نظرياتي جمود مان نڪرڻ جي ضرورت
اهڙن اٻوجھه دوستن لاءِ مارڪسيت ٻي هر ڳالهه کان مٿي هئي؛ ٻيو ته ٺهيو، پر وطن يا ملڪ کان به مٿي هئي. وطن يا ملڪ، جنهن لاءِ هوچي منهه چيو هو ته ”جيڪڏهن مون وٽ منهنجو آزاد ملڪ نه هوندو ته آئون مارڪسيت کي ڇا ڪندس!؟ منهنجو ملڪ ئي نه هوندو ته اهو نظام لاڳو ڪٿي ڪندس؟“ اهو ئي ڪارڻ آهي جو هوچي منهه وٽ ويٽنام جي آزادي اول هئي، سوشلزم پوءِ هو. پر هتي جي ڪميونسٽن وٽ سنڌ ملڪ يا ان جي آزادي جي ڪابه اهميت نه هئي. انهن کي ته رڳي سوشلزم ٿي کپيو ـــ شايد هوائن ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ. پاڪستان ته پرائي رياست آهي. پرائي رياست، جيڪا وري قابض به هجي، ان ۾ ڪي غلام قوم جا ماڻهو پنهنجي پسند جو نظام به لاڳو ڪري سگھن ٿا ڇا!؟ جي ايئن هجي ها ته هوچي منهه فرانس ۽ آمريڪا کان آزادي جي جاکوڙ ڪرڻ بدران اتي جي ڪميونسٽ پارٽين جي مدد سان ويٽنام، فرانس ۽ آمريڪا ۾ گڏيل طور تي سوشلزم لاڳو ڪرڻ جي جدوجهد ڪري ها.
بيٺڪيتون نطام لاڳو نه ڪنديون آهن. اُهي محڪوم ٿينديون آهن. ان ڪري انهن تي نظام ٿاڦيا ويندا آهن.
سنڌ پاڪستان تي ڪو نظام لاڳو ڪري ئي نه ٿي سگھي؛ ان ڪري جو اها پاڪستان ۾ هڪڙي بيٺڪيت بڻيل آهي. سڄو پاڪستان ته پري رهيو، اها ته هِن وقت پنهنجي جاگرافي جي اندر به پنهنجي پسند جو ڪو نظام لاڳو ڪري نه ٿي سگھي. اها بيٺڪيتن جي بنيادي بيهڪ ۽ ڪمزوري هوندي آهي ته انهن جي هٿن ۾ ڪجھه به ڪونه هوندو آهي. اهي پنهنجي سر ڪوبه فيصلو ڪرڻ جون مجاز ئي نه هونديون آهن. اها تمام سادي سوُدي ڳالهه آهي، جيڪا سوشلزم جي بيجا سحر ۾ ورتل انهن دوستن کي سمجھه ۾ ئي ڪانه ايندي هئي.
خير، اهو زمانو گذري ويو. سرمائيدار برطانوي سامراج وانگر روسي سوشل سامراج جو سج به دنيا جي ڪنڌين تان لهي ويو.
جن قومن ڪڏهن سوشلزم جي فتح لاءِ پنهنجا ڪونڌر ڪهايا هئا، انهن جڏهن ڏٺو ته جياپي جي ڊوڙ ۾ اهي سرمائيدار دنيا کان پٺتي رهجي ويون آهن ۽ سوشلسٽ اقتصادي نظام هاڻي سندن ترقي جو وڌيڪ ضامن رهڻ بجاءِ ڳچين جو ڳٽ ٿي پيو آهي، ته انهن ان کي لاهي کڻي ڦِٽو ڪيو. سوويت يونين وکري ويو. اوڀر يورپ ۽ وچ ايشيا مان سوشلزم جي تڏا ويڙهه ٿي وئي.. خود سرمائيداري به اها پراڻي نه رهي، جنهن جا پيرا مارڪس، اينگلس ۽ لينن کنيا هئا. دنيا گس ئي وڃي نوان ورتا. پر نه بدليو ته هِن خطي جو کاٻي ڌر جو ڪارڪن نه بدليو. اهو اڄ به ساڳي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھيو هلي.
دنيا ۾ تضادن جي بيهڪ ئي نئين ٿي وئي آهي. هاڻي دنيا ٻن بلاڪن واري پراڻي دڳ تي نه ٿي سوچي. ان ۾ دوستين ۽ دشمنين جا معيار ئي نوان آهن. اهي هر حال ۾ پنهنجي قومي مفادن ۽ عوام جي خوشحالي کي سامهون رکي جوڙيا ٿا وڃن.
تبديل ٿيل ان عالمي منظرنامي ۾ سنڌي قوم کي پڻ پنهنجي قومي آزادي جي حاصلات لاءِ پنهنجي دوستن ۽ دشمنن جو تعين ڪرڻو پوندو. ان کي اهو ڏسڻو پوندو ته آخرڪار ڪٿان ڪٿان ان جي آواز کي مان، مُهت ۽ حمايت ملي سگھي ٿي. اهو دؤر ويو، جڏهن آمريڪا مرداباد جا نعرا هڻي سمجھيو ويندو هو ته اسان ڪا وڏي کيپ کٽي ورتي آهي. ان زماني ۾ نطرياتي رجحانن جي پيش نظر کڻي اها ڳالهه هضم ڪرڻ جهڙي به هئي ۽ روس ۾ بي فيض آسرا به هوندا، پر هاڻي اهو بانس ئي نه رهيو آهي جو اهڙي بانسري وڄائي وڃي. هي دؤر پنهنجي قومي مفادن کي سامهون رکي ڇنڊي ڦوُڪي قدم کڻڻ جو دؤر آهي. هن دؤر ۾ نظرياتي عياشي جي ڪابه گنجائش ڪانهي.
قومون آزاد هجن يا غلام، اهي هميشه پنهنجي قومي مفادن جي نقطي نگاهه سان سوچينديون آهن. انهن جون حمايتون توڙي مخالفتون، دوستيون توڙي دشمنيون، رفاقتون توڙي رقابتون سندن قومي مفادن جي طابع هونديون آهن. ڪا قوم پنهنجي قومي مفادن جي حوالي سان جيتري سجاڳ ۽ حساس هوندي، ۽ سفارتڪاري ۾ جيتري ڀڙ هوندي، عالمي سطح تي ان جي بيهڪ اوتري ئي مضبوط هوندي. ان جا حامي ۽ مددگار اوترا ئي گھڻا هوندا.
ميٽرنڪ اڄ کان لڳ ڀڳ سوا ٻه سئو اڍائي سئو سال اڳ چيو هو ته:
”ملڪن جا دوست ۽ دشمن مستقل ڪونه ٿيندا آهن. انهن جا رڳو قومي مفاد مستقل ٿيندا آهن.“
اوڻيهين صدي جي پوئين اڌ ڌاري جرمني جي گڏپ ۽ جديد اڏاوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ان اڳواڻ جي اِها ڳالهه اڄ به اوتري ئي اهميت جوڳي آهي، جيتري ان وقت هئي. اها ڳالهه هر دؤر ۾ اهميت لائق رهڻي آهي.
۽ سفارتڪاري ڇا ٿيندي آهي؟ قومي مفادن جي حاصلات لاءِ دوستاڻن لاڳاپن جو هنر.
اهو هنر ڪجھه هن طرح به عمل پذير ۽ ظهور پذير ٿيندو آهي، جيئن ڀارتي پرڏيهي وزير سورن سنگھه هڪ سوال جي جواب ۾ وراڻيو هو.
ڪنهن ڏيساوري صحافي کانئس سوال ڪيو ته ”توهان سفارتڪاري جو فن ڪٿان سکيو هو؟“
”هندستان جي هڪڙي ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ کان.“ سورن سنگھه ٺهه پهه جواب ڏنو.
”اهو وري ڪيئن!؟“ صحافي اچرج وچان پڇيو.
”اهو هينئن ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪڙي ڏاڍي سهڻي ڇوڪري هوندي هئي. ڳوٺ جا سڀ ڳڀرو مٿس موهت ۽ مست هوندا هئا. آئون به ان تي اڪن ڇڪن ٿيندو هئس. هوءَ ادائون هڻندي هئي، ناز نخرا ڪندي هئي، پر ويجھو اچڻ ڪنهن کي به ڪونه ڏيندي هئي. سٿر سڀني کي ڏيکاريندي هئي، هٿ لائڻ ڪنهن کي ڪانه ڏيندي هئي. مون سفارتڪاري انهن ادائن منجھان سکي آهي. سٿر سڀني کي ڏيکاريندو آهيان، پر هندستان جي مفادن سان هٿ لائڻ ڪنهن کي ڪونه ڏيندو آهيان.“
قومون به ايئن ئي پنهنجا قومي مفاد رکنديون آهن. اهي سٿر ته سڀني کي ڏيکارينديون آهن، پر هٿ لائڻ ڪنهن کي به ڪونه ڏينديون آهن.
اهي پنهنجي مفادن کي سامهون رکي سموري دنيا سان پنهنجا مامرا اڪلائينديون آهن. قومون قومن سان ڳالهائينديون آهن، ڊگھيون ڳالهيون ڪنديون آهن، بحث مباحثا ڪنديون آهن، دليل دلائل ڏينديون آهن، ”ڪجھه ڏيو ڪجھه وٺو“ جي آڌار تي ڇڏڇوٽ کان ڪم وٺنديون آهن. سمورين سفارتي هيٺ مٿانهين ۽ ڇڏڇوٽ جي باوجود اهي پنهنجي قومي مفادن کي مقدم رکنديون آهن.
ان ۾ به وري هڪڙو اهم فرق آهي.
هڪڙيون ٿينديون آهن آزاد قومون ۽ آزاد ملڪ؛ انهن جي لڳ لاڳاپن جو انداز، مفادن جي پکيڙ ۽ انهن جي ڳالهائڻ جي سطح مختلف ٿيندي آهي.
ٻيون ٿينديون آهن غلام قومون ۽ غلام ملڪ؛ انهن جا مفاد، ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ۽ لڳ لاڳاپا آزادي جي حاصلات لاءِ مدد ۽ سهڪار جي نقطي جي چؤگرد ڦرندا آهن. غلام قوم جي مفادن جو نيوڪليس سندس قومي آزادي هوندي آهي. انهن وٽ قومي آزادي ٻئي هر نظريي ۽ ڳالهه کان مقدم هوندي آهي. انهن جون دوستيون دشمنيون نظرياتي آڌار تي نه پر قومي آزادي جي حمايت جي آڌار تي جڙنديون آهن.
فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات کان ڪنهن پرڏيهي صحافي هڪ ڀيري پڇيو ته:
”توهان ڪڏهن ڏسو ته هڪڙي بلاڪ سان بيٺا آهيو ته ڪڏهن ٻئي سان. رات جي ماني روس ۾ ٿا کائو، ته نيرن چين ۾ ڪندي نظر ٿا اچو. اتان هلو ٿا ته مانجھاندو وڃيو فرانس ۾ ڪريو. وري ڏسون ٿا ته آمريڪا ۾ ويٺا آهيو. توهان آخر آهيو ڪهڙي ڌر سان؟ توهان جو نظريو ڇا آهي!؟“
ياسر عرفات کلندي وراڻيو ته: ”آئون صرف هڪڙي ڌر سان آهيان، جيڪا آهي فلسطين. منهنجو نظريو فلسطين آهي. فلسطين جي آزادي ڌاران سوشلزم يا ٻيو ڪو نظريو مون لاءِ ڪهڙي اهميت جو حامل ٿي سگھي ٿو؟ آئون منهنجي ملڪ جي آزادي جي جدوجهد ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني عالمي طاقتن سان ڳالهائيندو آهيان.“
آئون سمجھان ٿو ته سنڌ کي به عالمي سطح تي ساڳي ياسر عرفات واري پاليسي جي گھرج آهي. ان کي پراڻي نظرياتي سحر مان نڪرڻو پوندو ۽ عالمي سطح تي پنهنجي آزادي جي حمايت لاءِ نوان دوست ڳولڻا پوندا.
باريڪ بيني سان ڏسجي ته پتو پوندو ته سنڌ جي عالمي سطح تي دوستي جي رستي روڪ ڪرڻ ۾ پاڪستاني رياست هميشه سرگردان پئي رهي آهي. جڏهن سوويت روس قومي آزادين جي جدوجهدن جي حمايت ڪندو هو، تڏهن ڪميونسٽ پاڪستان جا حمايتي هوندا هئا ۽ قومي آزادين جا مخالف هئا. ڪميونسٽ پارٽي ته فوج جي مدد سان ڪو انقلاب ڪونه آندو، پر رياست وڏي سازش سان ڪميونسٽ پارٽي تي قبضو ڪري وئي. نتيجي ۾ آخرڪار ڪميونسٽ پارٽي ڪک پن ٿي وئي.
هاڻي وري رياست جي اها ڪوشش آهي ته سنڌ کي هر صورت ۾ آمريڪا، يورپ ۽ ٻيءَ جمهوري دنيا کان پري رکجي، ان سان اڻ سڌي ٽڪراءَ ۾ آڻجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو وڏي ڪوشش ٿي ٿئي ته سنڌ مان آمريڪا مخالف آواز اٿارجن. شل نه ڪجھه ٿئي، پوءِ گھوڙا گھوڙا شروع.
ذوالفقار آباد رٿا چين جي، پر مرداباد آمريڪا.
ڪوئلي ۾ اک چين جي، پر مردا باد آمريڪا.
نيٽو جي ڪنٽينرن کي ڳجھا ادارا باهه ڏيندا ته اها به سنڌ ۽ بلوچستان جي حدن ۾.
مذهبي ڌريون بگڙنديون ته آمريڪا تي گار جي لولي.
جي ڪميونسٽ ڏمربا ته به اولهه تي گار جي هونگار.
اولهه، آمريڪا، جمهوري ۽ سرمائيڪار دنيا خلاف هڪڙي اجائي وٺ پڪڙ آهي، جيڪا سنڌ ۾ رسم طور هلي پئي آهي.
سنڌ جي هڪ ڏاهي، عالم ۽ زرعي ماهر ايم ايڇ پنهور هڪڙي نجي ڪچهري ۾ ٻڌايو ته:
”هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد سان ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته سائين جي ايم سيد چيو ته آمريڪا کي سنڌ جي زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريو.
اسان لاءِ اها اچرج جهڙي ڳالهه هئي.
سائين اسان جي حيرت کي ڀانپيندي چيو ته اهو ان لاءِ ته سنڌ ۾ آمريڪا جا مفاد هوندا ته هو سنڌ جي ملڪي حيثيت جي بحالي کي پٺي ڏيئي نه سگھندو ۽ سنڌ جي دائمي مفادن خلاف وڃي نه سگھندو.“
ايم ايڇ پنهور ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته ”اسان تڏهن سيد جي ڳالهه سمجھي نه سگھياسين، پر هاڻي تبديل ٿيل عالمي وايومنڊل ۾ ڏسون ٿا ته هو ڪيڏو نه دور انديش انسان هو.“
حقيقت اها آهي ته دنيا هاڻي ٻطرفن مفادن ۾ هڪٻئي سان سلهاڙيل آهي. آزادي کان اڳ ۾ توڙي آزادي ماڻڻ کانپوءِ اسان کي به سڄي دنيا سان انهن ٻطرفن لاڳاپڻ ۾ ئي سلهاڙجڻو پوندو.
هروڀرو ايئن به ڪونهي ته اسان کي مُرڳو ويهي آمريڪا جي ثناخواني ڪرڻ گھرجي. اسان کي آمريڪا يا ٻي ڪنهن عالمي طاقت تان ويهي نر پکي ناهن هڪلڻا. پاڻ کي رڳو عالمي طور تي پنهنجا دوست ڳولڻا آهن، اتحادي ڳولڻا آهن، پنهنجي قومي آزادي جا مددگار ڳولڻا آهن. اها سڄي دنيا، جيڪا جمهوري، سيڪيولر، روشن خيال، انساني حقن ۽ آزادين جي علمبردار دنيا آهي، ان سان سفارتڪاراڻا لاڳاپا جوڙڻا آهن. ان وٽ پنهنجو مقدمو پيش ڪرڻو آهي. عالمي ضمير کي جھنجھوڙڻو آهي، ان کي پنهنجي پاسي ڪرڻو آهي.
ان لاءِ هن رياست جي هٿناٽن کي سمجھڻو پوندو. عالمي سياست ۽ سفارتڪاري جا گر سمجھڻا پوندا. پنهنجي دشمنن ۽ دوستن جو چٽو ادراڪ ڪرڻو پوندو. جوڙ ٽوڙ ڪرڻي پوندي. قومي آزادي جي حاصلات لاءِ پنهنجو رخ هر حوالي سان درست ڪرڻو پوندو.
آفريقي اڳواڻ ايملڪار ڪئبرال چيو آهي ته:
”بدنصيب آهي اُها قومي تحريڪ، جنهن جا عالمي سطح تي دوست نه آهن.“
انقلاب ۽ آزاديون ڀل ته مڪاني حالتن منجھان ئي ڦُٽندا هجن، پر عالمي دوستيون، مددون ۽ حمايتون انهن جي حاصلات کي آسان بڻائينديون آهن. الجزائر کان وٺي انڊونيشيا تائين ۽ تازو اوڀر تيمور کان وٺي ڪوسووو تائين اهڙا انيڪ مثال آهن. عالمي مددگارن کانسواءِ قومي تحريڪون غاصبن هٿان قتلام ڏاڍو ڏسنديون آهن. کين ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي ۽ آزادي جي تمام وڏي قيمت ڀرڻي پوندي آهي.
ان ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ کي عالمي طور تي سياسي ۽ قومي نقطي نگاهه کان پنهنجا حمايتي ۽ دوست پيدا ڪرڻا پوندا. پراڻي نظرياتي عقيدي پرستي مان نڪرڻو پوندو. هڪ غلام ملڪ لاءِ آزادي سڀ کان وڏي گھرج ۽ نعمت آهي. ٻيا سڀ مسئلا مسائل ۽ معاملا ان جي حل ٿيڻ سان مشروط آهن.
سوشلزم جي روايتي جذباتي نعريبازي جي مخالفت جي معنا عوام دشمني هرگز ناهي. هڪ غلام قوم يا ملڪ ۾ آزادي پسندي ئي سڀ کان وڏي عوام دوستي آهي. سنڌ وٽ ايترا وسيلا آهن جو آزادي کانپوءِ اها سوشلزم کانسواءِ، جديد معاشي اڏاوت ڪري ٿوري عرصي ۾ ئي، هڪ شاهوڪار ۽ خوشحال ملڪ بڻجي سگھي ٿي. سنڌ جي عوام جي خوشحالي سوشلزم سان نه، پر سنڌ جي ملڪي حيثيت جي بحالي سان ڳنڍيل آهي. سنڌ آزاد ٿي ويئي ته پنهنجي سمورن شهرين کي هر لحاظ کان خوشحال ڪري سگھندي. قومون آزادي ۾ ئي پنهنجو جود بچائي سگھنديون آهن ۽ آزادي ۾ ئي خوشحالي ۽ ترقي ماڻي سگھنديون آهن.
تنهن ڪري جيڪي به ماڻهو سنڌي عوام جا گھڻگھرا آهن، انهن کي سنڌ ملڪ جي قومي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو. ان لاءِ مڪاني توڙ ي بين الاقوامي سطح تي گھڻ طرفي جدوجهد، حمايت ۽ سهڪار حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جن به قومن کي اهڙي لوڙ هوندي آهي، اهي سکڻي نعريبازي ۽ نظرياتي عقيدي پرستي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ بدران حقيقت پسند ٿينديون آهن ۽ حالتن جو ڳوڙهو ادراڪ ڪندي هر سطح تي پنهنجي مفادن جي مطابقت ۾ پنهنجون صفون درست ڪنديون آهن ۽ پنهنجا لڳ لاڳاپا وڌائينديون آهن.
انگريزن جي هندستان مٿان قبضي جي ڏينهنَ ۾ ڪانگريس اڳواڻ جواهر لال نهرو روس جي دؤري تي ويو. دؤري دوارن هُن هڪڙي تمام وزندار ڳالهه ڪئي هئي. هن روسي اڳواڻن کي مخاطب ٿي چيو ته: “مون لاءِ خوشي جهڙي ڳالهه اِها آهي ته روس جڏهن زار جي بادشاهي هيٺ هو، تڏهن به انگريزن جو مخالف هو ۽ اڄ جڏهن بالشويڪن جي اقتدار هيٺ آهي تڏهن به انگريزن جو مخالف آهي.” جواهر لال نهرو عالمي دوستين ۽ دشمنين مان پنهنجي هندستان جي آزادي جا امڪان ٿي ڳوليا.
اسان کي به اڄوڪين اهڙين بين الاقوامي حالتن منجھان پنهنجي سنڌ مُلڪ جي آزادي جا امڪان ڳولڻا آهن ۽ ڏيڍ صدي کان سنڌ جي بيقرار اکين ۾ اٽڪيل آزادي جي انهيءَ خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻو آهي.
* * *
14_ اپريل 2014ع