شاعري

ابيات سنڌي

ڪتاب ”ابيات سنڌي“ حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان رحه لواري وارو جي بيتن جو مجموعو آهي، جنهن جي شرح حضرت شيخ شهيد سعيد عبدالرحيم مڱريو گرهوڙي رحه ڪئي آهي ۽ ان ڪتاب جو مترجم و ممهد شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1936ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاهه، حيدرآباد سنڌ پاران ٽيون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپايو ويو. اي ڪمپوزنگ عبدالجبار شيخ صاحب ڪئي آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين عبد الجبار شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
Title Cover of book ابيات سنڌي

بِسمک يا فتاح افتتاح

سال 1934ع جي مئي مهيني جو پهريون پک آهي. جو پير جهنڊي جي ڳوٺ وڃڻ ٿيو. مرحوم ميان احسان الله شاهه، جو هڪ جيد ۽ غير مقلد عالم هو. تنهن سان چار چشميءَ جو موقعو مليو. سندس ڪتب خاني جي هر هنڌ هاڪار هئي. تنهن ديدار کان خود گهڻي خوشي حاصل ٿي. ٻه ڏينهن سڄا ان جي معائني ۾ لڳي ويا. ڪتب خاني جا ٻيا ته سڀ ڪٻاٽ باقاعدي صفائيءَ سان رکيل هئا ۽ منجهن هر فن جا ڪتاب ، موضوع آهر مرتب هوا. پر هڪ ٻه ڪٻاٽ نهايت نبريل حالت ۽ بي بندوبستيءَ ۾ ويڳاڻا رهيل هوا.ڪتاب پڻ بي ڪسيءَ جي حالت ۾ گنڊڙيل ۽ مٽيءَسان ڀريل ڏسڻ ۾ آيا. مان به ڌوڙ مان ڌٻڻ لهڻ جو دل ۾ پڪوپهه ڪري، انهن ڪٻاٽن کي جنبي ويس. ڳوليندي ڦوليندي “ابيات سنڌي” جا ٻه جهونا نسخا، شيخ شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي عربي شرح سان هٿ چڙهيا. مون لاءِ غنيمت هئي. جو موتيءَ داڻا مٽيءَ مان ملي ويم. ميان احسان الله شاهه منهنجو ذوق ڏسي، اجازت ڏني ته ڀل اهي نسخا پاڻ وٽ تيتر رکو، جيتر اوهان کي ڪم اچن. آخر اهي ڪتاب ٻين سميت هٿ ڪري، ڪراچيءَ ڏي راهي ٿيس. واٽ تي ڪئيٽا ميل ۾، انهن نسخن جي ورق گرداني ڪندي، ٻئي نسخي (جهه 2) جا ٽي چار ورق، هوا جي اوچتي جهوٽي لڳڻ ڪري وڃي گاڏي کان ٻاهر پيا.ارمان گهڻو ئي ٿيم پر ڇٽل تير ڪو وري سينڱ ڏئي موٽندو! پهريون نسخو(جهه 1) خير سان سلامت هو. تنهنڪري دل کي آٿت ڏيئي صبر ڪيم.
اهي ابيات سنڌي سڀ تصوف تي چيل آهن. ۽ شيخ شهيد گرهوڙيءَ رح انهن جا صوفياڻا نڪتا، عربي شرح ۾ بيان ڪيا آهن. پهريائين ارادو هوم ته خالي بيت ڇپرائي پڌرا ڪريان پر “منهاج العاشقين” جي ڇپائڻ بعد خيال آيم ته شرح به ضرور شامل هئڻ گهرجي. انهي لاءِ ته تصوف جا باريڪ نڪتا خصوصا اسلامي نظر نگاهه وٽان، پڙهندڙن کي معلوم ٿين.ڪي سنڌيءَ جا ڄاڻون جي ٿياسفيءَ(حڪمت الاهي) جا قائل آهن. جن کي اسلامي تصوف جي ڪابه خبر ڪانهي. ۽ ان جي رازن کان بلڪل نا آشنا آهن، سي مسلم شاعرن جو ڪلام سمجهائيندي پنهنجا من گهڙت تاويل ڏيندا آهن. انهن کي پهريائين اسلامي تصوف جو اڀياس ڪرڻ گهرجي ۽ تهان پوءِ مسلم شاعرن جي تعمير دعويٰ ڪرڻ جڳائي.مسلم صوفي شاعرن جي ڪلام جي روحاني رمزن سمجهائڻ جو حق انهن مسلمانن محققن کي آهي.جن تصوف جي ميدان ۾ رياضتون ڪيون ۽ ڪشالا ڪڍيا، جن رات ڏينهن پنهنجو آرام ڦٽائي رب جي يادگيري ڪئي.جن دنيا ۽ ماسوا کي ترڪ ڪري پنهنجو من واحد واسطي وقف ڪيو.جن دورنگي ۽ دوئي ميٽي ، وحدت جي واٽ ورتي ۽ جي مطلب ته هر طرح اهڙن ٿياسفيءَ جي قائلن کان بنهه ابتڙ هوا. اهي پيٽ تي پٿر ٻڌي تسا ڪڍندا هئا ته معرفت جو نور سندن اندر ۾ آهيرو ڪري. انهن جي برعڪس هاڻوڪا صوفي سڻڀا سلوڻا طعام کائي، پنهنجو بين ڀرن ٿا. ۽ اگرچه اندر ۾ ڪارو ڪانءُ پيو ٻولين ته به ٻاهران ٻولي هنج جي اٿن. اهڙا صوفي جيڪڏهن تصوف جي ادعا ڪن ته اها نپٽ ڪوڙي آهي، انهن جا فعل سندن قولن کي ترديد ڏين ٿا.
“صوفي سالم سي ويا، جي اڪثر سين اديار”
شهيد گرهوڙي رح هڪ باعمل عالم ۽ سچوصوفي هو. جو رياضت جي باهه ۾ پچي پڪو ٿيو هو، ۽ جنهن جي رڳ رڳ الاهي عشق جي نشي ۾ تار ۽ مخمور هئي. اهڙو شخص جيڪڏهن تصوف جا اسرار ظاهر ڪري ته ان جو سخن ضرور سچ تي ٻڌل هوندو. تنهنڪري شهيد گرهوڙيءَ رح جو پنهنجي ڪامل شيخ خواجه محمد زمان رح جي بيتن جي شرح لکڻ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو. ۽ سڀ ڪنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهي. انهيءَ مدنظر تي مون سندس شرح جو ترجمو پاڻ تي هموار ڪيو. اگرچه ڪم ڪئن هو. بزرگ تمام ڳوڙهو ويو آهي. ۽ بعضي ته خاص اصطلاحن ڪري سنديس عبارت اهڙي پيچيدي ۽ ڏکي آهي. جو اُن کي غريب سنڌيءَ ۾ آڻڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. ڪٿي ڪٿي ته وري پنهنجي قلم جي ڪُميت جيواڳ ڍري ڪري جهر جهنگ مان ڪاهيندو پئي ويو آهي. تنهنڪري لازم ٿيو ته اهڙين جاين تي اختصار ۽ ايجاز کان ڪم وٺجي. بهرحال ڪابه ضروري ڳالهه ضايع نه ڪئي وئي آهي. اميد ته سنڌي ساهتيه جا ڪوڏيا ۽ تصوف جا اڀياسي ، ابيات سنڌي ۽ سندن شرح پڙهي فيض پرائيندا ۽ مترجم کي دعا سان شاد ڪندا ۽ جيڪڏهن ڪٿي لغزش نظر اچي ته عفو جي عين سان ان جي پرده پوشي ڪندا.
ولله ولي التوفيق واليہ حسن الماب.
آخر ۾ آءٌ پنهنجي احباب جهڙوڪ پروفيسر گربخشاڻي، سيد عطا حسين شاهه موسوي، پير سعيد حسن لورائي، ۽ دين محمد سومري جا گهڻا ٿورا ٿو مڃان. جن ابيات سنڌيءَ جي تاليف ۽ خواجه محمد زمان رح ۽ شيخ شهيد عبدالرحيم گرهوڙِي رح جي سوانح لکڻ لاءِ مصالح مهيا ڪري ڏنو.پڻ بمبئي يونيورسٽيءَ* جو شڪر گذار آهيان جنهن هن ڪتاب جي طبع لاءِ معقول رقم عطا ڪئي. جنهن کانسواءِ هي در يتيم هوندا اڃا تائين دٻلي اندر هجي ها. والسلام



ڪراچي
يوم الجمعة 13 رمضان المبارڪ اضعف العباد
سن 1358هه عمر بن محمد دائودپوٽو
27 اڪٽوبر 1939ع