تاريخ، فلسفو ۽ سياست

آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

ليکڪ پاران

[b] هڪ سپني جي ساڀيا جي پنڌ تي[/b]

منهنجو هڪ عظيم سپنو آهي، جنهن سپني جو نالو سنڌ جي آزادي آهي. آئون انهي سپني سان ايتري محبت ڪندو آهيان جو انهي جي ساڀيا جي پنڌ تي هلندي ڪيتريون ئي واٽون ووڙيون اٿم، ڪيترائي رڻ اڪريا اٿم، ڪيترائي جبل جھاڳيا اٿم، ڪيترائي لڪ لانگھا لنگھيا ۽ تڙ اوتڙ اوليا اٿم، جدوجهدن ۾ هليو آهيان ۽ نور نچويو اٿم. مون ان سپني جي ساڀيا لاءِ پنهنجن پيرن کي جدوجهد جي پرواز پئي عطا ڪئي آهي ته جيئن آزادي کي اوڏڙو ٿي سگھان، پنهنجي شعور کي ڏيئا ڏيئا ڪري پئي ٻاريو آهي، ته جيئن آزادي جي راهن کي وڌيڪ روشن ڪري سگھان ۽ انهي روشني ۾ منهنجي قوم آزادي جي لال ڪنوار جو سدا سهڻو من مهڻو مُکڙو چٽائي سان ڏسي سگھي ۽ سندس دل ۾ ان جي حاصلات لاءِ سچي تڙپ پيدا ٿي سگھي. مون پنهنجي تحرير توڙي تقرير ۾ انهي دلڪش چهري جي جلوي نمائي پئي ڪئي آهي. زيرِ نظر ڪتاب پڻ انهي سپني جي ساڀيا جي پنڌ تي وڌايل وک آهي.
جڏهن ڪنهن به سماج جي اندر سياست ڪمزور ٿي ويندي آهي ۽ سياسي عمل لاٿ جو شڪار ٿي ويندو آهي، تڏهن سياسي ادب جي سرجڻ جي رفتار پڻ ڍري ٿي ويندي آهي. ڪو وقت هو جو سنڌ اندر سياسي نظرياتي بحث مباحثا تمام وڏي پئماني تي ٿيندا هئا، سياسي ادب وڏي مقدار ۾ سرجيو ويندو هو ۽ جيڏي وڏي مقدار ۾ سرجيو ويندو هو، اوڏي ئي دلچسپي ۽ دلجمعيءَ سان پڙهيو ويندو هو. نه رڳي اهو ته تن ڏينهنَ ۾ سياسي ادب مقداري لحاظ کان گھڻس ۾ هو، پر اهو معياري لحاظ کان پڻ بلندين تي بيٺل هوندو هو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ قسم جي نظرياتي پختائي جنم ورتو، جنهن سياسي عمل کي بلوغت جي اڳئين ڏاڪي تائين رسايو. اهو دؤر سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جو دؤر هو. جنهن کي عبدالواحد آريسر وڌيڪ جلا بخشي هئي. لکڻ پڙهڻ جو اهو دؤر اڄ جھڪو ۽ جھيڻو ٿي ويو آهي. قومي سياست جي هيڻي ٿيڻ جي ڪري نظرياتي، فڪري ۽ سياسي ادب جي لکجڻ ۾ پڻ ڍرائي اچي وئي آهي. آئون چاهيان ٿو ته سياسي ادب تخليقجڻ ۾ آيل اها ٻاڙائي ختم ٿئي. ڇاڪاڻ جو سياسي ادب جيتريقدر وڌيڪ سرجندو، سياسي عمل ايتريقدر وڌيڪ پڪو پختو ۽ اثرائتو ثابت ٿيندو.

هن دراز ڪارِ جهان تي محيط هيءَ ڪائنات هڪ عظيم هيڪڙائي آهي، جنهن جي هر شئي ٻي شئي تي آڌارڪ آهي، هر شئي ٻي شئي سان ڳنڍيل آهي. سماج پڻ ايئن آهي. سماجي اصولن جو جهان ٻڌائي ٿو ته علم ۽ عمل جي وچ ۾ باهمي ڳانڍاپو آهي، جيڪو شين تي ٻٽا ۽ گھڻ رخا اثر وجھي ٿو. نتيجي ۾ هڪ شئي جي ڪمزوري ٻي شئي کي ڪمزور ڪري ٿي. ساڳئي وقت هڪ شئي جي مضبوطي ٻي شئي کي مضبوط ۽ سگھارو بڻائي ٿي. ساڳي ڳالهه ابتڻن تي پڻ ٻئي نموني ۾ اثرانداز ٿئي ٿي.
جتي سرگرم ۽ سگھاري سياست سياسي ادب جي تخليق جو ڪارڻ بڻجي ٿي، اتي سگھارو سياسي ادب ڪمزور ٿي ويل سياست کي سگھه ۽ طاقت جا نوان بنياد مهيا ڪري ٿو. تنهنڪري سياسي ادب سرجڻ گھرجي. اهو جيترو گھڻو سرجندو، سنڌ جي قومي سياست جي واڌويجھه ۽ ترقي ۾ اوترو گھڻو ڪردار ادا ڪندو.
ٻي ڳالهه ته سياست، فڪر، سماج ۽ معيشيت جهڙا شعبا هر وقت متحرڪ رهندڙ لقاءَ آهن. جيڪا شئي متحرڪ هوندي، اها تغيرپسند هوندي ۽ لحظي بلحظي تغير ۽ تبديل جي ور چڙهندي رهندي. جتي به ۽ جڏهن به ڪو تغير رونما ٿيندو، تڏهن نوان سوال، نوان مامرا ۽ نوان بحث ڪر کڻندا. عالمي وايومنڊل ۾ آيل تبديلين جي ڪري سنڌ پڻ ڪيترن ئي نون سوالن سان منهان منهن آهي. خاص طور تي بين الاقوامي محاذ تي دوستين ۽ دشمنين جي تعين جهڙا سوال هڪ ڀيرو ٻيهر ڳاٽ اڀا ڪريو بيٺا آهن. اسان جي دوستن جي هڪ وڏي گھڻائي اڃا تائين بدقسمتي سان سرد جنگ واري ذهن سان سوچي رهي آهي. حالانڪ حقيقت هيءَ آهي ته دنيا هاڻي سرد جنگ واري صورتحال کان ايڏي ته گھڻي پري نڪري وئي آهي جو ان راهه جي ڌوڙ به ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. تنهنڪري حالتن تي نئين زاويي کان سوچڻ جي گھرج آهي. پراڻا بند ذهن هاڻي ڪارائتا ٿي نه ٿا سگھن، کليل دماغن کان ڪم وٺڻو پوندو. دنيا کي نئين نگاهه سان ڏسڻو پوندو. اهڙي نگاهه، جيڪا تبديل ٿيل حالتن ۾ اسان جي درد جو دارون ڳولي سگھي. مون هتي ان قسم جي صورتحال تي به بحث ڪيو آهي. ان بحث جو ڪارڻ صرف هيءَ آهي ته جيئن اسان تبديل ٿيل حالتن ۾ پنهنجي ملڪ جي آزادي لاءِ نون امڪانن جي افقن کي ڳولي سگھون.
ڪتاب جيئن ته مختلف مضمونن تي مشتمل آهي، ان ڪري مخلف مامرن تي بحث ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ڪجھه اهڙا موضوع به آهن، جيڪي هڪٻئي کان سراسر مختلف آهن؛ پر مضمونن جي ڪتاب جي خوبصورتي ئي اها هوندي آهي ته اهو هڪ ئي وقت گھڻن مامرن تي بحث ڪندو آهي ۽ ڪيترن ئي ڳالهين جا رنگبرنگي ٿان کولي پڙهندڙن جي آڏو رکندو آهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ به موضوعن جي گھڻائي آهي، پر انهي گھڻائي ۾ به هڪڙي اهم هڪجهڙائي هيءَ آهي ته اهو مجموعي طور تي قومي تحريڪ ۽ قومي معاملن تي مخاطب ٿئي ٿو. خارجي معاملا هجن يا داخلي، اهي آهن سنڌ جي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل. قومي تحريڪ جي اوک ڊوک ڪندي مختلف معاملن جي مختلف پاسن جو جائزو ورتو ويو آهي. ڳالهه ڪيئن به هجي، پر ڳالهه جو مرڪز قومي فڪر آهي. اهو ئي ڪتاب جو مرڪزي نقطو آهي ۽ انهي ڪري منجھس هڪڙو زبردست تسلسل ۽ جَڙاءَ موجود آهي.
سنڌ جي آزادي سنڌي عوام جي قومي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي حاصل ڪري سگھجي ٿي. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌي عوام جي اندر ۾ آزادي جو عشق پيدا ڪجي. عشق تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن سونهن جو ڪو جلوو اکين جي آڪاس تي ڪوئي نئون عڪس ڇڏيندي دل جو در کڙڪائي ويندو آهي. ڪا مرڪ، ڪا نگاهه، ڪو آواز، ڪو لفظ، ڪو جملو، ٻولي جي ڪا دلڪشي، دليل جو حُسن، رتو رت جسم سان اوچو ڳاٽ، ڪردار جي اجرائي، ڳالهه جي سادگي جي سونهن، دل ۾ لهي ويندڙ حرف، وطن جو حسناڪ بدن، آزادي جون خوابناڪ اکيون. آئون چاهيان ٿو ته انهن سڀني شين کان پنهنجي قوم کي آگاهي ڏجي. انهي حُسن، انهي سونهن ۽ انهي دلڪشي کان کيس واقف ڪجي. اها سياسي طور تي جيتري آگاهه، واقف ۽ باشعور هوندي، اوترو ئي پنهنجي وطن کي پنهنجي دل ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪري سگھندي. ان لاءِ ضروري آهي ته هو سياسي ادب جو مطالعو ڪري.
سياسي ادب غلام قوم جون اکيون ٿيندو آهي، جنهن سان اها آئيندي جي اڻ ڏٺي ماڳ کي ڏسي سگھندي آهي ۽ پنهنجي شعور ۽ ارادي جي قوت سان ان ماڳ کي پنهنجي خوابن جي ساڀيا جي روپ ۾ رنڱيندي آهي.
هن ڪتاب لکڻ جو مقصد به قومي ڪارڪنن ۽ پنهنجي عوام جي قومي شعور کي پڪو پختو بنائڻ ۽ سياست کي هٿي ڏيڻ آهي.
آئون تهه دل سان ٿورائتو آهيان، انهن سڀني دوستن جو جن جي سهڪار سان هيءَ ڪتاب توهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي سگھيو آهي. آئون منهنجي دوست منهنجي ڀاءَ پنهل ساريي جو به دلي ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جو مُهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍيو.
هيءَ ڪتاب آزادي جي سپني جي ساڀيا جي پنڌ تي وڌايل هڪ وک آهي، هڪ جوت آهي. جيڪڏهن ان سان ڪن ذهنن ۾ روشني جون ڪي لاٽون ٻري ٿيون پون ته آئون ڀانئيندس ته منهنجو پورهيو ساب پيو آهي.

نواز خان زئور
8 اپريل 2015ع
ميرپور بٺورو، سنڌ.
03332538084
nkzaor@yahoo.com