آزاد، روادار ۽ جمهوري سنڌ
کاري جيئن کرن، وڻ ٽڻ سڀوئي واسيا،
سوُنهڻ جيئن سيڻن، مِٺو ساءَ نه مَٽيو.
ڌاريا مدي خارج نظريا ۽ ڦرلٽ جون نيتون کڻي هِتي چؤڏس پکڙجي ويا، هنڌين ماڳين انهن جون ڪُريتون، ڪُلڇڻائيون ۽ ارهه زورائيون جاري رهيون، انهن پنهنجي پاٽونگري عادتن سان سنڌ ڪينجھر کي ڪِنو ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو؛ پر جا شئي هو نه بدلائي سگھيا، اها سنڌي قوم جو قومي ساءَ سواد، سرهاڻ سڳنڌ ۽ کٿوري خوشبوءِ هئي.
سنڌي قوم جي اها خوشبوءِ، اهو ساءَ، اها سرهاڻ، اهو جوهر آخر ڇا آهي؟
سنڌي قوم جو اهو جوهر آهي ـــ سنڌيت، وطن دوستي، مذهبي رواداري، تصوف، انسان دوستي ۽ لوڪ راڄي نيات.
سنڌ جتي دنيا جو نرالو خطو يا منفرد ملڪ رهي آهي، اتي سنڌي قوم به پنهنجي خوبين ۽ خصلتن جي ڪري دنيا جي منفرد ۽ نرالي قوم پئي رهي آهي. سنڌ سان بلا جي محبت ۽ انس سنڌين جي رڳ رڳ ۾ رهيو آهي، سندن رڳن ۾ وهندڙ وطن دوستي جي درياهه ۾ ڪڏهن به لاٿ ڪانه آئي آهي. وطن جي راهه ۾ ان هميشه سر جون سٽون ڏنيون آهن ۽ هڪ هڪ پهر ۾ هزارين مُنهن نوجوانن جي سرن جون قربانيون ڏنيون آهن. سنڌي قوم جي وطن پرستي ڪڏهن به متزلزل نه ٿي آهي. ها، ان هارايو ضرور هوندو، پر اها ميدان کي پٺ ڏئي ڀڳي ڪڏهن به ڪينهي. سنڌيت ۽ وطن دوستي جو اهو وهڪرو سنڌين جي رت ۾ ماءُ جي ٿڃ جيان اڄ به روان دوان آهي.
وطن دوستي وانگر مذهبي رواداري ۽ سهپ به سنڌي قوم جي رڳن ۾ رچيل آهي. اين مورا جي لفظن ۾ سنڌ مذهبن جي ماءُ آهي. ڀلا ڪائي ماءُ پنهنجي توڙي ٻئي ڪنهن جي اولاد جي خلاف ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ ماءُ جو پاند ايڏو ته ڪشادو هوندو آهي جو ان ۾ سمورا ٻار سمائجي سگھندا آهن. بلڪل ايئن سنڌ جي تهذيب، ڪلچر ۽ شعور جي ڪشادي پاند ۾ سمورا مذهب سمائجندا پئي رهيا آهن.
سنڌ ڪڏهن به مذهبي رواداري کي پٺي ڪانه ڏني آهي. ان جي تصوف ۾ سڀ ۾ پرينءَ پسڻ واري خصوصيت آهي، جيڪا سمورن مذهبن لاءِ پنهنجي پاند ۾ گنجائش ڪڍي وٺي ٿي. اها ڪڏهن به ڪنهن به مذهب جي هڪ مذهب طور مخالف نه رهي آهي. سنڌين ڪڏهن به ڪنهن به مذهب يا سندن مذهب جي بالادستي تي ٻين ملڪن ۽ قومن مٿان ڪاهون نه ڪيون آهن؛ نه ئي وري ڪنهن مذهب کي زوريءَ ٻين جي مٿان مڙهڻ جي ئي ڪائي ڪوشس ڪئي آهي. ها، مذهب انهن جي سماجي ۽ قومي زندگي ۾ شامل ضرور رهيو آهي. پر ان جي نالي ۾ ڪڏهن به اڳرائي پسندي ۽ جارحيت کان ڪم نه ورتو ويو آهي. ان جي برعڪس مذهبي رواداري ۽ سڀني مذهب لاءِ قبوليت واري پاليسي سنڌ لاءِ سدائين متبرڪ پئي رهي آهي. ان جي پاند ۾ سڀني مذهبن لاءِ گنجائش هميشه موجود رهي آهي.
مذهبي رواداري ۽ تصوف منجھان ئي سنڌ جي انسان دوستي ڦُٽي ٿي نڪري. سنڌ دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ روادار، سيڪيولر ۽ انسان دوست ملڪ آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو علاما آءِ آءِ قاضي جهڙا دانشور، محمد امين خان کوسي جهڙا سرمست ۽ سائين جي ايم سيد جهڙا ڏاها ماڻهو بقاءِ باهمي ۽ صلحِ ڪُل جا پرچارڪ رهيا. انهن وٽ تنازع اللبقا جي جاءِ تي پرامن بقاءِ باهمي جو فڪر رهيو ۽ هو ترقيءِ بني آدم، بقاءِ باهمي ۽ امن عالم ۽ اتحادِ انساني تي زور ڏيندا رهيا. انهن ئي نقطن کي مربوط ڪندي سائين جي ايم سيد پيغام سنڌ جو نانءُ ڏنو. اهو سڄو انسانيت ۽ انسان دوستي جو درس آهي، جيڪو بنيادي طور تي سنڌ جو سبق آهي.
ساڳئي نموني سنڌ جو ماڻهو سدائين کان پنهنجي جوهر ۾ جمهوريت پسند پئي رهيو آهي. ان وٽ اظهار راءِ جي آزادي، تنقيد خود تنقيد، ٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ جيئو جيئڻ ڏيو واري ڳالهه جي سدائين اهميت پئي رهي آهي. هيءَ جو هاڻي سنڌ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ آمريتن خلاف هميشه جھيڙيندي رهي ٿي، ته ان جو بڻيادي سبب به انهيءَ جمهوريت پسندي، انسان دوستي ۽ آزادي سان سندس بيپناهه محبت منجھه لڪل آهي. سنڌ ۾ ته بادشاهتون به جمهوري هيون. بادشاهي جي نالي ۾ لوڪ راڄ رهيو آهي سنڌ ۾. هِتي مغل سامراجيت جهڙي بادشاهي ڪڏهن به ڪانه رهي آهي، نه ئي وري آمراڻي طرز جي بادشاهي يا شهنشاهيت ئي رهي آهي. چچ هجي يا سومرا، سما ۽ ٽالپر؛ سنڌ جون بادشاهتون جمهوري طرز جون ئي رهيون آهن. لوڪ راڄي جي انهيءَ ڊگھي سفر جي نتيجي ۾ سنڌ جو ماڻهو اڄ به تمام وڏو جمهوريت پسند، آزادي پسند، مذهبي روادار، سيڪيولر، انسان دوست ۽ صوفي منش آهي.
سنڌ ۾ هيءَ جيڪا اڄڪلهه انتهاپسندي ۽ بنياد پرستي جي لهر آيل آهي، ان جي پٺيان سنڌ جو عام ماڻهو ناهي، پر ان جي پويان رياستي ادارا بيٺل آهن. رياست هڪڙي سوچيل سمجھيل سازش ۽ منصوبي بندي سان سنڌ منجھان اهڙو تاثر اڀارڻ جي ڪوششن ۾ آهي ته سنڌ جو ماڻهو پڻ ان مذهبي دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ بنياد پرستي ۾ شامل آهي. حقيقت ۾ سنڌ جو عام ماڻهو توڙي پڙهيل ڳڙهيل حلقا انهن عملن خلاف آهن، انهن جي نندا ڪن ٿا، انهن جي خلاف تحرڪ وٺن ٿا ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوشان آهن. اهو چٽو ۽ پڌرو هجي ته سنڌ جي اندر مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ فساد رياست ڪرائي رهي آهي.
اسان سنڌي هڪ قوم طور ڪنهن به مذهب جي خلاف ناهيون، اسان ڪابه عبادتگاهه ساڙي نه ٿا سگھون، اسان ڪنهن به ٻئي مذهب جي ماڻهو جي جان وٺي نه ٿا سگھون. اسان لاءِ سڀ مذهب هڪڙي ئي حقيقت جا متلاشي آهن ۽ وحدانيت جي لڙيءَ ۾ پويل آهن. اسان لاءِ سڀ انسان برابر ۽ خداءِ برتر و بزرگ جو پرتوو آهن. اسان لاءِ سموريون عبادتگاهون خدا جو گھر آهن. اسان لاءِ مندر، گردوارا، آتشڪدا ۽ ڪليسائون ۽ ٻيون ساريون عبادتگاهون مسجد نبوي وانگر واجب الاحترام ۽ مقدس آهن. اسان مذهب ۽ فرقيواريت جي نالي ۾ انسانن جي قتلام ۽ رتوڇاڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگھون. اهو سڀ سنڌ جي روح جي خلاف آهي.
اسام مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ جي خلاف آهيون. مذهب جو سياست ۾ ڪوبه ڪم ڪونهي، ان ڪري سياست ۽ رياستي مامرن ۾ ان جي ڪابه مداخلت پڻ نه هجڻ گھرجي. سياست ۽ مذهب کي جڏهن به گڏي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تڏهن ان جا نتيجا خطرناڪ، ڀيانڪ ۽ انسان دشمن ئي پئي نڪتا آهن. اهي نتيجا انيڪ سالن ۽ صدين تائين انسانذات مٿان هڪڙو ڪلنڪ، هڪڙو داڳ، هڪڙو چُٽو بڻيا رهيا آهن. برونو، ڪوپرنيڪس، گئليلو، سرمد، داراشڪوهه، قرت العين طاهرا، هائپشا ۽ ٻيون انيڪ مايون ۽ مرد مذهبي تنگ نظري ۽ رياست تي ان جي مڙهت جي ور چڙهي پنهنجين زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا.
اها ڪليسا جي بالادستي ئي هئي، جنهن يورپ کي اونداهو يورپ بڻائي رکيو هو. جنهن ۾ علم، عقل، سائنس، منطق ۽ فلسفي سميت هر عقلي، تحقيقي ۽ انساني عمل ۽ چڱائي جي ڳالهه تي بندش هئي. انسانن کي انسانن بجاءِ رڍن ٻڪرين وانگر ورتايو پئي ويو. هر عقلي ڳالهه لاءِ تعزيرون ۽ سزائون هيون. قيد هو. موت هو. ساڳئي نموني ٻين مذهب به گھٽ انڌ ڪونه ڪيا آهن. اسلام جي روشن نالي تي به ماڻهن مٿان اونداهيون ٿاڦڻ جا جتن ٿيندا رهيا آهن. ڪالهه ڪليسا دولت تي قابض هئي. اڄ ملائيت دولت تي قابض آهي ۽ اقتدار تي قابض ٿيڻ گھري ٿي. جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ ملائيت ڪامياب ٿي وئي ته اها پاڻ کي صدين جي اونداهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيندي. اڄ يورپ جي هيءَ جيڪا عاليشان ترقي آهي، اها تڏهن ممڪن ٿي سگھي آهي، جڏهن ڪليسا سياسي مامرن کان ٻاهر آهي. اهو دؤر ويو، جڏهن رياستن جا سرڪاري مذهب هوندا هئا. هيءَ روشن خيالي، رواداري ۽ سيڪيولرزم جو دؤر آهي.
اسان مذهب کي سماجي زندگي ۾ اوتري ئي جاءِ ڏيڻ گھرون ٿا، جيتري اهو لهڻي ٿو ـــ يعني عقيدن جي هڪڙي نظام واري، جيڪو خدا ۽ بندي جي وچ ۾ سٻنڌ جوڙي ٿو؛ جنهن ۾ هر بندو پنهنجي عقيدن ۽ عبادتن ۾ آزاد آهي. اسان ان کي هڪڙي سياسي نظام طور قبولي نٿا سگھون. نه ئي وري اسان ڪنهن به قسم جي ملائيت جي حڪمراني چاهيون ٿا. اسان سڀني عقيدن جو احترام ڪندي، بنيادي مذهبي آزادين ۽ رواداري جا مڃيندڙ آهيون. تنهن ڪري اسان مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ جا قائل ناهيون.
اسان آزاد، روادار، سيڪيولر، خوشحال ۽ جمهوري سنڌ اڏڻ ٿا گھرون. اها سنڌ مذهبي تنگ نظري توڙي هر قسم جي تعصب ۽ امتياز کان بالاتر هوندي. جيڪا هر حوالي سان انصاف، برابري ۽ بنيادي انساني حقن جي احترام تي ٻڌل هوندي. اهڙي سنڌ ئي هن خطي توڙي دنيا جي اندر امن لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگھندي، ۽ سنڌي قوم کي دنيا ۾ شانائتو ۽ مانائتو مَقام ڏياري سگھندي. انهيءَ ڪري اهڙي آزاد، روادار، سيڪيولر، خوشحال ۽ جمهوري سنڌ جي اڏاوت نه صرف سنڌي قوم ۽ هن ننڍي کنڊ لاءِ، پر سڄي عالم انسانيت لاءِ ڦلدائڪ ۽ لاڀائتي ثابت ٿيندي.
* * *
31 مارچ 2014ع