ٻٽو مڪاني نظام سنڌ لاءِ ايئن خطرناڪ آهي، جيئن ننڍي کنڊ لاءِ ڌار اليڪشني سرشتو هو
آئون سمجھان ٿو ته موجودا ٻٽو مڪاني نظام سنڌ لاءِ ايئن خطرناڪ آهي، جيئن ننڍي کنڊ لاءِ مسلمانن ۽ هندوئن لاءِ ڌار چونڊ نظام هو. چونڊن جي انهي الڳ نظام مسلمانن ۽ هندوئن کي ان نهج تي پهچايو، جتي اهي قومي بنيادن تي سوچڻ بدران فرقيوار ذهنيت جي ور چڙهي ويا ۽ تاريخي قومون پنهنجي الڳ قومي تشخص کي وساري يا ته هندو يا ته مسلمان ٿي پيون. جنهن جي نتيجي ۾ برِصغير ۾ ورهاڱي ۽ ملڪ ٺهڻ جي نالي تي جيڪو گند ٿيو آهي، ان جي ڌپ اڃا تائين ساهه منجھائي رهي آهي.
تنهن ڪري اسين ٻٽي مڪاني نظام کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا. اسين پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي کي تنبيهه ٿا ڪريون ته اهي موقعي پرستي، مفاد پرستي، مهمجوئي، لالچ ۽ خصيص مفادن جي ڌٻڻ منجھان ٻاهر نه نڪتا ته تاريخ کين گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيندي.
البت اسين ان معاملي کي ايئن نٿا ڏسون، جيئن لساني سياست ڪندڙ ڌريون ڏسن ٿيون. اهي هن معاملي تي ان انداز ۾ هلڙبازي مچائي رهيون آهن، جو ان سان قومي تضاد جو رخ بدلائڻ واري پنجاب سامراج جي سازش تي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. ٻٽي مڪاني نظام کي به سنڌ جي قومي غلامي جي تناظر ۾ سمجھڻو پوندو. ان ۾ اسلام آباد جو جيڪو ڪردار آهي، ان کي ڪيئن ٿو نظرانداز ڪري سگھجي؟ اسلام آباد سنڌ جي هر سياسي معاملي ۾ ايئن شامل آهي، جيئن ورهاڱي کان اڳ ۾ انگريز يا لنڊن هندستاني معاملن ۾ هوندو هو؛ جيئن هر بيٺڪي قوت پنهنجي بيٺڪيت ۾ هوندي آهي. ان ڪري هن مامري پٺيان اسلام آباد جي، پنجاب سامراج جي ڪردار کي نظرانداز ڪندي ان کي رڳي ئي رڳي سنڌي پناهگير يا پ پ ايم ڪيو ايم تناظر ۾ کڻڻ نهايت ئي سادگي ڀري سياسي سوچ آهي. سنڌ جو ڪوبه فيصلو اسلام آباد جي آشيرواد يا اک ٽيٽ کانسواءِ نٿو ٿئي، پوءِ ڀل مرڪزي اقتدار ڪنهن وٽ به هجي. ان ڪري اسان سمجھون ٿا ته ان جي پٺيان “اصل تي وڊين قوتن” جي غليظ ڪردار تي پردي پوشي نه ٿيڻ کپي. ۽ هن معاملي کي به سنڌ جي قومي غلامي جي تناظر ۾ کڻڻ کپي. اهڙي طريقي سان ئي هي معاملو حل ٿي سگھندو. ٻي صورت ۾ اهو به ٻين ڪيترن ئي اهم مامرن وانگر آهستي آهستي پسمنظر ۾ هليو ويندو. جيڪا يقينن هڪڙي خراب ڳالهه هوندي ۽ ان جا سياسي طور تي خراب اثر مرتب ٿيندا.
(پارٽيءَ اڳواڻ طور سنڌي رسالي ”مزاحمت“ کي ٻِٽي مڪاني نظام بابت ڏنل مؤقف)