تاريخ، فلسفو ۽ سياست

آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

قومي آزادي ۽ عورت

گھڻو وقت اڳ جي ڳالهه آهي. آئون حيدرآباد ۾ ڪنهن احتجاجي جلسي کي خطاب ڪري هيٺ لٿو هئس. ان مهل ڪا اڻسڃاڻُو ڇوڪريءَ منهنجي سامهون آئي ۽ آٽوگراف بُڪ منهنجي اڳيان جھليائين. مون آٽوگرافن واري بندي کانئس ورتي ۽ ان تي هيٺيون سِٽون لکي پنهنجي صحيح ڪيم:
“قومي آزادي جي جدوجهد بنيادي طور تي عورت جي آزادي جي جدوجهد آهي.”
آئون قومي آزادي ۽ عورتن جي آزادي، وقار ۽ حقن کي لازم ملزوم سمجھان ٿو. جيڪا قوم غلام هجي ٿي، ان جي غلامي جي آخري هيٺانهين ڇيڙي تي عورت بيٺل هوندي آهي. يعني غلامي جو سمورو جبر عورت مٿان نه سهجندڙ بار ٿي ڪِرندو آهي. جيڪڏهن ڌرتي جي هن گولي تي ڪو سڀ کان وڏو جبر، سڀ کان وڏو ڪرب، سڀ کان وڏي اذيت ۽ سڀ کان وڏي ڪوجھائپ آهي ته اها غلامي آهي. انهيءَ ڪري ئي آئون غلامي جي هر شڪل کان اپار نفرت ڪندو آهيان. آئون چاهيان ٿو ته هن سڀاڳي ڌرتي جي سيني تان غلامي جي هر شڪل، صورت ۽ هر ڍانچو ختم ٿي وڃڻ گھرجي. ان ڪري ئي آئون چاهيان ٿو ته هر حالت ۾ قومي غلامي جو انت اچڻ گھرجي. ڇاڪاڻ جو قومي غلامي منجھان ئي ٻيون هر قسم جون غلاميون ڦُٽي نڪرن ٿيون.
قومي غلامي جتي ڪنهن قوم جي سياسي اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪندي آهي، ثقافتي اؤسر کي روڪيندي آهي، اقتصادي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ استحصال ڪندي آهي، جاگرافي جي بيحرمتي ۽ والار ڪندي آهي، تاريخ کي ملياميٽ ڪندي آهي ۽ قومي تشخص کي خطرن جي ور چاڙهيندي آهي؛ اتي اها غلام قوم جي فردن جي اجتماعي توڙي انفرادي حقن ۽ آزادين تي پڻ راتاها هڻندي آهي. انفرادي حقن ۽ آزادين تي لڳندڙ انهن راتاهن جو سڀ کان وڌيڪ ۽ ڀيانڪ شڪار اتان جي عورت ٿيندي آهي. قومي غلامي پٺتي پيل معاشرن جي عورت جي شخصي توڙي هڪ پرت طور اجتماعي آزادي کسي وٺندي آهي ۽ ان کي وڌيڪ بدتر غلامي جي ور چاڙهي ڇڏيندي آهي. قومي غلامي مٿان کان هيٺ لهندي آهي، جنهن جي آخري ڇيڙي تي غلام قوم جي عورت بيٺل هوندي آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو قومي غلامي جو سمورو بار انت اچي عورت تي پوندو آهي ۽ اها تمام بدترين حالتن جي ور چڙهي ويندي آهي.
سنڌي عورت جي هاڻوڪي بدترين حالت منجھاران اسان غلام قوم جي عورت جي حالت جو درست اندازو لڳائي سگھون ٿا. هڪ طبقي طور سنڌ جو هيٺيون طبقو، ان هيٺئين طبقي ۾ به هاريءَ ۽ هاري کان به هيٺ ۽ وڌيڪ بدترين حالت اڄوڪي غلاماڻي سنڌي سماج ۾ جيڪڏهن ڪنهن پرت جي آهي ته اها عورت جي آهي. سنڌي عورت اڄ تاريخ جي سمورن دؤرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ استحصال ۽ ڦرلٽ جو شڪار آهي، وڌيڪ جبر هيٺ آهي ۽ وڌيڪ مظلوم آهي.
هوءَ هڪ پاسي قومي غلامي جي جبر، نامرادين ۽ ابتريَن جي شڪار آهي. جنهن ۾ هوءَ ڪوبه قومي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آهي. ٻئي پاسي جاگيرداراڻن سماجي ۽ اقتصادي رشتن ۾ ڦاٿل آهي. جتي سندس پورهئي، مرضي ۽ مانُ جي ڪابه اهميت ۽ قيمت ناهي. ٽئين پاسي هوءَ مدي خارج جنسي تصورن جي جڪڙ هيٺ آيل آهي. اِهي مدي خارج جنسي تصور کيس جيئري جاڳندي ۽ احساس توڙي جذبا رکندڙ وجود بدران استعمال جي ذاتي شئي بڻائي ڇڏين ٿا. چوٿين پاسي مرداڻي غلبي واري معاشري (Male dominated society) جي پيڙائن، اذيتن ۽ ذري جيترو مانُ مهت به نه هجڻ سندس وجود کي ريزا ريزا ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ پنهنجي وجود جو اظهار ڪرڻ جي لائق به ڪانه رهي آهي. هوءَ زال آهي، ماءَ آهي، ڀيڻ آهي، ڌيءَ آهي، جيڪا ڪجھه به آهي، پر هر رشتي ۾ مرد جي محتاج آهي؛ ڄڻڪ هن جو ڪو الڳ ٿلڳ انساني وجود ئي ڪونه آهي. هوءَ گھريلو توڙي سماجي طور پوري ريت مرد جي هٿ وس بڻيل آهي. مرد جي مرضي يا اجازت جي بغير نه اها ڪنهن سماجي سرگرمي ۾ حصو ٿي وٺي سگھي، نه ڪنهن معاشي عمل جو حصو ٿي سگھي ٿي، نه ڪنهن سياسي تحرڪ ۾ بهرو وٺي ٿي سگھي، نه پڙهي ٿي سگھي، نه ڪيڏانهن اچي وڃي ٿي سگھي، نه محبت ڪري ٿي سگھي، نه شادي ڪري سگھي ٿي، نه پنهنجي جذبن جو آزاداڻو اظهار ٿي ڪري سگھي. هوءَ پنهنجي مرضي، پسند ۽ آزاد ارادي سان ڪجھه به ڪري سگھڻ جي حيثيت ۾ ناهي. اها مڪمل طور تي مرد جي هٿ وس آهي، ڄڻڪ ڪا گڏي هجي، ڪٺ پتلي هجي، ڪو بي ساهو وجود هجي! چوٿين پاسي مٿان وري مذهب جو سڄو سارو بار به ويچاري عورت جي مٿي تي لَڏيل آهي. مذهبن جي اڪثريت به عورتن جي غلامي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. عورت کي غلام بنائڻ ۾ مرد جو هڪ وڏو هٿيار مذهب پڻ رهيو آهي.
قومي غلامي، جاگيرداراڻو معاشي سرشتو، مرداڻي غلبي وارو سماج، مدي خارج جنسي تصورَ ۽ مذهب عورت جي غلامي جو سڀ کان اهم ڪارڻ ۽ سبب رهيا آهن. اڄوڪي سنڌي سماج ۾ اهي سڀئي عوامل ۽ عنصر چٽيءَ ريت ڏسي سگھجن ٿا. مٿان وري هيءَ پاڪستاني رياست پنهنجي جوهر ۾ غيرسيڪيولر، غيرروادار ۽ قدامت پسند روين جي آليڪار آهي. جنهن جو سڄو نزلو ڦِريو گھِريو اچيو عورت مٿان ڪِري. اهوئي ڪارڻ آهي جو عورت جي هالت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ابتر ٿي رهي آهي.
سنڌي عورت جي غلامي، پيڙا ۽ هيڻائي جي سمورن اسبابن کي سگھارو ڪرڻ جي پٺيان جيڪا اصل قوت ڪارفرما آهي، اها “مملڪتِ خدادادِ پاڪستان” آهي. ظاهر آهي ته ننڍي کنڊ جي هن اُلهندئين خطي ۾ قومن جي قومي غلامي جو ڪارڻ پاڪستان آهي؛ ان ڪري عورت جو مسئلو پڻ ان تناظر ۾ ئي ڏسڻ گھرجي. فلسفي جو عام قائدو آهي ته سمورا ننڍا يا ثانوي تضاد بنيادي تضاد جي چؤگرد ئي ڦِرندا آهن. هِتان بنيادي تضاد جو جبل واوکر ٿيو، هُتان جزوي تضادن جون ڀِٽون ڀُرڻ شروع ٿيون. ان ڪري ئي قومي آزادي جي جدوجهد بنيادي طور تي عورت جي آزادي جي جدوجهد ئي آهي.
قومي آزادي پنهنجي بنيادي جوهر ۾ عورت نواز هوندي آهي. قومي آزادي جو سڀ کان وڌيڪ فائدو جيڪڏهن ڪنهن پرت کي پوندو آهي ته اها عورت آهي. ان ڪري جو قومي آزادي سيڪيولرپڻي، رواداري، روشن خيالي ۽ جديديت جون جيڪي نيون لهريون اڀاريندي آهي، اهي عورت کي نئين تناظر ۾ آڻي اڳتي وڌائينديون آهن. قومي آزادي ۾ عورت لاءِ تعليمي، سماجي ۽ معاشي طور تي نوان موقعا پيدا ٿيندا آهن. عورت پراڻن سماجي قدرن ۽ مرد جي بالادستي مان جان آجي ڪرائي آزاداڻي طور تي پنهنجي اقتصادي، سماجي ۽ سياسي ڪردار جي چونڊ ڪندي آهي. جديد قومي رياست ۾ ئي عورت سڀ کان گھڻي ترقي ڪري ڪنهن تمام اوچي پد تي پهچي سگھي ٿي ۽ پهچي ٿي. اولهه جي عورت اڄ جنهن بيپناهه آزادي جو لطف ماڻي رهي آهي، ان جي پٺيان جديد قومي رياست ۽ صنعتي سماجي قدر ۽ پيداواري رشتا آهن.
نه رڳو اهو ته قومي آزادي عورت جي سماجي، سياسي ۽ معاشي بيهڪ ۾ تبديلي آڻي کيس پاڻڀرو بڻائي ٿي. پر قومي آزادي جي جدوجهد به عورت کي هڪڙي نئين ۽ بلند مقام تي وٺي وڃي ٿي. جڏهن ڪنهن قوم جي قومپرستي پختي ٿي جدوجهد جي ميدان ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ حالتن تي اثرانداز ٿيڻ لڳي ٿي، تڏهن اها سماج جي اندر نيون بيهڪون ٺاهڻ لڳي ٿي. قومپرست جدوجهد جڏهن ڪُلي طور تي قومي آزادي جي جدوجهد واري جُهت اختيار ڪري ٿي وٺي، تڏهن اها سماج جي اندر نين حالتن کي جنمي ٿي. جنهن جو سڀ کان وڏو اثر عورت تي ئي ٿئي ٿو ۽ مثبت توڙي منفي ٻنهي صورتن ۾ ٿئي ٿو. هڪ پاسي اها بيٺڪي سامراج جي فوجين هٿان تشدد ۽ ڏاڍائين جو شڪار ٿئي ٿي، ته ٻئي پاسي اها ان تشدد، ڏاڍ، ظلم ۽ غلامي خلاف سينو ساهيندي نئين تاريخ رقم ڪرڻ شروع ڪري ٿي. جدوجهد جي انهي مرحلي تي ئي هوءَ غلامي جا نيئر لاهي ڦِٽي ٿي ڪري. هوءَ هاڻي وڌيڪ وقت تائين پيءَ، ڀاءَ، مڙس، پٽ يا ٻئي ڪنهن به رشتي جي ڳيجھو نه ٿي رهي. قومي آزادي جي جدوجهد ۾ سندس ڪردار کيس نئين قوت، آزادي ۽ خود اختياري آڇي ٿو. اها پنهنجي مرضي ۽ آزاد ارادي جي ڌڻي ٿي پئي ٿي.
سنڌي عورت کي پڻ پنهنجي آزادي ماڻڻ ۽ پنهنجي آزاد ارادي جي ڌڻي ٿيڻ لاءِ قومي آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجو حصو ڳنڍڻو پوندو. جيڪڏهن سنڌي عورت هن غيرسيڪيولر، انسان دشمن، قدامت پسند ۽ عورت دشمن رياست سان سينو ساهڻ جو ساهس پاڻ ۾ نه ٿي ڌاري، ته نه پاڻ کي آزاد ڪرائي پنهنجن پيرن تي بيهاري سگھندي ۽ نه ئي پنهنجي قومي وجود کي بچائي سگھندي. سنڌي عورت کي انفرادي توڙي اجتماعي مفادن جي حاصلات، ترقي ۽ خود اختياري لاءِ پاڻ کي سنڌ مُلڪ جي قومي آزادي سان واڳڻو پوندو.
* * *

13 مارچ 2015ع