شاعري

ابيات سنڌي

ڪتاب ”ابيات سنڌي“ حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان رحه لواري وارو جي بيتن جو مجموعو آهي، جنهن جي شرح حضرت شيخ شهيد سعيد عبدالرحيم مڱريو گرهوڙي رحه ڪئي آهي ۽ ان ڪتاب جو مترجم و ممهد شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1936ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاهه، حيدرآباد سنڌ پاران ٽيون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپايو ويو. اي ڪمپوزنگ عبدالجبار شيخ صاحب ڪئي آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين عبد الجبار شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book ابيات سنڌي

ناشر طرفان

سنڌي اساسي شاعريءَ جي هڪ نهايت مضبوط ۽ معتبر روايت آهي. جنهن جو هڪ خاص پس منظر پڻ آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ان روايت جو سرواڻ شاعر آهي. جنهن پنهنجي رسالي ۾ سڄي سنڌ کي ڄڻ ته بند ڪري، سدائين لاءِ زنده ڪري ڇڏيو آهي. شاهه جي ڪلام جي تازگي ۽ همه گيري ان نوع جي آهي جو سندس ڪلام جي مقبوليت ڪري، ٻيا مڙئي شاعر، جي کانئس اڳ هئا يا پوءِ پيدا ٿيا، اُهي ڄڻ اوندهه ۾ لڪي ويا، پر جديد تحقيق جي اعتبار کان، اسان لطيف رح کانسواءِ ٻين صوفي شاعرن جي اهميت کان به انڪار نه ٿا ڪري سگهون، .يقينا ان دور جا شاعر، شاهه سان ڪنهن به لحاظ سان برميچي نه ٿا سگهون.پر علمي ۽ ادبي تاريخ جي لحاظ کان اُنهن جي اهميت کان به انڪار به ناممڪن نه آهي. اهڙن اعليٰ شاعرن مان هڪڙو شاعر ، لواري جو سرواڻ، سلطان اولياء خواجه محمد زمان آهي، جنهن جا موجود 84 بيت سنڌي ادب جي اهم ذخيري طور تي تصور ڪيا وڃن ٿا. ۽ جنهن سان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پاڻ پنهنجي سر هلي ملي وڃي مليو سنڌي ادب ۾ شاهه سائين ۽ خواجه صاحب جي ملاقات جو هڪ مستقل باب آهي. جنهن تحت سنڌ جي اعليٰ عالمن جي رهاڻ جي اهميت ۽ گهرائي جي ڄاڻ پوي ٿي. شاهه لطيف جيتوڻيڪ عمر جي آخري سالن ۾ هو ۽ سلطان الاولياء اڃا عمر رسيده نه ٿيو هو پر سندس علم ۽ فضل جي اعتبار کان ڀٽائي صاحب جهڙي هستي، اُن شخصيت سان هلي وڃي ملاقات ڪئي. جيڪو سندس طالب يا شاگرد جو به شاگرد هو. ڀٽائي صاحب جو اِهو عمل، عمر جي تلاش جي حوالي سان سندس وسيع القلبي جي نشاندهي ڪري ٿو.
خواجه محمد زمان رح پنهنجي وقت جو وڏو عارف ۽ اهل الله هو، ۽ سنڌ ۾ نقشبندي مسلڪ جي بانين مان هڪ هو. جنهن جو فيض سڄي برصغير ۾ عام ٿيو. سندس بيت سنڌي قديم شاعري جو املهه خزانو آهن. جيڪي سڀ کان پهرين ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي سن 1938ع ۾ ڇپايا. ۽ ان جو ٻيو ڇاپوسن 1956ع ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي طرفان شايع ٿيو. اٽڪل 38 سالن کانپوءِ سنڌي ادب جو هيءُ اهم ڪتاب ناپيد هو، جيڪو اسين حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي اڍائي سو ساله عرس جي موقعي تي شايع ڪري رهيا آهيون.
حڪومت سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي، توڙي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي تحقيقي اداري جو اهو اولين فرض آهي ته اهي ٻئي ادارا سنڌ جي اساسي شعر ۽ ادب جي تحفظ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺن. ان ڏس جي اهم ڪڙي آهي جيڪا اميد ته پڙهندڙن ۾ قبول پوندي.



ڪراچي عبدالحميد آخوند
28 جون 1994ع سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت
حڪومت سنڌ