ڪھاڻيون

حليمان

ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون موضوع جي لحاظَ کان مختلف آهن. منهنجين لکڻين ۾ موضوعن جي کوٽَ نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا جي لکڻين جو سڀ کان وڏو موضوع پيار آهي پر پيار يونيورسٽين تائين محدود نه آهي. اسان کي پيار جي ڪينواس کي وسيع ڪرڻو پوندو.
  • 4.5/5.0
  • 2455
  • 749
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حليمان

پبلشر نوٽ

سنڌي ٻوليءَ جي سَگهاري ۽ پنهنجي ئي انداز واري منفرد ڪهاڻيڪارَ رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جون نئون ڪِتاب ”حليمان“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. اداري ”پوپٽ“ لاءِ اِها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته، هِنَ اداري پاران هن کان اڳ ۾ رسول ميمڻ جو ڪهاڻي ڪِتاب ”سونو ڏند“ ۽ ٻَه ناولَ ”اوڻويهه عورتون“ ۽ ”قالو بَلا“ به شايع ڪيا ويا، جن کي پڙهندڙن پاران تمام گهڻو مانُ مليو. انهيءَ ئي اُميدَ جي تسلسل ۾ هي ڪهاڻي ڪِتابُ ”حليمان“ اوهان آڏو آهي.
رسول ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو اهو ڀاڳ وارو ليکڪ آهي، جنهن جي مٿان ڏات جي ديوي هميشه مهربان رهي آهي. هن لکيو آهي، مسلسل لکيو آهي ۽ ڀرپور لکيو آهي. اسان جي دُعا آهي ته هُو مسلسل لکندو رهي ۽ ”پوپٽ“ کي سندس تخليقن کي ڇاپڻ جو اعزاز ملندو رهي.


قربان منگي
چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس،
خيرپور ــ سنڌ