آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)

هي ڪتاب ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي آتم ڪھاڻي جو ٻيو جلد آهي.
”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ ڪتاب ۾ عبدالحئي پليجو صاحب پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي مئٽرڪ تائين جي زندگي جو سربستو احوال لکيو آھي. هي ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)

10

ڪئنٽونمينٽ، بوري بازار، هيرآباد ۽ چڪلو انگريزن جي دؤر ۾ ٺهيا، نه ته اهو سڄو علائقو ويران ۽ غيرآباد هوندو هو. حيدرآباد سڄي لوئر سنڌ جي دل ۽ واپاري ۽ ثقافتي مرڪز هو. ان ۾ وري شاهي بازار جي وڏي اهميت هوندي هئي. هيٺ دڪان، مٿي گهر، بازار جي ٻنهي پاسن کان ننڍيون ننڍيون بيشمار گهٽيون جن ۾ سَوَن جي تعداد ۾ پيادل ماڻهو سڄو ڏينهن پيا ايندا ويندا هئا.
ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دؤر ۾ حاڪم ۽ سندن فوج قلعي اندر رهندا هئا ۽ شاهي بازار سڄي واپار ۽ واپارين جي رهائش طور استعمال ٿيندي هئي. ورهاڱي کان پوءِ ٻارهن سالن بعد جڏهن آئون حيدرآباد پڙهڻ ويس تڏهن به شاهي بازار پنهنجي رونق ۽ واپار جي ڪري شهر جو مرڪز ۽ وڏي گهماگهمي ۽ رونق وارو علائقو هوندو هو. جت رات تائين وڏي رش لڳي پئي هوندي هئي. بابا جڏهن به ڳوٺان حيدرآباد ايندو هو ته اسان جو سندس ۽ گهر جو سامان شاهي بازار مان ئي وٺبو هو. پر هاڻ شاهي بازار پنهنجي اها حيثيت وڃائي چڪي آهي. هاڻ ڏينهن جو به شاهي بازار ۾ نالي ماتر واپار ٿيندو آهي ۽ شاهي بازار جي دڪانن جي سڄي شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ قيمت ۽ مسواڙ آهي. شاهي بازار ۾ سؤ سيڪڙو دڪان مهاجرن جا آهن. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان پنجابين جا به آهن، جيڪي سڄو ڏينهن ويٺا پنهنجي حال جو روئڻو روئن.
حيدرآباد ۾ اڄڪلهه قاسم آباد ۽ صدر واپاري مرڪز آهن. ماڻهو سوچيندو ڇا آهي ۽ ٿيندو ڇا آهي! مهاجرن سنڌين سان حيدرآباد ۾ رڻ ٻاري ڏنو ته جيئن سنڌي حيدرآباد خالي ڪري وڃن، پر ان جي ابتڙ سنڌي وڏي تعداد ۾ ٻهراڙين مان لڏي اچي قاسم آباد رهڻ لڳا ته اڌ شهر ۽ شهر جو واپار مهاجرن کان کسجي سنڌين جي حوالي ٿي ويو. قاسم آباد تعلقو پوءِ سب ڊويزن ٿي ويو. هاڻ اتان هڪ سنڌي اسيمبلي ميمبر به چونڊجي سنڌين جي شهر ۾ واپاري ۽ سياسي طاقت هر روز وڃي وڌندي، سا مهاجرن جي هنگامن کان اڳ ڪجهه به ڪانه هئي. هاڻ توهان کي شهر اندر سنڌي مهاجر برابر نظر ايندا. جن جو تعداد روز وڃي وڌندو. مهاجرن ڇا سوچي سنڌين تي حملا ڪيا ۽ ٿي ڇا ويو! سنڌ جو هيڏو وڏو شهر جيڪو هميشه هندن جو شهر رهيو ان کان پوءِ اهو شهر مفت ۾ مهاجرن کي مليو. لياقت علي پنهنجي حڪومت دوران اهڙا ته سنڌ دشمن قاعدا ۽ قانون جوڙيا (۽ اهو سلسلو وري صدر مشرف جي حڪومت ۾ به جاري ڪيو ويو آهي.) جو هندن جي ڇڏي ويل ملڪيت مان داڻو به سنڌي مسلمانن کي هٿ نه آيو. پر هينئر سڄي شهر ۾ توهان کي سنڌي اڪثريت ۾ ملندا. سو مون عرض ڪيو ته ماڻهو سوچي ڇا ٿو ۽ ٿئي ڇا ٿو. اهو ساڳيو حال سوشلزم قائم ۽ ختم ٿيڻ ۾ به ٿيو. ڪنئين ڪروڙ ماڻهو سوشلزم کي قائم ۽ ختم ڪرڻ دوران مئا پر اڄ ڪٿي آهي اها سوشلزم؟ اڄڪلهه ته ڪراچي ۾ به سنڌي تمام وڏي تعداد ۾ آباد ٿي ويا آهن ۽ ٿي رهيا آهن. جي ڪڏهن افغان جنگ نه لڳي ها ۽ ضياءُالحق ڪراچي جا دروازا افغانين لاءِ کولي نه ڇڏي ها ته سنڌي اڃان به وڏي تعداد ۾ ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿين ها. پر افغانين ڪري روزگار محدود ٿي ويو. تنهن ڪري سنڌين انهيءَ دؤر ۾ ڪراچي ڏانهن رُخ گهٽ ڪيو. ان ايوبي دؤر ۾ پاڪستان ۾ ڏهائي سڪو شروع ٿيو. جنرل ايوب پاڻ ئي صدارت چونڊ لاءِ ريفرينڊم ڪرايو ۽ پاڻ ئي پنهنجو پاڻ سان اليڪشن وڙهيو ڇو ته ريفرينڊم ۾ سندس سامهون ٻيو ڪوبه اُميدوار ڪونه هو. ريفرينڊم کان پوءِ وري به پاڻ ئي پاڻ کي فيلڊ مارشل جي لقب سان نوازيائين. ان دؤر ۾ ئي منهنجي ننڍي ڀيڻ جي شادي ٿي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو شادي جي ريتن رسمن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ان کان اڳ منهنجي وڏي ڀيڻ جي شادي ٿي هئي پر آئون ان وقت ننڍو هوس. پر هينئر مون کي انهن رسمن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو صحيح طريقي سان موقعو مليو. هن وقت ته شهرن ۾ شادي جي هر رسم مصنوعي ۽ ڦڪي ڦڪي پئي لڳندي آهي. گهوٽ/ گهوٽيتا به شادي هال ۾ ٻين وانگر مهمان پيا لڳندا آهن. شهري شادين ۾ پنهنجون سنڌي رسمون رواج بلڪل نظر ڪونه اچن. اها شادي نه پر صرف رسمي دعوت هوندي آهي. جنهن ۾ ڪنوار اسٽيج تي هڪ ڊيڪوريشن پيس وانگر نظر ايندي جيڪا ميڪ اپ جي تهن ۾ هڪ ڀوت لڳندي آهي. وڊيو ڪئميرا ۽ ڪئميرائن جي روشني ۾ ڪنوار جو ميڪ اپ لهندو ويندو آهي. جنهن کي سڀني جي سامهون ٽشو پيپر سان پيا صفا ڪندا آهن. نه ڳيا نه سهرا، نه لانئون، نه سرگس نه دهل دمام؛ صفا رُکي ۽ ڦِڪِي تقريب، جيڪا ڪلاڪ اڌ ۾ ختم. اڳ ۾ ونواه جي ستن ڏينهن کان وٺي ويندي شاديءَ تائين گهوٽ جا مٽ مائٽ پيا مينديءَ ۽ ٻڪيءَ جون رسمون ڪندا ۽ راڄ جي مڱڻهاري سڄو هفتو پئي ڪنوار کي پيٺيءَ جي مالش ڪندي ۽ ست ڏينهن سندس مُنهن اِکئي ۾ ڍڪيو پيو هوندو. انهيءَ دوران ڪنوار جي رنگت ئي تبديل ٿي ويندي هئي. شاديءَ ۾ ڪنوار کي سڀ ڳهه پيل هوندا هئا. خاص ڪري ڪنوار نٿ پائيندي هئي.جيڪا سڄي زندگي کيس پهريل هوندي، جيسين وڃي سندس مڙس وفات ڪري، ڪنوار کي گهر ۾ ڪنئار ٻائي جي نالي سان سڏبو هو جيسين وڃي کيس اولاد ٿئي، پر هينئر شهري شادي ۾ ڪنوار نٿ ڪانه پائي نه ته اڳ ۾ بولو، بينسر، ڦلي، ڪلي، ڪوڪو، لونگ، سري، مورائو، وينڍيو نڪ جا زيور هئا، مطلب ته:
1- مڱڻي
2- شاديءَ جا ڏينهن ٻڌڻ
3- پڙي جا گيت
4- ونواهه
5- شادي جي رسم
6- نکيٽيءَ جي رسم
7- ۽ ستاڙي جي رسم
ڪنواريتا ۽ گهوٽيتا وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا هئا ۽ هر تقريب ۾ سهرا، هيرا ۽ گيت ڳايا ويندا هئا. ڪي ڳيا ۽ ڳيچ ڏاڍا وڻندڙ ۽ دلچسپ هوندا هئا جيڪي مون کي اڃان تائين ياد آهن ۽ توهان کي به ٿو ٻڌايان.
*
موڙ ادل جا مان لاڙئون گهرايان
ڇهٽ جهلي آيو لاڌل بني تي
کهنبا ادل جا مان لاڙئون گهرايان
ڇهٽ جهلي آيو لاڏل بني تي
ڀيڻون لاڏل جون مان لاڙئون گهرايان
ڇهٽ جهلي آيو لاڏل بني تي
*
سهڻي دهري جوڙائي، ادل تنهنجيءَ شادي ۾ پايان
منهنجي ادل کي شوق، مور مومل ماڻي آيو
سيڻ سڄڻ سالا تنهنجا ڪاڄ ڪري آيو
منهنجي لاڏل کي شوق مور مومل ماڻي آيو
سهڻي نَٿَ جوڙائي ادل تنهنجي شاديءَ ۾ پايان
منهنجي ادل کي شوق مور مومل ماڻي آيو
*
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي
ڪجل جوڙ بنايو ادل جو ٿيو لايو سجايو
”هاڻ ته ڏند ادل جا ماڻڪ موتي نه پر پانن جي ڪاٿي ۽ چن جي راڳي سان سونهن پيا.“
مڱڻيءَ جي موقعي تي چاندي جي وٽي ۾ کير وجهي ان ۾ منڊي وجهي پوءِ مڱڻي جي رسم مهل اها منڊي کير وٽي مان ڪڍي ڪنوار کي پهرايو ته معنيٰ مڱڻي ٿي وئي. مڱڻيءَ کان پوءِ ونواهه جي رسم جنهن ۾ نياڻين جي ڪوٺ ڪري ڪُنئاريتا پنهنجي حيثيت مطابق ونواهه ڪندا. جنهن ۾ ڳيا سهرا، ڳيچ ڳايا ويندا ۽ ڪنئار کي ساٽ سوڻ ڪري وينڍو ويڙهبو ۽ پوءِ ست ڄڻيون اهو کولينديون ۽ پوءِ اکيون ٻَڌبِيون ۽ آخر ۾ ڪنوار کان پليٽ ڀڃرائي پوءِ مينڌيءَ جي رسم ٿيندي. جيڪي گهوٽ جون مائون، ڀيڻون ڪنديون. تنهن کان پوءِ شاديءَ جي رسم ٿيندي جنهن ۾ ڪنوار کي چپن تي مساڳ لڳل، هٿن پيرن تي ميهڙ جي ميندي لڳل، اکين ۾ ڪجل پاتل نڪ ۾ سهاڳ جي نشاني نٿ پاتل ۽ ڊيل جهڙي ڳچيءَ ۾ ست سري دُهري پاتل، سينڌ ۾ چوٽي ڦل ڳچيءَ سان لڳل هار جنهن کي ڳل پٽا، چئبو ته بدن جي هر حصي ۾ ڪنئار کي زيور پهريل هوندا هئا. ان کان پوءِ رات جو دير سان ڀيڄ ڀنيءَ مهل لائون لهڻ، ٽڪ ۾ هڪ ٻئي جو مُنهن ڏسڻ، گهوٽ طرفان ڪنوار جو هٿ کولڻ آخر ۾ ساليون گهوٽ جي نڪ ۾ جهلينديون ۽ جوتو لڪائينديون ۽ پوءِ گهوٽ سالين کي پيسا ڏيندو ته نڪ مان هٿ نڪرندو ۽ جوتو به واپس ملندو. تنهن کان پوءِ گهوٽ ڪنئار ڪجهه وقت لاءِ هڪ تمام سهڻي نموني سينگاريل ڪمري ۾ ويهندا ۽ پوءِ گهوٽ هليو ويندو ۽ ڪنوار کي سندس سهيليون پيون ٺاهينديون جوڙينديون. اڄڪلهه شادي ختم ٿيڻ شرط گهوٽيتا ڪنئار وٺيو وڃن. پر اڳ ائين ڪونه هوندو هو، هينئر شادي جي ماني هڪ ويلو ٿئي پر اڳ ۾ شاديءَ ۾ ٽي وقت ماني کارائبي هئي. رات جي ماني صبح جو ناشتو ۽ ٻنپهرن جي ماني، تنهن کان پوءِ سج لٿي مهل گهوٽيتا، ڳين، سهرن، دهلن شرناين سان ڪنوار کي وٺي ويندا هئا. اڳ ۾ ونواهه ڪنئاريتا ۽ شادي گهوٽيتا ڪندا هئا پر هينئر شهرن ۾ ونواهه، مينڌي ۽ شادي ڪنئاريتا ڪن ۽ گهوٽيتا صرف وليمون ڪن. اهي رسمون شهرن ۾ رهڻ ڪري اسان کي مليون. نه ته سنڌي مسلمانن ۾ اڳ ۾ ائين ڪونه هوندو هو. سنڌي مسلمانن جون سڀ رسمون عربن ۽ مسلمانن جون رسمون آهن، جيڪي اڄ به عربن ۾ سواءِ ڪن تبديلين سان قائم آهن. اڄڪلهه شادي جو ڪاڄ ڪرڻ بلڪل آسان آهي، هر ڳالهه فون تي ٿئي مثلاً:
1- جيولري وارو
2- ڪپڙن وارو
3- ماني ۽ ڊيڪوريشن وارو
4- هال بڪنگ
5- اسٽيج ٺاهڻ
6- بيوٽي پالر وارو
7- فوٽوگرافر ۽ وڊيو وارو
8- ڪارڊن ڇپائڻ لاءِ ماڻهو کي رڳو فون ڪري پنهنجي گهر گهرائڻ جي دير آهي.
اڄڪلهه ته ماڻهو وڏي تعداد ۾ دعوتون به فونن ۽ موبائيلن تي ڏين ۽ گهوٽيتا به شاديءَ کان اڌ ڪلاڪ اڳ هال ۾ پهچن. اڳي شادين جون تياريون مهينا اڳ شروع ٿينديون هيون ۽ ڪم ڪار ورهائي کڻبا هئا. ڪو ڪاڄ جي ڀت لاءِ ڪاٺين جو انچارج ته ڪو ڇنهي جو انچارج ڇنهون به اڳ پهريائين ٿلهيون ڪاٺيون کوڙي پوءِ مٿان ۽ پاسي کان لئين جي سنهين ڪاٺين سان ڍڪبو ۽ پاسا ٻڌبا هئا. پوءِ وچيئن دور ۾ ڇنهون ٽُوئَنِ ۽ پکن سان ٺاهبو هو پر هاڻ ته اهڙا شاميانه ۽ تنبو ۽ فرنيچر وجهن جو ان ۾ گهڙڻ سان ائين پيو محسوس ٿيندو آهي جو ڄڻ ته ماڻهو ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ داخل ٿي رهيو آهي. باقي خود فائيو اسٽار هوٽلن ۾ شادي ته عام ڳالهه آهي. نه ته اڳ ۾ ڇنهون، ڪاٺيون، ديگيون راڄن مان گڏ ڪرڻ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ، ڦنڊرون، ڇيلا، ڪم ڪار لاءِ ڍڳي گاڏيون، چرون، سيڌو خريد ڪرڻ ۽ راڄن تائين دعوتون پهچائڻ ۽ خود ڪنهن شاديءَ ۾ پهچڻ وڏو مسئلو هوندو هو. وڏين شادين ۾ ڳائڻ، گهوڙا ڊوڙائڻ ۽ ملاکڙو عام ڳالهه هوندي هئي.
منهنجي شادي فيبروري 1977ع ۾ اليڪشن دوران ٿي انهيءَ شادي ۾ رئيس محمد يوسف چانڊئي عام جلسن جيان تقريرون ڪري ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ اپيل ڪئي. شاديءَ ۾ کاڌي پيتي لاءِ ڦيليون، مٽ، دلا، ڪرا، چليمچيون، ڇلون، ناديون راڄ جو ڪنڀار ٺاهيندو هو. جيڪو ان سامان ٺاهڻ لاءِ هڪ پئسو به ڪونه وٺندو هو. پر آخر ۾ گهوٽيتا کيس مينهن ڏيندا هئا. ائين طُهرن مهل حجام کي به مينهن ڏني ويندي هئي. باقي مڱڻهارن جا ته ونواهه، ميندي، شادي، سرگس ۽ لائنئن تي هر وقت پيسا ئي پيسا لڳا پيا هوندا هئا. شادين ۾ وڏي سرندي وارا ماڻهو سنڌ کان ٻاهران به گويا ڳائڻا ۽ ڳائڻيون گهرائيندا هئا. لاهور واري بالي ڳائيندي ڳائيندي خيرپور رياست جي راڻي ٿي وئي.
آئون بمبئي ويس ته دادا گوبند سان گڏجي ماسٽر چندر سان به ملڻ ويس. تمام گهڻي ڪچهريءَ کان پوءِ پڇيائين ته توهان جي اوطاق ۾ جيڪو نم بيٺل هو اُهو اڃان بيٺو آهي يا نه. مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ڪٿ بمبئي، ڪٿ ٻنون ۽ ان ڳالهه کي به ڪنئين سال ٿي ويا، پر کيس ٻني جا ماڻهو ته ٺهيو پر وڻ به ياد آهن. واقعي مٽيءَ جي محبت جهڙو ٻيو ڪوبه رشتو ڪونهي. مون کي پوءِ پاڻ سربستو احوال ٻڌايائين ته آئون ۽ بسنت لائقپور ۾ ڪنهن ديوان جي شاديءَ تي ڳائڻ لاءِ آيا هئاسين. پوءِ شاديءَ جي ٻي رات مون کي توهان جو والد صاحب ارباب نورمحمد ٻني وٺي آيو هو ۽ اسان توهان جي اوطاق ۾ نم هيٺيان سڄي رات راڳ رنگ جي محفل ڪئي هئي. پاڻ ٻڌايائين ته اسان لائقپور کان ٻني ٻيڙيءَ ۾ آيا هئاسين. ٻني کان پوءِ هڪ وڏي ٻيڙي جنهن کي ڪٽار ٿي چيائون، ان ۾ چڙهي گدوبندر پهتاسين. سانوڻ درياءَ جي موج مستي ۽ درياءَ جي ٻنهي ڪپرن تي ٻيلن جي وڏن وڏن وڻن جا ديدار ڪندا، درياءَ ۾ ٻُلهڻين جا ٺينگ ٽپا ڏسندا اچي پنهنجي منزل تي پهتاسين. اهي درياءَ جون موجون ۽ گجگوڙون جڏهن ياد ٿيون پون ته ويهي درياءَ شاهه جا بيت جهونگاريندو آهيان. سڄي سنڌ ۾ شاديءَ جون رسمون گهڻو ڪري هڪ جهڙيون هونديون آهن. لاڙ، اتر، ٿر ۽ ڪوهستان جي شادين جي رسمن ۾ ٿورو فرق هوندو آهي. اسان جي سڄي تر يعني ٻنون، لائقپور، دڙو ۽ بلڙي شاهه ڪريم جي شادين جي رسمن کان اسان جي ڳوٺ سان لڳو لڳ راهوٺ ڳوٺ جون رسمون ڪجهه مختلف آهن. ڇو ته راهوٺ انهن سڀني شهرن ۽ ڳوٺن کان تمام گهڻو قديم آهي. جنهن جو سنڌ جي ڪافي پراڻن ڪتابن ۽ تاريخن ۾ به احوال آهي. جنهن ۾ تحفة الڪرام به شامل آهي. اڄڪلهه امير ماڻهن جون شهرن ۾ ٿيندڙ شاديون اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ ورثي کان بلڪل مختلف آهن. جن شادين تي سنڌ کان وڌيڪ يوپي، سي پي ۽ دهليءَ جي ثقافت جو رنگ چڙهيل آهي. خاص ڪري ڪنئار شاديءَ جي ڪپڙن ۾ ته صفا هندستاني ڪنئار لڳندي آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به اهي قديم رسمون ۽ رواج قائم ۽ دائم آهن.
مون ڏٺو آهي ته شهري ۽ امير سنڌي ماڻهو اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کان پري ٿيندو وڃي. خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ان جي مقابلي ۾ ٻهراڙي ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو اسان جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ ٻوليءَ کي قائم رکيو اچن. ننڍيءَ ڀيڻ جي شاديءَ کان پوءِ واپس اسڪول موٽي وياسين. هڪ ڏينهن رسيس مهل ڏٺم ته ٽاور مارڪيٽ جي ڀرسان گهٽيءَ ۾ شاميانه لڳا پيا هئا. ڪنئين ڪرسيون رکيون هيون ۽ هڪ ننڍو اسٽيج به ٺهيل هو، جنهن تي لائوڊ اسپيڪر هڻي رهيا هئا. ات ماڻهن جي سُس پُس مان معلوم ٿيو ته ڪنهن بئنڪ برانچ جو افتتاح ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽو اچي رهيو آهي. هي سڀ تياريون ان لاءِ ٿي رهيون آهن. سو آئون به ڀٽي کي ڏسڻ جي شوق ۾ بئنچن تي ويهي رهيس. ڀٽي کي مون ان کان اڳ به اسان جي ڳوٺ ڀرسان ٻگهي ڍنڍ تي ايوب جي شڪار دوران ڏٺو هو. پاڻ ٺٽي ضلعي جي معزز شخصيت ۽ بابا سائين جي دوست رئيس محمد يوسف چانڊئي جي شڪار تي صدر ايوب سان گڏ آيل هو. بابا ترقي پسند سوچ جو ماڻهو هو پر محمد يوسف جي ذاتي ۽ خانداني دوستيءَ جي ڪري هڪ ٻي وٽ ايندا ويندا هئا. رئيس محمد يوسف چانڊئي وٽ جڏهن به ملڪي ۽ غيرملڪي سربراهه مملڪت شڪار يا ٻئي ڪنهن موقعي تي ايندا هئا ته رئيس محمد يوسف چانڊيو بابا سائينءَ کي ضرور دعوت ڏيندو هو ۽ آئون جي ڳوٺ هوندو هوس ته بابا مون کي اهڙين تقريبن ۾ وٺي ويندو هو. ائين هن ڀيري به بابا مون کي اُت وٺي ويو، ته مونکي ڀٽي صاحب کي ويجهڙائي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. پر ان وقت سندس اهميت صرف اها هئي ته پاڻ هڪ نوجوان ۽ سهڻو سنڌي وزير هو. جيڪو سر شاهنواز ڀٽي جو پٽ هو ۽ هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو پڙهيل لکيل نوجوان هو. هو پنهنجي شڪل شبيهه ۽ طور طريقي سان شهزادو ٿي لڳو. سندس شخصيت تمام پروقار ۽ شانائتي هئي ۽ پاڻ سڀني ماڻهن کان مختلف ٿي لڳو، ڀٽو ٻگهي ڍنڍ تي صرف شڪار ڪرڻ لاءِ آيو هو پر حيدرآباد ۾ کيس تقرير به ڪرڻي هئي، پاڻ اچڻ شرط بئنڪ جو ربن ڪٽي افتتاح ڪيائين ۽ تقرير به ڪيائين، تنهن کان پوءِ چانهه پارٽي هئي جنهن ۾ پاڻ بلڪل صاف لاڙڪاڻي لهجي ۾ ماڻهن سان ٿي ڳالهايو. کيس فل سوٽ پهريل هو. اُت مون پهريون ڀيرو سنڌ جي ٻي هڪ قابل احترام شخصيت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي به ڏٺو، مخدوم صاحب جن به ڏاڍي سهڻي شخصيت جا مالڪ هئا.
ٽيون ڀيرو مون ڀٽي صاحب کي اسان جي مسلم ڪاليج جي نئين بلڊنگ جي افتتاح ڪرڻ وقت ڏٺو، تڏهن به فل سوٽ پهريل هوس ۽ سندس شرٽ جو آخري ٻيڙو کليل هو. جنهن ڪري سندس نيڪ ٽاءِ هيٺ ٿي لڳي پوءِ مون کي خبر پئي ته اها سندس عادت هئي. اسان جي ڪاليج جي پرنسپال نظاماڻي صاحب انگريزيءَ ۾سپاسنامو پڙهيو ۽ ڀٽي صاحب به انگريزيءَ ۾ تقرر ڪئي ۽ ان وقت پاڻ صرف انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندو هو ۽ تمام گهڻو پوءِ پاڻ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ تقرير ڪرڻ شروع ڪيائين پر سنڌي تمام صحيح ڳالهائيندو هو شايد ان جو سبب گهر ۾ سنڌي ڳالهائڻ هجي.
برصغير ۾ ڀٽي خاندان ۽ نهرو خاندان پنهنجي حيثيت پاڻ مڃرائي آهي ۽ دنيا آڏو اهو ثابت ڪيو آهي ته سندن هٿ عوام جي نبض تي آهي ۽ عوام جو هڪ تمام وڏو حصو ساڻن گڏ آهي. پاڪستان جو واحد ڀٽو ئي ليڊر آهي جنهن تي ملڪي ۽ غيرملڪي صحافين، ليکڪن ۽ سياستدانن گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي. غيرملڪي ليکڪن ۾ڀٽي تي لکندڙن ۾ ٻين سان گڏ اٽلين صحافڻ اوريانا فلاسي به آهي جنهن هڪ جڳهه اهو لکيو آهي ته جڏهن مون آمريڪا جي وزير خارجه ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کان انٽرويو ورتو ته پاڻ مون کان هڪ سوال ڪيائين ته تو سڄي دنيا جي مکيه ماڻهن جا انٽرويو ورتا آهن انهن سڀني ليڊرن مان توکي وڌيڪ ذهين ڪير لڳو؟ اوريانا فلاسي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن تي ڊاڪٽر ڪسنجر چيو واقعي ڀٽو دنيا جو ذهين ترين ليڊر آهي.
چون ٿا ته، جڏهن ڀٽو وزير خارجه هو ته آمريڪا جي دوري دوران تنهن وقت جي صدر ڪئينڊي کائنس متاثر ٿي کيس چيو ته تون جيڪڏهن آمريڪي شهري هجين ها ته آئون توکي پنهنجو وزير خارجه ڪريان ها. جنهن تي ڀٽي کيس پر اعتماد انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن آئون آمريڪا جو شهري هجان ها ته اڄ آمريڪا جو صدر تون نه پر آئون هجان ها ۽ توکي وزير خارجه طور کڻان ها. جنهن تي ڪئينڊي ڏاڍو کليو. اسان جي ڪاليج جي افتتاح کان پوءِ ڀٽي صاحب لاءِ چانهه پارٽيءَ جو بندوبست ڪيل هو. اتي پاڻ اڌ ڪلاڪ شاگردن سان ڳالهايو ۽ اسان کي آڪسفورڊ جو هڪ واقعو ٻڌايائين ته هتي ڇوڪرا فرسٽ ڪلاس ۽ سٺن گريڊن لاءِ گهڻو ٿا سوچين پر انگلينڊ ۾ ائين ڪونهي. پاڻ ٻڌايائين ته هڪ ڇوڪرو ٽيچر وٽ ويو ۽ چيو ته مون کي گڊ گريڊ ملڻ کپندو هو پر نه مليو آهي. جنهن تي پروفيسر سواءِ ڪنهن بحث جي کيس گريڊ وڌائي ڏنو. ٻيو اسان کي چيائين ته پاڻ وٽ امتحان ٻه ٽي ڀيرا ملتوي ٿيندا آهن، جنهن ڪري سڄو تدريسي عمل پٺيان پئجي وڃي ٿو. جڏهن ته انگلينڊ ۾ سالن کان هڪ ئي تاريخ تي امتحان ٿيندا آهن ۽ اڄ به ان تاريخ تي ٿين ٿا. ان وقت ڀٽو دنيا جو هڪ مڃيل رهنما ڪونه هو پر هڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي ڪابينا جو رڪن هو پر پوءِ به سندس سوچ ترقي پسند هئي. سندس شخصيت پرڪشش ۽ ڳالهائڻ جو انداز متاثر ڪن هو. جهڙو هو سهڻو، تهڙائي کيس ڪپڙا سٺا پاتل هئا. پاڻ ڪجهه وقت اسان سان گذاريائين، پر سڀني شاگردن تي هڪ تاثر ڇڏي ويو، وري آئون کيس سندس وزارت دوران محمد يوسف چانڊئي جي بنگلي تي لاڏين ۾ مليس جتي پاڻ شايد شهنشاهه ايران سان گڏ شڪار تي آيل هو، پوءِ جيسين وزارت تان لٿو تيسين ساڻس ڪٿي به ملڻ ياد ڪونه ٿو اچي. پاڻ جنرل ايوب جي حڪومت ۾ رهندي به پنهنجي سوچ ۽ دورانديشيءَ جي ڪري پاڪستان کي روس ۽ چين جي گهڻو ويجهو آندو، جنهن جي نتيجي ۾ چين سان ڪيترائي تجارتي معاهدا ڪيا ۽ روس سان پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا ۽ اسٽيل مل ٺهڻ جو واپاري ٺاهه ڪرايو.
1965ع ۾ جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي ته ان وقت پاڪستان ۾ آمريڪا جو فوجي اڏو پشاور ويجهو بڊابير ۾ هو ۽ آمريڪا جو پاڪستان ۾ گهڻو اثر هو، پر تنهن هوندي به پاڪستان پنهنجي خارجه پاليسيءَ جي ڪري (جنهن جو ڀٽو وزير هو) هندستان سان جنگ بنديءَ جو ٺاهه سوويت يونين ۾ تاشقند ۾ ڪيو. قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب شهاب نامه ۾ لکيو ته: تاشقند ۾ سربراهيءَ اجلاس هلندي جنرل ايوب ۽ ڀٽي ۾ تلخ ڪلامي ٿي. اهوئي سبب هو جو تاشقند کان پوءِ ڀٽو ۽ ايوب گڏ هلي نه سگهيا ۽ ڀٽي پوءِ جلد ئي ايوب جي ڪابينا کان استعيفا ڏيئي ڇڏي ۽ ايوب جي خلاف ايتري ته ڀرپور تحريڪ هلائي جو مجبوراً ايوب کي اقتدار ڇڏڻو پيو. ان دؤر ۾ ايوب ڪتا هاءِ هاءِ! اهڙو ته نعرو هليو جو جهانداد خان پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته عمر جي آخري حصي ۾ ايوب خان اسلام آباد ۾ شاگردن کي ڏسي خودبخود ايوب ڪتا هاءِ هاءِ جا نعرا هڻندو هو. پاڪستان ۾ اڃا تائين ايتري وڏي تحريڪ نه هلي آهي جيڪا ايوب کي هٽائڻ لاءِ هلائي وئي. ڀٽي صاحب استعيفا ڏيئي جڏهن ايوب خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ته ان وقت اسان يعني نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارن جنهن جو صدر يوسف لغاري نائب، صدر آئون ۽ جنرل سيڪريٽري ڄام ساقي هئا تن 70 ڪلفٽن ۾ ساڻس ملي کيس حيدرآباد ۾ شاگردن کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائين. اهو ڇاهٺ جو سال هو ۽ منهنجي عمر 21 سال هئي. ڀٽي صاحب سان ملاقات ته اڳ ڪيترا دفعا ٿيل هئي. پر 70 ڪلفٽن ڏسڻ جو پهريون موقعو هو. جتي پاڻ اسان کي پنهنجي لائبريري ڏيکاريائين. جيڪا شايد منهنجي هينئر جي لائبريري جيتري هئي. پاڻ مقرر تاريخ تي حيدرآباد آيو ۽ ريلوي اسٽيشن تي اسان سندس شاندار استقبال ڪيو. اسان جو جلسو شام جو جامعه عربيه ڪاليج جي پٺيان، جتي هينئر نذرت ڪاليج جي بلڊنگ آهي. اتي تنهن وقت وڏو ميدان هو. اتي پاڻ انگريزيءَ ۾ شاگردن کي خطاب ڪيائين ۽ گهڻو ڪري فارين افيئرس تي ڳالهايو. ان دؤري دؤران انسٽيٽوٽ آف انٽرنيشنل افيئرس وارن کيس اندس هوٽل ۾ آجياڻو ڏنو. ان تحريڪ دؤران مير رسول بخش ٽالپر ۽ ٻين ڪيترن حيدرآباد جي سياسي اڳواڻن سندس دعوتون ڪيون. هڪ دفعي پاڻ مير رسول بخش جي بنگلي تي رهيل هو ته آئون ڄام ساقي ۽ ڪجهه ٻيا دوست ساڻس اتي ملڻ وياسين. ايترا ڀيرا ملڻ ڪري مون کي چڱي طرح سڃاتائين ٿي ۽ مون کي ايتري ننڍي عمر ۾ ايترو سرگرم هجڻ جي خوشي ٿي، پر بابا سائين جو سائين جي ايم سيد سان گهڻو واسطو هو، سو جيئن جيئن سياسي عمل وڌندو ويو، تيئن اسان پيپلزپارٽيءَ کان پري ۽ متحده محاذ کي ويجها ٿيندا وياسين. پر ڀٽي جي جلسن ۾ وڃڻ ۽ کيس ٻڌڻ جو سلسلو جاري رهيو. شهيد ڀٽي جي انهيءَ سياسي طوفان ۾ ايوب استعيفا ڏئي اقتدار وري ٻي فوجيءَ حوالي ڪري ملڪ کي هڪڙي نئين بحران ۾ وجهي هليو ويو ۽ نئين صدر يحيٰ خان ايوب کي اسلام آباد ۾ رهڻ ڪونه ڏنو ۽ کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ نظربند ڪري رکيو. يحيٰ خان پاڪستان جي تاريخ ۾ واحد غيرجانبدار اليڪشن ڪرائي ۽ ون يونٽ کي ختم ڪيو، پر مستقل اقتدار جي حاصلات لاءِ ملڪ کي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيو. حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نه هجڻ ڪري استعيفا ڏئي ملڪ جي اقتدار جون واڳون ان وقت جي قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جي حوالي ڪري پاڻ وڃي نظربند ٿيو. ان وقت خزاني جي حالت بابت عبدالحفيظ پيرزادي ڪي ٽي اين کي پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جڏهن اقتدار ڀٽي حوالي ڪيو ويو ته ملڪي خزاني ۾ هڪ ڪروڙ ڊالر موجود هئا. ان سان حڪومت جو ڪاروهنوار ڪئين هلائجي. پوءِ ڀٽي صاحب مون کي يعني عبدالحفيظ پيرزادي کي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي ڪرنل قذافي، شهنشاهه ايران، شاهه فيصل ۽ شيخ زيد ڏانهن موڪليو ته اسان جي مدد ڪريو، جن ان وقت جي حڪومت جي خاطر خواهه مدد ڪئي ۽ ملڪ جوگاڏو هلڻ لائق ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي شهيد صدارت جي حلف کڻڻ جي ڪجهه ئي عرصي ۾ بين القوامي سامراجي ادارن کان عليحدگي اختيار ڪئي. جنهن ۾ دولت مشترڪه، سيٽو ۽ سينٽو جهڙا ادار شامل آهن. پاڻ ڪيترن ملڪن جو دورو ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي هندستان کان جنگ هارايل ملڪ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ ٿي پيو ۽ ان جو ئي سبب هيو جو پاڻ جڏهن هندستان سان ڳالهيون ڪرڻ وڃي رهيو هو ته سڄي قومي اسميبليءَ کيس اعتماد جو ووٽ ڏنو ۽ پاڻ وڏي اعتماد سان هندستان سان شملا ٺاهه ڪري پاڪستان جا علائقا ۽ جنگي قيدي بنا ڪيس هلڻ جي ۽ بنا ڪجهه وڃائجڻ جي واپس ورتا.