تاريخ، فلسفو ۽ سياست

آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

سر درِ قدم يار

تهذيب جو سمورو سفر، ثقافت جي ساري رنگارنگي، علم جي سموري گوناگوني، سائنس جي ارتقا ۽ اڄوڪو عروج، ادب جي سموري پکيڙ ۽ سارو فلسفو جيڪڏهن ڪنهن شئي جو ڇيهه لهي نه سگھيو آهي ته اها شئي خود انسان آهي. ماڻهو ڪالهه به هڪ وڏو ڳُجھه هو ۽ اڄ به هڪ وڏو ڳُجھه ۽ اسرار بڻيل آهي. ان اسرار کي جيترو ٿو اکيلجي، اوترو ئي اهو وچڙندو، وڌندو ۽ منجھندو ٿو وڃي. ماڻهوءَ جي من جو انت ڀلا ڪنهن لڌو آهي! ستارن جو سنسار ته ماپي سگھجي ٿو، پر ماڻهو جي من جو انت ڪيئن ٿو لهي سگھجي، ان جي اندر جي پکيڙ کي ڪيئن ٿو ماپي سگھجي. نه رڳي اهو ته ماڻهو جي من جي ماپ ۽ ڪور ڪرڻ ڏکي آهي، پر ماڻهو جي ڪردار جو وزن ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. تنهن هوندي به تاريخ جي ساهمي ۾ ماڻهو جي وزن لاءِ ڪي ماڻ، ڪي ماپا، ڪي وَٽ ضرور هجن ٿا، جن جي آڌار تي ماڻهو جي ڪردار جي ڪٿ ٿئي ٿي. انهن وٽن، ماڻن ۽ ماپن مان هڪڙو ماڻ ۽ ماپو مقتل به آهي. ڪنهن ماڻهو قتل گاهه جي ڪارن ورانڊن مان لنگھندي ڪيتري حوصلي کان ڪم ورتو، موت جي اکين سان اکيون ڪيئن ملايون ۽ ڪهڙي شانِ بي نيازي سان موت کي ڳلي لاتو؛ اهو خود هڪڙو اعليٰ پئمانو آهي.
جس دهج سي ڪوئي مقتل مين گيا، وه شان سلامت رهتي هي،
يه جان تو آني جاني هي، اِس جان ڪي تو ڪوئي بات نهين!
سنڌ به اهڙا انيڪ ڪردار ڄڻيا آهن، جن مقتلن ۾ اوچي ڳاٽ سان داخل ٿي عشق جي سرڪشي کي جواني پئي عطا ڪئي آهي. عشق جو به پنهنجو حُسن ٿيندو آهي، سرڪشي جي به پنهنجي سونهن ٿيندي آهي. انهن عاشقن پنهنجا سرڙا گھوري عشق جي حسن ۽ سرڪشي جي سونهن کي پئي بچايو آهي؛ گڏوگڏ انسانيت جي ضمير کي جرڪائي زندهه جاودان بنائي پئي ڇڏيو آهي. سنڌ جي اهڙن لازوال ڪردارن منجھان هڪ امر ڪردار صوفي شاهه عنايت شهيد جو پڻ آهي.
شاهه عنايت شهيد، جنهن لاءِ ڪوٽ اروڙ جي ڪنگرن کان وڏي انا رکندڙ شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪڙي غضبناڪ وائي ۾ لکيو هو ته:
منهنجي پيراندي،
ڪيئي ڏاها ڏيهه جا.
شاهه عنايت جھوڪ جو، منهنجي سيراندي.
اهو شاهه عنايت شهيد سنڌ جو پهريون ماڻهو هو، جنهن تصوف کي آزادي ۽ انقلاب جي چادر پهرائڻ سان گڏ ان ۾ معاشي ۽ اقتصادي نظريي جي آميزش ڪئي. جيئن اسپارٽيڪس دنيا ۾ غلامن جي پهرين بغاوت جو مهندار آهي، ايئن ئي شاهه عنايت شهيد دنيا جو پهريون صوفي ۽ مُهڙيون آزادي پسند انقلابي اڳواڻ آهي، جنهن قومي آزادي ۽ طبقاتي انقلاب جي جدوجهد کي هڪ ئي وقت گڏ هلايو.
سنڌ ڪڏهن به گڏيل هندستان جو حصو نه رهي آهي. اها هميشه الڳ ٿلڳ ۽ آزاد ملڪ رهي آهي. البت اشوڪ اعظم جي زماني ۾ اها فتحجي گڏيل هندستان جو حصو بڻجي وئي هئي. ان کانپوءِ اُهو ٻيو ڀيرو هو، جو سورهين صدي عيسوي جي آخر ۾ اڪبر اعظم ان کي فتح ڪرائي گڏيل هندستان ۾ مغل شهنشاهيت هيٺ آڻي ڇڏيو هو.
ساجن دهاگا پريم ڪا توڙو چُٽڪاءِ جاءِ،
ٽُوٽي جُڙي نهين، بيچ گانٺ پڙ جاءِ.
”اي پرين! پريت جو هيءَ سڳو ڪڏهن به نه ٽوڙج. جو اول ته ٽٽل شيون جڙنديون ناهن، پر جي جُڙي به وڃن، تڏهن به انهن جي وچ ۾ ڳنڍ رهجيو وڃي.“
مٿئين لاجواب دوهي جو تخليقڪار رحيم خان خانان انهيءَ لشڪر جو سپهه سالار هو، جنهن اڪبر پاران سنڌ تي قبضو ڪيو هو.
سنڌ مُلڪ 1520ع ڌاري جيئن ئي ارغونن جي قبضي هيٺ آيو، تيئن ئي سنڌ ۾ آزادي جون تحريڪون بيدار ٿيون. هر طرف ويڙهاند ئي ويڙهاند هئي. ارغون ان ويڙهاند کي منهن ڏيئي نه سگھيا. انهن جي جاءِ ترخانن والاري. ترخان به ساڳي صورتحال ۾ ڦاٿل رهيا. سندن ڪمزوري کي ڏسندي مغل اچي هتي وارد ٿيا. سنڌين جي ويڙهه مغلن خلاف پڻ ساڳئي ئي نموني سان جاري رهي. لاڙ کان ويندي اتر تائين ڪوبه علائقو اهڙو نه هو، جتي مزاحمت نه هجي. ان مزاحمت اڳتي هلي آخرڪار پنهنجا مرڪز ٺاهڻ شروع ڪيا. اهڙي ريت مغلن خلاف ٽي اهم مزاحمتون ۽ ويڙهاندون ترتيبجڻ لڳيون.
هڪ دادو جي آسپاس پنهورن جي ويڙهاند (بلاولي تحريڪ)
ٻي ڪلهوڙن جي ويڙهاند.
ٽينءِ شاهه عنايت شهيد جي ويڙهاند.
مغلن جي خلاف بلاولي تحريڪ يا پنهورن جي ويڙهه تي محققن تمام گھٽ ، بلڪِ نه کڻڻ جي برابر، قلم کنيو آهي. حالانڪِ هيءَ تمام اهم ويڙهاند هئي. هن ئي ويڙهه جي نتيجي ۾ سڀ کان پهرين مغلن جا پير سنڌ مان پٽجڻ شروع ٿيا هئا. پنهورن کي دادو، سيوهڻ ۽ ڪاڇي جي آسپاس دولهه دريا خان دفاعي نقطي نگاهه کان آباد ڪيو هو. سنڌي سئنا جي شڪست کانپوءِ اهي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي خلاف ايئن گوريلا ويڙهه ۾ لٿا، جيئن آمريڪا جي هٿان عراق جي شڪست کانپوءِ صدام حسين جي وفادارفوج گوريلا ويڙهه ۾ هلي وئي آهي. جن ماڻهن کي اقتدار ۽ آزادي جي لذت معلوم هوندي آهي، اهي ڪڏهن به غلامي ۽ محڪومي تي راضي نه ٿيندا آهن. ان ڪري اهي انهن خلاف ويڙهون ڪندا آهن. سنڌين سمن جي دؤر ۾ پنهنجي آزاد راڄ ڀاڳ ۽ اقتدار جو جيڪو ساءَ چکيو هو ۽ جيڪا خوشحالي ماڻي هئي، اها کين ڪٿي ٿي وسري سگھِي. تنهن ڪري انهن ويڙهاندون پئي ڪيون. پنهورن گوريلا ويڙهه جي نتيجي ۾ آخرڪار سيوهڻ، دادو، ٽلٽي ۽ ڀرپاسي جا پَٽ مغلن کان آزاد ڪرائي ورتا ۽ انهن ٽُڪرن تي پنهنجي آزاد اختياري قائم ڪري ورتي. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي غلامي خلاف اها سنڌي قوم جي پهرين وڏي ڪاميابي هئي.
ڪلهوڙن پڻ مغلن خلاف گوريلا ويڙهه جو رستو ورتو. ميان دين محمد ڪلهوڙي ڪيترن ئي مقابلن ۾ مغل فوجن کي شڪستون ڏنيون. پر نيٺ هڪڙي معرڪي ۾ شڪست کائي گرفتار ٿيو. کيس ملتان جي مغل گورنر شهزادي معزالدين جي سامهون پيش ڪيو ويو. جنهن کيس موت جي سزا ڏني. سندس پٽ ميان نصير محمد وچيون رستو اختيار ڪيو. کانئس پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي اڃا وڌيڪ مفاهمت ڪئي ۽ دهلي جي درٻار مان خدا يار خان جا لقب ماڻيا ۽ جاگيرون حاصل ڪيون. پوءِ ڪلهوڙن جون مصلحتون ان حد تائين ويون، جو اهي مغلن جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا ۽ سنڌ مان ٻين بغاوتن ۽ ويڙهاندن جو پاڙون پٽڻ ۾ مصروف ٿي ويا.
ٽين ويڙهاند صوفي شاهه عنايت شهيد جي هئي. شاهه عنايت پنهنجي عهد جو شعوري ۽ فڪري حوالي کان سڀ کان اڳتي نڪتل انسان هو. هن تصوف جي مَٽ ۾ وطن دوستي، عوام دوستي ۽ انسان دوستي جو نئون مڌ چِڪايو هو. ان مڌ جا کيپ خمار ۽ کٿوريءَ کشبويون سڄي سنڌ کي معطر ڪري رهيون هيون. ميرانپور سنڌ جو اهڙو مئخانو بڻجي پيو هو ، جو هر پاسي کان ماڻهو ڇڪجي شاهه عنايت جهڙي البيلي رانجھڻ جي جھوڪ اچي رهيا هئا. شاهه عنايت نه رڳي مغل شهنشاهيت جي بالادستي مان ڇوٽڪارو پئي چاهيو، پر هن سنڌ جي هر هڪ هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، پورهيت ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهو کي مٿي آڻڻ پئي گھريو. هن انهيءَ ڪري ئي ”جو کيڙي سو کائي“ جهڙو انقلابي نعرو هنيو؛ ۽ عملي طور تي ان کي پنهنجي ڀرپاسي جي زمينن تي لاڳو پڻ ڪري ڇڏيو. طبقاتي شعور جو اهو پهريون مربوط ۽ منظم خيال هو، جيڪو ڪارل مارڪس کان لڳ ڀڳ ڏيڍ صدي اڳ پيش ڪيو ويو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو کاٻي ڌر جي وڏي دانشور سيد سبط حسن پنهنجي لکڻي ۾ شاهه عنايت کي دنيا جو پهريون سوشلسٽ ڪوٺيو آهي. ڏٺو وڃي ته جھوڪ جو هيءَ هاري انقلاب حقيقت ۾ ”پئرس ڪميون“ کان به وڏو انقلاب هو.
پنهور ويڙهاند سمن جي دور ۾ پيدا ٿيل ترقي پسند وچئين طبقي جي نمائندگي پئي ڪئي، شاهه عنايت سنڌ جي هاري ۽ پورهيت پرت جو روشن خيال نمائندو هو ۽ ڪلهوڙا سنڌ جي موقعي پرست، ڦرڻي گھرڻي ۽ غيرمستقل جاگيردار ۽ زميندار طبقي جي نمائندگي ڪندڙ هئا. مقصد ٽنهي تحريڪن جو سنڌ جي آزادي هو. البت منجھن زبردست قسم جا طبقاتي، سماجي ۽ فڪري ٽڪراءَ موجود هئا. ڪلهوڙن پنهنجي حساب سان دور انديشي کان ڪم وٺندي مغل شهنشاهيت سان مصلحت تحت هڪ پاسي سندن ڏيهي مخالفتن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا، ته ٻئي پاسي مغلن جي ڪمزور ٿيندڙ حڪومت جي وڌيڪ منتشر ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪندا رهيا. چئي سگھجي ٿو ته ان حڪمت عملي مان کين سياسي فائدو ته پهتو جو هو سنڌ جا اڪيلا حڪمران بڻجي ويا. پر هڪ طرف اهو ٿيو جو سنڌ جي آزادي ويهه سال پوئتي پئجي وئي، ته ٻئي طرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پيشاني تي سنڌ جي هڪ عطيم انسان سان ويڙهه جو ڪڏهن نه لهندڙ داغ چِٽجي ويو.
زوال پذير ٿيندڙ مغل سامراجيت خلاف جيڪڏهن سنڌ اندر اڀرندڙ نين قوتن جي ويڙهه هڪٻئي سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي ها ته جيڪس سنڌ جي حالت اڄ کان گھڻي مختلف هجي ها ۽ آزادي کانپوءِ سنڌ هڪ نئين ۽ وڏي طاقت ٿي اڀري ها. جنهن وٽ هڪ قسم جي نظرياتي سگھه، اقتصادي طاقت، فوجي قوت، گڏيل سياسي قيادت ۽ جمهوري حڪومتي جوڙجڪ هجي ها. اِهي اُهي امڪان هئا، جيڪي هڪڙي قوم کي دنيا ۾ هڪ طاقت ۾ بدلائي ڇڏيندا آهن.
پر ڪلهوڙن ۽ شاهه عنايت جي تحريڪن جي وچ ۾ ٽڪراءَ هڪ حد تائين اڻٽر به هو. ڇاڪاڻ جو هيءَ ٻيئي تحريڪون رڳي سياسي مخالفت ۾ نه هيون، پر معاشي، اقتصادي ۽ فڪري نقطي نگاهه کان پڻ ٽڪراءَ ۾ هيون. ڪلهوڙا مذهبي اثر ۽ بنياد پرستي جي لهر ۾ هيا. اهي مهدي جونپوري جا پوئلڳ هئا. جڏهن ته شاهه عنايت فڪري طور تي مخدوم بلاول جي مسلڪ سان لاڳاپيل هيو. هو سيڪيولرزم، رواداري ۽ صوفياڻي آزاد خيالي جو مڃتائُو هو. سو گھڻي حد تائين ان ٽڪراءَ کان بچڻ ممڪن ئي ڪونه هو. اها الڳ ڳالهه آهي ته جي ايئن ممڪن نه هو ته اهو اڃا به ڪر وڌيڪ ڀلو ٿئي ها ته شاهه عنايت شهيد ميرانپور جي معرڪي ۾ شهادت نه ماڻي ها ۽ سندس فقيرن جي تحريڪ ڇڙوڇڙ نه ٿئي ها. جيڪڏهن ”جو کيڙي سو کائي“ جي نعري واري سنڌ جي آزادي جي هيءَ تحريڪ ڪامياب ٿئي ها ته سنڌ ۾ اڃا وڌيڪ نيون پيداواري قوتون جنم وٺن ها. البت اها الڳ ڳالهه آهي ته تاريخ جي المين کي ڪير ڪيئن ٿو روڪي سگھي.
عظيم انسان عظيم ويساهه رکندڙ هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن بي ويساهيءَ جي ور چڙهي ويندا آهن. صوفي شاهه عنايت شهيد سان پڻ ايئن ئي ٿيو. جڏهن ميرانپور جي چئن مهينن جي گھيري دوران صوفي فقير سرڪاري فوج مٿان حاوي رهيا، تڏهن حاڪمن پنهنجي حڪمت عملي بدلائي ۽ قرآن شريف کي وچ ۾ آندو. ڳالهين جي نالي تي صوفي سائينءَ کي گھرائي شهيد ڪرڻ جو گھاٽ گھڙيو ويو. پهرين جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي. فقير رنا رڙيا ته سائين هيءَ دوکو آهي. توهان ڳالهين لاءِ نه وڃو. پاڻ فرمايائون ته آئون سڀ سمجھان ٿو. پر قرآن کي پٺي نه ٿو ڏيئي سگھان. پوءِ هو ڳالهين لاءِ ويا.
ڳالهيون ڇا هيون؟ صرف دغا ئي ته هئي. شاهه عنايت کي گرفتار ڪري ٺٽي آندو ويو. کيس ٺٽي جي مغل صوبيدار اعظم خان جي روبرو وٺي آيا. اعظم خان شاهه عنايت کان پهريون ئي سوال اهو ڪيو ته: ”تو هيءَ شورش برپا ڇو ڪئي!؟“ جواب ۾ ڪجھه چوڻ جي بدران شاهه عنايت فارسي جي عظيم شاعر حافظ جي هيءَ رباعي پڙهي:
آن روز ڪه تو سنِ فلڪ را زين ڪردند،
آرائش مشتري ز پروين ڪردند،
اين بود نصيبِ ماز ديوانِ قضا،
مارا چه گناه، قسمتِ ما اين ڪردند!؟
”جنهن ڏينهن آسمان جي گھوڙي تي سنج رکيا ويا، مشتري کي پروين سان سينگاريو ويو؛ ان ڏينهن کان ئي قضا جي ڪاڳرن تي اسان جو اهو نصيب لکيو ويو. اسان کي ته ايئن ڪرڻو ئي هو، اِن ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“
کيس مٿي ۾ اُٺ ويٺل حڪمران آڪڙ مان ڌمڪيون ڏنيون، ته شاهه عنايت هڪڙي ئي جملي ۾ هن جي تڪبر ۽ غرور جي محل کي ڊاهي چڪنا چوُر ڪري ڇڏيو:
البلاءِ لِلولاءِ ڪاللهب للذهب.
”دوستيءَ لاءِ آزمائشون ايئن آهن جيئن سون لاءِ باهڙي. ۽ باهه ته پاڻ سون کي تهائين وڌيڪ چمڪائي ڇڏيندي آهي.“
کيس جيل ۾ بند ڪيو پئي ويو ته پاڻ فرمايائون:
ساقيا برخيز درده جام را،
خاڪ برسر ڪن غمِ ايام را.
”اي ساقي! اٿ جام ڀر ته جيئن زماني جي ڏکن جي مٿي ۾ مٽي وجھي ڇڏيون.“
سندس ئي اکين اڳيان سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽيي کي قتل ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجھه ڏسندي هن سرمست عاشق وراڻيو ته:
ميڪُشد اين غم ڪه مي گويد، توبه ڪردي ز عشق ما نه هنوز،
به اداءِ نماز شو بالله، عالمي توبه ڪرد، ما نه هنوز.
”تون عشق ۾ توبهه ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين، ته ان ڳالهه جو ڏک مون کي ماريو وجھي. خدا جو قسم سڄي دنيا توبهه تائب ٿي سگھي ٿي، پر اسان ايئن نه ٿا ڪري سگھون.“
هاڻي اها گھڙي اچي پهتي هئي. خود شاهه عنايت کي سوريءَ سزاوار بڻايو پئي ويو. جنهن مهل کين قتل گاهه ڏانهن نيو پئي ويو، پاڻ حافظ جو شعرچيائون ته:
رها نيدي مرا از قيدِ هستي،
جزاڪ الله في الدارين خير را.
”تو مون کي زندگي جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. الله سائين توکي ٻنهي جهانن ۾ ان جي جزا ڏئي.“
هوڏانهن جلاد تلوار اڀي ڪئي ۽ هيڏانهن شاهه عنايت پنهنجو ئي شعر وڏي آواز سان اچاريو:
سر در قدمِ يار فدا شُد چه بجا شُد،
اين بارِ گران بود ادا شُد چه بجا شُد.
”هيءَ سر يار جي قدمن ۾ قربان ٿيو، ڏاڍو سٺو ٿيو. هي سِسيِ وڏو بار هئي، اهو بار ادا ٿيو، ڏاڍو سٺو ٿيو.“
اهڙي ريت 18 جنوري 1718ع تي اهو عظيم انسان جيڪو نه فقط سنڌ لاءِ، پر سڄي دنيا لاءِ روشني جو مينار هو، ازلي حُسن سان ملي سدائين لاءِ تاريخ جي سونهن بڻجي ويو. اها سونهن فڪر، جدوجهد ۽ شهادت جي جوت بڻجي هميشه لاءِ جاڳندي ٿي رهي. آزادي ۽ انقلاب جو اهو فڪر، اها جوت اڄ جھيڻي آڳ آهي ۽ هڪ ڏينهن شعلو بڻجي ويندي.
* * *
19 ڊسمبر 2013ع