تاريخ، فلسفو ۽ سياست

آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

جيئي سنڌ هلچل جي اختلافن تي مٿاڇري نظر

سنڌ جي اندر سياسي ٽوڙ ڦوڙ ماضي قريب کان هڪڙو اهڙو لقاءَ بڻيل آهي، جيڪو نه ڏسي سگھڻ جي لائق آهي ۽ نڪي وري ان کان اکيون ئي ڦيرائي سگھجن ٿيون. پر جيڏو وڏو هيءَ مامرو آهي، اُن کان وڏو ان کي اڇاليو ويو آهي. شين کي غيرضروري طور تي تڏهن ئي اڇاليو ويندو آهي، جڏهن انهن ڏانهن غيرحقيقي روش روا رکبي آهي. سنڌ اندر سياسي ٽوڙڦوڙ کي پڻ ڏاڍي غيرسنجيدگي، اٻهرائي ۽ اڇاترائي سان ورتو ويو آهي. جيئي سنڌ جي صفن يا قومي تحريڪ اندر موجود اختلافن يا ٽوڙڦوڙ کي سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ آندو پئي ويو آهي. خود سنڌي عوام پاران ان تي بارها ڳڻتي جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته عوام جي دل ۾ موجود اها آرزو آهي ته سنڌ جي سياست متحد ۽ هڪ جاءِ تي گڏ هجڻ گھرجي، پر ٻيو اهم ڪارڻ هيءَ آهي ته اُن ٽوڙ ڦوڙ کي ته ڏٺو وڃي ٿو، پر ان جي پويان موجود ڪارڻن جي اوک ڊوک کان لنوايو ويندو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته هڪ مٿاڇري نگاهه انهن ڪارڻن تي پڻ وڌي وڃي، جيڪي سياسي ۽ تنظيمي ٽوڙڦوڙ جا محرڪ رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ ٿلهي ليکي هيءَ اهم ڪارڻ آهن:

[b]الف ـــ طبقاتي ۽ نظرياتي ٽڪراءَ:
[/b]سائين جي ايم سيد جي زندگي ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ جيڪا ٽوڙڦوڙ ٿي، ان جو هڪڙو اهم ڪارڻ طبقاتي ۽ نظرياتي ٽڪراءَ ۽ اختلاف هئا. عام طور تي قومي تحريڪ مختلف طبقاتي بيهڪن آڌار پارٽين جي شڪل وٺندي آهي. پوءِ اڳتي هلي تاريخي ضرورتن جي ڪري ۽ هڪڙي ئي دشمن خلاف برسر پيڪار هجڻ ڪري ڪنهن واحد مرڪز تي جمع ٿيندي آهي.
ان جي برعڪس سنڌ ۾ ايئن ٿيو ته سائين جي ايم سيد فڪري ۽ عملي طور تي سنڌ جي قومي تحريڪ جي سرواڻي ڪندي ايڏي وڏي شخصيت بڻجي ويو، جو سڄي قومي تحريڪ سندس تاريخ ساز شخصيت جي چوڌاري گڏ ٿي. سائين جي ايم سيد جي معاملا فهم ۽ فڪري توڙي عملي حوالي کان ديو قامت شخصيت سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي صلاحيت رکندڙ هئي. ان ڪري هو سنڌيت جي اها شمع بڻجي پيو، جنهن تي سمورا پتنگا اچي ڳاهٽ ٿيا. جدوجهد جي لهس اچڻ کانپوءِ هنن سڀني پتنگن جي پرن تي نظرياتي ۽ طبقاتي ڪاراهٽ جا پاڇا پوڻ لڳا. جنهن جي نتيجي ۾ هڪڙي اهڙي سلسلي جو آغاز ٿيو، جيڪو بنهه بيمعنا ۽ فضول هو. دانشورانا ذهني عياشي هو. سياسي نابالغي ۽ ڇڙواڳي هو. سياسي ڪچ وهيءَ جي اٻهرائي ۽ مهمجوئي هو.
ڪنهن قوم جي آزادي جي جدوجهد ۾ طبقاتي سوال ڪيتري اهميت ٿو رکي؟ ان سوال کي درست تناظر ۾ سمجھڻ بدران ان تي کاٻي ڌر جي ساٿين پاران سوشلزم جا بي رنگ پردا وجھي مبهم بڻايو ويو. ٻئي پاسي ساڄي ڌر وارن موقعي پرستي کي پنهنجو وڇاڻو بڻائي ورتو. حيرت انگيز ڳالهه هيءَ آهي ته کاٻا ساڄا، ٻيئي ڌڙا سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڇڏي ويا. پهرينِ مهمجوئي ڪئي، پوين موقعي پرستي. رڳو قومپرست، جن جي اڪثريت هيٺئين ۽ وچئين طبقي سان لاڳاپيل هئي، قومي تحريڪ جي رستي تي ثابت قدمي سان سائين جي ايم سيد سان گڏ بيٺا رهيا. چوڻ جو مطلب ته اهي نظرياتي ۽ طبقاتي ٽڪراءَ هئا، جن جي ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ يا جيئي سنڌ اندر ٽوڙڦوڙ ٿي. باقي ڪير ڪهڙي لڏي جو مهندار هو، ڪنهن ڪهڙي ڌڙي جي اڳواڻي پئي ڪئي، ڪنهن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ان موضوع جي تفصيلي اوک ڊوک کي پاڻ آئيندي جي مؤرخن لاءِ ڇڏيون ٿا. پاڻ هتي ٿلهي ليکي رڳو اهو سبب ٿا ظاهر ڪيون، جيڪو ان مخصوص وقت ۾ جيئي سنڌ اندر اختلافن يا انتشار جو هڪڙو محرڪ بڻيو. بعد وارين ٽوڙن ڦوڙن ۾ اهو سبب ڪارفرما نه هو.

[b]ب ـــ حڪمت عملين ۽ پاليسين توڙي روين جا اختلاف:
[/b]حڪمت عملين ۽ پاليسين تي اختلاف سائين جي ايم سيد جي زندگي ۾ پڻ هيا. پر گھڻي ڀاڱي اهي تنظيمي صفن اندر ئي رهيا. اڳتي هلي هن سبب وڌيڪ تيزي ورتي ۽ جيئي سنڌ جي اڪثر انتشارن ۽ ٽوڙن ڦوڙن ۾ ان کي گھڻو ورجايو ويو. نظرياتي ۽ فڪري ساڳيائپ جو راڳ ڳائيندي حڪمت عملي ۽ پاليسي جي اختلافن تي زور ڏنو ويو.
چي: ”ادا فڪري طور تي اسان سڀ سائين جي ايم سيد جي آزادي واري نظريي جا پيروڪار آهيون، بس رڳو حڪمت عملي ۽ پاليسين تي اختلاف آهن، ان ڪري ڌار ٿيا آهيون.“
ڳُوڙهائي سان ڏٺو وڃي ته حڪمت عملي ۽ پاليسي رڳو ٻن ڌرين جي مختلف آهي. هڪ جيئي سنڌ متحدا محاذ وارن جي ۽ ٻي خالق جوڻيجي واري جيئي سنڌ محاذ جي. نه ته ٻيون سڀ ڌريون عدم تشدد ۽ غيرپارلياماني حڪمت عملي ۽ پاليسي تي گامزن آهن.
ان ڪري جيڪي اختلاف حڪمت عملين ۽ پاليسين جا چيا ٿا وڃن، اهي اصل ۾ گُرن ۽ اٽڪلن جا اختلاف آهن. ان کان اڳتي اهي روين جا اختلاف آهن، پسند ناپسند جا اختلاف آهن، اڻ سهپ جو اظهار آهن.
ڏسجي ته مجموعي طور تي سنڌ جي سياسي اڳواڻن ۾ هڪٻئي لاءِ اڻ سهپ به ڏاڍي رهي آهي.
اها اڻ سهپ ۽ روين ۽ مزاجن جي الڳتا معاملن کي اختلافن جي شخصي نوعيت ڏانهن ڌڪي ٿي. نتيجي ۾ گڏ هلڻ ويتر وڌيڪ ڏکيو ٿي ٿو پئي. تان جو ڳالهه هلي ڪنهن ٽوڙ تي ئي کُٽي ٿي.

[b]ٻ ـــ مفادن جو ٽڪراءُ:
[/b]سياسي اڳواڻي تي لاڳيتي والار جي نتيجي ۾ اڳواڻ مخصوص قسمن جا مفاد جوڙي وٺن ٿا. اهي مفاد جيئن ته سياسي اڳواڻي سان ئي منسلڪ هجن ٿا، ان جي ڪري ڪوبه اڳواڻ ڪڏهن به پنهنجو عهدو يا اڳواڻي ڇڏڻ لاءِ راضي نه ٿو ٿئي. ان جي نتيجي ۾ پڻ ڇڪتاڻ ٿئي ٿي، جيڪا بالآخر اچيو پارٽي جي ٽٽڻ تي دنگ ڪري.
حضرت علي عليه السلام وٽ ٻه مايون آيون. ٻيئي ساڳئي ٻار جون وارث يا مائرون هجڻ جون دعويدار هيون. حضرت علي چيو ته ٻار ٻه اڌ ٿا ڪيون. هڪ اڌ هڪ ماءُ کڻي، ٻيو اڌ ٻي ماءُ. ڪوڙي مائي ان ڳالهه تي آمادا ٿي ويئي. پر ٻار جي اصل ماءُ چيو ته نه، ٻار کي ماريو نه، ڀلي هُن مائي کي ڏيئي ڇڏيو.
پر سياست ۾ ايئن نه ٿو ٿئي. ٻار جهڙي پارٽي ٻن اڳواڻن جي جھيڙي ۽ مفاداتي ڇڪتاڻ جي ور چڙهيو ٻه اڌ ٿيو وڃي. سياسي، معاشي، شخصي ۽ گروهي مفادن جي ٽڪرائن جي نتيجي ۾ پارٽيون ٽٽن ٿيون.

[b]ڀ ـــ ڳُجھن هٿن جون ڪارگذاريون:
[/b]جيئن ٻين سياسي پارٽين سان ٿيندو رهيو آهي، ايئن جيئي سنڌ سان پڻ ٿيندو رهيو آهي. هن مملڪتِ خدادادِ پاڪستان جا ڳجھا ادارا سياسي پارٽين کي هميشه ڪمزور ۽ منتشر ڏسڻ ٿا چاهين، ان ڪري هنن سمورين پارٽين جي خلاف وقت بوقت سازشون پئي سٽيون آهن. پوءِ اهي قومي پارٽيون هجن، جمهوري پارٽيون هجن يا وري سندن ئي پيدا ڪيل پارٽيون ڇو نه هجن؛ وس پڄندي هُنن ڪنهن کي به بخش ڪونه ڪيو آهي. جارح ۽ آمراڻي رياست هميشه سگھاري فوجيت ۽ ڪمزور سياست چاهيندي آهي. سياست جيتري ڪمزور هوندي، ڳجھا ادارا ۽ عسڪري ادارا اوترا ئي طاقتور هوندا ۽ اوترو ئي رياست تي مسلط ٿيل هوندا. ان ڪري پاڪستان قسم جون رياستون هميشه غيرسياسي نظام ۽ منتشر معاشري جون خواهان هونديون آهن. تنهن ڪري هٿ وٺي سياست ۾ انتشار پکيڙيو ويو آهي.
اهڙو انتشار جيئي سنڌ ۾ پکيڙڻ جي ڪوشش پڻ ٿيندي رهي آهي. اهڙا هٿڪنڊا به ٽوڙن ڦوڙن جو سبب بڻجندا رهيا آهن. پر هن ڏس ۾ وڌاءَ به تمام گھڻو ڪيو ويو آهي.
ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ جيئي سنڌ هن قسم جي هٿڪنڊن جي مزاحمت به وڏي سطح تائين ڪئي آهي.

[b]ت ـــ ڊگھي مدي واري چِٽي حڪمت عملي جو نه هجڻ:
[/b]جيئي سنڌ نظرياتي نقطي نگاهه کان جيتري مضبوط ۽ چِٽي آهي، حڪمت عملي جي لحاظ کان اوتري ئي منجھيل ۽ ڪمزور آهي. نتيجي ۾ اُها ڪا واضح، چِٽي ۽ ڊگھي مدي واري مضبوط حڪمت عملي جوڙي نه سگھي آهي. حڪمت عملي جي ان فقدان جي نتيجي ۾ اُها اُهي شاندار ۽ تاريخي ڪاميابيون ماڻي نه سگھي آهي، جيڪي سندس مقدر آهن.
حڪمت عمليون هميشه گھڻ طرفيون هونديون آهن. اهي گھڻن ئي پاسن کان پنهنجي مقصد ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿينديون آهن. حڪمت عمليون جيتريون طاقتور ۽ عملي هونديون، پارٽي جي اڳتي وڌڻ جي رفتار اوتري ئي تيز هوندي ۽ مقصد جي حاصلات اوتري ئي تيزي سان ممڪنات جي مرحلي ۾ داخل ٿيندي.
ڪوبه سگھارو، تاريخ ساز ۽ سچ تي بيٺل نظريو ڪمزور حڪمت عملي سان فاتح نه ٿو ٿي سگھي. طاقتور نظريي کي به سگھاري حڪمت عملي جي ضرورت هوندي آهي. سگھاري حڪمت عملي جي اڻهوند ۾ سچ تي بيٺل نظريا به وقتي طور تي هارائي ويندا آهن.
سنڌ جي آزادي ڏانهن فيصلائتي اڳڀرائي نه ٿيڻ جو هڪ اهم ڪارڻ جيئي سنڌ وٽ ڊگھي مدي واري طاقتور حڪمت عملي جي اڻهوند پڻ آهي. گڏوگڏ ايئن به آهي ته انهيءَ فقدان جي نتيجي ۾ جيئي سنڌ ٽٽندي به رهي آهي. جڏهن پارٽيون سگھارين حڪمت عملين سان جاکوڙ ۾ هونديون آهن، تڏهن داخلي اختلاف، جي هوندا آهن ته، دٻيل هوندا آهن يا وري وقت سِر حل ٿي پيا ويندا آهن. اختلاف وڌي وڻ رڳو تڏهن ٿيندا آهن، جڏهن پارٽيون اڳيتي هلچل ۾ نه هونديون آهن. لاڳيتي هلچل ننڍي مدي توڙي ڊگھي مدي وارين سگھارين حڪمت عملين کانسواءِ ممڪن ئي ڪانهي.

[b]ٿ ـــ سنڌي سماج ۾ موجود انتشار:
[/b]ورهاڱي کانپوءِ سنڌي سماج کي هٿ وٺي جنهن بحران ۽ انتشار ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، اهو هاڻي وڌي وڻ ٿيڻ کان به اڳتي نڪري هڪڙو اهڙو جھنگ ٿي پيو آهي، جنهن ۾ رڳو ڪنڊا، کسڙ ۽ گندگاهه ئي آهي. ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌي قوم کي جيڪو نقصان رسيو آهي، اهو ناقابل تلافي آهي. انهيءَ ننقصان جي گھڻن پاسن جو پورائو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگھي.
اهڙن انيڪ نقصانن جو هڪ نتيجو سنڌي سماج ۾ پيدا ٿيل انتشار آهي. سماجن ۾ جڏهن انتشار وڌندا آهن، ته اتي يا ته انقلاب رونما ٿيندا آهن يا وري انارڪي پکڙبي آهي. سنڌي سماج جيترو منتشر ٿي رهيو آهي، اوترو ئي انارڪي ڏانهن ڌِڪجي رهيو آهي. اهو ڪنهن سنئين دڳ ڏانهن وڌڻ، پنهنجي مرندڙ ڊهندڙ وجود منجھاران ڪنهن نئين شئي کي جنم ڏيڻ بجاءِ هر ڏسا تباهيون، بحران ۽ انتشار پکيڙي رهيو آهي.
سنڌي سماج ۾ وڌندڙ اهو انتشار انتظامي، سماجي، سياسي، معاشي ۽ تعليمي شعبن سوڌو سمورن شعبن توڙي ڪٽنبي ايڪي تي پئجي رهيو آهي. اسان جا ڳوٺ، شهر، پاڙا، ڪٽنب، پنچائتي نظام ـــ هر شئي ٽوڙڦوڙ ۽ انتشار جي ور چڙهيل آهي. اسان جا ڪٽنب ٽُٽي رهيا آهن، گھر گھر کان جدا آهي، پاڙو پاڙي مان بيزار آهي، ڳوٺ ڳوٺ کان ڌار آهي، شهر شهر جو حريف آهي. هر گھر ۾ ”چڱ مڙسي“ جو جھيڙو آهي. هر ڳوٺ ۾ ”چڱن مڙسن“ جي بيهودي قطار آهي. هر پاڙي، هر شهر ۾ ”نام نهاد چڱ مڙسي“ لاءِ جھيڙا ۽ سازشون آهن. هر ڪو سوا سير آهي، ڪوبه پاءَ ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. ڪوبه ٻئي کي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هر ڪو وتائي وانگر اڪيلو سيرو کائڻ ٿو گھري. انتشار ۽ افراتفري ايڏي آهي، جو ماڻهو ماڻهو ڀيڙو ڪونهي.
سنڌ ۾ سماجي ۽ معاشي ارتقا جي هن ڏاڪي تي جيڪو انتشار آهي، ان جو اولڙو سنڌ جي سياست تي پڻ پوي ٿو. سنڌ جو سياسي انتشار هڪ حد تائين سنڌ جي سماجي انتشار منجھان ئي ڦُٽي ٿو نڪري. جيڪڏهن سنڌ معاشي ۽ سماجي استحڪام ۾ هجي ها، ته هوند سنڌ ۾ هيڏو سياسي انتشار هرگز نه هجي ها.
سماج تاريخي ارتقا جي جن ڏاڪن تي بيٺل هوندا آهن، نتيجا به ان سطح جا ئي ڏيندا آهن. ان ڪري سياست به انهن اثرن کان آجي ٿي نه ٿي سگھي.

[b]سياست جي نفي ناهي ڪرڻي:
[/b]سياست جيئن ته سماج جي اڳواڻي ڪندي آهي؛ ان ڪري آخرڪار اُها هر قسم جي اُنهن اثرن مان جان ڇڏائي وٺندي آهي، جيڪي سندس پيرن ۾ پنجوڙ ٿي پوندا آهن. اُها ڪيتري به ڪمزور ڇو نه هجي، پر نيٺ ڳُڙيِ ڳُڙيِ چڙهي ويندي آهي، لُڏيِ لَميِ تري ويندي آهي. سياست کي سڄي سماج جي سرواڻي ڪرڻي هوندي آهي، جيڪا اها تڏهن ئي ڪري سگھندي آهي، جڏهن پنهنجي پيرن مان هيڻائي جا ڏانوڻ ٽوڙي وجھندي آهي، ۽ انت اها ايئن ڪري ئي وجھندي آهي.
سنڌ جي سياست کي به سمورن بحرانن، ٽوڙن ڦوڙن ۽ انتشارن تي حاوي پوڻو آهي. انهيءَ لاءِ ان کي نوان گس ڳولڻا آهن، نيون حڪمت عمليون جوڙڻيون آهن، ڪمزورين کي ختم ڪري خوبيون پيدا ڪرڻيون آهن ۽ سڄي سماج تي نئين سري سان اثرانداز ٿي ان جي اڳواڻي ڪري نئون انقلاب برپا ڪرڻو آهي.
پر اهو سڀ ڪرڻ لاءِ اسان مان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سياست جي نفي ڪرڻ بدران انهيءَ کي سگھه وٺائڻي پوندي.
* * *
8 اپريل 2014ع