سنڌ ۾ سياسي اتحادن جو الميو
ورھاڱي کانپوءِ سنڌ اندر تمام وڏيون تبديليون آيون. جنھن نئين قائم ٿيل رياست کي سنڌ لاءِ ھڪڙي آفاقي نعمت ۽ کير جي ندي طور پيش ڪيو پئي ويوِ، اھا سنڌ جي لاءِ ھڪ خطرناڪ زحمت ۽ وبال بنجي پيئي. جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي قوم ڏينھون ڏينھن مختلف مسئلن، مونجھارن، پريشانين ۽ استحصال جي ور چڙھندي ويئي. چونڊيل پارليامينٽ، جيڪا جديد سياسي سرشتي ۾ ملڪن ۽ قومن جو سياسي ڪار وھنوار ھلائڻ ۽ معاملا نبيرڻ جو اھم ۽ بنيادي ميدان ھجي ٿي، تنھن کي غير مؤثر، غير فعال ۽ ڪاغذي شينھن بنائڻ جا ايترا جتن ڪيا ويا جو اھا واقعي ئي ڪيِ ڪين رھي. رھي کھي ڪسر ون يونٽ لاڳو ڪري پوري ڪئي ويئي. ھاڻي ناني وڌڻ واري ۽ ڏوھٽا کائڻ وارا ھئا. البت ان عرصي ۾ ايترو ضرور ٿيو جو سائين جي-ايم-سيد اتحاد يا جوڙٽوڙ وارا حربا ڪتب آڻيندي ون يونٽ خلاف مرڪزي اسيمبلي ۾ ٺھراءُ پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اھو سنڌ جي مسئلي تي آخري پارلياماني اتحاد ھو. جنھن جي ٺھراءٌ جي نتيجي ۾ ون يونٽ ته ڪونه ٽٽو، پر خود ان مرڪزي اسيمبلي کي سزا طور گھر ڀيڙو ٿيڻو پيو. ان کانپوءِ ايندڙ اسيمبلين اندر پارلياماني پارٽين جي وچ ۾ جيڪي به اتحاد ٿيا آھن، اھي سنڌ جي مسئلن جي حل يا عوامي معاملن جي اڪلاءَ جي بجاءِ صرف اقتداري شراڪت ۾ حصي پتي جي بنيادن تي ٿيا آھن. جنھن جو ھڪ ڪارڻ اھو به آھي ته جيڪي سياسي پارٽيون سنڌ جي معاملن کي سنجيدگي ۽ ذميواري سان ڏسي رھيون ھيون، اھي سياسي بساط تي آيل تمام وڏين اٿلن پٿلن جي سٽ نه سھي سگھيون ۽ ستر جي ڏھاڪي کان سنڌ جو پارلياماني مورچو سندن ھٿن مان ڇڏائجي روايتي ڀوتارن ۽ سندن ڇپر ڇانءٌ بڻيل وفاقي پارٽين جي ھٿن ۾ ھليو ويو. جڏھن ته سنڌ جي معاملن ۽ مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيندڙ قومپرست پارٽين پارليامينٽ کان ٻاھر جدوجھد جي رستي جي چونڊ ڪئي.
[b]ويجھي ماضي جا ڪجھھ اتحاد:
[/b] سنڌ جي سياست ۾ آيل انھي تبديلي کانپوءِ سياسي پارٽين وچ ۾ اتحاد جي انداز، طريقيڪار ۽ بيھڪ ۾ به تبديلي آئي. اڳي جيڪي اتحاد حڪومت ذريعي معاملن جي حل لاءِ ٺھندا ھئا، اھي ھاڻي اقتدار کان ٻاھر رھي جدوجھد ڪرڻ لاءِ ٺھڻ لڳا. شروعاتي طور تي انھن اتحادن جي شڪل گھڻي ڀاڱي نظرياتي ھئي. جنھن جو ھڪ اھم مثال جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻي ۾ ”راڄوڻي اتحاد‟ آھي، جنھن ۾ عبدالواحد آريسر جي سربراھي ۾ جيئي سنڌ محاذ، مولانا عزيز الله ٻوھيي جي سنڌ ساگر پارٽي ، قاسم پٿر جي سنڌ نيشنل ڪانگريس ۽ مرحوم سنڌ دوست انقلابي پارٽي شامل ھيون.سنڌي قوم ۾ قومي تشخص جي سڃاڻپ ۽ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ان اتحاد جي پڌر تان ننڍن وڏن شھرن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ جلسا ڪري سجاڳي جي زبردست مھم ھلائي ويئي. جنھن کانپوءِ رسول بخش پليجي جي سربراھي ۾ ”سنڌي عوام جو قومي اتحاد‟جوڙيو ويو. پر اھو اتحاد مختلف پارٽين بدران فقط عوامي تحريڪ ۽ ان جي ذيلي فرنٽن تي مشتمل ھو، جنھن کي اتحاد جو نالو ڏنو ويو ھو. البت ايترو ضرور ٿيو جو سنڌي عوام جي قومي اتحاد جي نالي ۾ پليجي صاحب سنڌ جي سياست ۾ ھڪڙو وڏو دباءٌ پيدا ڪيو. جنھن سان صرف نظرياتي اتحاد بدران وسيع تر سياسي قومي اتحاد لاءِ ماحول سازگار بڻيو. جنھن جي نتيجي ۾ اڳتي ھلي سائين جي-ايم-سيد جي اڳواڻي ۾”سنڌ قومي اتحاد‟جو بنياد پيو. سنڌ قومي اتحاد (ايس اين اي) نه فقط سنڌ جي اتحادي سياست، پر مجموعي قومي سياست ۾ ھڪڙي تمام وڏي ڇلانگ ھو. جنھن سنڌ جي قومپرست سياست تي تمام گھڻا فوري ۽ دور رس اثر ڇڏيا. اھوئي ڪارڻ آھي جو سنڌ قومي اتحاد جو پڙاڏو سنڌ جي سياست ۾ اڄ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
سنڌ قومي اتحاد جي وکرڻ کانپوءِ اسان کي ھڪ ٻيو نظرياتي اتحاد ”جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي‟جي نالي سان نظر اچي ٿو.جنھن ۾ صرف جيئي سنڌ ھلچل سان تعلق رکندڙ پارٽيون شامل ھيون. سائين جي-ايم-سيد جي لاڏاڻي کانپوءِ جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن وچ ۾ ٿيل انضمام جو ھڪڙو ننڍڙو سبب جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي به ھئي. جيڪا ڪجھھ وقت غير سرگرم رھڻ بعد سائين جي-ايم-سيد جي علالت دوران وري متحرڪ ٿي ويئي ھئي.
ويجھڙي ماضي ۾ به قومپرستن جو وڏو اتحاد ممتاز علي ڀٽي جي سربراھي ۾ سنڌ قومي اتحاد (ايس ڪيو آءِ) جي نالي سان ميدانِ عمل ۾ آندو ويو. جنھن به ڪجھھ وقت تائين سنڌ جي سياست ۾ زبردست غوغاءَ پيدا ڪيو. پر جلد ئي اھو اتحاد به اڳين اتحادن جيان ماٺار جو شڪار ٿي وکري ويو.
[b] ادو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا:
[/b] سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو وري اتحاد جو چؤٻول تڏھن اٿيو، جڏھن ڪجھھ مھينا پھرين سوات ۾ فوجي آپريشن دوران لڏپلاڻ ٿي ۽ انھن لڏيندڙن جي تمام وڏي حصي سنڌ ڏانھن پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو. ڌارين جي انھي يلغار کي روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ احتجاجن جي لھر شروع ٿي. جنھن سان ھڪ طرف ڌارين آبادڪاري خلاف سنڌي عوام ۾ تحرڪ پيدا ٿيو، ته ٻئي طرف سياستدانن تي گڏجي جدوجھد ڪرڻ لاءِ دٻاءٌ پڻ وڌيو. جنھن جي نتيجي ۾ اتحاد جي ايجنڊا ھڪ دفعو وري ماڻھن جي زبانن تي گونجڻ لڳي. نه رڳي ايترو پر اتحاد جي لاءِ ڪجھھ پيش رفت پڻ ڪئي وئي. تنھن جي باوجود ڪو گڏيل اتحاد نه ٺھي سگھيو. مٿان رمضان شريف جو مھينو شروع ٿي ويو. رمضان ايندي ئي نه فقط ڌارين آبادڪاري خلاف ھلندڙ جدوجھد آھستي آھستي ماٺارجي ويئي، پر خود اتحاد جو ايجنڊو بھ ماڻھن کان ڇڏائجي ويو.
[b]بنان نالي سپرين:
[/b] البت انھن ڏينھن ۾ اتحاد لاءِ جيڪا اڳڀرائي ٿي، انھي سان ھڪ ته مختلف پارٽين جي وچ ۾ ڪنھن حد تائين ھم آھنگي پيدا ٿي. ٻيو ته ان ھم آھنگي ٿورڙو اڳيان وڌي سنڌي سماج کي ھڪڙي اتساھيندڙ اميد عطا ڪئي ته ھاڻي سنڌ جي سياست جو سينو ڪشادو ٿي رھيو آھي ۽ اسان جا اڳواڻ انائن ۽ اجاين تڪرارن مان نڪري وڌيڪ سنجيدا ٿي رھيا آھن. جنھن جي نتيجي ۾ تڪڙو نه ئي سھي، پر اڳيان ھلي ڪو وسيع تر قومي اتحاد جڙي سگھي ٿو.
اھو وڏو اتحاد ڪڏھن ٿو جڙي؟ تنھن جي خبر ته خاوند کي. باقي اھو ضرور ٿيو آھي جو پنجن پارٽين (حقيقت ۾ چئن پارٽين. جو پنجين پارٽي نه پر فرد آھي) جي وچ ۾ ھڪڙو بنا نالي اتحاد ٺھيو آھي. جيڪو سنڌ جي مسئلن تي سرگرمي ڪري رھيو آھي. اھا جدا ڳالھھ آھي ته ھيءَ اتحاد ٺھڻ سان ئي تڪراري ۽ غيرمؤثر نظر اچڻ لڳو آھي. جنھن جو ھڪ سبب ھيءَ به آھي ته سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي سگھھ ”جيئي سنڌ ھلچل‟ ھن کان ٻاھر آھي. ڀلا جنھن اتحاد ۾ جيئي سنڌ سان لاڳاپيل ڪا به پارٽي شامل نه ھجي، اھو نمائندا اتحاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ خير ڪيئن به ھجي. پر گڏجڻ وارو عمل وري به بھتر آھي. ٻه ڀائر به گڏجن ٿا ته چڱي ڳالھھ آھي.
[b]پوتڙو ڪلھي تي، الله ڙي واھي!
[/b] ورھاڱي کان اڳ وارا اتحاد ھجن يا ورھاڱي کان پوءِ وارا، پارلياماني اتحاد ھجن يا پارليامينٽ کان ٻاھر وارا، سنڌ جي اتحادن جو وڏي ۾ وڏو الميو اھو ئي آھي ته اھي جٽادار ناھن. سنڌ جون سياسي پارٽيون گھڻو وقت اتحاد ۾ گڏ ھلي نه ٿيون سگھن. جڏھن به ڪو اتحاد ٺھي ٿو ته ٺھڻ سان ئي پنھنجي خاتمي جا سبب پيدا ڪرڻ لڳي ٿو. جيئن جاندار پنھنجي موت جا سبب پنھنجي اندر ۾ پيدا ٿا ڪن، تيئن سنڌ جا سياسي اتحاد به پنھنجي انت جا سڀ اسباب پنھنجي اندر ۾ پيدا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ٿا ڇڏين. اھي جڏھن پنھنجي جوڀن تي رسن ٿا ته اچانڪ بي قدرن جي ياري وانگر ٽڙڪ ڪري ٽٽي ٿا پون. پوءِ ھر ڪو پوتڙو ڇنڊي الله واھي ٿو ڪري. ڪير نه ڪنھن ڀيڙو. سنڌي عوام ويچارپ، وائڙپ ۽ اچرج مان ويندڙن کي ويندو ڏسندو، ٿڌا شوڪارا ڀريندو حيران سرگردان رھجي وڃي ٿو. گڏوگڏ اھي سمورا معاملا ۽ مسئلا جن جي حل لاءِ اتحاد ٺاھيو وڃي ٿو، اھي به جيئن جو تيئن رھجي وڃن ٿا.
[b]آخرڪار پنھنجا اتحاد ھلن ڇو نه ٿا؟
[/b] اھو ھڪڙو اھم سوال آھي ته آخرڪار پنھنجن اتحادن جي ڄمار ايڏي ننڍڙي، مختصر ۽ ٿورڙي ڇو ٿي ٿئي؟ اھي ڊگھي پنڌ تائين ڇو ھلي نه ٿا سگھن؟ ڪھڙي خرابي آھي جو اسان سڀ ھڪڙي ڳالھھ ڪندي ۽ پنھنجي وطن کي سنگين خطرا درپيش ھوندي، سڀ ڪجھھ سمجھندي به الڳ ٿيڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪريون؟ آئون سمجھان ٿو ته ان جا ڪجھھ بنيادي سبب ھيٺيان آھن؛
الف: سنڌ جي سموري سياسي قيادت زرعي معاشري سان لاڳاپو رکندڙ آھي ۽ بدقسمتي سان سنڌ جو زرعي معاشروھڪڙي وڏي ڀونچال ۾ ڦاٿل آھي. ھڪ طرف اھو اقتصادي زوال جو شڪار آھي، ته ٻئي طرف سماجي ڀڃ ڊاھ منجھان گذري رھيو آھي. مٿان وري ”اصل تي وڏين‟ قوتن جون مھربانيون جيئن پوءِ تيئن مٿس وڌنديون وڃن. جنھن ڪري اھو ڏينھون ڏينھن وڌيڪ اتشار ۽ دٻاءٌ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. انھي دٻاءٌ، انتشار ۽ ٽوڙڦوڙ جا اثر جتي سڄي سماج تي پون ٿا، اتي اھي سنڌ جي سياست تي به پنھنجا پرتوا وجھن ٿا. سنڌ جو سياسي انتشار سماجي انتشار جو آئينو آھي. سماجي قدرن جي ٽٽڻ سان سياسي قدر پڻ ٽٽا آھن ۽ اڳواڻپ دٻاءٌ، انتشار ، ويڳاڻپ ۽ ھلڪڙائپ جي ور چڙھي آھي. جنھن جي نتيجي ۾ خصيص شخصي انائن ۾ واڌ آئي آھي ۽ شخصي، گروھي ۽ پارٽي مفاد وسيع تر قومي مفادن کان وڌيڪ اھميت والاري ويا آھن. حيرت انگيز ۽ ڏکائتي ڳالھھ آھي ته اسان جا اتحاد تقرير جي واري تي کڙي ٿيندڙ تنازعي تي به ٽٽا آھن.
ب: اتحادي سياست ھڪڙي تمام لچڪدار ۽ نازڪ سياست ٿئي ٿي. جنھن جا انگل آرا محبوب وانگر ٿين ٿا. ان ۾ تمام گھڻي ڇڏڇوٽ ڪرڻي، ڪس رس کائڻي ۽ ھڪ ٻئي جو خيال رکڻو پئي ٿو. ان جي برعڪس اسان جا اڳواڻ سياري جي سوڙ وانگر اتحاد کي پاڻ ڏانھن ئي ڇڪيندا رھن ٿا. جنھن ڇڪ ڇڪان ۾ نيٺ اھو ٽڪر ٽڪر ٿيو پنھنجو وجود وڃايو ويھي.
ٻ: اتحادن جي نه ھلي سگھڻ جو ھڪڙو وڏو سبب عوامي پارٽي ۽ مرڪزي شخصيت جي اڻھوند به آھي. سائين جي-ايم-سيد کانپوءِ موجودا وقت ۾ اھڙي ڪا به شخصيت نه جڙي آھي، جيڪا سنڌ جي سياست ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ ھجي ۽ ان جي اڳواڻي ۾ گڏجي ھلڻ تي ٻيا سڀ رھنما به متفق ھجن.
ڀ: سنڌ جي مسئلن تي متفق ھوندي به انھن کي الڳ الڳ انداز ۽ نظر سان ڏسڻ به ھڪڙو سبب رھيو آھي. ھڪ ٻئي تي اعتماد ۽ ڀروسي جي ڪمي به ھڪ ڪارڻ آھي. گڏوگڏ ھي ڳالھھ پڻ اھم آھي ته اصل اقتداري قوتن جي سازشن، اٽڪلن ۽ دٻاءٌ به پنھنجو ڪم پئي ڏيکاريو آھي. جنھن ڪري اتحاد نه فقط ڪو مؤثر ۽ نتيجي خيز ڪردار ادا ڪري نه سگھيا آھن، پر ٽٽي، وکري ۽ ٽڙي پکڙي پڻ ويا آھن.
[b]پوءِ به اتحاد کپي؛
[/b] جيتوڻيڪ ھتي اتحادن وسيلي نه ڪي مسئلا حل ٿيا آھن، نه سنڌ کي اڃا تائين ڪو فائدو ٿيو آھي ۽ نه ئي وري اھي ڪو ھلي به سگھيا آھن. تنھن ھوندي به اتحادن جي ضرورت آھي. اتحاد ۽ ٻڌي جي گھرج، ھزار ناڪامين ۽ ٽوڙن جي باوجود، ھر دؤر ۾ رھي ٿي. اھا اڄ به آھي. دشمن طاقتور آھي، مضبوط آھي ۽ متحد آھي. خطرا گھڻا آھن، گھڻ طرفا آھن ۽ سنگين آھن. ان جي ڀيٽ ۾ پاڻ اڃا گھڻا ڪمزور، ھيڻا ۽ ڇڙوڇڙ آھيون. ان ڪري اتحاد، ٻڌي ۽ گڏجڻ جي ضرورت آھي. ڇو ته جڏھن ھيڻا، ڪمزور ۽ بي پھچ ماڻھو گڏبا آھن، تڏھن اھي پاڻ وھيڻا ٿي پوندا آھن. سندن ٻڌي ڪرشما ۽ معجزا ڪري ڏيکاريندي آھي. يقينن سنڌي عوام جي قومي ٻڌي به ڪرشماتي ثابت ٿيندي.
* * *
23 ڊسمبر 2009ع.