پنهنجي پاران
مان به ننڍپڻ ۾ جيئان ٿو. اهي ڪردار جيڪي دنيا ۾ نه رهيا آهن، منهنجي ذهن ۾ جيئرا آهن. اهي پراسرار حقيقتون آهن. پراڻي ونگن واري جاءِ، وڏو نم جو وڻ ۽ هيٺان برمو. سياري جون پوياڙيون ۽ نم جي ڇڻيل سڪل پنن سان ڀريل پڌر، جِتي گهمندو هيس ته پنن تي هلڻ ڪري پيرن هيٺان عجيب آواز ايندا هيا.
Nostalgia بيماري نه آهي پر هڪ حساس ذهن جو فطري عمل آهي. ڪي چوندا آهن ته ماضيءَ کي ياد ڪرڻ چڱو نه آهي، پر ڇا ڪجي حقيقت اها آهي ته ماضي اسان کي ياد ڪندو آهي. انسان زندگيءَ جي سفر ۾ لمحي لمحي ورهايل آهي. منهنجي وجود جا ڪئي ورهايل حصا پويان آواز ڏئي رهيا آهن. مان ماضيءَ جا سڏ ٻڌندو آهيان ته ڪنڌ ورائي پنهنجا پوئتي ڇڏي آيل ڪئي روپَ ڏسي سگهندو آهيان. حليمان، نانڪ، احمد زوار، ڏاتو سونين والين وارو سچل، ستارو ۽ ٻيا. اهي سڀ معزز نالا آهن جيڪي منهنجين يادن تي اڪريل آهن. منهنجو پرڏاڏو رازق ڏنو جنهن کي پيرن مٿان پنين تي پٽيون ويڙهيل هونديون هيون، وڏو سيلاني شخص هيو. ان جي وفات کانپوءِ سندس قبر جي نشاني اها هوندي هئي ته اها قبر سڀني قبرن کان ڊگهي هئي. اهو قداور شخص هيو. منهنجو پڙنانو ڪاڪو حاجي جنهن پيرين پنڌ حجاز جو سفر ڪيو ۽ حج جي سعادت حاصل ڪئي. اهڙا ڪئي ڪردار جيڪي منهنجين ڪهاڻين ۾ موجود آهن، اهي منهنجين سوچن اندر ديو مالائي ديوتائن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن.
هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون موضوع جي لحاظَ کان مختلف آهن. منهنجين لکڻين ۾ موضوعن جي کوٽَ نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا جي لکڻين جو سڀ کان وڏو موضوع پيار آهي پر پيار يونيورسٽين تائين محدود نه آهي. اسان کي پيار جي ڪينواس کي وسيع ڪرڻُ پوندو. ساڳي موضوع تي ساڳي اندازَ ۾ هر هر لکي اسان پڙهندڙن کي ڇا ڏيڻ چاهيون ٿا؟ چئٽرجيءَ جي ”ديوداس“ کان ايرڪ سيگل جي ”لو اسٽوري“ تائين اهڙي اندازَ ۾ سڀ پهريون موجود آهي. وڏي ڳالهه اها ته عالمي نقاد اهڙين لکڻين کي ادب جو حصو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن.
پيار اندر ۾ دکندڙ اهڙي چڻنگ آهي، جيڪا نفرت جي موضوع تي لکندي به چمڪندي محسوس ڪري سگهجي ٿي. پيار اهو احساس آهي جيڪو پڙهندڙ کي پاڻ ڳولهي لهي ٿو ــ پيار جو کليل پرچار ادب جي حد تائين نه ٿو ڪري سگهجي. تبليع ڪرڻ ملان جو ڪم آهي. مبلغ کي حق پهچي ٿو ته اهو پيار جو پرچار ڪري. جڏهن ليلا ڇري ۽ پيالو موڪلي امتحان وٺندي آهي ته سندس موڪليل چُوري مجنون ٿو کائي يا ٻيو؟ تڏهن وجود کي شيهه ڏئي رت ڦڙو عاشق ئي ڏئي سگهندو آهي. پيار جي لٻاڙ هڻي چُوري کان کائيندڙ ٻهرُوپيو نه.
عاشق جو وجود پيار جي گواهيءَ لاءِ ڪافي آهي. اديب ڀل موضوع جي لحاظ کان جانبدار هجي پر هن کي ڪردارن جي معاملي ۾ غير جانبدار هجڻ گهرجي. موضوع منشا مطابق ٿي سگهي ٿو پر لکندڙ کي ڪردارن جي ڏک سک، پيار نفرت، جذبات ۽ ٻين روين ۾ شامل هجڻ نه گهرجي. اهو ئي فن جو ڪمال آهي ته اهي سڀ احساس پڙهندڙ ۾ پاڻ پيدا ٿين. ساڳي ڳالهه عشق ۽ پيار جي موضوع تي لاڳو ٿئي ٿي. لکڻين ۾ عشقَ مڙهي ٻين ڳچين ۾ نه وڌو وڃي پر موضوع کي ائين نڀايو وڃي جو عشق پڙهندڙ جي من ۾ پاڻ جاڳي پوي.
لکڻ جادو آهي، اهڙو جادو جيڪو سيکاري نه ٿو سگهجي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪنهن جي منهن ۾ ڏسي سوچجي ته منهنجا مهانڊا به ان وانگر ٿي وڃن. لکڻ پڙهندڙ کي ويهاري مٿان بيهي جادو پڙهڻ آهي. جڏهن پڙهندڙ کي نفرت جو احساس ڏياري چئجي ته ”اهو پيار آهي“ ۽ هو متفق ٿئي ته پوءِ اها لکڻ جي معراج آهي. جڏهن ڪنڊو گل ۽ باهه پاڻي ٿي پوي ته معنا جادو اثر انگيز آهي.
هڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر هجڻ جي حيثيت ۾ توهان کي منهنجين لکڻين ۾ ڪي اهڙا اشارا ملندا جيڪي افسانوي صورت ۾ علامتي بيمارين، بيماريءَ جي سبن ۽ جاندار جي اندروني بناوت متعلق هوندا. مون انهن کي سرئلسٽڪ اندازَ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”ڊائون سينڊروم“ جيڪا ٻارن جي پيدائشي بيماري آهي. اها ڪهاڻي ان بيماري متعلق نه آهي پر بيماريءَ جو علامتي انداز آهي. ساڳي طرح ڪهاڻي ”جينوم“ جنهن جو موضوع ارتقا آهي. اها ڊارون جي نظريي جو اختلافي خاڪو آهي. مان ڊارون جو مداح آهيان ۽ ارتقا منهنجو عقيدو آهي. پر ان ڪهاڻيءَ ۾ مون ڪي اختلافي سوال اٿاريا آهن، جيڪي ڪردار جي رويي مان خود بخود ظاهر ٿين ٿا.
انگريزي لفظ Evolution لاءِ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”ارتقا“ ٺهڪي ايندڙ نه آهي. Evolution لفظ Evolve مان نڪتل آهي، جنهنجي معنا سنڌيءَ ۾ ”نسرجڻ“ آهي.
Evolution is always progressive and retrogressive.
ارتقا حالتن موافق اڳتي يا پوئتي موٽ کائي ٿي. اها صرف ترقي نه آهي ڇو جو صرف اڳتي نه ٿي وڌي. ان لاءِ لفظ ارتقا موزون نه آهي. اها نسرتا آهي. جنهن ۾ هڪ شيءِ مان ٻئي شيءِ نِسري نروار ٿئي ٿي. پوءِ اها حالت موافق تبديل ٿي اڳتي وڌي يا پوئتي موٽ کائي. جيڪڏهن Evolution لاءِ لفظ ”نِسرتا“ استعمال ۾ آڻجي ته مناسب ٿيندو. دراصل لفظ ”ارتقا“ ايڏو ته مروج آهي جو مان پاڻ ”نسرتا“ لکندي ڪيبائي رهيو آهيان ته متان نقاد وچڙي نه پون.
وڌيڪَ سنگت جي صلاح.
ـ رسول ميمڻ
ڪراچي