ڊائون سينڊروم
هو به اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي اپاهج ڀاءُ جي ڀڪ ۾ اچي هن کان موڪلائڻ لڳو.
“ڀاءُ ڌرتي تي تبديلي اچي رهي آهي...... هاڻي موڪلاڻي” هن پنهنجي اپاهج ڀاءُ کي چيو. جيڪو گگ ڳاڙي، ٽنڊين ٻانهن کي لوڏي هن ڏانهن نهاري وات مان غير واضع لفظ ڪڍي رهيو هيو.
“مان انقلاب ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيو آهيان، منهنجا ڀاءُ مان هڪ نئي منزل جي ڳولها ۾ وڃي رهيو آهيان. هڪ اهڙي منزل جيڪا حقيقت ۽ ڇوٽڪاري جي واديءَ ۾ هوندي. مان ان منزل تي ضرور پهچندس جيڪا انقلاب جي منزل هوندي.”
هو اپاهج ڀاءُ سان ڳالهائيندو ويو ۽ اپاهج جنهن جي ڪمزور منڍي ڄڻ هيٺ لڙڪي رهي هئي، سو هر هر ڪنڌ کڻي غورَ سان سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظن ۾ ڄڻ چئي رهيو هيو. ”منهنجا ڀاءُ تون نه وڃ..... مان اڪيلو ٿي پوندس، هن دنيا ۾ ڪيئن رهي سگهندس“ ۽ هو اکين مان ڳوڙها ڳاڙي هن کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. هو هڪ اپاهج نوجوان هيو. قدرت هن کي ماءُ جي پيٽ مان ئي ايئن پيدا ڪيو هيو. نه قدرت هن کي ڏاهپ سان نوازيو نه ئي هن وٽ سوچَ هئي. هو هڪ اهڙو معزور هيو جنهن کي هٿ کان وٺي اٿاربو ۽ ويهاربو آهي. هن جون اکيون گول ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هونديون هيون، منهن گول ۽ ويڪرو، سندس واتَ مان هميشه گگ پئي ٽمندي هئي. قد ننڍو ۽ ڄنگهون ڦريل هيون. هو ڪنهن به ڳالهه کي چوڻ لاءِ چچريل لفظن ۾ رڙيون ڪري ڳالهائيندو هيو ۽ اڄ هو ڀاءُ آڏو روئي رهيو هيو، هن کي نه وڃڻ لاءِ چئي رهيو هيو. هن جو وڏو ڀاءُ جيڪو وڏي قوت وارو طاقتور شخص هيو. هن وٽ عقل هيو، سوچَ هئي ۽ دنيا کي بدلائڻ جي جستجو هئي. هن کي انقلاب جي ڳولها هئي. هڪ اهڙيءَ منزل جي ڳولها جيڪا ڏکن ۽ مصيبتن جي مسئلن جو حل هئي. هڪ اهڙي منزل جيڪا سچ هئي، آزادي هئي.
موڪلائڻ کان اڳ هن پنهنجي اپاهج ڀاءُ کي ڀاڪر ۾ وٺي هن جي ڳوڙهن ڀريل ڳٽي تي چمي ڏني.
“موڪلاڻي منهنجا ڀاءُ. شايد هيءَ اسان جي زندگيءَ جي آخري ملاقات آهي....... شايد وري نه ملئون.”
هو اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي گهوڙي جي واڳن ۾ هٿ وجھي وڃي ان تي چڙهيو. اپاهج نوجوان جنهن جي اکين مان ڳوڙها ۽ واتَ مان گگ وهي رهي هئي اهو حسرت ۽ پيار مان پنهنجي ڀاءُ کي ڏسندو رهيو. هن جي ڀاءُ گهوڙي کي پاسي کان کڙي هنئي ۽ ان کي ڊوڙائيندو پري وادين ۾ گم ٿي ويو.
“انقلاب............. انقلاب” هر طرف آواز ڌرتيءَ جي سيني مان ٻاڦَ جيان بلند ٿي رهيا هيا ۽ هو انقلاب جي دهلَ تي گهوڙي کي نچائيندو ڀڄائيندو پئي ويو. هڪ منزل ڏانهن. حقيقت ڏانهن. سچ ڏانهن هن جو گهوڙو ڄڻ آڏامندو پئي ويو. انقلابَ جو دهل ڄڻ گهوڙي جي سنبن مان وڄي رهيو هيو ۽ هو نوجوان خود اعتماديءَ مان سڌو ڪرنگهو ڪري گهوڙي جي پٺ تي ويهي هر هر هٿ سان ڌڪ هڻي هن کي تيز هلڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هيو. گهوڙي جي ڳچي ۾ ٻڌل ڳاڙها، ساوا، اڇا ۽ هيڊا رومال هوا ۾ لهرائي رهيا هيا.
”انقلاب هُتي آهي“ هن اوچتو آواز ٻڌو. گهوڙي جي رفتار ڍري ڪئي ۽ ڪنائڻ لڳو. “انقلاب جي منزل سامهون آهي، سياست جي بازار ۾ داخل ٿي ۽ توکي اهو هر دوڪان تي دستياب ٿي ويندو اتي وڃ سياست جي بازار ۾ ماڻهن جي وڏي اچ وڃ آهي، تون منزل کي ويجھو آهين“.
هو اڳتي وڌيو هڪ اهڙي منزل طرف جِتي سياست جي بازار هئي ۽ هر دوڪان تي ماڻهن جو هجوم هيو. هو به گهوڙي کي بازار ٻاهران ٻڌي، هلندو هر دوڪان جو جائزو وٺندو اڳتي وڌيو. هن ڏٺو هر دوڪان انساني کوپڙين ۽ جسم جي ٻين حصن جي هڏن سان ڀريو پيو هيو. اتي تير هيا تلوارون هيون، بارودن جا انبارَ هيا، گوليون هيون ۽ بندوقون جن جي سوراخَ مان بدبودار دونهون ائين نڪري رهيو هيو جيئن ٿڌ ۾ ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ جي واتَ مان ٻاڦَ نڪرندي آهي. اتي بازار جي رستن تي رت جي چيڪڙ هئي جنهن کان هن جا پيرَ ترڪيا پئي ويا. سڙيل گوشت جي بدبوءِ هئي جنهن کان هن جو ساههُ مُنجھي رهيو هيو. سڄي بازار دونهي سان ڀريل هئي ۽ ڪجهه دوڪانن اندر چمڪندڙ ڪپڙا ۽ تاج پائي ويٺل شخص انساني هڏين جي باهه ٻاري هٿ سيڪي رهيا هيا. هڪ سردي هئي، ڪوهيڙو هيو ۽ ڏڪڻي هئي. باهيون ٻري رهيون هيون ۽ انسان ڪارا ويسَ ڪيون پريشان حاليءَ ۾ دوڪانن اندر ڏسي ڪجهه ڳولهي رهيا هيا. وڏا شاندار دوڪانَ هيا. هر دوڪان هڪ محلات هيو. ان دوڪان جو مالڪ هڪ وڏي رعبَ ۽ تابَ وارو شخص هيو جنهن جي منهنَ تي اعتماد جون ريکائون هيون ۽ هو وڏي شانَ ۽ لاپرواهيءَ مان ايندڙ ويندڙ گراهڪ ڏانهن ڏسي رهيو هيو. هن ڏٺو اتي فرعونن جا دوڪان هيا. نمرود هڪ دوڪان جي تختَ نما ڪرسيءَ تي جلوا افروز هيو. هن بازار ۾ يوسف کي وڪامندي ڏٺو. موسيٰ کي لٺ سهاري پريشان گهمندي ڏٺو ۽ جڏهن اڳتي وڌيو ته هن کي عيسيٰ نظر آيو جيڪو هِڪَ صليبَ کي ڪلهن تي کڻي چنگهندو سياست جا چهبڪ سهندوپاڻيءَ لاءِ واجھائي رهيو هيو.
بازار کي ڏسي هن کي پريشاني وٺي وئي، سردي هوندي به پگھر جون بوندون هن جي نرڙ تي ننڍڙن جيتن جيان سرڪڻ لڳيون. هو اڳتي هليو ۽ پٿر جي ڊگهن ٿنڀن واري دوڪان کي ڏٺو. هن اتي سيزر جي ويٺل پارليامينٽ ۽ سينيٽ کي ڏٺو. هن ڳاڙهي خنجر وارو بروٽس ڏٺو ۽ ڀورن گلابي ڳٽن واري نير وهائيندڙ ڪلوپيٽرا ڏٺي. هن اتي هڪ دوڪان ۾ ڪاٺ جو گهوڙو ڏٺو ٽرائي جي سردارن کي شراب پي هيلن تي تبصرا ڪندي ٻڌو. هن هڪ ڪِتابن جو دوڪان ڏٺو ۽ اتي بيٺل افلاطون ۽ ميڪاوليءَ کي ڏٺو. زرهه پائي ويٺل چنگيز ڏٺو. انساني کوپڙين مان ٺهيل دوڪان ۾ هلاڪو ڏٺو. هن ميسولينيءَ جو دوڪان ڏٺو، هٽلر جو دوڪان ڏٺو ۽ هڪ دوڪان اندر اجتماعي قبرون کوٽي لاش وڪڻندڙ اسٽالن ڏٺو.
هن جو دماغ چڪرائجڻ لڳو ۽ هوٿيڙ کائڻ لڳو. “وٺ ...... انقلاب جي بازار مان ڪجهه ته وٺ” هن جي اندر مان آواز آيو” بازار ٿڌ هوندي به ڪيڏي نه گرم آهي، ڇا ان جي رونق آهي. هجوم آهي..... سِرَ جو سودو آهي. تلوارَ ڪڍي پاڻ کي ماري ڇڏ، انساني وجود جي ڪهڙي حيثيت آهي. ڌرتيءَ تي گهمندڙ ڪِول خوشنصيب آهي انسان کان خطرناڪ جانور ڌرتيءَ تي ٻيو ڪو به نه آهي.”
هن جو اندر ڦاٽڻ لڳو ۽ بازار جي ماڻهن وچ ۾ ٿيڙ کائيندو انهن جي ڪلهن تي هٿ رکندو تيزيءَ سان وٺي ٻاهر ڀڳو. هن دونهي، باهه ۽ رت جي چيڪڙ مان نڪري هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ پوءِ گهوڙي وٽ پهچي ان جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجھي خوب رنو. گهوڙي هڻڪار ڪري هن کي دلداري ڏني ۽ هو مايوس ٿي ڳوڙها اگهي هڪ دفعو وري گهوڙي جي پٺ تي سوار ٿي نئين منزل طرف روانو ٿيو.
هو هڪ دفعو وري نئين وادين مان ٿيندو وڏي حوصلي ۽ همت سان اڳتي وڌندو پئي ويو.
”انقلاب..... انقلاب” هر طرف آواز اڀري رهيا هيا. هن جي دل ۾ نئون جوش ۽ ولولو هيو. هن جي چپن تي اميد جي هلڪي مرڪ هئي. هن جي گهوڙي جي ٽاپن ۾ نئون آواز هيو هڪ ٻيو ردم هيو. “هو ڳائڻ لڳو ”انقلاب..... انقلاب....... منزلون.....“ هو اڳتي هلندو رهيو. سرسبز چراگاهن مان گهوڙي جي سنبن سان وهندڙ پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ٿڌن ڇانڍارن جو مزو وٺندو. هو ريگستان ۽ ميداني زمين مٿان ڀڄندو، ڳولهيندو رهيو.
”انقلاب..... انقلاب..... ڪٿي آهن منزلون، ڪٿي آهن ڇوٽڪارا، ڪٿي آهن راحتون، منزلون.....“
جڏهن هو ڊگهن مينارن واري شهر کي ويجھو ٿيو ته هن کي پري کان هڪ شخص تيز آواز ۾ ڳالهائيندي نظر آيو. هو ان کي ويجھو ٿيو ته ان جوش مان هن کي آڱر سان اشارو ڏئي ٻڌايو ته “انقلاب هُتي آهي..... سامهون ڊگهن مينارن واري شهر اندر....... مذهب جي بازار ۾. هلو اوڏانهن هلو منزل اُتي آهي..... انقلاب اُتي آهي”
اهو چئي رهيو هيو ۽ هن گهوڙي کي کڙي هڻي اوڏانهن ڀڄايو. گهوڙو سهڪندو اچي مذهب جي بازار ٻاهران بيٺو ۽ هو ٽپو ڏئي هيٺ لٿو.
هن پاسي سان گهوڙي کي ٻڌي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. هو بازار ۾ داخل ٿيو ته پير پائڻ جي جاءِ نه هئي. انسان انسان ۾ ڦاٿو پيو هو. هرڪو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ ٻئي جي ڪلهن کي ڇڪي رهيو هيو. بازار ۾ ڪنهن کي سائي رنگ جو پٽڪو پاتل هيو ته ڪنهن کي ڪاري رنگ جو. ڪنهن جي پڳ اڇي رنگ جي هئي ته ڪنهن جي گيڙوءَ رنگي. اتي ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ وارا به هيا ته وارن کان پاڪ به. ننڍڙين ڏاڙهين ۽ اڇين ٽوپين وارا به ته عماما پاتل ڊگهن ٽوپن وارا به. ڪن جي هٿن ۾ صليب هيا ته ڪن جي هٿن ۾ پهرينءَ جا چنڊ چمڪي رهيا هيا. ڪن وٽ ڪنول جا گل هيا ته ڪي زيتون جي ڏانڊي هٿن ۾ جھليو بيٺا هيا. بازار ۾ وڏو گوڙ هيو. هر دوڪاندار زور سان رڙيون ڪري ڳالهائي رهيو هيو، پنهنجيءَ سچائيءَ ۽ عظمت جا ثبوت پيش ڪري رهيو هيو. برهمڻ شودرن کي ڪنن ۾ شيهي جي ڪِلي هڻي دوڪان ٻاهران ٽنگي ڇڏيو هيو. زرتشت باهه اڳيان بيهي ان کان معافي وٺي ڊڄندڙ پيلي منهن سان هٿ ٻڌيو بيٺا هيا. مهاتما ٻڌ هڪ دڪان ۾ اکيون بند ڪيون ڪنن ۾ ڪپهه وجھي ويٺو هيو، خوبصورت عورتون ناچ ڪري هن اڳيان اچي وري خوف ۾ پري ٿي ڀڄي ويون. اڌ اگهاڙو عيسيٰ ڪنڊن جو تاج پائي پنهنجو ٻيو ڳٽو به چماٽ لاءِ پيش ڪري رهيو هيو. اتي محمدصه هيو جنهن جي جِتي رت سان ڀريل هئي ۽ ڏند شهيد ٿي چڪو هيو. اتي يزيد جو دڪان هيو ۽ ڪربلا جي ميدانَ ۾ امامن جا پيل لاوارث لاش هُيا. شهادتن جا سلسلا هيا. معصوم مفڪرن جا زهر پيتل ڦتڪندڙ جسم هيا. اتي الحمرا هيو ۽ شراب جي حوضن ۾ وهنجندڙ خوبصورت جسم هيا. صليبن جي دوڪانَ ۾ جنگين جو هڪ سلسلو هيو.
هر طرف آهون هيون. رت جا دٻا ۽ اڌ ڪٽيل انساني ڦتڪندڙ جسم هيا. ڀڄندڙ گهوڙن جي قدمن ۾ دربدر ٿيندڙ لاوارث انساني سِر هيا. هڪ جوش هيو. ولولو هيو. آهون هيون ۽ رڙيون هيون اتي هڪ دڪانَ ۾ ڊگهين ڏاڙهين وارا سقراط کي زهر جو پيالو پيش ڪري رهيا هيا. اتي پاپائيت پنهنجي دوڪان جي بنيادن کي نئين نظرين جي زلزلن کان بچائڻ ۾ مشغول هئي. اتي هڪ دوڪان ۾ پوڙهو گيليليو پادرين اڳيان معافي نامي تي صحيح ڪري رهيو هيو. اتي ابن عربي هر شيءِ کي ڏسي خُدا خُدا ڪري وحدت الوجود اندر ڪنهن شيءِ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو اتي ابن رشد جا ڪپڙا ليڙون ليڙون هيا. ڪي خدا چئي رهيا هيا ته ڪي خود بخود. ڪي نابودي معدوم ته ڪي نمودي بود ڪي معرفت ۽ شناخت تي تبصرا ڪري رهيا هيا ته ڪي نسبت ۽ هست تي. اتي وري ڪجهه صفات ۽ ذات جي چڪر ۾ وڙهي رهيا هيا.
ڪٿي مذهب جا مذهب تي حملا هيا ته ڪي فرقي جي فرق ۾ ڦاٿل هيا. هڪ دوڪان ۾ صوفي سرمد جي لاش کي وهنجاري رهيا هيا ته ٻئي ۾ دارا شڪوهه کي ڦاسيءَ تي چاڙهڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون ۽ منصور پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو هيو. هڪ دڪان ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي لڪيرون ڪڍي انسانن کي مذهب جي بنياد تي ورهايو پئي ويو.
اتي نفرتون هيون. انسانن جو قتل عام هيو. ويڇا هيا. هڪ ٻئي تي حملا هيا. جنت جي حاصلات ۾ دوزخ بنجندڙ ڌرتي هئي. اتي هڪ بي چيني هئي ۽ بيزاريءَ کي ڀريل بازار ۾ لڪڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه هئي. اتي عجيب ۽ غريب فڪر هيو. تلوار سان وار ڪندڙ به خدا جو نعرو هڻي رهيو هيو ته مرندڙ به ساهه ڏيڻ کان اڳ خدا کي ياد ڪري رهيو هيو.
هو مذهب جي بازار ۾ حيران ۽ پريشان گهمندو رهيو. هن کي اتي پنهنجي منزل نظر نه آئي، هو مايوس ٿي ويو. هو جنهن به دوڪان اڳيان ٿي لنگهيو ته اتان آواز ٿي آيو: ”خدا مان وٽ آهي.“
”اصل خدا منهنجي دوڪان ۾ موجود آهي.“
”مان وٽ اچ مان توکي خدا رعايتي اگهه تي ڏيندس.“
”مان وٽ خدا مفت مهيا آهي.“
”مان وٽ خدا سان گڏ تلوار جو تحفو به آهي.“
هو جنهن دوڪان اڳيان ٿي لنگهيو اتان خدا وند باري تعاليٰ جي شآنَ ۾ غلط آواز ٿي آيا.
هو واپس موٽيو ۽ ماڻهن جي رش کي چيريندو نفرتن، ويڇن قتل ۽ جنگ جي بازارَ مان ٻاهر نڪري آيو. هن ٻاهر نڪري هڪ دردناڪ آهه ڀري اکيون کڻي آسمان ڏي نهاريو. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. هو مايوسيءَ مان روئڻ لڳو. هن گهوڙي جي واڳَ ڇوڙي ان جي منهن تي پيارَ مان هٿ ڦيري پنهنجي اکين جا ڳوڙها اگهيا ۽ پوءِ هو هڪ دفعو وري ان جي پٺ تي ٽپو ڏئي چڙهيو ۽ ان کي هڪليندو نئين منزل جي ڳولها ۾ اڳتي وڌيو.
هو گهوڙي کي کڙيون هڻندون هڪليندو هڪ دفعو وري وادين۾ طوفان جيان اڏامندو پئي ويو. لڳندڙ تيز ۽ تازي هوا هن جي مايوس اکين جا ڳوڙها سڪائي هڪ دفعو وري هن جي منهن تي اُميد جي مرڪَ ڦهلائي. هو پر اُميد هيو. هن کي منزل ضرور ملندي، هو حقيقت کي ضرور ويجھو ٿيندو هو سچ کي ڳولهي ڇوٽڪاري جو انعام ضرور حاصل ڪندو.
جڏهن هن کي گهوڙي تي گهمندي ڪافي ڏينهن ٿي ويا ۽ هو اڃان به پري نڪري ويو ته هو روشنين جي دنيا ۾ پهچي ويو. هن ڏٺو اتي پري کان روشنيون هڪ ٻئي پويان ڊوڙون پائي رهيون هيون. اتي نور ئي نور هيو. ڌرتي رات ۾ تارن جيان چمڪي رهي هئي ۽ هو جيئن انهن روشنين کي ويجھو ٿيو ته ڪنهن ان کي ٻڌايو ”انقلاب اچي چڪو آهي هو ڏس انقلاب جون چمڪندڙ روشنيون، تيز رفتاريون، ويجھڙائيون.“
”پر اهو ڪٿي آهي؟“ هن سوال ڪيو.
”سامهون سائنس جي بازار ۾“ ڪنهن هن کي ٻڌايو ”انقلاب سائنس جي بازار ۾ موجود آهي. وڃ اتي توکي حقيقت ملندي. حقيقت جيڪا ثبوتن سان آهي، جيڪا سچ آهي.“
هو بيقراريءَ ۽ خوشيءَ مان گهوڙو ڊوڙائيندو سائنس جي بازار ٻاهران اچي پهتو. هن گهوڙو ٻڌي اندر نهاريو. لوهه جي ٺهيل بازار هئي ۽ ٽامي جي سنهين تارن جا ٺهيل دوڪان هيا. ماڻهن جي پيهه ۾ هو بازار اندر وڃي دوڪانن جو جائزو وٺڻ لڳو. هن کي هڪ عجيب نفسا نفسي ڏسڻ ۾ آئي. هجوم ۾ هڪ وڏي بي چيني ۽ ڀڄ ڀڄان هئي. هرڪو ماڻهو ٿڪيل ۽ پيلي چهري وارو هيو. هرڪو ڄڻ ذهني مريض ۽ چريو هيو. سائنس جي بازار ۾ هن کي وفا ۽ پيار ڪٿي به نظر نه آيو. جيڪو جِتي هيو اتي ڪجهه نه ڪجهه ساڙي رهيو هيو، ڪجهه نه ڪجهه وڍي رهيو هيو. اتي گرم هوا ۽ دونهون هن جي جسم ۽ اکين سان پئي ٽڪرايو اتي زوڪٽ هيا ۽ ڌرتي ڌماڪن سان ڌڏي رهي هئي. اتي تيز آواز هيا ۽ هرڪو الڳ ٿلڳ هڪ ٻئي کان پري پنهنجي منهن ڳالهائي رهيو هو. ان بازار ۾ دڪان باهه سان ڀريا پيا هيا. اتي باهه وڪامي رهي هئي. اتي تباهيءَ جي تارازيءَ ۾ موت جو ملهه ٿي رهيو هيو. اتي ڪجهه دوڪانن تي بيماريون وڪرو ٿي رهيون هيون. اتي دل جون بيماريون ملي رهيون هيون. نفسياتي بيماريون ملي رهيون هيون.
هن اتي هڪ دوڪان ۾ آئنسٽائن کي ڏٺو جيڪو ڪنن ۾ آڱريون وجھي ڌماڪي جو انتطار ڪري رهيو هيو. اتي نيوٽن حيرت مان هر هر صوف جيان ڌرتيءَ تي ٿي ڪريو ۽ اسٽيفن جي ڪنن مان ٻاڦ سيٽون وڄائي تيزيءَ سان نڪري رهي هئي. اتي گراهم بيل گھنٽيءَ جي آوازَ تي ننڊَ مان هر هر ڇرڪ ڀري ٿي جاڳيو. هڪ دوڪان ۾ ايڊيسن جنهن جون اکيون اوجاڳي کان ڳاڙهيون هيون، اهو تيز روشنيءَ ۾ انڌن جيان ٿاڦوڙا هڻي ڪجهه ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو. اتي ليونارڊو ڊاونچي وڏا کنڀَ ٻڌي چرين جيان ڊڪون ڀري رهيو هيو، سندس دوڪان ۾ لڳل مونا ليزا جي تصويرَ هن جي حرڪتن تي مرڪي رهي هئي.
ان بازار ۾ بارود جي ڌپ هئي، عظيم جنگيون هيون. ڌماڪا هيا ۽ مظلوم ماڻهن جون آهون هيون. لاشن جا انبارَ هيا. جسمن جا ٽڪرا هيا. گدلاڻ هئي. ماحول جو توازن ڍاوان ڊول هيو. اتي ڪينسر هئي ۽ تمباڪو جي دونهي ۾ بي حيائي اگهاڙي جسم سان رقص ۾ مگن هئي. اتي نه رشتا هيا نه دوست. شاعرن جون قبرون انهن جي ڊهندڙ مزارن ۾ دفن ٿي چڪيون هيون ۽ محبوبا جي جسم تي ايڊز جا نانگ ويڙهيل هيا. هرڪو شراب پي موت سان شطرنج کيڏي رهيو هيو ۽ سڙيل انساني گوشت تي پنهنجي بک پالي رهيو هيو.
بازار ۾ گهمندي هن سوچيو هيءُ ڪهڙو انقلاب آهي. هيءَ ڪهڙي منزل آهي. ڇا تباهي انقلاب آهي؟ يا انقلاب تباهي! انقلاب ڪٿي آهي؟ ڇا اهو آهي؟ هو چرين جيان هيڊن چهرن وچ ۾ پنهنجن وارن ۾ هٿ وجھي گهمندو رهيو. هيءَ ڪهڙي بازار آهي. هتي موت آهي ۽ زندگي ننڍڙي آهي. هر انسان زندگي ائين گذاري رهيو آهي جيئن هن کي پڪ هجي ته سڀاڻي نه ٿيندي. هو چريو ٿي چڪو هيو هر هر پاڻ سان ڳالهائي ڌرتيءَ تي لت هڻي ٿڪون اڇلي رهيو هيو. هو ڳاڙهين اکين سان بازار مان ٻاهر نڪتو. هن جي نڪ مان پاڻي وهي رهيو هيو. هن جوش ۾ نڪ سان ٻانهن کي رڳڙي پاڻي صاف ڪيو ۽ ٻاهر اچي هڪدم گهوڙي جي واڳن کي ڇوڙي ان جي پٺيءَ تي ويهي ڊوڙائيندو پري تازي هوا ۾ نڪري ويو.
هاڻي هو بلڪل مايوس ٿي چڪو هيو. هن سوچيو متان ڪٿي هو منزل تي پهچي وڃي. هن جي محنت ۽ جستجو متان ڪٿي حق جو ظهور پَسي وٺي، متان اها ڪا اهڙي جاءِ هجي جتي هو نه پهتو هجي، ٿي سگهي ٿو منزل هن جي انتظارَ ۾ هجي. هو سوچيندو گهوڙي کي ڀڄائيندو ويو. هن جي سوچن هن ۾ هڪ نئون جذبو بيدار ڪيو. هڪ نئين سگههَ عَطا ڪئي ۽ هو وري ڳائڻ لڳو.
”انقلاب...... انقلاب........“ ۽ هن جي گهوڙي جي سنبن مان ڌمال جو آواز اچڻ لڳو. هو وادين، چراگاهن، ريگستانن ۽ ڪوهستانن ۾ ڇڙواڳ واچوڙن جيان ڦيريون پائي انقلاب جا نعرا هڻندو منزل جي ڳولها ۾ ڊوڙندو رهيو.
هڪ ڏينهن ڪنهن ريگستان ۾ مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي وچڙيل وارن وارو شخص هن کي پاڻ ڏانهن سڏيندي مليو. جڏهن هو ان جي ويجھو ويو ته ان ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن واري شخص هن کي اوڀر طرف اشارو ڪندي چيو ”انقلاب هتي آهي.... سامهون دانشورن جي شهر ۾ فلسفي جي بازار اندر اتي ڏاهن جي دوڪانن تي اهو دستياب آهي.... تون اتي وڃ ۽ پنهنجي ذهن جي پورهئي سان جيترو چاهي اهو خريد ڪر...... اتي ئي منزل آهي، اتي ئي حقيقت آهي.“
هن پوڙهي کان ٻڌو ۽ پوءِ وري خوشيءَ مان گهوڙي کي ڊوڙائيندو اوڏانهن روانو ٿيو. هڪ دفعو وري اُميد ۽ آس هن جي دل جي گهرائين مان نڪري هن جي اکين ۾ چمڪڻ لڳي ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيو. هو گهوڙي کي هڪليندو اچي اتي فلسفي جي بازار ٻاهران بيٺو ۽ گهوڙي کي ٻڌي بازار ۾ داخل ٿيو. هن ڏٺو ان بازار ۾ چار شاهي دوڪان هيا ۽ هر دوڪان ڪنهن بازار کان گهٽ نه هيو. بازار ۾ ماڻهن جي پيهه هئي. هرڪو پيرين اگهاڙو، ميرا ڦاٽل ڊگها ڪپڙا پائي وارن ۾ ڪک وجھي منجھيل ڏاڙهي ۽ گهنجيل چهري سان چپ ڪن خيالن ۾ گم هيو. هرڪو ڪِتاب کي سيني سان لائي هيڏانهن هوڏانهن پئي گهميو. ماڻهو منجھيل ۽ مظلوم پئي نظر آيا. دوڪان تي ويٺل شخص نرڙن ۾ گهنج وجھي ڪجهه پئي رهيا هيا ۽ ٻڌندڙ ڪجهه به نه سمجھندي انهن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيا هيا. دوڪانن تي موجود چئن ئي دڪانن جا مالڪ هڪ ٻئي تي تنقيد ڪري پاڻ کي سچو ۽ ٻئي کي ڪوڙو ثابت ڪري رهيا هيا. هو هر هر جذباتي ٿي هڪ ٻئي جي ڏارهين ۾ هٿ وجھي رهيا هيا. هو پنهنجا نظريا ڪاغـذ جي گلن جيان بازار ۾ موجود ماڻهن مٿان اڇلي رهيا هيا.
اتي هڪ دوڪان ۾ ارسطو ۽ ڊيڪارٽ رڙيون ڪري ٻڌائي رهيا هيا ته ”روح ۽ خدا پنهنجي ذات ۽ صفات ۾ موجود آهن، ۽ مادو هڪ حقيقت آهي.“
ٻئي دوڪان تي افلاطون، برڪلي ۽ برگسان هن جي دعويٰ کي رد ڪندي مادي جي وجودَ جو انڪار ڪري رهيا هيا. اهي چئي رهيا هيا ته ”دنيا ۾ مادي جو ڪو به وجود نه آهي جيڪي آهي اهو خدا جي صفتن جو ظهور آهي. هر شيءِ خدا جو جلوو آهي صرف روح آهي.“
ٽئين دوڪانَ تي حڪيم ڊيمقراطيس انڌي فلاسافر لمارڪ جي ڪلهي تي هٿ رکي الفرڊ والس ۽ نوجوان ڊارون سان گڏ بيٺو هيو. نوجوان ڊارون هر هر مادي جي وجود ۽ ان جي ارتقائي منزلن بابت دليلن سان ڳالهائي رهيو هيو. “صرف مادو ئي آهي جيڪو ڌرتيءَ تي جيئري رهڻ جي جدوجهد ۾ ماحول مطابق پاڻ ۾ تبديليون آڻي موجود رهي ٿو. ڌرتيءَ تي مادو ئي آهي جيڪو حقيقت آهي. ان کان سواءِ سڀ ڪوڙ ۽ وهم آهي.”
چوٿين دوڪان تي هيوم، اسپنسر ۽ هسڪلي منجھيل آواز ۾ ڳالهائي رهيا هيا. هو سڀني کي جاهل ۽ بيوقوف چئي روح ۽ مادي ٻنهي جي مخالفت ڪري رهيا هيا. اهي چئي رهيا هيا ته: ”جيڪي شيون انساني عقل کان ٻاهر آهن انهن تي سوچڻ وقت جو زيان آهي.“
فلسفي جي خاموش ۽ پرسڪون بازار ۾ اندر ئي اندر هڪ وڏو شور ۽ مونجھارو بي چينيءَ مان پڃري ۾ ڦاٿل پکيءَ جيان پَرَ هڻي ڦڙ ڦڙ ڪري رهيو هيو. اها اختلافن ۽ تنقيدن جي بازار هئي. اها معزز ماڻهن جي بداخلاقيءَ سان ڀرپور بازار هئي. اتي ڏاهپ پويان مونجھارو لڪيل هيو. اتي عقل پويان اختلافن جا انبار هيا. اتي مسئلن جي حل بجاءِ نوان مسئلا هيا. اتي سچ ۽ ڪوڙ ائين مليل هيا جيئن جسم ۽ روحَ. اتي جهالت ۽ حقيقت ۾ ڪو به فرق نه هيو. اتي سچ ڪوڙ هيو ۽ ڪوڙ سچ هيو. اتي ڪجهه به نه هيو، اتي ذهنن ۾ مونجھاري جي اڏرندڙ ڌوڙ هئي. چريائپ هئي، هو بازار ۾ گهمندو رهيو ۽ عجب مان ڏسندو ۽ حيرت مان ٻڌندو رهيو. هن سوچيو هيءَ ڪهڙي سچائيءَ جي بازار آهي جنهن ۾ چار ڪاروباري موجود آهن ۽ سچ جي سودي تي ڪو به ٻئي سان متفق نه آهي. اها ڪهڙي سچائي آهي جيڪا چئن مان ٽن وٽ ڪوڙ آهي. اها ڪهڙي منزل آهي، جنهن جي پڄاڻيءَ ۽ انجام کي ڪو به مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. هن سوچيو هيءَ منزل نه آهي، انقلاب نه آهي.
”اي انقلاب جي منزل تون ڪٿي آهين!؟“. هو چرين جيان پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو. هو فلسفي جي پراڻي ۽ ميرانجھيل بازار مان پوئتي وريو. هن پويان آواز هٿن جو روپ ڌاري هن کي ٻانهن کان وٺي پوئتي ڌڪڻ لڳا، پر هو نه رڪيو ۽ مايوس ٿي ٻاهر نڪري آيو. هاڻي هو روئي نه رهيو هيو. هن وٽ روئڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو هيو. وقت جي گرم جھولي هن جا نيرَ سُڪائي ڇڏيا هيا. هو دلگير هيو ۽ هن جي چيلهه چٻي ٿي چڪي هئي، ڄڻ جواني ۽ سگهه هن کان موڪلائي وئي هئي. هو ڍرڪندو آهستي هلندو گهوڙي وٽ آيو ۽ ان کي ڇوڙي وري ان جي پٺيءَ تي وڃي ويٺو. گهوڙو جيڪو ڏاڍو ٿڪجي پيو هيو، ان هڻڪار ڪري ٿورو احتجاج ڪيو ۽ ڪنڌ ڌوڻي پري ڪيو. هو سمجھي ويو ته هاڻي هيءُ به ساٿ ڏيڻ کان لنوائي رهيو آهي هن کي ڪاوڙ وٺي وئي ڀَرُ ڪري کڙيءَ کي زور سان هن جي کُک ۾ وهائي ڪڍيائين ۽ واڳون ڇڪي هن کي تيز هلڻ تي مجبور ڪيائين. گهوڙو هڪ دفعو وري وٺي ڊوڙيو ۽ اڏامندو هڻڪار ڪندو ڀچندو پئي ويو. هن پنهنجيون کڙيون هر هر تيز هلڻ لاءِ گهوڙي جي ڪک ۾ ٿي هنيون ۽ گهوڙو دردَ کان وٺي ٿي تيز ڀڳو.
”انقلاب...... انقلاب“ هو مايوسيءَ مان وري ڳائڻ لڳو....... ”منزلون منزلون“ هو چوندو ويو ۽ گهوڙو پٿرائين زمين تي تيز ڀڄندو ٿي ويو. اوچتو هڪ وڏي پٿر جي سامهون اچڻ سان جيئن ئي ٽپو کائي ان کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ان جا پيرَ وڃي پٿر سان ٽڪرايا ۽ ڪلٽي کائي وڃي ٻوٿَ ڀر هيٺ ڪريو. هن بُل کائي پري ڪري وڃي پنهنجي جان بچائي ۽ جڏهن اٿي منڊڪائيندو گهوڙي جي مٿان آيو ته هن ڏٺو گهوڙو مري چڪو هيو، هن جو جسم ٿڌو ٿي رهيو هيو ۽ نڪ مان رت پنهنجن سنبن سان ڊوڙندو ٻاهر نڪري رهيو هيو. هن کي پنهنجي وفادار دوست جو ڏاڍو ڏک ٿيو. هو صدمي مان اکيون بند ڪري اٿيو ۽ هن مٿي ڪنڌ ڪري اکيون کولي آسمانَ ڏانهن ڏٺو. آسمان جي نيري سمنڊَ ۾ درد جي ڪاراڻ ڪاهي پئي. سج غروب ٿي رهيو هيو ۽ هن ڏٺو اتي پناهه لاءِ ڪا به جاءِ نه هئي. ڪا به بازار نه هئي. ڪا به منزل نه هئي انقلاب گهوڙي جي صورت ۾ دم ٽوڙي چڪو هيو ۽ هو خوف کان وٺي ڀڳو.
هو جڏهن جهالت جي جهنگ ۾ پهتو ته هن کي مايوسيءَ جا نانگ سوچن جيئن سرندي نظر آيا. هو پناهه گاهه جي ڳولها ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندو رهيو. هن ڪيترا دفعا ڇرڪ ڀري پريان آپگهات جا بگهڙ ڏٺا. اتي خوفَ جا چمڙا اڏامي رهيا هيا ۽ وسوسن جا چٻرا ڇپ هنيو گول اکين سان هن ڏانهن نهاري رهيا هيا. موت جو چيتو هن پويان وڏي هوشياريءَ سان اچي رهيو هيو ۽ هو خوف ۽ مايوسيءَ مان رُئندو رڙيون ڪندو ڀڄندو رهيو. هن جي دل چيو ته هو پاڻ کي بگهڙن حوالي ڪري زندگيءَ جي قيدَ مان آزادي ماڻي ـــ پر هو ڀڄندو رهيو هن جا پير ڦاٽي پيا ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا. بک ۽ دردَ کان اکيون ڏرا ڏئي ويون. ٿڪاوٽ کان هن جو انگ انگ ڏکيو ٿي. هو جڏهن زخمن ۽ بک کان نستو ٿي ڪرڻ وارو هيو ته کيس پري ڪا هيڊي روشني ڏيئي جيان ٽم ٽم ڪندي نظر آئي. هو پناهه لاءِ اوڏانهن وڌيو ۽ پوءِ جڏهن هو اتي پهتو ته هن ڏٺو ته اتي هڪ ننڍڙو گهر هيو جنهن جي روشندانَ مان اها چڻنگَ دکندي نظر اچي رهي هئي. هن اڳتي وڌي دروازو کوليو ۽ پوءِ هيسيل ۽ التجا ڀريل نظرن سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. هن کي باهه جي شعلن تي ڪو شخص هيٺ ڪنڌ ڪيو هٿ سيڪيندي نظر آيو. هو جڏهن اندر گهري وڌيو ته ان شخص ڪنڌ مٿي ڪري شانت ۽ پر سڪون نظرن سان هن ڏانهن نهاريو. هو اتي جو اتي پٿر جي بت جيان بيهي رهيو ۽ حيرت هن جي خوف ۽ ٿڪاوٽَ تي ڇائنجي وئي. هن ڏٺو ۽ پوءِ غير يقينيءَ مان چپن ۾ ڳالهائڻ لڳو. ”تون...... منهنجا ڀاءُ تون!“ هن چيو.
باهه تي ويٺل پر سڪون شخص جي اکين مان پيار جا ڳوڙها وهي آيا. هو اٿيو ۽ وڃي هن کي چنبڙيو. ”منهنجا ڀاءُ“ هن چيو ۽ پوءِ هن کي ڀاڪر پائي سهارو ڏئي آڻي باهه جي ڀرسان هيٺ وڇايل بستري تي ليٽايو. هو حيرت مان پنهنجي اپاهج ڀاءُ کي ڏسندو رهيو. سوين سوال هن جي اکين مان ظاهر ٿي رهيا هيا. ”منهنجا اپاهج ڀاءُ تون هن منزل تي مون کان اڳ ڪيئن پهتين. مان ته ڪئي سالن جو سفر ڪرڻ کانپوءِ هن حال ۾ هتي پهتو آهيان. پر تون مونکان اڳ هتي پهچي وئين؟ منهنجا اپاهج معزور ڀاءُ! تون نه گهوڙو هلائي سگهين نه سوچي سگهين نه تو وٽ سگهه آهي نه سمجهه. تون هتي ڪيئن پهچي وئين؟ ڇا تون سياست جي منزل ڏٺي، مذهب جو انقلاب ڏٺو. سائنس جي بازار ڏٺي ۽ ڇا فلسفي جي واٽ کان واقف ٿئين؟ تون مونکان اڳ ڪيئن پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئين؟ ڇا تون به مان جيان زخمي آهين؟ تون ڇا آپگهات جا بگهڙ ڏٺا. تون موت جي چيتي کي پنهنجي پويان ايندي محسوس ڪيو؟ ڇا تون مايوسين جا نانگ سرندي محسوس ڪيا. منهنجا اپاهج ڀاءُ تنهنجي جسم تي نه ئي گهاءَ آهن ۽ نه ئي ٿڪاوٽ تنهنجي ڳوڙهن ڀريل اکين ۾ ڪٿي لڙهندي نظر اچي رهي آهي. ٻڌاءِ تون مونکان اڳ هيءَ منزل ڪيئن ماڻين؟“
هو چرين جيان ڀاءُ کي هر هر ڀاڪر پائي چوندو رهيو. هن جو ڀاءُ اکين مان ڳوڙها وئي گگ ڳاڙيندي هن کي وڏي ڏک ۽ افسوس مان ٻڌندو رهيو.
”ٻڌاءِ تون وقت کي مون کان اڳ ڪيئن شڪست ڏني. تون فاصلن کي ڪهڙيءَ حڪمت جي لٺ تي ويڙهي مونکان گوءِ کنئين؟“
هن جي اپاهج ڀاءُ چچريل لفظن ۾ هٻڪندي ڳالهايو ۽ مختصر جواب ڏيندي چيو ”منهنجا عقل مند ڀاءُ! مان ته اتي ئي آهيان جِتي تون ڇڏيو هُيو“. اهو ٻڌي درد کان هن جي دانهن نڪري وئي، هو صدمي کان اتي ئي باهه جي ڀرسان بستري تي ڪري پيو. اپاهج اٿيو ۽ گرم پاڻي ڪري هن جا زخم صاف ڪرڻ لڳو.