تاريخ، فلسفو ۽ سياست

آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آزاد، روادار، جمهوري سنڌ

بلوچن جو لانگ مارچ

[b] هيءَ پير پٽيهر جهڙا ها[/b]

ڪوئيٽا کان بلوچن جو نڪتل پيادل لانگ مارچ سنڌ جي رستن تي روان دوان آهي. هو هڪڙو ننڍڙو، جائز ۽ قانوني مطالبو کڻي نڪتا آهن. سندن گھُر هر مذهب، فلسفي، اصول، انساني حقن ۽ قانون جي رُوءِ کان جائز ۽ واجبي آهي. هو ٻيو ڪجھه ڪونه پيا گھُرن؛ رڳو ايترو ٿا چون ته اهي بلوچ نوجوان، جن کي هِن “مملڪتِ خدادِ پاڪستان” جا طاقتور ڳجھا ادارا گرفتار ڪري کڻي ويا آهن ۽ کين گم ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي ظاهر ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن نوجوان تي ڪا تهمت، الزام يا ڏوهاري هجڻ جو گمان آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هونئن به ڪنهن جي گناهگار هجڻ يا نه هجڻ جو فيصلو ڪرڻ، ڪنهن کي بري ڪرڻ يا سزا ڏيڻ عدالتن جي ئي دائري اختيار ۾ آهي. ڪنهن به طاقتور ڌر، اداري يا گروهه کي اهو قانوني حق حاصل ناهي ته اهو ڪنهن کي کڻي گم ڪري ڇڏي. اهوئي ڪارڻ آهي جو سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان ويندي هر باشعور، انسان دوست، آزادي پسند، انصاف پسند ۽ ساڃاهه وند ماڻهو سندن مطالبي جي حمايت ڪري رهيو آهي.
ٿورڙن ماڻهن، جن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون پڻ شامل آهن، تي ٻَڌل هيءَ پيادل قافلو ان شهر ڏانهن روان دوان آهي، جنهن کي امر جليل گدڙن جو شهر سڏيندو هو؛ ۽ ڪن دوستن جو خيال آهي ته اهو ٻوڙن ۽ انڌن جو شهر آهي. جو ان شهر کي ظلم ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي ۽ مظلومن جون آهون ٻڌڻ ۾ ڪونه اينديون آهن. معنا ته ڪوئيٽا کان نڪتل هي پنڌ قافلو اسلام آباد پڄي دم پٽيندو. هو اسلام آباد دانهڻ پيا وڃن. اتي موجود گڏيل قومن جي آفيس ۽ سفارتخانن جي معرفت عالمي ضمير کي جھنجھوڙڻ وڃي رهيا آهن. سنڌ مان لنگھندي مهل هو پنهنجي روئداد مختلف هنڌن تي گڏ ٿيندڙ ماڻهن کي به ٻُڌائيندا پيا وڃن.
قافلي ۾ موجود هر ماڻهو وٽ پنهنجي درد ڪٿا آهي، هر هانءَ ۾ دکندڙ درد جو هڪ وڏو داستان آهي. هنن مان هر هڪ جو ڏک پنهنجو آهي، الڳ الڳ آهي. ان جي باوجود هنن جو ڏک ساڳيو آهي، هڪجهڙو آهي. هنن جي پيارن کي گھرن مان، آفيسن مان، ٻنين مان يا گس هلندي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. سالن جا سال ٿي ويا آهن، جو گم ڪيلن جو ڪو ڏس پتو نه ٿو ملي، ڪو کُر پير نه ٿو ملي. ڪٿان به ڪا سڻائي وائي نه ٿي اچي، ته اهي ڪهڙي حال ۾ آهن، ڪٿي آهن؟ پر جيڪڏهن ڪي واپس اچن ٿا ته چچريل لاش جي صورت ۾ واپس ڏنا وڃن ٿا، ۽ ڏک ۽ رت جي هڪڙي واڌاري لڪير جڙي وڃي ٿي.
هن پنڌ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ ماما قدير بلوچ جو ڏک به ٻين هزارين بلوچن جهڙو ئي آهي. سندس پٽ جليل ريڪي بلوچ کي رياستي ادارا کنڀي ويا. ٽن سالن تائين هو لاپتا بڻيل هو. ماما قدير بلوچ سندس پٽ جي ان جبري گمشدگي خلاف احتجاج شروع ڪيو. آهستي آهستي ٻين گم ٿيل بلوچ ڪارڪنن لاءِ ٿيندڙ ڌار ڌار احتجاج هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ لڳو. جڏهن اهو سگھارو آواز بڻجي پيو، تڏهن ماما قدير کي چيو ويو ته ”توهان احتجاج ختم ڪريو، توهان جي پٽ کي آزاد ڪريون ٿا.“ هن جي ورندي اها هئي ته”منهنجو احتجاج رڳي منهنجي پٽ لاءِ ناهي، اهو سڀني گم ڪيل بلوچ نوجوانن لاءِ آهي.“ جنهن کانپوءِ ٽن سالن جي گمشدگي بعد سندس پٽ کي تحويل ۾ قتل ڪري سندس مئل جسم کي نامعلوم قرار ڏئي لاهور جي اسپتال جي تجربيگاهه جي حوالي ڪيو ويو، جتي سيکڙاٽ ڊاڪٽر ان جي وڍ ٽڪ ڪندا رهيا. ڪجھه وقت کانپوءِ جيئن ئي ماما قدير وارن کي ان ڳالهه جو علم ٿيو ته هنن اتان وڃي لاش وصول ڪيو. جليل ريڪي بلوچ جي تصوير ڏسي لڳي ٿو ته هو ڏاڍو سهڻو جوان هيو. هو بلوچ ريپبلڪن پارٽي جو مرڪزي عهديدار هو.
قافلي جي ٻي اڳواڻ فرزانا مجيد بلوچ آهي، جنهن جي ڀاءُ ذاڪر مجيد بلوچ کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي. ذاڪر مجيد جي گرفتاري کي سڄا سارا ٽي سال ٿي ويا آهن؛ هو اڃا تائين ٽارچرسيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ واڙيل آهي. سندس گھر وارن کي سندس باري ۾ ڪا خبرچار نه ٿي ملي ته کيس ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ رکيو ويو آهي. ذاڪر مجيد بي ايس او (آزاد) جو مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين آهي.
پنڌ ويندڙ هن قافلي ۾ ٻارڙا پڻ شامل آهن. جن ۾ هڪڙو ٻارنهن ورهين جو ٻار محمد رمضان پڻ آهي، جنهن جي پيءَ غلام حيدر بلوچ کي چار سال اڳي سندس ئي اکين اڳيان گھر مان کنڀيو ويو هو. ان وقت رمضان جي ڄمار 8 سال هئي، پر کيس اها چٽي يادگيري آهي ته اهلڪار ڪيئن نه تشدد ڪندي سندس پيءَ کي کنڀي کڻي ويا هئا.
قافلي ۾ موجود هڪ ٻيو قلندرانا صفت پيِر مرد اهڙو به آهي، جنهن جي گھر جو ته ڪو به ڀاتي نه کنڀيو ويو آهي، پر جيڪي کنڀيا ويا آهن، اهي هن لاءِ گھر ڀاتين جيان ئي آهن. اهو بلوچ ڪاز سان انتها جي حد تائين لاڳاپيل آزادي پسند جھونو استاد مير محمد علي ٽالپر آهي. جنهن کي بلوچ نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون استاد چئي مخاطب ٿينديون آهن. هو چئي ٿو ته منهنجي پنجاهي کن شاگردن کي ٻَڌي گم ڪيو ويو آهي ۽ اڍائي سئو کان مٿي ته ماريا ويا آهن. ستر واري ويڙهه ۾ پنهنجي ٻنهي هٿن جون آڱريون وڃائيندڙ هي جھُونو جڏهن “اُٺ جي چوري ۾ بانبڙا ڪونه پائبا آهن” جهڙي بلوچي چوڻي ٻڌائي ٿو ته بلوچ قومي تحريڪ سان سندس ارپنا ۽ عشق ڪنهن شعلي وانگر ڌڳڻ لڳي ٿو ۽ ان جي روشني سندس چهري تي بَکندي ڀانئجي ٿي.
اهڙي ريت قافلي ۾ موجود هر ٻار، عورت ۽ مرد جي گھر جو ڪو نه ڪو ڀاتي گم ڪيو ويو آهي. ڪنهن جو ڀاءُ گم آهي، ڪنهن جو پٽ گم آهي، ته ڪنهن جو پيءُ گم آهي. ڪير به اهڙو ڪونهي، جنهن وٽ ٻڌائڻ لاءَ ڪو قصو نه هجي ۽ ونڊڻ لاءِ ڪو ڏک نه هجي. هر هڪ وٽ پنهنجي درد ڪهاڻي آهي. پر ڳالهه صرف اِتي دنگ ڪانه ٿي ڪري. هيءَ درد انهن ماڻهن جي تعداد کان هزارين ڀيرا وڏو آهي. “بلوچستان ۾ ڪو اهڙو گھر ڪونهي، جنهن ۾ ڪا شهادت نه هجي، ڪا گرفتاري نه هجي، ڪو ڇاپو نه لڳو هجي يا ڪا گمشدگي نه ٿي هجي.” قافلي ۾ موجود هڪ نوجوان ٻڌائي ٿو. هو ڳالهه کي اڃا به اڳتي سوريندي ٻڌائي ٿو ته “نه فقط بلوچ نوجوان گم ڪيا ويا آهن، پر زرينا مري بلوچ سميت ڏيڍ سئو کان وڌيڪ عورتون پڻ گرفتار ڪري گم ڪيون ويون آهن. جن جا اسان وٽ تفصيلي انگ اکر موجود آهن. ايئن به ٿيو آهي ته اسان جا سڄي جا سڄا ڳوٺ گرفتار ڪيا ويا آهن.”
رات جو ڪچهري هلندي مون کان هڪڙي بلوچ نوجوان پڇيو ته “توهان اسٽيڊي سرڪل هلائيندا آهيو؟” مون ورندي ڏنيمانس ته “اوڻيهه سئو نوي واري ڏهاڪي کانپوءِ اسان وٽ سياسي پارٽين ۾ توڙي ادبي ڪلاسن ۾ اسٽيڊي سرڪل هلڻ بند ٿي ويا آهن. باقي ڪارڪنن يا عام ماڻهن جي ذهني تربيت لاءِ ڇٺي ڇماهي ليڪچر پروگرام ضرور ٿيندا آهن.” ان تي هن ٻڌايو ته “اسان وٽ اسٽيڊي سرڪل باقاعدگي سان ٿيندا آهن. اسان وٽ سياست ۽ تنظيمڪاري تي سنڌيءَ مان ڪتاب اردو ۽ بلوچي ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن، جيڪي اتي پڙهيا ويندا آهن.” اها ڳالهه مون لاءِ ڪنهن حد تائين حيرت جوڳي هئي.
ٻيءَ جيڪا ڳالهه ڪچهري ۾ سامهون آئي، اُها اِها هئي ته بلوچ قومي تحريڪ عورتن کي ڪافي اڳتي آندو آهي. اهي هاڻي سياست ۽ جدوجهد جو اهم ۽ فيصلائتو حصو آهن. قومي تحريڪ ۾ عورتن جي ڪردار کين جتي اعتماد، سياسي سماجي شعور ۽ فيصلي جي سگھه ڏني آهي، اتي انهن کي صدين جي روايتي پابندين مان نڪرڻ جي آزادي پڻ ڏني آهي. قومي آزادي جي جدوجهد ساڳئي وقت عورتن جي آزادي جي جدوجهد پڻ هوندي آهي. اها ڳالهه بلوچ عورت جي هاڻوڪي بيهڪ کي ڏسي اڃائين وڌيڪ سچي ثابت ٿئي ٿي. هن لانگ مارچ ۾ هنن نياڻين جي حوصلن، جذبن ۽ سندن ارپنا کي ڏسندي اياز جون لازوال سٽون ياد اچيو وڃن:
هو پير پٽيهر جهڙا ها،
جي پنڌ پيا پربت لوڪو!
هينئن ڪير سڏيندو سوريءَ کي؟
ڪنهن ڳالهه مٿان آ ڳَت لوڪو!
هن ننڍڙي قافلي جي ٻي جيڪا ڳالهه ماڻهو جو ڌيان ڇڪائي ٿي، اُها ان جو ضابطو آهي. ڪو به ڪارڪن، سفر هلندي يا ڪنهن جڳهه تي ٽڪڻ دوران، پنهنجي جاءِ تان نه ٿو هٽي. طئي ٿيل نعرن کانسواءِ ڪير به ٻيو ڪو نعرو نه ٿو هڻي. ڪير به اضافي ڳالهه ٻولهه نه ٿو ڪري. جنهن تي جيڪا ذميواري رکي وئي آهي، هو اها بنان ڪنهن رنجھه ڪنجھه يا بار بار چوڻ جي، پاڻ هرتو ادا ٿو ڪري. ڪوبه ڪارڪن صحافين جي گڏ ٿيڻ تي ڦوٽوءَ ڪڍائڻ لاءِ اڳين صف ڏانهن لوُهه نه ٿو وجھي. هلندي مهل نه ڪو اڳيان ٿو ڊوڙي، نه پويان ٿو رهجي؛ هر ڪو پنهنجي جاءِ تي هجي ٿو. گذريل ٽن ڏينهن کان قافلي سان مختلف هنڌن تي ٿوريون ٿوريون وکون کڻڻ دوران يا رات مون وٽ ٽڪڻ دوران مون منجھن جيڪو جذبو ۽ ضابطو ڏٺو آهي، اهو نه رڳو ساراهڻ جوڳو آهي، پر وڏي حد تائين مثالي پڻ آهي، انهيءَ ضابطي ۾ رخنو ان مهل پوي ٿو، جنهن مهل سنڌ جا سياسي ڪارڪن قافلي جي آجيان لاءِ اڳتي وڌن ٿا. پوءِ ڌِڪ ڌِڪان ۽ هڪٻئي کي ٺونٺيون هڻي اڳيان نڪرڻ جي جستجو شروع ٿي وڃي ٿي. جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ته ايئن به ٿئي ٿو جو ماما قدير، فرزانا مجيد، مير محمد علي به پٺتي رهجي ٿا وڃن ۽ پاڻ وارا همراهه اڳيان اڳيان هجن ٿا. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جو اهو انداز ڏسي سندن لاءِ اِها راءِ جڙي ٿي ته اهي ڏاڍا هُوٿرا آهن ۽ ضابطي کان نابلد آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ وري سنڌ جو عام ۽ سادو سُودو ماڻهو ڪنهن حد تائين ضابطي جي پوئيواري ڪري ٿو. ٿي سگھي ٿو ته ڪو دوست چئي ته قافلي ۾ ضابطي تي وڏي حد تائين عمل درآمد جو ڪارڻ قافلي جو ننڍو هجڻ آهي. پر اصل ۾ ايئن ناهي. ننڍي قافلي جو ضابطو وڏي تحريڪ جي ضابطي جو هڪڙو عڪس آهي. حقيقت ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي بلوچن کان اهي ڳالهيون سکڻيون پونديون.
پرامن طور اڳتي وڌندڙ هن قافلي جو هڪڙو تمام اهم اهڃاڻ هٿ سان ڌِڪجندڙ گاڏو يا ريڙهو آهي. جنهن کي ماما قدير پاڻ هڪلي رهيو آهي. سندس مدد لاءِ هڪڙو هڪڙو نوجوان واري سان ڊيوٽي ڏئي ٿو ته جيئن ريڙهو رستي کان هيٺ نه لهي وڃي. هو اهو ريڙهو چوڻ جي باوجود به ڌِڪڻ لاءِ ٻئي ڪنهن جي حوالي نه ٿا ڪن .هن ريڙهي تي گم ٿيل ماڻهن جون تصويرون رکيل آهن. ڪجھه تصويرون بلوچ شهيدن جون پڻ آهن. اهو ريڙهو هن لانگ مارچ جو علامتي اهڃاڻ آهي. ان کي ڏسي مون کي حضرت عيسيٰ ياد اچيو وڃي. حضرت عيسيٰ جڏهن گڏهه تي سوار ٿي ڪنعان جي پَٽن ۾ پنهنجو پيغام پئي پکيڙيو، تڏهن رومي شهنشاهيت ايڏي گھٻرائجي ۽ وائڙي ٿي ويئي هئي، جو ان گڏهه جي سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي. ماما قدير ۽ مظلوم بلوچن جو هيءَ گاڏو به حضرت عيسيٰ جي سواري وانگر هڪڙو انقلابي اهڃاڻ ٿي پيو آهي. باشعور، عشق جي جذبي سان سرشار فرد ۽ قومون جڏهن جدوجهدون ڪنديون آهن، تڏهن اهي ڪيئن نه ننڍڙين ننڍڙين شين کي به تاريخي اهڃاڻن ۾ بدلائي ڇڏينديون آهن.
هاڻي اهم سوال اهو آهي ته جڏهن هيءَ پيادل قافلو اسلام آباد پهچندو، تڏهن (يا ان کان اڳ ۾ ئي، جو متان ان کي اسلام آباد پڄڻ ئي نه ڏنو وڃي)حڪومتي ڌر ۽ هن ملڪ جا سگھارا ادارا ان کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ هڪ ڳالهه ته ضرور آهي ته هيءَ قافلو اسلام آباد پڄي يا نه پڄي، ٻنهي صورتن ۾ اهو هڪڙي نئين تاريخ ئي رقم ڪندو. پر ان سان هن مملڪتِ خدادادِ پاڪستان جي اربابِ اختيار ۽ اقتدار جي مٿي تي ڪا جونءَ سُري ٿي يا نه، ان جي خبر به ايندڙ ڪجھه ڏينهنَ ۾ پئجي ويندي. البت منهنجو خيال آهي ته حڪومت ان کان هر ممڪن حد تائين ڪن ٽار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. پنجاب جون سياسي پارٽيون، پوءِ اهي حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾، هن معاملي کان صفا الڳ ٿلڳ ٿيو بيٺيون آهن. ان جو تجربو اسان کي ڪجھه هفتا اڳ ۾ لاهور جي دؤري دوران تڏهن ٿيو، جڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان محمود رشيد سان ان معاملي تي سوال جواب ٿيا. گمشدگين تي جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته هن وٽ آمنا مسعود جنجوعا جو حوالو ته هو، پر بلوچ ۽ سنڌي قومي ڪارڪنن جي باري ۾ هن اهو چئي لنوايو ته اسان وٽ انهن جا ڪي تفصيل ناهن. توهان مون کي اِي ميل ڪريو ته اسان انهن بابت ڳالهائينداسين. جڏهن کيس سندس اي ميل ايڊريس ڏيڻ جو چيو ويو ته هن پنهنجي سيڪريٽري سان رجوع ڪرڻ جو چيو. سندس سڪيلڌي سيڪريٽري وري اي ميل ائڊريس ڏيڻ بدران اسان جي دوست جي هٿ ۾ فون نمبر پڪڙائي ڇڏيو ته بعد ۾ ان نمبر تي فون ڪري اي ميل ائڊريس وٺي لائجو. ان کي سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ”ڏٺو پيِر، پُني مراد“. ساڳي ڪار پنجاب حڪومت جي توڙي وفاقي حڪومت جي پڻ نظر اچي ٿي. پارليامينٽ ۾ اهي ان تي ته گوڙ ڪن ٿا ته بنگلاديش ۾ مُلي عبدالقادر کي ڦاسي ڇو ڏني وئي آهي؟ پر کين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ ڏاڍايون، ناجائزيون، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون، ماوراءِ عدالت قتل، ٽارچرسيلن مان تشدد ڪري گوليون هڻي ماري اڇلايل چچريل لاش، مارڻ کانپوءِ گاڏين سان گڏ ساڙيل ٻاريل مڙهه ۽ جبري گمشدگيون نظر نه ٿيون اچن. آئون ڀانيان ٿو ته اهي حڪمران هن لانگ مارچ کي به ٻوڙي ڪنين ٻڌندا ۽ نابينا اکين سان ڏسندي ان تان نظرون چورائڻ جي ڪوشش ڪندا. خير، حڪمرانن جو رويو ڪهڙو به بيهي، پر هنن حوصلن، جذبن، ارپنا ۽ ڪمٽمينٽ کي ڏسندي هڪ ڳالهه يقيني طور تي چئي سگھجي ٿي ته فرزانا بلوچ جي سر تي ڪاميابي ۽ آزاديءَ جو هُما ضرور پنهنجن سڀاڳن پرن سان ڇانوَ ڪندو.
* * *

22 ڊسمبر 2013ع