو جي هت مٽيون مائٽيون ڪري سنڌي ٿي ويا. ماستر محمد يوسف ته سنڌ جو وڏو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي باقي حڪيم فتح محمد پنجابيءَ وارا اڃان تائين پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ کي قائم رکيو اچن.
انهيءَ وقت پرائمريءَ ۾ ست درجا هوندا هئا ۽ ستين درجي ۾ فائنل امتحان ڏئي ماڻهو تپيدار، آبدار ۽ سنڌي ماستر يا ٻي ڪنهن نوڪريءَ ۾ لڳي ويندو هو. پوءِ اهو فائنل امتحان ايوب دؤر ۾ ختم ڪيو ويو ۽ صرف مئٽرڪ پاس کي نوڪريءَ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو. پرائمري اسڪول ۾ آخري ٽن سالن دوران انگريزيءَ جو ڪلاس به ورتو ويندو هو. انهيءَ کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. بدين ضلعي جي هڪ ڳوٺ سعيد پور ۾ هڪ خيراتي اسڪول هوندو هو. جنهن جي پڙهائي ۽ بورڊنگ مفت ۾ هوندا هئا ۽ ڪي ڪي ڇوڪرا اُت به پڙهڻ لاءِ ويندا هئا. ان وقت ٻني جي آمدرفت درياءَ ذريعي حيدرآباد، جهرڪ ۽ ڏاڏوري پتڻ سان هوندي هئي. تنهن ڪري سعيدپور وارو سفر ڏکيو ۽ اونڌو لڳندو هو. ان ڪري ٻني مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد سعيدپور پڙهڻ لاءِ ويندو هو. نه ته سنڌي ست درجا پاس ڪري سڀ مائٽ گهڻو ڪري پنهنجي ٻارن کي ٺٽي ۽ حيدرآباد پڙهائي لاءِ موڪليندا هئا. انهيءَ کان اڳ بابا سائينءَ جي دؤر ۾ شاگرد ڪراچيءَ پڙهڻ ويندا هئا. جيئن بابا ويو، بابا جي ڪراچي پڙهڻ لاءِ وڃڻ واري ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي. جيڪا آئون چاهيان ٿو ته توهان کي ٻڌايان. ٿيو هينئن جو سائين جي ايم سيد جيڪو ڪراچي ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين هو، ٺٽو ضلعو سڄو ۽ دادوءَ جو ڪجهه حصو ڪراچي ضلعي سان شامل هو، ڪراچي ضلعي ڪائونسل ٻنون کان راهوٺ ڪچو رستو ۽ راهوٺ ۾ پڪو کوه ٺهرايو هو جنهن جو افتتاح ڪرڻ سائين جي ايم سيد ٻني آيو ۽ پوءِ راهوٺ ويو. سائين جي ايم سيد علم دوست ماڻهو هو، جيڪو راهوٺ ۽ ٻني جي پرائمري اسڪولن ۾ به ويو ۽ پاڻ راهوٺ ۽ ٻني جي شاگردن کان سوال جواب ڪيا، ائين پاڻ ٻني ۾ بابا سائين ارباب نورمحمد پليجو ۽ راهوٺ ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ضلعي ڪائونسل ڪراچي طرفان اسڪالر شپ ۽ سنڌ مدرسي ۾ ضلعي ڪائونسل جي سيٽن تي داخلا ڏياري ۽ بابا سنڌ مدرسي ڪراچي پهچي ويو. پاڻ اُت ست درجا انگريزيءَ جا پڙهيو ۽ مئٽرڪ جو امتحان اڌ ۾ ڇڏي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي ”جئي هند“ جو نعرو هڻي وڃي ڪانگريس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. مسلسل سياسي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ڪري سنڌ مدرسي جي انگريز پرنسپال کيس اسڪول مان رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو. اهو سڄو احوال سائين ابراهيم جويو، بابا تي لکيل مضمون ۾ ڪيو آهي. جيڪو بابا تي لکيل ڪتاب ”وري نه ورندو وڻجارو“ ۽ اخبارن، رسالن ۾ ڪيترا ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي. تازو 2004ع مئي مهيني ۾ ماهوار سوجهرو ارباب نورمحمد پليجو نمبر ۾ به اهو مضمون شايع ٿيو. بابا ٻني کان گهوڙي تي چڙهي ڏاڏ وري پتڻ اُڪري جهمپير ريلوي اسٽيشن پهچي ريل ۾ چڙهي ڪراچيءَ ويندو هو. ٻهراڙي جي هڪ ڇوڪري جڏهن ريل ۾ سفر ڪري ڪراچيءَ جي وڏي ريلوي اسٽيشن ڏٺي ۽ ڪنهن سواريءَ ۾ چڙهي هاسٽل پهتو هوندو ۽ ڪنهن وڏي جي گڏ هئڻ کان سواءِ اسڪول ۽ هاسٽل ۾ داخلا ورتي، اُت انگريز استادن ۽ سڄي سنڌ جي شاگردن وچ ۾ نئين ماحول ۾ زندگي ۽ ڪراچيءَ جي ان وقت جي ايشياءَ جي پهرئين نمبر صاف سٿري شهر ۾ سندس ڪهڙا تاثرات هئا. اها کيس خبر هوندي پر آئون سمجهان ٿو ته هڪ ذهين ٻار کي اُن سڄي ماحول ۾ رلي ملي وڃڻ ۾ ڪا گهڻي دير ڪانه لڳي هوندي. جويو صاحب لکي ٿو ته بابا 1929ع ۾ مون کان هڪ سال اڳ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو هو. پاڻ پهرين سنڌ مدرسي جي هاسٽل جي خيرپور هائوس ۽ پوءِ حسن علي هائوس ۾ عليحده روم ۾ رهندو هو ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ ماني کائيندو هو. (هاڻ سنڌ مدرسي جي انهن هاسٽلن ۾ رينجرس وارا قابض آهن ۽ منهنجي رهائش واري مسلم هاسٽل حيدرآباد تي به رينجرس وارا قابض آهن، جت ٻهراڙي جا شاگرد اچي رهندا هئا.) تمام سٺا ولايئي بوسڪي ۽ ساٽين جا ڪپڙا پائيندو هو. جهڙا اسان جو استاد ٽيڪن مل پائيندو هو ۽ پوءِ پاڻ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي جئي هند جو نعرو هڻي مدرسو ڇڏي هليو ويو.
واقعي پڙهائي ختم ڪرڻ انتهائي قدم هو پر سٺي مستقبل ۽ آزاديءَ جا خواب ڏسڻ وارا ماڻهو ايئن ڪندا آهن. هونءَ به وڏا فيصلا وڏا ماڻهو ڪندا آهن. بابا سان گڏ انهيءَ وقت سنڌ مدرسي ۾ اسان جي تر جا هي ماڻهو به تعليم وٺندا هئا. قادر ڏني شاهه موريءَ وارا ٽي سيد ڀائر پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه (جيڪو پوءِ وائيس چانسلر ۽ وفاقي وزير تعليم ٿيو ۽ سجاول کان اڳيان لاڙ شگرمل به لڳايائين.) قادر ڏنو شاهه ۽ علي قطب شاهه، دڙي مان ارباب ولي محمد ميمڻ ۽ ميرپور بٺوري مان خواجه بردران فقير محمد عيسيٰ ۽ محمد موسيٰ پڙهندا هئا.
ان وقت اسان جا ساليانه امتحان گهڻو ڪري پوري وقت تي ٿيندا هئا. امتحان اڳيان پٺيان ٿيڻ واري بيماري اڃان شروع ڪانه ٿي هئي. اڄ ته يونيورسٽيءَ جو ساليانه امتحان هڪ شاگرد به اڳيان پٺيان ڪرايو ڇڏي. اسان جي وقت ۾ اسڪولن ۾ ڪاپي يا هڙتال جو تصور ئي ڪونه هوندو هو. استادن جي وڏي عزت ڪئي ويندي هئي ۽ استادن کي پيرين پئي ملبو هو.
اسڪول رجسٽر ۾ هر شاگرد جي پڙهائي بابت ريمارڪس لکيل هوندا هئا. جيئن اڄڪلهه شهرن جي سُٺن پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ رڪارڊ رکيل آهي. تيئن ان وقت ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ به شاگردن جو رڪارڊ هوندو هو ۽ انهيءَ مٿان وري بيٽ عملدار يا صاحب جو نوٽ هوندو هو، منهنجي باري ۾ هينئن لکيل آهي، ”زباني حساب ۽ صورتخطيءَ ۾ گهٽ آهي.“ اهو سٺ سالن جو رڪارڊ اڃان به ٻني پرائمري اسڪول ۾ محفوظ آهي هينئر شاگرد ته ٺهيو پر انهن جا مائٽ به انهن جي طرفداري ڪندي اسڪولن ۾ اچيو استادن کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃن ۽ ڪوبه پڇڻ وارو ڪونهي.
مون به پنهنجو ستون درجو سنڌي ۽ ٽيون درجو انگريزيءَ جو امتحان ٻني ۾ پاس ڪيو جيڪو دڙي واري سائين محمد طالب ميمڻ ورتو، مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آهي ته امتحان وقت سندس اکيون تمام خراب ۽ ڳاڙهيون پئي لڳيون، جنهن ۾ پاڻ امتحان دروان به ڦڙا وجهندو رهيو پر نه امتحان پٺتي ٿيو ۽ نه ئي پاڻ امتحان دوران غيرحاضر رهيو. ان حالت ۾ به پاڻ باقاعدگيءَ سان امتحان ورتو ۽ ڪابه رعايت ڪانه ڪيائين. سندس فرزند نجم الدين ميمڻ مون سان گڏ نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، ائين آئون ٻني ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري وڌيڪ پڙهائي لاءِ حيدرآباد ويس. مون کان هڪ سال اڳ ٻني مان پڙهڻ لاءِ محمد افضل راجپوت، محمد اسماعيل عمراڻي ۽ خير محمد ميربحر ويل هئا. محمد اسماعيل ۽ خيرمحمد ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي واپس ڳوٺ هليا آيا هئا. محمد افضل مئٽرڪ تائين حيدرآباد ۾ پڙهيو پوءِ ٻني مڊل اسڪول ۾ استاد ٿيو ۽ ٻني هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ٿي نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيو. ٻني کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ ان وقت ٻه ذريعا هوندا هئا. هڪ ٻيڙين معرفت ڏاڏاوري پتڻ يا جهرڪ وڃبو هو. پوءِ اتان بسن ۾ چڙهي حيدرآباد وڃبو هو يا وري اٺ تي ٻيلي جو راڙ مان ٿيندو ڏاڏوري پتڻ پهچبو هو ۽ اتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پتڻ اُڪري نيشنل هاءِ وي تي پهچي سرڪاري بسن ۾ چڙهي ڪراچي، ٺٽي يا حيدرآباد وڃبو هو. ڏاڏوري پتڻ تي سانوڻ درياءَ وقت درياءَ ۾ وڏيون ٻيڙيون ۽ سانوڻ کان سواءِ ننڍيون ٻيڙيون ماڻهن ۽ مال کي هر وقت اُڪارينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي گهٽ هئڻ ڪري پتڻ اُڪرڻ ۾ ڪافي دير ٿي ويندي هئي ۽ انهيءَ زماني ۾ به ڪڏهن ڪڏهن درياءَ ۾ ايترو ته گهٽ پاڻي ٿي ويندو هو، جو سياري جي مُند ۾ بيل گاڏيون درياءَ اندران آرپار اينديون رهنديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ايڏو ته واريءَ جو طوفان اٿندو هو جو ڪابه شيءِ نظر ڪانه ايندي هئي. هڪ ڀيرو انهيءَ طوفان دوران ٻني جو هڪ ميربحر محمد واريءَ ۾ ڍڪجي مري ويو. ان وقت ۾ خانگي بسون ڪونه هلنديون هيون، سرڪاري بسون ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا صبح ۽ شام اينديون هيون، انهن ٻن سببن مان ڪابه بس خراب ٿي پئي ته ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. صبح واري بس خراب ٿي ته ڪانڊيري جاکري جي هوٽل تي دال ماني کائي شام واري بس ۾ حيدرآباد هليو وڃبو هو پر جي شام واري بس به خراب ٿي پئي ۽ حيدرآباد وڃڻ واري ٽرڪ به نه کنيو ته پوءِ ڏاڏوري ۾ عرس پاتڻيءَ جي اوطاق يا سونڊن ۾ مصري خان جاکري جي اوطاق يا جهرڪن ۾ سيد قاسم شاهه جي گهر وڃي رهبو هو. وري ٻي ڏهاڙي حيدرآباد وڃبو هو. ٻني شهر ۾ جهرڪ ڏاڏوري ۽ ڪوٽڙي وڃڻ لاءِ پيڃاريءَ ۾ ٻيڙيون بيهنديون هيون. جيڪي جهرڪن، ٻني ۽ ڪوٽريءَ جي ٻيڙياتن جون هونديون هيون. اُٺ سواريءَ لاءِ اڄ جت والي بال کيڏي وڃي ٿي ان کان پريان اُٺ ويهندا هئا. جن کي اٺن جي کوڙي چيو ويندو هو. جت صبح سوير ويهه پنجويهه اُٺ تيار ويٺا هوندا هئا. پر تڏهن به هڪ ڏينهن اڳ اُٺ جي هلائيندڙ جنهن کي جت سڏيو ويندو هو، تنهن کي اطلاع ڪبو هو ته سڀاڻي تيار رهج. ڏاڏوري پتڻ هلبو ۽ کيس هلڻ جو ٽائيم به ٻڌائي ڇڏبو هو. اُٺ نه رڳو ڏاڏوري پر ٻني جي اردگرد سڄي علائقي ۾ به سواري جو هڪ مکيه ذريعو هوندا هئا. گهڻو ڪري سرڪاري عملدار به اٺن تي چڙهي گشت يا پوليس جانچ ڪندي هئي. گهوڙا به وڏي تعداد ۾ چڙهڻ لاءِ ماڻهن وٽ هئا پر اڄ ٻني ۾ گهوڙا صرف ٽانگن ۾ ٿا ڏسجن، گهوڙن جي جڳهه موٽر سائيڪلن ورتي، موٽر سائيڪل گهوڙي کان وڌيڪ آسان ۽ بي خرچ آهي. جنهن تي بروقت ضرورت ٽي ماڻهو به چڙهي سگهن ٿا ۽ کس ڪٿ به بيهارڻ ڪو مسئلو ڪونهي. اٺن جي کوڙي تي ان وقت نم کريڙو، سلو لاشاري، محمد رحيم پالاري، خدا ڏنو شاهه، الهڏنو شاهه ۽ جانو پليجو قابل ذڪر جت هوندا هئا. جيسيتائين عبدالرحيم ڪاتيار کان قادر ڏني شاهه موريءَ تائين پڪو رستو ٺهيو، تيستائين حيدرآباد ۽ ٺٽي ڏانهن ائين سفر ڪندا رهياسين. 1958ع ۾ ٻني مان تعليم پوري ڪري پرائمري اسڪول مان ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزي جا پورا ڪري سرٽيفڪيٽ ورتم جنهن ۾ لکيل آهي. ”جريان نمبر 140 وارو شاگرد عبدالحئي پليجو ولد ارباب نورمحمد پليجو (1958- 5-4 ) چار مئي اوڻيهه سو اٺونجاهه تي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ويو ۽ ائين ٻني اسڪول مان منهنجو نالو هميشه لاءِ نڪري ويو.
حيدرآباد وڃڻ لاءِ مون وٽ ڪهڙو سامان هو، اهو مون کي ياد ڪونهي پر مونکي ياد آهي ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ان شهر لاءِ روانا ٿياسين، جيڪو سنڌ ۾ واحد شهر آهي. جنهن جو نالو هڪ پکيءَ پٺيان آهي، يعني جهرڪ شهر، اسان ٻني مان گوڊ واڙن جي وڏي ڪٽار ۾ صبح سوير چڙهي روانا ٿياسين. انهيءَ ٻني شهر مان جنهن ۾ سن 1828ع ۾ انگريز ڊاڪٽر جيمس برنس جڏهن پهتو هو ته سندس هي تاثرات هئا.
”مان اٺين تاريخ شام جو ٻني ۾ پهتس ۽ پهريون ڀيرو سنڌونديءَ جو معائنو ڪيم. مون کي هن مشهور ۽ تاريخي ندي ڏسڻ جو ايترو ته شوق هو جو مان سڀ پنهنجو سامان پٺيان ڇڏي ۽ چاليهه ميل ڏينهن جو سواري ڪري ٿڪجي ٽٽجي اچي شام جو ان جي ڪناري تي پهتس. منهنجو شوق پورو ٿيڻ ڪري جي منهنجي دل ۾ جذبا پيدا ٿيا تن جي بيان ڪرڻ جي هت ضرورت ناهي. منهنجي هندو ساٿين ته ڏسڻ سان درياءَ جي پوڄا ۽ بندگي شروع ڪري ڏني، هنن جي نگاهه ۾ ان جي پوتر پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ ڪري اَبدي آنند حاصل ٿئي ٿو. پر سڪندر جي ڪارگذارين جو لانگاهه ڏسي جي منهنجي دل ۾ جذبا پيدا ٿيا سي هندن جي دل ۾ به ڪونه ٿيا هوندا. هن عظيم ۽ فيض رسان نديءَ جو ڪرم ڏسي چئجي ٿو ته پاڻي ۽ پاڻي جي ديوتائن جي پوڄا تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه ٿيڻ گهرجي.“
جيمس برنس هندستان مان روانو ٿي سنڌ ۾ 1828ع ۾ پهتو ۽ اسان اڄ مئي 1958ع ۾ يعني هڪ سؤ ٽيهه سال پوءِ ٻني کان حيدرآباد وڃي رهيا آهيون. انهيءَ دوران انگريز واپس هليا ويا ۽ اڄ درياءَ سنڌ جي ڪپرن تي توهان کي ڪوبه انگريز نظر نه ايندو. انهن هڪ سَؤ ٽيهن سالن ۾ آسمان ڪنئين رنگ بدلايا، سا خبر خدا کي! مئي جي مهيني ۾ درياءَ پنهنجي موج سان وهي رهيو هو ۽ اسان درياءَ جي سامهون وڃڻ ڪري ائين وڃي رهيا آهيون جيئن وڏيون گاڏيون سپر هاءِ وي تي چاڙهي چڙهندي هڪ طرف کان ٻي طرف هلنديون رهنديون آهن. ٻيڙيءَ جي انهيءَ هلڻ جي ڍنگ کي ٻيڙياتن ڦٽڪا ٿي چيو. درياءَ ۾ ٻلهڻين ۽ لوڌڙن ۽ ڪنهن ڪنهن وقت مڇين درياءَ مان نڪري ٽپ ٿي ڏنا. ٻني ۽ لاکي پير جي وچ ۾ درياءَ ۾ واڳون به جام ٿيندا هئا. جنهن جو ذڪر بدر ابڙي پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾ ڪيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته لاکي پير وٽ ڪنهن زماني ۾ واڳون جي پوڄا جو مرڪز هو. الائي واڳن جي پوڄا ڪهڙا ماڻهو ڪندا هئا ۽ ڪهڙي مذهب ۾ واڳن کي به پوڄيو وڃي ٿو!
درياءَ جي ڪنڌين تي رهندڙ ماڻهن جي لکن سالن جي ڪهاڻيءَ ۾ شايد ائين به هجي ۽ انهن مان ئي شايد اها چوڻي مشهور ٿي، ”ته رهين ٿو دريا جي ڪپ تي ۽ وجهين ٿو واڳن سان وير.“ اسان جي ٻيڙي (وير) ڪن ڏانهن اڳتي وڃي رهي آهي ۽ سڀ ماڻهو درياءَ جي هن حسين ماحول کي ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا آهن. درياءَ جون لهرون ٻيڙيءَ کي اهڙي نموني لوڏي رهيون آهن. ڄڻ ته ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي پينگهي ۾ لوڏي رهي آهي. زندگيءَ ۾ ڪيڏو نه حُسن لڪو پيو آهي. درياءَ جي ٻنهي ڪپرن تي وڏا ڊگها ساوا وڻ هوا تي لڏي لمي رهيا آهن. ٽارن جي چوٽين تي سندن هلڪي گلابي ٻُور جا جهڳٽا هيٺ لڙي پيا آهن ۽ وڻن تي پکي ولرن ۾ اڏامي اسان جي آجيان ڪري رهيا آهن. سج جي لالاڻ هن منظر کي وڌيڪ حسين ڪري رهي آهي. چنڊ جي چانڊاڻ ۽ تارن جي جهرمر وانگيان سج جي لالاڻ جي به پنهنجي سونهن آهي. چهري ۽ گلي جي سونهن (معنيٰ سهڻو آواز) دائمي ڪانه هوندي آهي پر سج ۽ چنڊ جي سونهن هميشه قائم آهي.
ڪنهن وقت درياءَ جي کاڌ جي ڪري پري کان ڪنهن ڀٽ ڪرڻ جو آواز درياءَ ۾ پڙاڏو ڪري رهيو آهي. سج جا ڪنوارا ڪراڻا درياءَ جي لهرن تي پکڙجي لهرن سان رانديون ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ڏسي اسان جون اکيون پيون ٺرن، سانوڻ درياءَ جو گوڙ رات جي وقت پري تائين ٻڌبو آهي. پر هينئر درياءَ وچ ۾ به لهرن جو اواز ڪونه ٿو ٻڌجي. درياءَ کي وهندو ڏسي ماڻهو هڪ گهري سوچ ۾ گم ٿيو وڃي ته هزارن لکن سالن ۾ هن درياءَ اندر ۽ سندس ڪنڌين تي ڇا ڇا نه ٿيو هوندو. ڪيترا بادشاهه ڇا ڇا نه سوچي هت آيا هوندا ۽ نيٺ ڌرتيءَ کي ناچ نچائي وڃي هن جي دنگ تي پهتا هوندا يا رستي ۾ خود خاڪ ٿي ويا هوندا ۽ انهن هزارن سالن ۾ هنن ڪنڌين تي ڇا نه ڪهاڻيون ٺهيون هونديون. پر اسان وٽ صرف هڪ ڪهاڻي سهڻي ۽ مهيار جي مشهور ٿي، جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي بيتن ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.
انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا جي پنن کي اٿلائيندي جڏهن ماڻهو درياءِ سنڌ جو رنگين نقشو ٿو ڏسي ته اصل اکيون ٺريو پون. ڪيئن نه وروڪڙن سان هماليه جبل جي سورهن هزار فوٽن جي بلنديءَ تان هيٺ وهندي سهڻي ٿي لڳي. پاڻ اوڻٽيهه سؤ ڪلو ميٽر هيٺ جبل ۽ ميدان لتاڙيندي پوڇڙ ۾ ڊيلٽا ٺاهيندي نيٺ اچيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. انهن اوڻٽيهه سَؤ ڪلوميٽرن ۾ مٿس ڪنئين ڊئم ۽ بئراج ٻڌي کيس پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سنڌو سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي درياءِ سنڌ جو ذڪر دنيا جي قديم ڪتاب رگويد ۾ به آهي. درياءَ سنڌ چائنا جي علائقي تبت، هندستان جي علائقي ڪشمير ۽ پاڪستان جي ٽن صوبن يعني سرحد، پنجاب ۽ سنڌ مان گذري پوءِ سمنڊ ۾ ٿو پوي. پر درياء سنڌسان جا محبت سنڌين کي آهي اها محبت ٻي ڪنهن کي به ڪانهي. ان جو سبب شايد اهو آهي ته سنڌ جي وڏي حصي جو وجود ئي درياءَ سنڌ جي وهڻ ڪري ٿيو. ماڻڪ پٿا والا جو چوڻ آهي ته، ”سنڌ پرڳڻي جي انچ انچ جو وجود درياءَ سنڌ جي لٽ ڪري ٺهيو آهي.“ (ڏسو سنڌو جو سفر صفحو 20)
مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ جي صفحي 16 تي لکي ٿو ته، ”سنڌو درياءَ هڪ ڏينهن ۾ ڏهه لک ٽن واري سمنڊ ۾ ٿو ڪيرائي.“ ظاهر آهي ته هزارن لکن سالن ۾ ان سمنڊ ۾ واري ڪرڻ ڪري ڪيتري نه ڌرتي ٺهي هوندي ۽ اهو سلسلو خبر نه آهي ته ڪڏهن شروع ٿيو هوندو، پر هاڻ 2001ع کان اهو واري سمنڊ ۾ ڪرڻ وارو سلسلو ئي بند ٿي ويو آهي. ان کان پوءِ صرف هڪ ٻه ڀيرا پنج ڇهه هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ڇڏيو ويو آهي. سو گهڻي واري سمنڊ ۾ ڪري هوندي. واريءَ جو سمنڊ ۾ نه ڪرڻ معنيٰ لکن سالن کان سنڌ جو ٺهندڙ وجود جو خاتمو ۽ پڻ درياءَ سنڌ جي سونهن وڃي هر سال گهٽجندي، خبر نه آهي ته ائين ڇو پيو ٿئي، نه ته يورپين ملڪن ۾ ته اهڙيون تدبيرون اختيار ڪن جو سندن نديون ۽ درياءَ وڃن هر روز خوبصورت ٿيندا. مثلاً ندين مٿان ايڏيون ته خوبصورت پليون ٺاهين ۽ نديءَ جي ٻنهي پاسن کان ريل جا رستا يا موٽر وي ٺاهين، ته جئين وهندڙ ندين جي سونهن ۽ خوبصورتي برقرار رهي يا ندين ۾ جام ٽرانسپورٽ هلي، يعني ڪارگو ۽ مسافر بوٽس ٻئي هلن. دريائن جي ڪپرن تي اهڙو سهڻو بندوبست ڪن جو ماڻهو پنهنجون موڪلون اچي ندين جي ڪپرن تي ٺهيل هَٽس ۾ گذارين. جت کين هر سهولت ميسر ۽ حق ملي. يورپ جو شهر ائمسٽر ڊئم ته سڄو ندين جي ڪپرن تي ٺهيل آهي. روم، پئرس ۽ لنڊن جي وچ شهر مان سيس ۽ ٿيمس نديون گذرن ٿيون جن ۾ توهان هزارن جي تعداد ۾ صبح کان رات تائين ٻيڙين ۾ سياحن کي سير ڪندا ڏسندا. اسان جي ٻيڙي شايد پنهنجي اڌ سفر مڪمل ڪيو آهي ڇو ته ٻيڙي اندر ڪافي پوسل جي پاڻي گڏ ٿي ويو آهي جنهن کي ٻيڙي وارا ڇلن ذريعي ٻاهر ڪڍي رهيا آهن. ٻيڙيءَ ۾ پنجٽيهه چاليهه کن ماڻهو ٿيندا. آئون هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو آهيان. هونئن به جيڪي ماڻهو درياهن جي ڪپن تي آباد آهن انهن لاءِ ٻيڙين جو سير يا ترڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هوندي آهي. ٻيڙيءَ جيئن جيئن درياءَ جي هڪ ڪپ کان ٻي ڪپ ٿي وئي تيئن تيئن ٻيڙياتن ٻيڙيءَ جو سڙهه ڦيرايو ٿي. ڪيڏي ڪيڏي مهل ته هڪ ٻيڙياتو مٿي چڙهي ٿي سڙهه کي وچ ۾ کُتل ڪاٺ جنهن کي سيخلو چئبو آهي. تنهن سان ٻڌيو ٿي جنهن اهو ڪم ڏاڍي تيزيءَ سان ٿي ڪيو ۽ اسان ٻيڙيءَ ۾ ويٺل سڀني ماڻهن کيس ڏاڍي غور سان پي ڏٺو، پر پاڻ سڀني کان بيخبر ٿي پنهنجي ڪم کي لڳو پيو هو. ٻيڙيءَ جو ڪپتان يا وڏو ناکئو ٻيڙيءَ جو سکان هٿ ۾ جهليو ٻيڙيءَ اڳيان خاموش ڏسي رهيو هو ۽ پڻ ٻين کي بروقت ضرورت هدايتون ڏيئي رهيو هو. درياءَ جو وهندڙ پاڻي گهڻو ڪري لٽاسي رنگ جو هوندو آهي. پر جڏهن جبلن مٿان نئيون وَهِي درياءَ ۾ شامل ٿينديون آهن ته ان وقت درياءَ جي پاڻيءَ جو رنگ ڦري ڳاڙهو ٿي پوندو آهي ٻيڙيءَ جي اندران دونهن اچي رهيو آهي. شايد هيٺ ويٺل پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهي رهيا آهن. ٻيڙياتا ٻيڙي هلندي ٻيڙيءَ ۾ رڌپچاءُ به ڪندا آهن. سندن هنڌ بسترا به ٻيڙيءَ ۾ ئي رکيل هوندا آهن. ٻني ۽ جهرڪ وچ ۾ درياءَ جي ڪپ تي ڪوبه ڳوٺ آباد ڪونهي. جهرڪن کان مٿان هڪ ڳوٺ بلڪل درياءَ جي ڪپ تي آباد آهي جنهن جو نالو آهي، ”راڄ جو ڳوٺ“
غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن ۾ روزگار جا وسيلا شهرن ۾ هئڻ ڪري شهرن جي ابادي وڃي هر روز وڌندي ۽ ڳوٺ وڃن خالي ٿيندا. پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ ائين ڪونهي اُت جهڙا شهر تهڙا ڳوٺ، جيڪا سهولت شهرن ۾ ٿئي اها ڳوٺن ۾ به ٿئي. تنهن ڪري ماڻهو لڏپلاڻ يا نقل مڪاني گهٽ ڪن. ماڻهو شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙين ۾ رهڻ پسند ڪن. توهان آمريڪا جي شهرن جي آباديءَ جا انگ اکر ڏسندا ته توهان کي معلوم ٿيندو ته آمريڪا جي وڏن شهرن جهڙوڪ، نيويارڪ لاس اينجلس ۽ سينفرانسسڪو جي آدم شماري جيڪا ويهه سال اڳ هئي. تنهن کان هينئر ڪافي گهٽجي وئي آهي. چوندا آهن ته شهر ٻهراڙين جو رت چوسيندا آهن. اسان کي هاڻ جهرڪن جا جبل صاف نظر اچي رهيا آهن. آئون بابا سائينءَ کان پُڇان ٿو ته جهرڪن ڪيڏي مهل پهچبو. پاڻ مشڪي چيائين ته اڌ ڪلاڪ اندر، جيئن ٿي جهرڪ ويجها آيا تئين ٿي جبل صاف نظر آيا. ٿوري دير ۾ ماڻهن ۾ چرپر نظر آئي، هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي سامان کي سنڀالي هٿيڪو ٿي ڪيو ته جيئن ٻيڙي ڪپر تي پهچي ته سامان کڻي جلد ٻيڙيءَ مان لهجي. جيئن ٻيڙي ڪپ تي پهتي ته هڪ ٻيڙيئاتو جلد ٻيڙي مان لهي ٻيڙيءَ سان ٻڌل رسو کڻي زمين ۾ کتل وڏي ڪِلي ۾ ٻڌو ۽ آهستي آهستي ٻيڙي ڪپ سان لڳي بيهي رهي ۽ ٻيڙيءَ تان هيٺ وڏو تختو گِري زمين تي رکئون، ماڻهو هڪ هڪ ٿي هيٺ لهڻ لڳا ۽ اسان به ان تختي تان آهستي آهستي ٿي هيٺ لٿاسين ۽ پوءِ پنڌ هلڻ لڳاسين. درياءَ جي ڪپرن تي جبل کان هيٺ درياءَ سان لڳو لڳ جيڪا زمين هئي سا ان وقت ٻڌائون ته بٺوري جي خواجن جي آهي. جنهن ۾ ان وقت ڪافي وڻ نظر اچي رهيا هئا ۽ ات ڪي سيمينٽ جون بينچون به پيل هيون. وڏڙن ٻڌايو ته اُت اڳ وڏو باغ هوندو هو. پر خواجن جي هتان لڏي وڃڻ ڪري ۽ سنڀال نه هئڻ ڪري اهو باغ سُڪي ويو آهي. اهو دؤر 1958ع جو هو ڀٽي دؤر ۾ سال مڪان کان ساپا موريءَ تائين انهيءَ هنڌان شاخ ڪڍي وئي. جنهن ڪري اهو سڄو علائقو آباد ٿي پيو.
پر جيئن ته اها شاخ ڪچي مان ٿي لنگهي تنهن ڪري جڏهن به درياءَ جي وڏي اٿل ٿيندي آهي ته اها سڄي شاخ درياءَ جي ريٽ ڪري ڍڪجي ويندي آهي. پوءِ جي ترت مرمت ٿي ته ٺيڪ نه ته سالن جا سال سندس وهڪرو بند ٿي ويندو آهي. منهنجو سال مڪان وارو علائقو چڱيءَ طرح ڏٺل آهي. آئون اُت ڪئين ڀيرا ننڍي هوندي کان ويندو رهيو آهيان. ڇو ته سال مڪان جي ارباب جان محمد دل وارن سان اسان جي پراڻي مائٽيءَ جو رشتو آهي جنهن ڪري انهن سان شادي مرادي ۽ مرڻي پرڻي ميل ملاقات ٿيندي رهندي هئي، ڏاڍا محبتي ماڻهو هئا. ارباب جان محمد جو ننڍو پٽ جمن بابا وٺي اچي ٻني رهايو ته پڙهي پوي، پر پاڻ ڪونه پڙهيو ۽ واپس ڳوٺ هليو ويو، ڏاڍو فهميدو ڇوڪرو هوندو هو. ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو. اسان خواجن جي ٻنين مان ٿيندا جهرڪن جي چاڙهي چڙهي مٿي جبل تي شهر ڀيڙا ٿياسين. درياءَ کان ايندي پهريان گهر پاتڻين جا هئا، پوءِ ٻيو شهر ٿي شروع ٿيو. اسان جهرڪن جي گهٽين مان ٿيندا هر شيءِ کي حسرت جي نگاهن سان ڏسندا اچي جهرڪن جي بس اسٽينڊ تي پهتاسين، بس اسٽينڊ تي ٻه ٽي هوٽلون ۽ ٻه ٽي پان سگريٽ جون ماڊڻيون هيون. جنهن تي حيدرآباد ٺٽي طرف وڃڻ وارا مسافر اچي ويهندا هئا نه ته جهرڪن جي بازار شهر اندر هوندي هئي. جهرڪ درياءَ جي ٻنهي طرفن کان اچ وڃ جو مرڪز هوندو هو ۽ سٺو اردگرد جو واپاري مرڪز هوندو هو. شهر واسي سکي ستابي زندگي گذاريندا هئا، جهرڪ درياءَ ۽ نيشنل هاءِ وي تي هئڻ ڪري تيستائين ترقي ڪندو رهيو، جيسين وڃي سپر هاءِ وي ٺهيو، سپر هاءِ وي ٺهڻ ڪري جهرڪ ۽ ٺٽي جي وچ وارو علائقو پنهنجي اڳوڻي رونق وڃائي ويٺو، نه ته ڪنهن زماني ۾ اهو رستو اوج تي هو ۽ ان زماني ۾ جن جن وڏيرن جا بنگلا نيشنل هاءِ وي تي هوندا هئا انهن جا پنجاب ۽ اَپر سنڌ جي ماڻهن سان ڏاڍا سٺا تعلقات هوندا هئا ڇو ته وڏي مسافري ۽ گرميءَ ڪري انهن کي مجبورن ڪجهه وقت لاءِ اُت ماني کائي آرام ڪري پوءِ ئي اڳيان ڪراچيءَ وڃڻو پوند هو. انهيءَ دؤر ۾ يورپ ۽ آمريڪا جا سياح به وڏي تعداد ۾ هن رستي کان افغانستان ۽ هندستان ويندا هئا. جن ۾ هپي (Hippie) ڇورا ۽ ڇوريون ته سائيڪلن تي ۽ پنڌ به هتان نيشنل هاءِ وي کان ٿيندا اڳتي ويندا هئا. مرحوم عبدالحڪيم شاهه جي سونڊن واري بنگلي تي مون ڪنئين ڀيرا انهن هپيز کي راتيون گذاريندو ڏٺو. وٽن صرف هڪ ننڍو ٿيلهو هوندو هو جنهن ۾ صرف ٻه وڳا ڪپڙن جا هوندا هئا جيڪي پٺن تي رکي روانا ٿي ويندا هئا. وٽن ڪابه جهل پل ڪانه هئي. کين صرف ماني ۽ چرس پيارڻ جي دير هئي. اڪيليون اڪيليون ڇوريون ٽرڪن کي هٿ ڏيو انهن ۾ چڙهي روانيون ٿي وينديون هيون. مرحوم عبدالحڪيم شاهه ڪنئين ڀيرا اهڙا سڻڀا مهمان مون وٽ حيدرآباد واري فليٽ تي وٺي آيو. پاڻ ٻه ٽي ڏينهن رهي هليو ويندو هو. آئون به ٻٽن ڏينهن کان پوءِ انهن مان تنگ ٿي پوندو هوس، گندا هوندا هئا پر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته سئانن کي ڪهڙيون سوگون. عبدالحڪيم شاهه جي والد صاحب سان رئيس مصري خان سونڊن واري سان ۽ سيد قاسم شاهه سان بابا سائين جا تمام سُٺا دوستاڻا تعلقات هوندا هئا. انهن تعلقات ڪري منهنجي به عبدالحڪيم شاهه سان ياري هوندي هئي جيڪا سندس وفات تائين قائم رهي. اسان ڪنئين ڀيرا ملڪ کان ٻاهر جپان، هانگ ڪانگ، مڪائو، فلپائين، مليشيا ۽ ٿائيلينڊ گهمڻ وياسين، پاڻ سائين جي ايم سيد جو وڏو عقيدت مند هوندو هو.
جيسين اسان جي بس اچي تيسين اسان کي انتظار ڪرڻو هو ۽ آهستي آهستي بس جا پئسنجر به ويا وڌندا. ظاهر آهي ته جيڪا بس ٺٽي کان ڏينهن جو ايندي سان مسافرن سان ته ڀرجي ايندي ۽ رش به ٿيندي. جهرڪ شهر ۾ ان وقت رند، پير، ميمڻ، خواجه، پاتڻي، سيد جهرڪا ۽ ميربحر رهندا هئا. شهر ۾ ڪافي واپار ٿيندو هو. جنهن ڪري چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. جهرڪ هونئن به تمام قديم شهر آهي جيڪو ٻڌ جا ٽڪر ويجهو هئڻ ڪري ۽ درياءَ سنڌ تي آباد هئڻ ڪري ۽ آغا خان جو ايران کان ڀڄي هت رهڻ ڪري قائداعظم جي جاءِ پيدائش هئڻ ڪري ۽ هڪ وڏو ٽي بي سينٽوريم هئڻ ڪري هي وڏي اهميت وارو شهر هو. انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾ ٽي ڪليڪٽوريٽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ٺاهيا. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ وري ڇهه ضلعا ٺاهيا ان ۾ هڪ جهرڪ به شامل هو. (ڏسو پري ميونٽي رڪارڊرس)
جهرڪ نيشنل هاءِ وي تي نه پر ان کان ميل کن پري هو، اهو وچ وارو هڪ ميل کن رستو گهڻو پوءِ شهيد ڀٽو دؤر ۾ پڪو ٿيو. شهيد ڀٽي دؤر ۾ سڄي سنڌ ترقي ڪئي اُت جهرڪ شهر به ڪافي ترقي ڪئي، جنهن ۾ اهو پڪو رستو، بئنڪ، فون، واٽر سپلائي، هاءِ اسڪول ۽ اسپتال ٺهيا. الائي ڇو مون کي جهرڪ ۽ سن سان ڏاڍي اُنس هوندي آهي. اسان جي بس پري کان نظر اچي رهي آهي ۽ آئون ڏاڍو خوش ٿي رهيو آهيان. چوندا آهن ته ننڍي ٻار ۽ جانور کي لڏپلاڻ ۾ مزو ايندو آهي. سو آئون به بس ڏسي خوش ٿي رهيو آهيان. بس تيز اچي رهي آهي. ڪجهه ماڻهو بس مٿان به ويٺل نظر اچي رهيا آهن. بس هوٽلن اڳيان هلي پريان ڦري واپس هوٽلن اڳيان اچي بيٺي، سواءِ ڪنهن انتظار جي ماڻهو بس مان لهي به رهيا آهن ته چڙهي به رهيا آهن. تنهن ڪري هروڀرو رش محسوس ٿي رهي آهي. اسان به سوڙها سنگهڙا وڃي بس ۾ ويٺاسين. اڄڪلهه بسن ۾ عورتون اڳيان ۽ مرد پٺيان ويهن پر اڳ ۾ ائين نه هو، خاص خاص مسافر اڳيان ۽ ٻيا سڀ مسافر پٺيان ويهندا هئا. جنهن ۾ عورتون به شامل هونديون هيون ۽ اڳيان ويهڻ وارن کان ٿورو ڀاڙو زياده وٺندا هئا. بس ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر بس مان لهي وڃي هوٽل ڀيڙا ٿيا ۽ سڄي بس جا مسافر سندن انتظار ڪري رهيا آهن. اڄڪلهه هاءِ وي تي هلندڙ بسن کي هڪ دروازو آهي پر ان وقت نيشنل هاءِ وي تي هلندڙ بسن کي ٽي دروازا هوندا هئا. يعني ڊرائيور لاءِ جُدا، اڳين مسافرن لاءِ جدا ۽ پٺيان ويهڻ وارن مسافرن لاءِ جدا گيٽ هوندا هئا. ان زماني ۾ هن روٽ تي صرف گورنمينٽ جون بسون هلنديون هيون جن جو ڳاڙهو رنگ هوندو هو. پهرين انهن تي گورنمينٽ روڊ ٽرانسپورٽ لکيل هوندو هو. پر ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ لکيل هوندو هو، جيڪو شايد اڄ به لکيل آهي. ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر بس ۾ چڙهيا ته بس به هلڻ لڳي ۽ ڪنڊيڪٽر هڪ هڪ کان ڀاڙو وٺندو اڳتي وڃي رهيو آهي. ان زماني ۾ ٺٽي کان حيدرآباد هڪ روپيو ٻارهن آنا ڀاڙو هوندو هو ۽ جهرڪن کان حيدرآباد چوڏهن آنا ڀاڙو هوندو هو. منهنجي ننڍي عمر هئڻ ڪري منهنجو ڀاڙو چوڏهن آنن جو اَڌ يعني ست آنا هوندو هو. ڀُٽي دؤر ۾ اُهو ڀاڙو سڀني شاگرن لاءِ مقرر ڪيو ويو بس نيشنل هاءِ وي تي چڙهي حيدرآباد ڏانهن هلڻ لڳي. آئون جبل تي ٿوهرن جي وڻن ۽ ٻين جابلو وڻن کي غور سان ڏسي رهيو آهيان ۽ بابا کان هر هر سوال پُڇي رهيو آهيان ۽ بابا سائين مون کي نه رڳو سوال جو جواب ڏئي رهيو آهي پر هر سوال بابت چڱي نموني سان سمجهاڻي به ڏئي رهيو آهي. بابا ٻڌايو ته سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ انگريزن پهريون پڪو روڊ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي تائين ٺهرايو ڇو ته اڃان ڪوٽڙي واري پُل ڪانه ٺهي هئي ۽ اهو پڪو روڊ پهريون سڄو پڪو ڪونه هوندو هو پر صرف ٻن ٻن فوٽن جون پڪيون پٽيون ٺهيل هونديون هيون. (ته جيئن گاڏين جي فيٿن کي هلڻ ۾ سهولت ٿئي.) جن مٿان ٽرئفڪ هلندي هئي ۽ ان روڊ کي ڪي ڪي ( K K) روڊ يعني ڪراچي ڪوٽڙي روڊ چئبو هو. پوءِ جيئن ٽرئفڪ وڌندي وئي تئين روڊ ويو وڏو ٿيندو. اڄڪلهه ڪراچي کان حيدرآباد وارو روڊ سنڌ حڪومت وٽ نه پر مرڪزي حڪومت جي اداري نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وٽ آهي. جن هن روڊ کي ڪراچيءَ کان گهگهر ڦاٽڪ تائين ڊبل روڊ ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته اتان اسٽيل مل ۽ قاسم پورٽ جي ٽرئفڪ درساڻي ڇني کان ڦري سپر هاءِ وي وڃي، جنهن کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن وڃي. اڄڪلهه سنڌ مان پنجاب ڏانهن تمام گهڻي ٽرئفڪ وڃي ٿي تنهن ڪري مجبورن کين سنڌ جي رستي کي ٺاهڻو پيو. اهڙي نموني سان پنجاب جو گندو پاڻي هاڻي سڄي سنڌ لتاڙي اچي گهاري وٽان سمنڊ ۾ ڪرندو آهي، ان گندي پاڻيءَ جي نيڪال ڪري سنڌ ۾ ڪيڏي نه ماحولياتي گدلاڻ پکڙجندي، ان جي سڀني کي خبر آهي. پر پنجاب ڪنهن جي ڇو ته ٻُڌي.
بس جهرڪن کان رواني ٿي پوءِ جهرڪ سائيٽ، ٻٻرن جي ڳوٺن اونگر، بوتو مڪان ۽ پڻ ٻين ڪيترن ڳوٺن وٽ ماڻهن کي لاهيندي ۽ چاڙهيندي نئي بارڻ جي پُل ڪراس ڪري ريلوي پٽڙيءَ سان گڏوگڏ هلندي هلندي، پوءِ ٻولهاڙيءَ ۾ بيهندي اچي ڪوٽڙي شهر جي ٻاهران بيٺي جت ڪجهه ماڻهو بس مان لٿا. پوءِ ڪوٽڙيءَ جي سڄي لوهه سان ٺهيل پُل ڪراس ڪري گدو بندر شهر اندران ٿيندي حيدرآباد شهر جي وڏي روڊ جنهن کي ٿڌي سڙڪ چون جت چرين جي اسپتال، ڪمشنر آفيس ۽ ڊي آءِ جي آفيس ۽ ٻيون به ڪيتريون سرڪاري آفيسون هيون. نيٺ چاڙهي چڙهي حيدرآباد جيم خانه سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس، حڪيم شمس جي دواخاني ۽ فردوس سئنيما کان اڳيان چوڪ تان ڦرندي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ هڪ تمام وڏي پارڪ (جت اڄ گول بلڊنگ ٺهيل آهي.) ڀرسان اچي بيٺي ۽ اسان پنهنجو سامان کڻي بس مان هيٺ لٿاسين. هيٺ ڪيترا ٽانگا لائين ۾ بيٺا آهن. اسان به هڪ ٽانگي ۾ چڙهي پياسين. آئون هن کان اڳ به هڪ ڀيرو ننڍپڻ ۾ حيدرآباد آيو هوس جڏهن مون کي پيٽ ۾ شديد سور پيو هو ۽ ٻني جي ڊاڪٽر جي علاج سان ٺيڪ نه ٿيس ته بابا مون کي حيدرآباد وٺي آيو هو. سٽي ٿاڻي پٺيان ڊاڪٽر صمد ۽ حڪيم شمس الدين منهنجو علاج ڪيو، ،مون برف کڻي کيسي ۾ وڌي ۽ بابا کي چيم ته ڪيترا نه ٽانگا آهن. ڪيترن سالن کان پوءِ اڄ ٻيو ڀيرو حيدرآباد پڙهڻ لاءِ وري آيس. اسان جو ٽانگو حيدرآباد شهر جي گهٽين مان هلندو تلڪ چاڙهي چڙهندو مارڪيٽ ۽ پوءِ هيرآباد ڏانهن وڃي رهيو آهي. حيدرآباد جو شهر سنڌ جي قديم شهرن مان هڪ آهي، جيڪو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو پر انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته انهن حيدرآباد جي جڳهه تي ڪراچيءَ کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. چون ٿا ته حيدرآباد جو نالو پهرئين پٽالا هو پوءِ نيرون ڪوٽ ٿيو پوءِ حيدرآباد ٿيو. جنت السنڌ جو لکندڙ مولائي شيدائي ڪتاب جي صفحي 40 تي لکي ٿو ته:
”سڪندر جهل مان جهاز ٺهرائي سنڌونديءَ رستي ملتان پهچي ويو هتي جي مالي راجه کي شڪست ڏئي اُچ (سڪلنده) جو شهر تعمير ڪرائي سنڌونديءَ رستي پٽالا (نيرون ڪوٽ) پهتو.“
پر پٽالا جو نيرون ڪوٽ هئڻ کي جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو ڇوڙ وارو علائقو“ ۾ رد ٿو ڪري. هو ڪتاب جي صفحي 9 تي لکي ٿو ته:
”حيدرآبادکان وٺي سمنڊ تائين ساري پرڳڻي کي لاڙ چوندا آهن. جنهن جوءِ جو اوڙڪ ۾ احوال اوريو ويو آهي، سو سنڌ جو ڇوڙ وارو اهو تاريخي علائقو آهي جنهن تي سڪندر جي حملي دوران ان جي مؤرخن جون پهريون نظرون پيون هيون. ان بابت سندس اتهاسن ۾ وستار سان ڳالهيون به ڳائجڻ لڳيون هيون. تنهن سمي هن ڇوڙ واري علائقي جو اوڙڪ، مٿيون پاسو پٽالا هو جتان سنڌو ٻه درياهن ۾ ونڊجي ويندو هو. سندس هڪ چاڙهه ڏکڻ اوڀر ڏس تي ۽ ٻي ڏکڻ اولهه پاسي لڙي ويندي هئي. هر هڪ چاڙهه کي سنڌو سڏيو ويندو هو. هاڻي مامرو اهڙو مُنجهي ويو آهي جو پٽالا جي سڃاڻڻ جا امڪان موجود ڪونه آهن مان انهن مؤرخن سان ڪڏهن به سهمت ڪونه آهيان جيڪي هن ٿاڪ کي حيدرآباد يا ان جي ڀرپاسي ۾ سمجهن ٿا ۽ انهن سان به اختلاف راءِ آهي جيڪي ٺٽي کي پٽالا سمجهندا آهن.“
ان کان به وڌيڪ دلچسپ احوال چچ نامي جي صفحي 401 ۾ ڄاڻايل آهي ته:
”محمد بن قاسم ديبل جي فتح بعد نيرون ڪوٽ ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ ڇهن ڏينهن جي پنڌ بعد ستين ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ وٽ پهتو جو ديبل کان پنجويهن فرسنگن جي مفاصلي تي هو. نيرون لڳ (برور) جي جوءِ هئي جتي چراگاهه هئا مگر مهراڻ جو پاڻي اڃا اتي ڪونه آيو هو. هن بيان مان ظاهر آهي ته ديبل کان نيرون ڪوٽ ڏانهن ايندي محمد بن قاسم سنڌو درياءَ ڪونه ٽپيو هو. جنهن جي معنيٰ ته نيرون ڪوٽ مهراڻ جي اولهه ۾ هو.“
ديبل کان نيرون ڪوٽ پنجويهه فرسنگ يعني پنجهتر ميل پري هو. جيڪڏهن ڀنڀور جا کنڊرات ديبل جا آهن جيئن اسان مٿي بحث ڪري آيا آهيون ته ڀنڀور کان حيدرآباد تقريباً پنجهتر ميلن جي مفاصلي تي آهي. محمد بن قاسم چورانوي 94هه ۽ 711ع ۾ نيرون ڪوٽ آيو هو يعني ان وقت درياءِ سنڌ حيدرآباد کان مٿي پري وهندو هو. ان جي تصديق حيدرآباد ۽ ٽالپرن تي پي ايڇ ڊي جو مقالو لکندڙ ليکڪا ڊاڪٽر قمر جهان مرزا پنهنجي ڪتاب ”حيدرآباد شهر“ جي صفحي 28 تي هئين بيان ڪيو آهي ته:
”سن 59-1758ع ۾ سالن جي بيتابيءَ بعد سنڌو درياءَ هالن ۽ نصرپور کان ويندي هيٺ تائين ميلن جا ميل پنهنجو اصلوڪو رُخ ڇڏي هالن کان سڌو ڏکڻ طرف رُخ رکي نيرون ڪوٽ جي الهندي کان وهڻ لڳو جتان اڄ ڏينهن تائين وهندو رهي ٿو.“
تحفته الڪرام جو ليکڪ علي شير قانع لکي ٿو ته:
”1182هه يعني 1768ع جي ذوالقعد مهيني ۾ نيرون ڪوٽ جي سرزمين تي هڪ مضبوط جبل آهي جنهن کي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي.“
نيرون ڪوٽ هن ملڪ جو جهونو ۽ مشهور قلعو آهي سو گهڻي وقت کان ڊهي ويو هو ۽ سندس شهرت وڃي هڪ ڳوٺڙي جيتري بيٺي هئي.
سنه 1768ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هن جاءِ کي پنهنجي خاص رهڻ لاءِ پسند فرمائي مضبوط قلعي ۽ شاندار شهر جو بنياد رکيو. قلعو انهيءَ سال تيار ٿي راس ٿيو ۽ قلعي جي دروازي ٻاهرن هي قرآني آيت لکي وئي.
يعني: ”اي رب هن شهر کي امن وارو ڪر.“ ان قرآني آيت مان به هن قلعي جي ٺهڻ واري سال جي خبر پوي ٿي.
حيدرآباد جي آڳاٽي آدمشماريءَ جا انگ اکر
سال آبادي گهر
1808ع 15000 5000
1818ع 20000
1843ع 20000
حيدرآباد ٻڌن، هندن ۽ مسلمان دؤر حڪومتن ۾ سنڌ جو هڪ اهم شهر هو، جت سڪندر اعظم محمد بن قاسم ۽ نيپئر سڀ اچي هن شهر مٿان ڪڙڪيا اڄ به حيدرآباد سنڌ جو هڪ اهم واپاري، ادبي سماجي ۽ مرڪزي شهر آهي. هتي:
1- ڪوٽڙي بئراج
2- سنڌ ريجمينٽ جو هيڊڪوارٽر
چار يونيورسٽيون
1- سنڌ يونيورسٽي
2- لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز
3- مهراڻ يونيورسٽي
4- اسرا يونيورسٽي
ڪراچيءَ کان پوءِ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر جتي سنڌ جي ماضيءَ ۽ حال جا وڏا ثقافتي مرڪز موجود آهن. مثلاً،
1- شهيد هوشو شيديءَ جي مزار
2- حيدرآباد جو پڪو ۽ ڪچو قلعو
3- ڪلهوڙن ۽ ميرن حاڪمن جا مقبرا
4- سنڌالاجي
5- سنڌي لئنگوينج اٿارٽي
6- سنڌ ميوزم
7- سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد چاڙهين، پڙن ۽ ٽنڊن جو شهر پڻ آهي.
چاڙهيون:
1- تلڪ چاڙهي
2- ڏتل شاهه جي چاڙهي
3- هيمونءَ جي چاڙهي
4- ٺوڙهي جي چاڙهي
5- ڇٽيل چاڙهي
6- سخي پير جي چاڙهي
7- ڪاري موريءَ جي چاڙهي
8- سرفراز چاڙهي
9- قدم گاهه واري چاڙهي
10- هوم اسٽيڊ واري چاڙهي
11- ڀائي خان جي چاڙهي
12- پکي پير جي چاڙهي
13- بلال جي چاڙهي
14- ڀو چالو شاهه جي چاڙهي
15- ڇوٽڪي چاڙهي
16- عيدگاهه چاڙهي
حيدرآباد جا پڙ:
1- فقير جو پڙ
2- جمن شاهه جو پڙ
3- ميرمحمد خان جو پڙ
4- ناهين جو پڙ
5- سانول شاهه جو پڙ
6- امير شاهه جو پڙ
7- گنج بخش پڙ
8- واڍن جو پڙ
9- دادن شاهه جو پڙ
حيدرآباد شهر ۾ ٽنڊا:
1- گدوءَ جو ٽنڊو (جنهن کي هاڻ بندر ٿو سڏجي)
2- ٽنڊو جهانيان
3- ٽنڊو طيب
4- ٽنڊو يوسف
5- ٽنڊو ميرمحمد
6- ٽنڊو آغا
7- ٽنڊو اسماعيل شاهه
8- ٽنڊو ٺوڙهو
9- ٽنڊو مير غلام حسين شاهه
10- ٽنڊو مير نورمحمد
11- ٽنڊو ولي محمد