تاريخ، فلسفو ۽ سياست

آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

مُهاڳ

يورپ ۾ نثر ۽ ايشيا ۾ شاعري لکڻ جو عمل عام آهي. نثر لکڻ به تمام وڏو ڏانءُ آهي. رڳو معقول، سادا ۽ معياري لفظ چونڊي، پوءِ انهن لفظن کي سٽن ۾ پوئڻ سان نثر جي تخليق نٿي ٿئي، پر هڪ هڪ لفظ جي ڳولا ڪرڻ، خيال جوڙڻ ۽ ان پويان همگير مطالعي، مشاهدي تجربي توڙي پيڙا ۽ درد سان ئي شاندار نثر تخليق ڪري سگهجي ٿو. سياسي ادب جي تاريخ جيتوڻيڪ تمام پراڻي آهي. آڳاٽي دور ۾ فڪري بحث مباحثا ڪرڻ جو عمل تمام گهڻو هو. جنهن سان سکڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه وڌي رهي هئي. ڪجھه وقت اڳ سنڌ ۾ اهو هڪ عظيم الشان دؤر هو، جنهن ۾ فڪري بحث ٿيندا هئا، سهپ ۽ رواداري هوندي هئي، هڪ سياسي پارٽي جا ڪارڪن ٻي سياسي پارٽي جي ڪارڪن جا گهرا، گهاٽا ۽ پڳ مٽ دوست ۽ ساٿي هوندا هئا، تحرير، تقرير توڙي هڪ ٻئي جي لکڻين تي تنقيد خود تنقيد ٿيندي هئي، هڪ ٻئي سان سماجي تعلقات ۽ رشتا هوندا هئا. هي فڪري مقابلي بازي جو دؤر به هو ته هڪٻئي جي عزت ۽ احترام وارو دؤر به هو.
نواز خان زئور جو هيءَ ڪتاب “آزاد، روادار، جهموري سنڌ” منهنجي بصارت هيٺ آهي. نواز خان زئور بنيادي طور تي 80 جي ڏهاڪي جي فڪري ۽ عملي دؤر جي پيداوار آهي. سندس تربيت سائين جي ايم سيد جي فڪر؛ شاھ لطيف، سچل، سامي، شيخ اياز، استاد بخاري جي شاعري ۽ عالمي ادب جي مطالعي مان ٿي آهي. ان کان علاوا قومي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ هجڻ جي حيثيت ۾ سنڌ جو جهر جهنگ جهاڳڻ لاءِ هن لطيف جي کاهوڙي ڪردار وارو عمل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو نواز خان زئور يورپ ۽ ايشيا ۾ سرجندڙ نثر توڙي شاعري جي صنفن کان ڀلي ڀت آگاهي ۽ لکڻ ۾ اهم مهارت رکي ٿو.
مون کي هن ڪتاب جي پڙهڻ مان محسوس ٿيو آهي ته ليکڪ بنيادي طور تي سنڌ ۾ علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ آيل هن شديد بحران کي پروڙي ورتو آهي ۽ انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي سمورن مضمونن جي چونڊ فڪري ۽ سياسي ڪئي اٿس. جيتوڻيڪ اڄوڪي دؤر ۾ نظرياتي مواد جي نهايت اهم ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سائنس جي تحقيق موجب انسان جي وجود جو سفر لکين سالن کان هن ڌرتي تي ثابت ڪيو ويو آهي، پر ان سفر پويان چند ڏهاڪا اهڙا آهن جن جي اهميت تاريخ ساز چئي سگهون ٿا. ويجهي ماضي جو وڏي ۾ وڏو معجزو انفارميشن ٽيڪنالاجي آهي. هيءَ ڄاڻ انساني سماج تي مجموعي طور گهرا اثر وجهي رهي آهي. اها الڳ ڳالھه آهي ته هڪ طرف مهذب ملڪ پنهنجي سماج کي سکيو ۽ ستابو بنائڻ لاءِ ترقي جا ڏاڪا چڙهي رهيا آهن ته ٻئي طرف دنيا جي پوئتي پيل قومن کي غلامي جي پاتال ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش جاري آهي، جن کي ٽين دنيا جو لقب ڏنو پيو وڃي. اهي قومون جنگين، بيمارين، غربت، بک ۽ رياستي تشدد جي اجگر ديو آڏو بيوس ۽ پريشان آهن. شايد اهو ئي پسمنظر آهي جنهن ڪري سنڌي قوم سميت دنيا جون ڪي قومون غلامين جي ڌٻڻين ۾ ڦاٿل آهن، ۽ طاقت جي غير متوازن صورتحال قومن کي ايندڙ وقت جي ڏهڪاءَ واري هيجاني ڄار ۾ ڦاسائي وڌو آهي. خود ظالم ۽ جابر قومن کي ڳڻتي ورائي وئي آهي ته مظلوم قومن مٿان جيڪو جبر ۽ ڏاڍ جاري آهي، اهي دنيا کي غير محفوظ نه بڻائي ڇڏين. جڏهن ته مظلوم قومون سڌ سماءَ جي سڌريل نظام وسيلي ڄاڻ حاصل ڪري آزاد سج اڀارڻ لاءِ آتيون آهن ۽ اهڙي جنگ جا طبل هن طرح جي سياسي ڪتابن مان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
اڳتي ڄاڻايل سموريون لکڻيون بنيادي طور تي فڪري ۽ علمي بحث جي تناظر ۾ لکيل آهن. ان حوالي سان مان سمجهان ٿو ته هي ڪتاب سنڌ جي قومي فڪر ۽ دانش جي اڃايل عوام لاءِ پاڻي جو ڍڪ ضرور ثابت ٿيندو. اها ڳالھه هاڻي ڳجهي ناهي رهي ته سنڌ انتهائي وڏي بحران جو شڪار آهي، اجتماعي طور اسان وقت وڃائي چڪا آهيون. ليکڪ ڪوشش ڪئي آهي ته “آزاد، روادار، جهموري سنڌ” جي نالي سان هن ڪتاب ۾ انهي ڳالھه کي ثابت ڪري ته مڪمل آزادي کان سواءِ وطن جو عوام قطعي خوشحالي ماڻي نه ٿو سگهي. نه فقط اهيو پر مون جڏهن ڪتاب جو مطالعو ڪيو ته سنڌي قومپرستي جي اصل واٽ صاف، چٽي ۽ واضع انداز ۾ سامهون ڏٺي. سياسي پارٽين بابت هن ڪتاب ۾ جيڪو بحث ٿيل آهي اهو سنڌ جي مڙني سياسي پارٽين جو عڪس لڳي رهيو آهي. بلوچن جي لانگ مارچ ۽ سياسي ڪارڪنن جي گمشدگين بابت اڄوڪي دور ۾ لکڻ جي جرئت ڪرڻ پڻ انتهائي ڪٺن ڪم آهي؛ جيتوڻيڪ ليکڪ پاڻ کنڀي گم ڪرڻ بعد عذابن جي ٻاٽ اونداهين ڪوٺڙين مان خوف، جبر ۽ تشدد جا سڀ طور طريقا سهڻ بعد جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پنهنجي جواني جا ڏينهن ۽ راتيون گهاري آيو آهي.
انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته مذهب انسان جي ترقي ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. مذهب ئي معاشري لاءِ ضابطئه اخلاق جوڙيو. سماجي قانون ۽ تصور ڏنا. رهڻي، ڪهڻي، رسم ۽ رواج، ڀڳتي، يوگا، تصوف، فلسفو وغيرهه مذهب جي ڪري ئي سماج ۾ عام ٿيا. پراڻن خيالن، نظرين ۽ سائنسي دليلن جي وچ ۾ عالمي تضاد جي اڄوڪي انتهائي اهم دؤر ۾ هي نهايت ضروري ٿي پيو آهي ته رواداري جهڙي اهم واٽ تي هلندي دنيا کي امن جو پيغام ڏجي. ڇاڪاڻ ته رواداري سچ، محبت، پيار، آشتي، امن، اتحاد، پاڪيزگي ۽ مسرت جا بنياد مهيا ڪري ٿي. اهڙي علم سان انسانيت ترقي جا ڏاڪا چڙهي امن ۽ ڀائيچاري کي ڇهي سگهي ٿي. هن سان انسانيت اندر مڙني مذهبن عقيدن ۽ نظرين ۾ هڪجهڙائي ۽ اتحاد جي فضا قائم ڪري سگهجي ٿي.
سياسي تحريرن ثابت ڪيو آهي ته علم، عمل ۽ اخلاق جي بيپناهه خزاني سان آزادي جو سج اڀاري سگهجي ٿو. هن ڪتاب جو پهريون مضمون “خوشحالي آزادي ۾ ئي ممڪن آهي”، جنهن مان معلومات ملي ٿي ته آزاد دنيا ۾ غربت ۽ بدحالي جا سبب پيداواري عمل سان جڙيل آهن، جڏهن ته غلام ملڪن ۾ غربت ۽ بدحالي قومي جبر ۽ ڏاڍ جي ڪارڻ هجي ٿي. ليکڪ جو هي خيال انتهائي اهم آهي ته قومن جي خوشحالي آزادي ۾ ئي ممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ رڳو پاڪستان جي وفاقي بجيٽ جو مثال وٺنداسين ته وفاق کي 80 سيڪڙو سنڌ ڏئي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جو 69 سيڪڙو گئس ۽ 75 سيڪڙو تيل پڻ سنڌ پيدا ڪندي رهي ٿي، ان جي باوجود سنڌ جا اڪثر ڳوٺ گئس کان محروم آهن. جڏهن ته سنڌو دريا تي ڊيم تعمير ڪري بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سندس سڀ شهر اونداهي ۾ ٻڏل آهن.
سنڌ حڪومت جي سالياني بجيٽ جيڪا 580 اربن کان وڌي وئي آهي، رڳو ڪوئلي جي پيداوار مان ئي ٻن ڏهاڪن تائين سنڌ جي بجيٽ ٺاهي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ مڃي به وٺجي ته به هر هڪ فرد کي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ملي سگهي ٿي. ان جي باوجود سنڌ پنجاب وٽ غلام آهي. آزاد ۽ غلام قوم وچ ۾ فرق ايئن پسي سگهجي ٿو ته غلام سنڌ جي يتيم پڻي تي ماڻهن کي ماتم ڪندي ڏسجي، آزاد پنجاب جي فيل مست عوام کي طالبان تحريڪ ۾ مستيون ڪندي محسوس ڪجي، يا اڃان هيئن کڻي چئون ته سڄي دنيا مان ايندڙ ڌارين کي ائين موڪليو پيو وڃي جهڙوڪ سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو هجي. ڪراچي جيڪا ورهاڱي وقت ڪجهه لک ماڻهن جو شهر هئي، اڄ اها 2 ڪڙوڙ آبادي کي پنهنجي سيني ۾ سمائي چڪي آهي، ان جي باوجود به وري حڪمران بحريا ٽائون ۽ ذوالفقار آباد جهڙا خطرناڪ منصوبا جوڙي سنڌي ماڻهن کي هميشه لاءِ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ گهرن ٿا، ته جئين غلام سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي سنڌ تان حق حاڪميت کان هميشه لاءِ محروم ٿي وڃن ۽ عالمي فورمن تي ڪڏهن به سنڌ جو ڪيس رکڻ جي پوزيشن ۾ نه هجن ۽ پوءِ رياستي دلال ۽ ڌاريا اقوام متحدا ۾ سنڌ جا وارث بنجي وڃن؛ سنڌ جا سمورا وسيلا 230 ارب ٽن ڪوئلو ، بيپناهه گرينانيٽ، يورنيم، پيٽرول، تيل، گيس ۽ ٻي معدنيات تي پنجاب قبصو ڪري وٺي، نه فقط اهو پر پاڪستان جي قائم رهڻ ڪري سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن جي تقدس ۽ احترام سان هٿ چراند جاري رهندي اچي.
مٿيان انگ اکر ثابت ڪن ٿا ته غلامي جي زنجيرن دوران غلام قوم جي فردن وٽ پيڙا، درد ۽ جبر کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي هوندي. جڏهن معاشرا آزاد ناهن هوندا، تڏهن رواداري ۽ خوشحالي يا جهموري سرشتو خواب مثل لڳندا آهن. غلام قوم وٽ فقط قومپرستي جي هڪ اهڙي واٽ هوندي آهي جنهن تي هلندي هو آزاد معاشري ۾ پير پائي غلامي جا سڀ زنجير ٽوڙي رياستي جبر مان جان آجي ڪرائين ٿا. ڇاڪاڻ ته آزادي پسند قومپرستي حقيقي قومپرستي هجي ٿي .تنگ نظر، اقتدار پرست ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ويٺل قومپرست ناهن هوندا. 80 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ جن ماڻهن مذهب جي نالي ۾ جماعتون قائم ڪيون، تن اهي مذهبي دڪان قومپرستي خلاف هٿيار بنائي استعمال ڪيا. مزدورن ۽ هارين جون ڳالهيون ڪندڙ مارڪسسٽ به هميشه آزادي جا مخالف رهيا، پاڪستان جي جوڙ جڪ جي ته هندستان مان ويهي حمايت ڪئي وئي، پر جڏهن اوڀر بنگال پنجاب سامراجيت کان نجات ماڻي رهيو هو ته لاهور ۾ ويهي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ان جي مخالفت ڪئي.
“پارٽيون عوامي ملڪيت هونديون آهن” جي عنوان سان جيڪو مضمون آهي، سو فڪري ۽ نظرياتي بحث جي دعوت ڏئي ٿو. منهنجو خيال آهي ته نظرياتي طور جيڪڏهن پاڻ پارٽي جي وصف ڏسنداسين ته سنڌ ۾ ڪا به مڪمل سياسي پارٽي موجود ناهي. حيرت ته هن ڳالھه تي آهي ته جيڪي پارٽيون سنڌ جي آزادي جون دعويدار آهن انهن وٽ سنڌ جي اڌ کان وڏي آبادي جيڪا عورت تي مشتمل آهي، تنهن جي ٻه سيڪڙو نمائندگي به پارٽين اندر ناهي. نه فقط اهيو پر قومپرست پارٽين ۽ جمهوريت جي دعويدار پارلياماني پارٽين وٽ ته ملڪ جي اڪثر آبادي هارين ۽ پورهيتن لاءِ زرعي سڌارن بابت منشور ۾ ڪو به پروگرام ڪونهي. هاڻي جيڪڏهن زرعي سڌارا ۽ عورتن جي شرڪت جا معاملا سڌا ناهن ٻنهي نظرين وارين پارٽين وٽ، ته پوءِ پڪ سان چئي سگهون ٿا ته هنن وٽ نه آزادي ۽ نه ئي وري جهموريت بابت ڪو واضع موقف آهي ۽ نه وري ڪا حڪمت عملي يا تدبيري واٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن پارٽين وٽ سائنسي پارٽي جا لواز مات ئي ڪونهن تڏهن پڪ سان چئي سگهون ٿا اهي سڀ تبديلي آڻيندڙ سگھه ناهن. رڳو عدم تشدد جي واٽ وٺڻ يا فقط پارلياماني مورچو سنڀالڻ يا رڳو گوريلا تحريڪ سان تبديلي ممڪن ناهي. تبديلي آڻيدڙ سگھه هڪ سياسي پارٽي ئي ٿي سگهي ٿي، جيڪا پنهنجي جوهر ۾ مڪمل انقلابي پارٽي هجي. چار ڏهاڪا گذري ويا پر اسان اڃان تائين هڪ مڪمل قومپرست انقلابي پارٽي جوڙي ناهيون سگهيا. بدقسمتي ته هي آهي جو اسان وٽ پارٽيون شخصيت پرستي جي سحر ۾ ٻڏل هونديون آهن، جنهنڪري ويچارا ڪارڪن اهو به ناهن سوچيندا ته ڪا اجتماعي قيادت هجي يا ڪو متبادل جوڙجي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهي شخصيتون 20 واٽن تي گامزن ٿي پونديون آهن. پارٽين اندر ڪمينٽمنٽ رکندڙ ساٿين خلاف سازشي ٽولا سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي فقط هڪ شخص جو اعتماد وٺي سوين تبديلي ۽ انقلاب جا خواب چڪنا چور ڪيا ويندا آهن. جيستائين پارٽيون شخصي ملڪيت هونديون تيستائين اڳواڻ جا خيال ان جون سوچون پارٽي اندر هلنديون، پارٽيون اجتماعي سوچ ۽ اجتماعي خيالن جي وهڪري مان سيراب ٿي نه سگهنديون. جنهن سبب پارٽين اندر ٽڪراءُ دوستي وارا نه پر دشمني وارا ڀڙڪو کائين ٿا. اهڙي عمل مان رياستي ڳجها هٿ پڻ فائدو وٺن ٿا.جيئي سنڌ اندر پڻ اهڙا تمام گھڻا واقعا ملن ٿا. هاڻي ته خود ڏهاڪن کان قائم جيئي سنڌ جا مثالي جمهوري ادارا پڻ سواليا نشان بڻجي چڪا آهن.
سنڌ اندر سياسي پارٽين کان پوءِ خود سياسي اتحاد پڻ سازشين جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهڙن اتحادن ۾ سڀ اهي پارٽيون شامل ٿين ٿيون، جيڪي خود شخصيت پرستي جي محور ۾ جڪڙيل هجن ٿيون. انهي ڪري اتحاد به سياسي پارٽين جيان وڏين ۽ ننڍين شخصيتن ۾ ورهايل هوندا آهن. ان کان علاوا هڪڙيون پارٽيون سڄي عمر اتحاد لاءِ ٻاڪارينديون ۽ پوءِ جڏهن مضبوط اتحاد جڙندا فيصلائتي جدوجهد جي گھڙي ايندي ته اهي ڄآڙي باز وري اتحاد خلاف ڀنڊي ٻاريندا ۽ اتحاد کي ٽوڙي ٻين خلاف غلط پروپيگنڊا جا طوفان کڙا ڪري وٺندا. جنهنڪري سنڌ ۾ قومپرست اتحادن جي تاريخ ڪا سونهري تاريخ ناهي. حالانڪ سنڌ هڪ ملڪ آهي، ان جي پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب آهي، انهي ڪري سنڌ ۾ فلسطين جيان پي ايل او جهڙو طاقتور آزادي پسند اتحاد اشد ضروري آهي، ان لاءِ ڪوششون ٿيڻ گھرجن.
سنڌ اندر مذهبي ۽ سيڪيولر نظرين جو ٽڪراءُ سوين سال پراڻو آهي، ان جو پاڙون ڪلهوڙن ۽ شاھ عنايت جي تحريڪن ۾ کتل آهن. شاھ عنايت شهيد “جو کيڙي سو کائي” جو اقتصادي پروگرام ڏنو. جڏهن ته ان جي سڄي تحريڪ انتها پسندي جي مخالف هئي. انهي ڪري هي ٽڪراءُ فڪري ۽ معاشي هو. ساڳي ريت ڏسئون ٿا ته مخدوم بلاول جي بلاولي تحريڪ به ڪٽرپڻي خلاف هئي.
هن ڪتاب ۾ کنڀي گم ڪرڻ توڙي بلوچن جي لانگ مارچ متعلق مضمون شامل آهن. ويجهي ماضي ۾ هڪ ڏهاڪي کان رياستي دهشتگردي جو هي نئون روپ سڄي دنيا آڏو آهي. هيءَ ڪرت تاريخ ۾ بار بار دهرائبي رهي آهي، نازي، ساواڪ، موساد ۽ اهڙا ٻيا ادارا هن قسم جو عمل ڪندا رهيا آهن. پر 2 سال اڳ گڏيل قومن طرفان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن کان معلومات وٺڻ لاءِ آيل ٽاسڪ فورس سنڌ ۽ بلوچستان مان 25 هزار ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ جا انگ اکر ڏنا هئا، جن۾ خود هن ڪتاب جو مصنف به شامل هو. ان مان واضع ٿئي ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان اندر رياستي جبر جي انتها آهي. توتڪ ۾ اجتماعي قبرون ۽ کوهن ۾ لاش ڦٽا ڪري ڪيميڪل هاري باھ ڏيڻ يا وري باکوڙي ۽ ڀريا جهڙا هنيانءَ ڏاڙيندڙ واقعا، جن ۾ سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نورالله تنيو، مقصود خان قريشي، سلمان وڌو کي انتهائي بي دردي سان گوليون هڻي قتل ڪري پوءِ سندن تڙپندڙ جسمن کي انتهائي بي رحمي سان باھ ڏئي ساڙيو ويو ۽ جڏهن بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا کان اسلام آباد تائين ماما قدير بلوچ ۽ ٻين بلوچ نياڻين لانگ مارچ ڪيو ته بار بار کين مارڻ جون ڪوششون ڪيو ويون. کين ٽي وي چينل تي ڪوريج ڏيڻ جي ڏوھ ۾ جيو ٽي وي جي اينڪر حامد مير کي گوليون هنيون ويون. هتي پارليامينٽ، عدالتون ۽ وردي پوش رياست جا پرزا آهن، جن جو ڪم عوام ۽ قومي ڪارڪنن کي ڪچلڻ آهي. آزادي جي رستي تي هلندڙ سنڌي ۽ بلوچ قومن مٿان رياستي عذاب هڪ گھڙي به هٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. دنيا ۾ قومون آزادي جي واٽ تي هلندي بي پناھ قربانيون ڏينديون آهن، پر انهن قومن جي قربانين بعد انهن جون پارٽيون سندن سياسي وارث ۽ قومي اڳواڻ انهن قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن جي ڪٽنب، دوستن، عزيزن ۽ ساٿين کي همتن ۽ جرئتن سان اڳيان وٺي هلندا آهن ۽ ڌرتي توڙي وطن جي آزادي لاءِ جدوجهد کي اڃان وڌيڪ منظم ۽ مربوط انداز ۾ هلائيندا آهن. اسان جو عوام وطن دوستي جي حب رکندڙ آزادي پسند هڪ اهڙو سرواڻ آهي جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت ۽ طوفان روڪي نه ٿا سگهن، پر جيڪا سڀ کان وڏي بد قسمتي آهي سا اها آهي ته اسان گھڻ طرفي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهيون؛ نظرياتي ڪمزوريون، پارٽي جو مڪمل نه هجڻ، ڪمينٽمينٽ جي کوٽ ۽ جاگيردار معاشرو؛ اهي سڀ غيبتون بهرحال آزادي جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. اها الڳ ڳالھه آهي ته اسان وٽ سنڌ دوستي جيان جهموريت پسندي، سهپ ۽ رواداري جي شاهدي ته 3500 سال قبل مسيح موئن جي دڙي جي تهذيب ڏئي ٿي. انهي ڪري اسان سمجهون ٿا ته روادار ۽ جمهوري معاشري جوڙڻ جا ته تمام وڏا امڪان موجود آهن. پر جيستائين اختيار ۽ اقتدار سنڌين وٽ نه هوندو، تيستائين سهپ ۽ رواداري تي وان،ا وزيرستان ۽ لال مسجد کان لڏي آيل انتها پسندي جا حملا ٿيندا رهندا. انهي ڪري آزاد وطن ۾ ئي رواداري ۽ جمهوريت جا خوشبودار ٻوٽا پوکي سگھجن ٿا. سنڌ سهپ ۽ رواداري جهڙي معاشري ۾ هزارها سال گذاريا آهن. اڄ جڏهن سڄي خطي ۾ بلڪ پوري دنيا ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي، پاڪستان طالبان تحريڪ، پنجاب طالبان تحريڪ، لشڪر جهنگوي، سپاھ صحابه جهڙا هٿياربند جٿا موجود آهن، اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ هڪ فقير منش انسان صادق فقير جو ايڪسيڊنٽ ۾ موت واقع ٿئي ٿو يا ڀريا واقعي ۾ مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌي کي گولين هڻڻ بعد باھ ڏني وڃي ٿي ته ڪراچي جي تبت واري روڊ توڙي ٿرپارڪر جي مٺي هاءِ اسڪول ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿين ٿا، عورتون ۽ مرد، هندو ۽ مسلمان، شيعا ۽ سني، سڀ هڪ صف م بيھي جنازي نماز ادا ڪن ٿا، اها آهي سنڌ جي رواداري. پر آزاد سنڌ ۾ سنڌ جي سهپ ۽ رواداري بابت مهنجي رهبرِ اعظم سائين جي ايم سيد واضع چيو آهي ته سنڌ اهو ملڪ آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرائي سگهي ٿو. سائين اهو پڻ صاف چيو آهي ته سنڌو ديش اسانجي منزل ناهي، پر سنڌو ديش جو پليٽفارم سڄي دنيا جي بني نوع آدم لاءِ امن جي جدوجهد جاري رکڻ جو ذريعو آهي.
هن وقت ته زرعي معاشري اسان جي عورت کي ٻٽي ظلم جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. مرداڻي سماج جي موجودگي عورتن جي ترقي کي محدود ڪري ورتو آهي، جنهڪري قومي آزادي جي ويڙھ ۾ عورتن کي حصو وٺڻ ۾ انيڪ مشڪلاتون درپيش آهن. قومي آزادي جي ويڙھ سنڌ جي اڌ آبادي عورت کانسواءِ وڙهڻ ممڪن ناهي. انهي ڪري قومي تحريڪ کي عورتن جي سوال تي انتهائي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.
مجموعي طور تي سنڌ جي انتهائي اهم موضوعن تي هن ڪتاب ۾ بحث ٿيل آهي، جيڪي اڄوڪي سنڌ جا اهڙا عنوان آهن جن سان نئين سنڌ جوڙي سگهجي ٿي. نئين سنڌ لاءِ جديد سنڏ جي باني سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشني ۾ جن معاملن کي نواز خان زئور ڇهيو آهي، ان مان ليکڪ جي سنجيدگي جي پروڙ پوي ٿي. بنيادي طور تي هن ڪتاب جو جيڪو آخري موضوع آهي“آزادي: عالمي ڪردار جو وسيلو”، ان حوالي سان سنڌي قوم کي سنڌ جي آزادي بعد دنيا جي ڀلائي، حسناڪي، امنِ عالم، ترقيءِ بني آدم، بقاء باهمي ۽ اتحاد انساني لاءِ پنهنجو عالمي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. پر مان سمجهان ٿو ته شهيد بشير خان ريشي عالمي قوتن کي مخاطڀ ٿيندي 23مارچ 2012ع ۾ اهو چيو هو ته سنڌ جو 6 ڪروڙ عوام 1940 جي قرارداد کي انهي ڪري رد ٿو ڪري ته 64 سالن ۾ پاڪستان قومن جي هن عظيم عهد نامي تي عمل ناهي ڪيو ۽ هن گڏيل قومن ۾ ويٺل ويٽو پاور رکندڙ ملڪن جا نالا کڻي چٽي انداز ۾ اها ڳالھه ڪئي هئي ته هاڻي سنڌو ديش جي قيام لاءِ اسان جي مدد ڪئي وڃي. انهي حوالي سان سمورين قومپرست آزادي پسند قوتن کي گھرجي ته هو طاقت کي يڪجا ڪن ۽ آزادي جي ويڙھ لاءِ نئين حڪمت عملي ۽ تدبيري واٽ جوڙين. اهو ئي هڪ رستو بچيو آهي جنهن سان سڄي سنڌ کي متحد ۽ منظم ڪري رياستي شوشن تي جدوجهد ڪرڻ بجاءِ سنڌ وطن جي آزادي جي گھڻ طرفي همگير جدوجهد ڪئي وڃي. بهرحال هي ڪتاب قومي ڪارڪنن لاءِ انتهائي اهم سياسي ۽ نظرياتي مواد مهيا ڪري ٿو. انهي ڪري قومي ڪارڪنن کي گھرجي ته وڌ مان وڌ ساٿين سان گڏجي هن ڪتاب جو مطالعو ڪن.
پنهل ساريو
2 اپريل 2015
حيدر آباد