سنڌي قومپرستي جي اصل واٽ
سنڌي قومپرستي جديد سنڌ جو اهو بڻياد آهي، جنهن تي سنڌ جي آئيندي جو دارومدار آهي. جيڪڏهن سنڌي قومپرستي هارائي ٿي وڃي ته سنڌ پنهنجي قومي وجود جي جنگ هارائي ويهندي. جيڪڏهن سنڌي قومپرستي جيتي ٿي وڃي ته سنڌ جو آئيندو، سنڌ جو مستقبل، سنڌ جو ملڪي وجود ۽ سنڌي قوم جو قومي تشخص بچي ويندو. نه رڳو اِهو ته سنڌ جو قومي ملڪي تشخص بچي پوندو، پر هڪ ملڪ ۽ قوم طور سنڌي قوم ترقي ۽ خوشحالي جا نوان افق پڻ پَسي سگھندي.
قومپرستي نه صرف سنڌ جي تاريخي ضرورت آهي، پر اها هر غلام ملڪ ۽ قوم جي تاريخي ضرورت پئي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو قومپرستي پنهنجي جوهر ۾ قومي آزادي جو نظريو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو غلام قومن جي سمورن آزادي پسند اڳواڻن يا قومي سورمن پنهنجي سياست ۽ جدوجهد جو بڻ بڻياد قومپرستي تي ئي پئي رکيو آهي.
هر سياست يا جدوجهد ڪنهن نه ڪنهن نظريي جي ئي پابند ۽ تابع هوندي آهي؛ ان ڪري جهڙو نظريو هوندو، جدوجهد ۽ سياست جو رخ به اهڙو ئي يا ان آڌار تي ئي جڙندو. ان حساب سان جنهن سياست جو بنياد قومپرستي تي هوندو، ان جو رخ به فطري طور تي قومي آزادي ڏانهن ئي هوندو. ان جي ابتڙ جنهن سياست جي پيش رفت نطرياتي، سياسي ۽ فڪري حوالي سان قومي آزادي جي رخ ۾ نه هجي ته سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته اها سياست قومپرستي جي بنياد تي بيٺل ڪانهي. پوءِ ڀل اها قومپرستي جون دعوائون ئي ڇو نه ڪندي هجي.
اچو ته ٿورو سنڌي قومپرستي جو تمام مختصر جائزو وٺون ته اها ڪٿي بيٺل آهي ۽ ان کي ڪهڙن ڪهڙن مفروضن ۽ غلط تصورن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟
[b]الف ـــ آزادي پسند قومپرستي:
[/b]سنڌي قومپرستي جو سڀ کان حاوي پاسو آزادي پسند قومپرستي وارو آهي، جنهن کي عرفِ عام ۾ جي ايم سيد جو نظريو يا فڪرِ سيد پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جو فڪر تمام گھڻو وسيع آهي، پر ان جو حاوي پاسو نيشنلزم آهي، ان ڪري فڪرِ سيد جي عام معنا ئي آهي سنڌ جي آزادي وارو فڪر يا جديد سنڌي قومپرستي. جيئي سنڌ هلچل جي سياست ان نظريي تي آڌارڪ آهي.
[b]ب ـــ تنگ نظرکاٻي ڌر واري قومپرستي:
[/b]سنڌي عوامي تحريڪ يا پوءِ رسول بخش پليجي واري عوامي تحريڪ به ڪنهن حد تائين قومپرستي جي دعويداري ڪندي رهي. جنهنجي قومپرستي ۾ کاٻي ڌر واري مرچ مسالي جو ذائقو پڻ رلمل رهيو. پليجي صاحب جي سياست جي ٻوڙ ۾ اهو سوشلزم، مائوازم جو داڳ ئي هو، جنهن جي آڌار تي ان ۾ جي ايم سيد جي مخالفت جو ڪڙو ذائقو پيدا ٿيو. هو انهيءَ مخالفت ۾ ان حد تائين عدم توازن ۾ هليا ويا جو عوام دشمن قوتن، رياست يا استحصالي طبقن کان به وڌيڪ مخالفت سيد جي ڪرڻ لڳا. هڪڙا تعصب پرست ۽ شاونسٽ ڪميونسٽ اهي هئا، جيڪي قومي سوال کي رجعت پسندي قرار ڏيندي جديد قومپرستي جي مخالفت ڪندا هئا، جڏهن ته هيءُ تنگ نظر لڏو پاڻ کي ترقي پسند ۽ عوام دوست قومپرست يا سوشلسٽ قومپرست جي روپ ۾ پيش ڪندي سنڌي قومپرستي جي مخالفت ڪرڻ لڳو.
[b]ٻ ـــ تنگ نظر لساني قومپرستي:
[/b]ويهين صدي جي پڇاڙڪن سالن دوران ٿيندڙ سنڌي پناهگير جھيڙن جي ڪُک مان جنم وٺندڙ سياست جو سڄو دارومدار به قومپرستي جي نالي تي ئي آهي، پر ان ۾ گھڻي ۾ گھڻي مخالفت اردو ڳالهائيندڙ لڏي سان ئي آهي. جنهن ڪري ئي سنڌ جو قومپرست دانشور خاڪي جويو ان کي فرقيوار لساني قومپرستي جي نالي سان سڏيندو آهي.
[b]ڀ ـــ وائڙي، موقعي پرست ۽ اقتداري قومپرستي:
[/b]ڪجھه ماڻهو پ پ کي به هڪ حد تائين قومپرستي جي نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. خود ڪجھه پ پ اڳواڻ به قومپرستن جي ردعمل ۾ هاڻي پاڻ کي سڀ کان وڏو قومپرست ڪوٺڻ لڳا آهن. پر اهو سڀ کان وڌيڪ غلط مفروضو هوندو جيڪڏهن ڪير پ پ کي قومپرستي جي نظر سان ڏسڻ ۽ ڪوٺڻ لڳي.
اهڙي طريقي سان سنڌ ۾ قومپرستي جا ٽي چار نمونا ڏسي سگھجن ٿا.
[b]ڇا هيءَ واقعي به قومپرست آهن!؟
[/b]پيپلز پارٽي هڪڙو چون چون جو مربو آهي. اها دعوا اها ڪندي آهي ته عوام طاقت جو سرچشمو آهي ۽ ٺاهه انهن قوتن سان ڪندي آهي جيڪي عوام بدران پاڻ کي طاقت جو اصل ۽ اڪيلو سرچشمو سمجھندي ساري اڇي ڪاري جا مالڪ ٿيڻ جا خواهان رهن ٿا ۽ پوءِ جيئن ئي کين موقعو ملي ٿو، هو سڀني سياسي ڌرين کي اقتدار مان ٻاهر هڪلي گھر ڀيڙو ڪري پاڻ اڪيلا اقتداري وارث ٿي ويهن ٿا. اها سياست وفاق جي ٿي ڪري، پاڻ کي وفاق جي ڳانڍاپي جي علامت ٿي سمجھي ۽ مٿان سڏائي وري سنڌين جي پارٽي ٿي. اها اقتدار سنڌي قوم جي ووٽن تي ٿي ماڻي ۽ وري تين وال به سنڌين جي ئي قومي مفادن کي ٿي ڪري. ان جا سانڊي جيان ڪيترائي رنگ آهن ۽ هن سادي سُودي قوم سان هزارين موقعي پرستيون ۽ ويساهه گھاتيون آهن. ان ڪري ان کي ڪنهن به ريت قومپرستي جي دائري ۾ نه ٿو آڻي سگھجي.
[b]هئا اڳهين گڏ
[/b]جيئن پ پ پنهنجي جوهر ۾ هڪڙي قومپرست تنظيم ٿي نه ٿي سگھي، بلڪل تيئن ئي تنگ نظر ماڻهو به قومپرست ٿي نه ٿا سگھن، پوءِ ڀل سندن اها تنگ نظري قومپرستي جي نالي ۾ ئي ڇو نه هجي. ڇو ته تنگ نظري نيٺ قومي ۽ عوامي مفادن کي پٺي ڏيندي آهي ۽ انت ۾ صرف پنهنجي گروهي مفادن کي ئي ملحوظِ خاطر رکندي آهي.
جيئن هتي هڪڙا تعصب پرست ۽ شاونسٽ ڪميونسٽ هئا، تيئن هتي ٻيا وري تنگ نظر ڪميونسٽ هئا. شاونسٽ ۽ تعصب پرست ڪميونسٽن وٽ قومپرستي شجرِ ممنوع هئي، جڏهن ته تنگ نظر ڪميونسٽن وٽ اها وري ڪوتاهه نظري جي ور چڙهيل هئي. هنن وٽ قومپرستي جي وصف آزادي پسندي کان ڪوهين ڏور بيٺل هئي. هنن جديد قومپرستي جي مخالفت ڪندي قومپرستي جي اڌو گابري يا وري بنهه غلط معنا ٿي ڪڍي. اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي ته جديد ترقي پسند فڪر جي مڃيندڙن وٽ قومپرستي جو مدي خارج تصور هو. هنن قومي تضاد جي بجاءِ فروعي تضادن کي اوليت ٿي ڏني. انهي مدي خارج تصور ۽ جديد آزادي پسند قومپرستي جي انڪار نيٺ کين ان هنڌ تي آڻي بيهاريو، جتان سندن فڪري ۽ تنظيمي زوال شروع ٿي ويو.
ٻئي پاسي تنگ نظر لساني قومپرستي هئي، جنهن پڻ قومي تضاد کان ڪن لاٽار ڪندي پنهنجي هئڻ جي جواز لاءِ فروعي تضادن کي ٿي اڀاريو. جنهن لاءِ سڀ کان سٺي شڪل اها ئي ٿي پئي سگھي ته سنڌ پنجاب تضاد بدران سنڌي پناهگير جھيڙي تي زور ڏنو وڃي.
هوڏانهن سوويت يونين جي زوال کانپوءِ تنگ نظر ڪميونسٽن وٽ نظرياتي لحاظ کان ڪجھه ڪونه بچيو، جنهن ڪري انهن جو ڪٻاڙو نڪري ويو. اهي جديد قومپرستي جا مخالف پڻ هئا. تنهن ڪري انهن وٽ به سواءِ ان واٽ جي ٻيو ڪو رستو ڪونه بچيو ته هو سنڌ اندر موجود لساني ٽڪراءُ منجھان پنهنجي سياست جو قوُتِ حاصل ڪن. اهڙي طريقي سان تنگ نظر ڪميونسٽ ۽ تنگ نظر فرقيوار قومپرست اڄ اردو ڳالهائيندڙن جي مخالفت ۾ هڪ ٿيا گڏيا بيٺا آهن. اهي اردو ڳالهائيندڙن جي سوال تي ته هاءِ گھوڙا مچائين ٿا، پر پنجاب پاران سنڌ جي وجود جي خلاف ٿيندڙ ارهه زورائين ۽ سنڌ ملڪ جي قومي غلامي جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن.
[b]اهو سڀ ڇا آهي؟ ڇو آهي!؟
[/b]سنڌ جي اندر زبردست فڪري، نظرياتي ۽ سياسي انتشار پکڙيل آهي. جنهن کي تمام وڏي چالاڪي سان روز بروز وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جهڙي نموني سان مارشلائن ۽ آمريتن خلاف اڀريل شعور کي پ پ جي موقعي پرستي ۽ عوام دشمني وارن گٽر جهڙن عملن ۾ ٻوڙيو ويو آهي، اهڙي ئي نموني سنڌ جي جديد آزادي پسند قومپرستي کي مسخ ڪرڻ جي لاءِ لساني ٽڪرائن واري سياست کي اڀارڻ جا انيڪ جتن ڪيا پيا وڃن. هر ان ماڻهو کي سنڌين جو هيرو ۽ شينهن ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيڪو اڙدو ڳالهائيندڙن جي خلاف ڳالهائي ٿو، پوءِ ڀل ان ۾ گدڙ يا جھرڪي جيتري دل به نه هجي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اصل اقتداري ۽ رياستي قوتون آزادي پسند قومپرستي کان ڊنل آهن. تنهن ڪري اهي قومپرستي جا اهڙا وائڙا انداز ۽ وصفون اڀارڻ ۾ مشغول آهن، جن سان سندن مستقل مفادن کي ڪنهن قسم جو ڪو لوڏو نه اچي. ان سلسلي ۾ اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ هڪڙي قسم جي هلڙبازي، غيرسنجيدگي ۽ فهم فراست کان خالي سوچ کي هٿي ملي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو گروهي فرقيوار سياست جي مخالفت ۾ ڪو سچ ڳالهائي ته ان کي ٻڌڻ لاءِ ڪير تيار نه هجي. ان سڄي عمل جي پٺيان جيڪا اصل ڌر آهي، اها آهي رياست. پنجاب جي سامراجي مفادن جي سالميت لاءِ ان اهي سڀ هٿڪندا پکيڙي رکيا آهن. حد اها آهي جو سنڌي ڪالم نگارن جي اڪثريت پنجاب جي خلاف هڪڙو اکر به ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي. اهي محبت سنڌ ريلي تي ٿيل فائرنگ تي ته لکن ٿا (۽ ان جي اصل جوابدارن تي پڙدي پوشي ڪندي ان واقعي کي به سنڌ جي مستقل آبادين وچ ۾ ٽڪراءُ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا)، پر شهيد مظفر ڀُٽي جي ٽارچرسيل ۾ تشدد ڪري گوليون هڻي اڇلايل چچريل لاش تي هڪڙو لفظ به نه ٿا لکن. ڇاڪاڻ جو مظفر ڀُٽي تي لکڻ سان هڪ ته پنجاب جي خلاف لکڻو پوندو، ٻيو ته اصل ۽ بنيادي قومي تضاد تي لکڻو پوندو، جنهن سان وڏي سرڪار جي ڏمرجڻ جو خطرو آهي. جڏهن ته اڙدو ڳالهائيندڙن جي خلاف لکڻ سان سرڪار جي عتاب جو ڪوئي ڊپ ڊاءُ ڪونهي، پاڻ اهو آسرو آهي ته پٺي ٺپري ويندي.
[b]قومپرستي معنا آزادي پسندي
[/b]هر نظريو جانبدار هوندو آهي ۽ اهو پنهنجي مڃيندڙن جي مشڪل ڪشائي ڪندو آهي. هر نظريو نه رڳو پنهنجو فڪري سٽاءُ رکندو آهي، پر اهو پنهنجي انقلاب جي ڪا نه ڪا مخصوص شڪل و صورت پڻ رکندو آهي. اهڙي طريقي سان قومپرستي پڻ هڪ نظريو ئي آهي ۽ ان جي انقلاب جي شڪل قومي آزادي آهي. اهو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي قومي تشڪيل ڪندو آهي. اهو قومي رياست جي حاصلات ۽ بقا لاءِ بيٺڪي ۽ سامراجي قوتن سان ڦيٽ کائيندو آهي. قومپرستي آزادي بعد پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙيندي آهي.
قومپرستي جيئن ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي قومي آزادي لاءِ جاکوڙ ڪندي آهي، ان ڪري قومپرست اهو ئي ٿي سگھي ٿو، جيڪو قومي آزادي لاءِ ويڙهاند، جدوجهد يا جاکوڙ ڪري. جيڪو ماڻهو، ڪارڪن، اڳواڻ يا جماعت قومي آزادي لاءِ نه ٿي جاکوڙي، انهيءَ کي ڪنهن به صورت ۾ قومپرست چئي نٿو سگھجي. پوءِ ڀل ته اهي قومپرست هجڻ جون اهڙيون سکڻيون دعوائون ئي ڇو نه ڪندا هجن.
قومپرست فقط اهو آهي، جيڪو آزادي پسند آهي. اها جديد قومپرستي جي مڃيل عالمي وصف آهي ته اها قومي آزادي جو فڪر ۽ نظريو آهي. ۽ اها ئي قومپرستي جي اصل، حقيقي ۽ سچي واٽ آهي.
* * *
12 ڊسمبر 2012ع