ڪھاڻيون

حليمان

ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون موضوع جي لحاظَ کان مختلف آهن. منهنجين لکڻين ۾ موضوعن جي کوٽَ نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا جي لکڻين جو سڀ کان وڏو موضوع پيار آهي پر پيار يونيورسٽين تائين محدود نه آهي. اسان کي پيار جي ڪينواس کي وسيع ڪرڻو پوندو.
  • 4.5/5.0
  • 2455
  • 749
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حليمان

آدم جي دنيا

بس آدم جي دنيا اها ئي هئي. هن جون ٻانهون ۽ انهن ۾ قيد هن جي محبوبا حوا.
حوا جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مُرڪَ هئي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلاب جي سرخي ۽ پيشانيءَ تي انصاف جي روشني هئي. جنهن جي ٻانهن ۾ سڪون ۽ وارن ۾ پيار جي خوشبوءِ هئي. اتي پيار کانسواءِ ڪنهن جي به حڪمراني نه هئي ـــ هو هيا ۽ پري پري تائين خوابناڪ ڀوري اڇي جھڙ مان ظاهر ٿيندڙ نوڪدار ڪارا پهاڙ. ڪجهه وقت پهريان آدم کان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن ٿي ويل گناهه ڪري حوا کان الڳ ڪيوويو. هن دنيا جو هر چپو پنهنجن قدمن سان لتاڙيو ـــ هو حوا کي ڳولهيندو ويو. هن جا ڳوڙها پيغمبرن جي ٻج جيان ڌرتيءَ تي ڪريا. هو سڏڪيو ته سانت ذرا ذرا ٿي هيٺ ڪري. بي چيني هن جي جسم مان نڪري پري پري تائين ڦهلجي وئي. هن جا پيرَ رت ۾ ڳوٿل گوشت جهڙا ٿي ويا. پر پوءِ هن حوا کي حاصل ڪيو. حوا جيڪا هن جي جسم جو حصو هئي. حوا جيڪا هن جي دل جيان جسم کان ٻاهر ڌڙڪي رهي هئي. حوا کي حاصل ڪري هن پنهنجي سيني ۾ جڪڙي ڇڏيو.
آدم پنهنجي پر سڪون دنيا ۾ خوش هيو. هن جنهن کي ڳولهيو حاصل ڪري ورتو. اها هن جي سيني ۾ سڪون جيان ستل هئي ۽ هن جون ٻانهون ان جي وري وڇڙي وڃڻ جي ڪنهن اڻ ڄاڻ خوف کان چوڌاري ويڙهيل هيون. آدم هن کان وڇڙڻ نه پئي چاهيو. هن جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اهو گمان ڪنهن چڻنگَ جيان دکي رهيو ته شايد وري هو حوا کان الڳ ڪيو ويندو. هن کي ڪپيو ويندو ۽ نا مڪمل ڪري وري ڪنهن صحرا ۾، ڪنهن بيابان ۾، ڪنهن موتمار جھنگ ۾ ڊوڙائي نه ڪيل گناهن جي سزا ڏني ويندي. ماضيءَ جي وڇوڙي جي باهه اجھامي وهم جي چڻنگَ جيان سندس ذهن ۾ دکندي رهي. هو حوا جي ڀر ۾ هوندي به هن جي وڇوڙي جا خوابَ ڏسڻ لڳو ۽ نيٺ هڪ رات اهڙي به آئي جو هن جا گمان ڄڻ حقيقت ۾ تبديل ٿي ويا. هن ڏٺو سندس ٻانهون خالي هيون ۽ هن جا هٿ سيني تي رکيل هيا. هن جي دل جي ڌڙڪن سندس هٿن کي محسوس نه ٿي رهي هئي. هن سمجھيو شايد هو حوا کان الڳ ڪري ماريو ويو آهي. پر هو جيئرو هيو. هن جون اکيون کليل هيون. هن ڏٺو دنيا بدلجي چڪي آهي. هڪ اهڙي دنيا جتي عرش جي آتشدان ۾ سج ٻري رهيو آهي ۽ پري پري تائين اڌ اگهاڙن جسمن مان پگهر پاڻيءَ جي گرم چشمن جيان ڦٽي ٻاهر نڪري رهيو آهي.
آدم نظرون کڻي تيز ٻرندڙ سج هيٺان اکين تي هٿ رکي حوا کي ڳولهيو. هن پري پري تائين ان کي ڏٺو پر اها هن کي نظر نه آئي هو منجھي پيو، هن سمجھيو شايد حوا هن کان هميشه لاءِ الڳ ڪئي وئي آهي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، هن جا ڳوڙها سندس هڏائين منهن تان ترڪندا هيٺ اچي ڪاري ڏاڙهيءَ ۾ جذب ٿي ويا.
آدم پاڻ کي ائين محسوس ڪيو جيئن هو ڪنهن اڻ ڄاتل ريگستان جو پانڌيئڙو آهي. هن جا پير پٿون آهن ۽ هو هڪ عصا جي سهاري منڊڪائيندو، انهن ريگستانن، جبلن ۽ ميدانن مان لنگهي رهيو آهي. هن جو ميرو مختصر لباس سندس چمڙيءَ جيان اکڙيل آهي ۽ ڪنڌ ۾ پيل گودڙي جنهن ۾ هن جي نه ڪيل گناهن جو چٺو محفوظ آهي. هو گهميو ٿي ته سندس ڏاڙهي ۽ مٿي جا ڊگها وار باهه جي ڄر جيان ٿي اڏاميا.
آدم اڳتي وڌيو ۽ هن هر هنڌ حوا کي ڳولهيو. هن ڏٺو اتي سوين پيچرا هيا جن تي ڪروڙن قدمن جا نشان هڪ ٻئي مٿان مدفون هيا. هن هر پيچري تي حوا جي قدمن جو نشان ڳولهيو. هو منجھي پيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن مدد لاءِ واجھائڻ لڳو.. هن ڏٺو پري کان ڪنهن ٽڪنڊي عمارت مٿان ٺهيل چمنيءَ مان ڪارو دونهون نڪري رهيو هيو. ان دونهي جي لاٽ مان ڪئي بگڙيل چهرا. ٺهندا ۽ ڊهندا مٿي عرش ڏي بلند ٿي رهيا هيا. هر طرف ڪاراڻ ڦهليل هئي ۽ بدبوءِ کان مٿي جون رڳون ٿي ڦاٽيون. لوهه جا اوزار تيل سان سڀڻي زمينَ تي نانگن جيئن رڙهي رهيا هيا. هو اڳتي وڌي ٻانهن ۾ مٿو ويڙهي سمهيل هڪ مزدور مٿان آيو. ان جو ڪرنگهو ان جي ڦاٽل ڪاري قميص مان ظاهر ٿي رهيو هيو. هن ان جي ڪلهي کي هٿ سان لوڏيو ته ان ٻانهن مان منهن مٿي ڪري ڳاڙهين، پاڻيءَ ڀريل اکين سان آدم ڏانهن نهاريو.
”ڇا تون منهنجي حوا ڏٺي ”آدم هن کان پڇيو ”حوا جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مرڪ آهي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلاب جي سرخي ۽ پيشانيءَ تي انصاف جي روشني آهي. جنهن جي ٻانهن ۾ سڪون ۽ وارن ۾ پيار جي خوشبوءِ آهي.“
آدم جي ڳالهه تي ان شخص جي ڳاڙهين اکين ۾ ڳوڙها لڏڻ لڳا. آدم جڏهن هيٺ جھڪي ان جي اکين ۾ حوا کي ڳولهيو ته هن کي ائين محسوس ٿيو جيئن سندس اک جو تارو ڪنهن اڀرندڙ سج جيان سمنڊ پريان بيٺل آهي ۽ هر طرف لالاڻ ڦهليل آهي.
”اي بزرگ مون اهڙي ڪا به هستي هن زمين تي گهمندي نه ڏٺي. توکي هنن اکين ۾ اهڙا ڪي به عڪس نظر نه ايندا جيڪي اتي قيد ٿي ويا هجن“. مزدور چيو. آدم وري هن جي اکين ۾ نهاريو. سندس ڳوڙهن ڀريل اکين جي سمنڊ ۾ هن کي ڪٿي به اميد جي ٻيڙي ترندي نظر نه آئي.
آدم جي من ۾ اڻ تڻ وڌي وئي ۽ هو بي قرار ٿي ويو. حوا جي وڇوڙي کيس بي چين ڪري ڇڏيو هيو. هو اڳتي هليو ــــ هو اهڙي هنڌ اچي پهتو جِتي هر طرف وسيع ميدان هيا ۽ سوڪهڙو ڌوڙ جيان زمين مٿان گهلي رهيو هيو. پري پري تائين پاڻيءَ جو ڪو نانءُ نِشان نه هيو. زمين جي ڪک ڏرا ڏئي چيرجي پئي هئي. اگهاڙين ڪنڊين تي ڪو به پکي ڌرتيءَ تي ڪرندڙ اَنَ جو انتظار نه ڪري رهيو هيو. اتي ڍورن جي پيل ڏانچن تان ڳجھون ڪڏهن جو اڏامي پري هليون ويون هيون. اتي ڀينگ هئي ۽ پري کان ستل هڪ اڌ اگهاڙو انسان هيو. هو اڳتي وڌي ان مٿان آيو. هن ڏٺو اهو هڪ هاري هيو جيڪو صدين کان اتي ستل هيو. هن ان کي ڪلهي کان جھلي جھنجھوڙيو. جڏهن گهڻي دير کانپوءِ اهو هوش ۾ آيو ته هن ان کان سوال ڪيو ”ڇا تون حوا ڏٺي جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مرڪ آهي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلاب جي سرخي ۽ پريشانيءَ تي انصاف جي روشني آهي. جنهن جي ٻانهن ۾ سڪون ۽ وارن ۾ پيار جي خوشبو آهي.“
هاريءَ حيرت ۾ هن ڏانهن نهاريو ۽ ذهن تي زور ڏئي سوچڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ جڏهن هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هن وراڻيو ”مون اهڙي ڪا به حوا نه ڏٺي جيڪا هنن پاڻيءَ جي پياسن ٺوٺ ويران ميدانن مان لنگهي ڏور هلي وئي هجي. هن اڻڀي زمين تي اهڙا ڪي به قدمن جا نِشانَ نه آهن جيڪي ان ڳالهه جي گواهي ڏئي سگهن.“
آدم مايوس ٿي ويو ۽ ٺوٺ سڪل زمين تي پنهنجا زخمي قدم کڻندو حوا کي ڳولهيندو اڳتي وڌيو.
هو ڪجهه اڳتي هليو ته هن کي پري کان هڪ اهڙو ميدان نظر آيو جِتي هر طرف انسانن جي جسم مان وهندڙ رت هن کي ننڍڙن ٻارن جيان ريڙهيون پائيندي نظر آيو. اتي منڍيون جسمن کان ڌارَ هيون اتي عضون جا انبار ڪنهن ڪٽيل جھنگ جي وڍيل ڪاٺين جيان وکريل پيا هيا. سج جي روشنيءَ ۾ڄميل رت هيٺان تلوارون چمڪي رهيون هيون ۽ بارود جا بادل اڃان به جھڪا نه ٿيا هيا. اتي ڪو به جيئرو نه هيو ڪو به فاتح نه هيو. هر طرف شڪست موت جي ڳجهه جيان لامارا ڏئي رهي هئي. آدم اتي پهچي ڏٺو، موت ڪاري چادر ۾ لاشن جي تختَ تي حڪمراني ڪري رهيو هيو. اتي ڪو به سلامت نه هيو. هن سوچيو آخر ڪو ته جيئرو هجي جيڪو هن کي حوا جو ڏس ڏئي. هو ديوانن جيان جنگ جي ميدانَ ۾ ڊوڙون پائڻ لڳو. هن مجبور ٿي هيٺ جھڪي هڪ مئل سپاهيءَ کي ڪلهن کان وٺي جھنجھوُڙيو ۽ ديوانگيءَ ۾ آڱر سان پنهنجي پيشانيءَ جو پسينو اگهي هن جي وات ۾ وجھڻ لڳو. گهڻي دير کانپوءِ ان مئل سپاهيءَ اکيون کولي بي وسيءَ مان هن ڏانهن ڏٺو هن اڳتي سري ان کي پويان سهارو ڏئي مٿي ڪيو ۽ اتاولو ٿي پنهنجو وات ان جي ڪن ڀرسان آڻيندي پڇيو.“ ڇا تون حوا ڏٺي. حوا جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مُرڪَ آهي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلاب جي سرخي ۽ پيشانيءَ تي انصاف جي روشني آهي. جنهن جي ٻانهن ۾ سڪون ۽ وارن ۾ پيار جي خوشبوءِ آهي.“ آدم جي ڳالهه تي سپاهيءَ جي جسم ۾ جنبش پيدا ٿي ۽ هو پوريءَ ريت سجاڳ ٿي پيو. ان پنهنجو زخمي منهن آدم ڏي ورائي ڏٺو. سندس پيشانيءَ جي زخم مان تازو رت رسڻ لڳو ۽ ان کان آهه نڪي وئي. ”مون پوري زندگي جنگ جي ميدان ۾ وڙهندي اهڙي ڪا به شيءِ نه ڏٺي جنهن جي باري مان توکي ٻڌائي سگهان.“ سپاهيءَ ٿڪيل آواز ۾ چيو، ۽ هن جي ڳالهه تي آدم پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو.
آدم اڳتي وڌيو، هو جنگ جو ميدان پار ڪري هڪ اهڙي واديءَ ۾ پهتو جِتي خزان شروع ٿي چڪي هئي. پوري وادي ان هيڊي ۽ ڪمزور عورت جيان هئي، جنهن تازو ڪنهن مئل ٻار کي جنم ڏنو هجي. هر طرف ڪنهن صدمي کان پن هيٺ زمين تي ڪري رهيا هيا. هو سڪل پنن تي پير رکندو ڪنهن کي ڳولهيندو اڳتي وڌيو. هن ڏٺو اتي زخمي پوپٽ جي پرن جي ڇڻيل رنگن ۾ ڪنهن شاعِرَ جا غير واضع نظم لکيل هيا. مري ويل گلن تي مايوس پيلو چنڊ پنهنجو آخري مرثيو پڙهي رهيو هيو ۽ سونهن فنا ٿي چڪي هئي. اتي هيٺ سڪل پنن جي وچ ۾ مئي نوش شاعر ساغر تي مٿو ٽيڪي گفائن ۾ گم هيو. ان جون غفلت کان بند اکيون ڄڻ مايوسيءَ جون ٻه قبرون هيون.
شاعر کي ڏسي آدم کي خوشي محسوس ٿي. هن سوچيو هن اجڙيل واديءَ ۾ ڪو ته نظر آيو جيڪو هن کي حوا جو ڏس ڏيندو. آدم هيٺ جھڪي ان بي خود شاعر جي ڪلهن کي پنهنجي هٿن سان لوڏڻ شروع ڪيو. گهڻي ڪوشش کانپوءِ شاعر پنهنجون بي نور اکيون کولي هن ڏانهن ڏٺو.
”ڇا تون منهنجي حوا ڏٺي، جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مُرڪَ آهي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلاب جي سرخي ۽ پيشانيءَ تي انصاف جي روشني آهي ـــ جنهن جي ٻانهن ۾ سڪون ۽ وارن ۾ پيار جي خوشبوءِ آهي“. آدم اتاولو ٿي هن کان پڇيو. آدم جي ڳالهه تي شاعر ڪجهه سوچي چيلهه تي زور ڏئي سڌو ٿي ويهي رهيو ۽ آخر ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڳالهايو. ”اهڙي ڪنهن به هستيءَ جو ذڪر منهنجي نـظمن جي مري ويل لفطن ۾ ڪٿي به موجود نه آهي. مون اهڙو ڪو به عڪس نه ڏٺو جنهن کي پنهنجن لفظن ۾ قيد ڪري سگهان.“ ۽ پوءِ شاعر سڌو ٿي سوچيندو رهيو.
آدم مايوس ٿي اڳتي وڌيو. هو پنهنجن زخمي قدمن سان هلندو هڪ اهڙي بيابان ۾ پهتو جِتي ڪو به وڻ نه هيو.، سواءِ هڪ عاشق جي سڪي ٺوٺ ٿي ويل جسم جي. ان جو جسم بيابان جي وچ تان ويندڙ پيچري جي ڪناري ڪنهن جي انتظارَ ۾ بيٺل سڪل ڪاٺيءَ جي ٿڙ ۾ تبديل ٿي چڪو هيو. عاشق جي وارن ۾ ٻه مايوس پکي آکيرو ڪري عرش ڏانهن ڏسي رهيا هيا. اهي اهڙي مينهن جي اوسيئڙي ۾ هيا جنهن ۾ محبوبا جون اکيون بوندن جيئن هيٺ وسي پونديون. اتي صدين جي وڇوڙي کانپوءِ عاشق جون ڏرا ڏئي ويل اکيون انتظار ۾ انڌيون ٿي چڪيون هيون. اتي محبوب جي جسم جي ڪا به خوشبوءِ موجود نه هئي. هر شيءِ غربت جيان ميرانجھڙي هئي.
آدم عاشق جي ڀر ۾ آيو ۽ ان کي ٻانهن ۾ هٿ وجھي لوڏيو. ان جي جسم جي سڪل شاخن ۾ ڪا به لچڪ نه هئي. آدم ان صدين کان سڙي ٺوٺ ٿي ويل عاشق کي اٿارڻ لاءِ وس ڪيا ۽ نيٺ عاشق جاڳي پيو. ان پنهنجيون انڌيون اکيون کڻي آدم کي نهايو.
آدم هڪ دفعو وري پر اميد ٿي ويو ۽ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”ڇا تون منهنجي حوا ڏٺي. حوا جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مرڪ آهي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلاب جي سرخي ۽ پيشانيءَ تي انصاف جي روشني آهي. جنهن جي ٻانهن ۾ سڪون ۽ وارن ۾ پيار جي خوشبوءِ آهي“؟
آدم جي ڳالهه تي عاشق جا ڳڊيون ڏئي ويل لڱ چُريا. ان سوچيو ۽ نيٺ ڪجهه دير کانپوءِ وراڻيو ـــ ”اها منهنجي محبوبا جي وصف نه آهي....... صديون ٿيون مان پنهنجي محبوب جو انتظار ڪري انڌو ٿي چڪو آهيان. منهنجي من ۾ جا محبوب جي تصويرَ آهي ـــ آئون ان بنا ٻي ڪا نه پسي. مان مايوس ۽ فنا ٿي ويل آهيان.“
آدم عاشق کي ڪنهن اونهي سوچ ۾ ڇڏي وري حوا جي ڳولا ۾ اڳتي وڌيو.
هو هلندو هڪ درسگاهه جي اهڙي عمارت وٽ پهتو جيڪا کنڊر ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. ان جي اڱڻ ۾ بيٺل وڻن جون شاخون سڪي ڊگهين عجب جي نشانين ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون. ائين ٿي ڏٺو جيئن اتي ڪنهن آسيب جو آستانو هجي. هن درسگاهه ٻاهران بيهي اندر آواز ڏنو. ”ڪوئي آهي جيڪو منهنجي ڳالهه ٻڌي؟ ............ آهي ڪوئي جيڪو مونکي کيڪاري ۽ سڏ ڏئي؟“.
درسگاهه جي ڏريل ڀتين مان هن جي آوازن جي پڙاڏي جهڙا چمڙا اڏاڻا ۽ هنجي مٿي کي ڇهندا ڏور هليا ويا. آدم در اندر ليئو پاتو ۽ پوءِ هو ڀڳل در مان لانگ ورائي اندر ٽپيو. هن ڏٺو اتي پٽ تي سوين ڀڳل قلم ميدانِ جنگ ۾ ذبح ٿيل لاشن جيان وکريل پيا هيا. پراڻن ڪِتابن جا ورقَ هوا ۾ شهيدن جي روحَ جيان اڏامي رهيا هيا. اڳيان پٽ تي استاد انهن ۾ منهن لڪائي ننڊ ۾ الوٽ هيو. هن استاد وٽ پهچي ان کي ٻانهن ۾ هٿ وجھي جاڳائڻ جي ڪوشش ئي. جڏهن استاد جاڳيو ته هن سندس ڀر ۾ ويهي پڇيو ”ڇا تون حوا ڏٺي، جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مُرڪ آهي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلابَ جي سرخي ۽ پريشانيءَ تي انصاف جي روشني آهي. هن جي ٻانهن ۾ سڪون ۽ وارن ۾ پيارَ جي خوشبوءِ آهي؟“
هن جي ڳالهه تي استاد سڌو ٿي ويٺو ۽ ڪنهن گهريءَ سوچ کانپوءِ وراڻيو ”اي دوست هنن واءُ ۾ اڏرندڙ ڪاغذن تي اهڙي ڪا به شبيح ڇاپيل نه آهي جنهن جي وضاحت آءٌ تو آڏو ڪري سگهان. منهنجي عِلمَ ۾ اهڙي ڪا به ڄاڻَ ميسر ٿيل نه آهي جيڪا آءٌ تو تائين پهچائي سگهان.“
آدم مايوس ٿي ويو ۽ پوءِ جاڳندڙ استاد کي اتي ڇڏي وري اڳتي وڌيو. هو خاموشيءَ ۾ ڪنهن آواز جيئن سفر ڪندو هڪ حيبتناڪ عدالت جي ڊهندڙ بلند ۽ بالا عمارت آڏو اچي پهتو. عمارت جي ڳاڙهي پٿر مان رت جي بوءِ اچي رهي هئي. اتي وايو منڊل ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ سرءُ جي ڇڻيل زرد پنن جيان عدالت جي وسيع عريض ڏاڪڻين مٿان لهرائي رهيو هيو.عدالت جي اڱڻ ۾ انصاف جي انڌي ديوي پنهنجي هٿ ۾ ڀڳل ترازو کڻي عدالت اندر کونگهرا هڻندڙ ٻوڙي جج جو انتظار ڪري رهي هئي. اتي هڪ سڪي ويل ڦهاري وٽ نا انصافيءَ جي ٺهيل مجسمي جي هنجَ ۾ بدامنيءَ جو مجسمو وار کولي ستل هيو ۽ عرش ۾ اڃايل ڪبوتر اچرج مان اڏري رهيا هيا.
آدم اڳتي وڌي عدالت جي بند دروازي جي ڪڙي ۾ هٿ وجھي ان کي کڙڪايو. دروازو ڪنهن قيديءَ جي جسم مٿان پيل لوهي ڪڙين جيان کڙڪي پيو. هن کڙڪايو ۽ وري کڙڪايو. در نه کليو، نيٺ هن در کڙڪائيندي آخر ان پراڻي در کي ڀڃي وڌو. هن ڏٺو ڀڳل در اندر ڪوهيڙي جيان ڌوڙ اڏامي رهي هئي. هو اندر ٽپي اڳتي وڌيو ته هڪ وسيع حال ۾ عدالت جي ڪٽهري ڀرسان ڪاري چوغي ۾ ويڙهيل جج هن کي ڪرسيءَ تي ٽيڪَ ڏئي ليٽيل نظر آيو. هن ويجھو اچي ان کي جاڳايو ۽ جڏهن اهو جاڳيو ته هن ان کان سوال دهرايو. ”ڇا تون منهنجي حوا ڏٺي جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مُرڪَ آهي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلاب جي سرخي ۽ پيشانيءَ تي انصاف جي روشني آهي. هن جي ٻانهن ۾ سڪون۽ وارن ۾ پيار جي خوشبوءِ آهي “
ٻوڙي جج کي هن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ان اکين تان ٿلهن شيشن واري عينڪ لاهي پنهنجي ڪاري چوغي سان صاف ڪري ٻيهر پائي، پوءِ نيرو ڪِتاب کولي ڪجهه پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ـــ آدم ڏٺو ان ڪِتابَ جا سڀ ورق ڪورا هيا ڄڻ نيڪين کان پاڪ هيا.
آدم وري مايوس ٿي ويو ۽ عدالت جي ڳاڙهن پٿرن واري عمارت مان ٻاهر نڪري هو هلندو هڪ اهڙي محلات ٻاهران اچي پهتو جنهن جون ڊگهيون ۽ ويڪريون قلعي نما ٺهيل ديوارون پٿر بدران ڪٽيل انساني منڍين منجھان اڏيل هيون. اتي قلم ڪيل انساني سِرَ هن کي حيرت ۽ عجب مان پاڻ ڏانهن ڏسندي نظر آيا. جڏهن هومحل جي در تي پهتو ته هن کي هڪ گهنڊ گناهن جيئن مٿي ٽنگيل نظر آيو. هن ڏٺو ان گهنڊ اندر لوهه بجاءِ هڪ انسانَ جو لاش لڙڪي رهيو هيو، جنهن جا آنڊا رسي جيان هيٺ ڪريل هيا. آدم جي ڏڪندڙ هٿن جڏهن گهنڊ کي لوڏيو ته هن محسوس ڪيو جيئن سخت مٿي سان ٽڪرائيندڙ لوهه ڪري لڙڪندڙ لاش مان گهنڊ جون رڙيون بلند ٿينديون هجن. آدم جا ڪن ڦاٽڻ لڳا ۽ هن جون ٻانهون گهنڊ کي لوڏي لوڏي ٿڪجي پيون. هن ڪاوڙ ۾ اڳتي وڌي محل جي پراڻي درکي لت هنئي ته اهو ظلم جي ڏريل هڏي جيان ٽڙڪي پيو. هن جي محل ۾ اندر داخل ٿيڻ سان هزارين رڙيون گول ڦرنديون ٻاهر نڪري ويون.
هو جڏهن حڪمران مٿان پهتو هن ڏٺو. اتي حڪمران چيتي جي کل پهري مٿي تي ڊگهن سڱن وارو سونو تاج پائي عورت جي ڪٽيل نرم ارهن مان ٺهيل تخت تي نشي ۾ ڌت لٽيل آهي. آدم ان مٿان جھڪي ادبَ سان پڪارڻ شروع ڪيو. جڏهن هو نه جاڳيو ته آدم پنهنجا هٿ هن جي گريبان ۾ وجھي جھنجھوڙيو. هو اڃان به نه جاڳيو ته آدم هيٺ پٽ تي پيل انساني خون جهڙي ڳاڙهي مڌ جي بوتل هن مٿان هاري. حڪمران ڇرڪ ڀري جاڳي پيو۽ ان خماريل بي رحم اکين سان آدم کي نهاريو. ان کان اڳ هوڪو حڪم صادر ڪري، آدم ڳالهايو ”اي حڪمران ڇا تون منهنجي حوا ڏٺي. حوا جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مرڪ آهي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلاب جي سرخي ۽ پيشانيءَ تي انصاف جي روشني آهي. هن جي ٻانهن ۾ سڪون ۽ وارن ۾ پيارَ جي خوشبوءِ آهي؟“
حڪمران آدم جي ڳالهه تي اچرج ۾ پئجي ويو. هن آدم کي محل جي در ۽ ديوار تي اڪريل آئين جي لوحن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”اسان جي داستانن ۾ اهڙي ڪنهن به عورت جو ذڪر نه آهي. هن هيٺ پيل ڄميل رت جي چيڪڙ ۾ اهڙا ڪي به قدمن جا نشانَ نه آهن جيڪي تنهن جي رهنمائي ڪري سگهن. منهنجا ڪن اهڙن الفاظن کان نا آشنا ۽ نا واقف آهن.“
آدم بلڪل مايوس ٿي ويو. هن جا زخمن کان سڄي ويل پير اڳتي وڌڻ کان نابري واري ويٺا. هن جي دماغَ کي چڪر اچڻ لڳا، هو پنهنجي لٺ سهاري گهڻي دير بيهي نه سگهيو ۽ ڌڙام ڪري هيٺ رت رنگيل ڳاڙهي فرش تي ڪريو. آدم اکيون بند ڪيون ته سندس اکين مان ٻه ڳوڙها ڪنارن کان هيٺ وهيا، ٻه وڇڙيل ڳوڙها جن مان هڪ هو هيو ۽ ٻئي حوا.
جڏهن آدم ڇرڪ ڀري جاڳيو ته هو بي چينيءَ مان وڏا ساهه کڻي رهيو هيو. هن ڏٺو هو اڪيلو نه هيو سندس ٻانهن ۾ حوا موجود هئي جيڪا هن جو وڇڙي ويل روح هئي، اها سندس ٻانهن جي مضبوط قلعي ۾ هن جي سيني تي سِرُ رکي مٺيءَ مُرڪَ سان سُتل هئي. آدم کي حيرت لڳي ”ان جو وڇوڙو؟“. هن سوچيو. ”ڇا اهو سڀ خواب هيو؟ خوفناڪ سپنو، جنهن هن جي وهم ۽ گمانن جان جنم ورتو؟!“
”اهي سڀ ڪردار جيڪي غفلت جي ڪوهيڙي ۾ ستل نظر اچي رهيا هيا؟ ڇا هن ڪائنات جي وسيع ۽ عريض پسگردائين ۾ ڪا اهڙي به حيرت انگيز ۽ دردناڪ دنيا موجود آهي جنهن مان واسي اهڙي پرسوز ماحول ۾ ساهه کڻن ٿا؟“
آدم ان خوفناڪ خواب تي سوچيندو ويو.
”ڇا هن دنيا کانسواءِ ڪا اهڙي دنيا به ٿي سگهي ٿي جِتي حوا جو چهرو موجود نه آهي؟“ ۽ پوءِ آدم سوچيو ”شايد اهو ڪو شيطاني خواب هيو جنهن ۾ هن ڪا ڪوڙي دنيا ڏٺي. جنهن جو شايد ڪائنات ۾ ڪو به وجود نه آهي.“
هن ڪنڌ مٿي ڪري پنهنجي دنيا کي ڏٺو. ڌرتيءَ تي ڪريل ڀورن بادلن مان ارڏن صحتمند پهاڙن جون چوٽيون ظاهر ٿي رهيون هيون. تازي هوا سرسبز وڻن مان اڀري هن جي منهن سان ٽڪرائجي فرحت جو احساس ڏئي رهي هئي. آدم ٿڌو ساهه کنيو. ان شيطاني خواب جي سحر مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هن حوا جي چهري کي چميو ۽ پوءِ مرڪي ان ڏانهن نهاريو. حوا جنهن جي اکين ۾ امن ۽ چپن تي خوشحاليءَ جي مُرڪَ هئي. سندس ڳلن تي روزگار جي انقلاب جي سرخي ۽ پيشانيءَ تي انصاف جي روشني هئي. هن جي ٻانهن ۾ سڪون ۽ وارن ۾ پيار جي خوشبوءِ هئي.