فٽ پاٿ جو فوٽو گرافر
اڌروٽ عمر جي ان فوٽو گرافر جا وار اڃان اڇا نه ٿيا هيا. جسم ۾ سنهو هجڻ ڪري هن کي پاتل ڪپڙا لڙڪيل نظر ايندا هيا. هو فٽ پاٿ تي رکيل بينچ تي گراهڪ کي ويهاري ان پويان لڙڪندڙ ڪاري پردي کي ٺاهي، ڊگهي اسٽينڊ تي رکيل دٻي جهڙي ڪيمرا پويان ٽنگيل ميري ڪپڙي ۾ منڍي وجھي چيلهه تائين ان ۾ اندر گهري ويندو هيو ۽ سامهون ويٺل جي بيهڪ کي جاچي ٻاهر نڪري وري وري پيو ان کي درست ڪندو هيو.
اهو ان شهر جو مصروف روڊ هيو جيڪو هڪ پاسي کان شروع ٿي شهر جي مرڪزي ٽاور وٽ پهچندو هيو. ان روڊ تي ٻه سينيمائون هيون جن تي ٻاهران وڏا رنگين پوسٽر لڳل هوندا هيا. جڏهن شامَ ٿيندي هئي ته سينيمائون ماڻهن سان ڀرجي وينديون هيون. پوليس وارا قطارن کي سڌو ڪرڻ لاءِ بيد جي لٺين جو استعمال ڪندا هيا ـــ جڏهن فلم ڦٽندا هيا ته ماڻهن جا پگهر پيرن تائين پيا وهندا هيا ۽ انهن جي ڪپڙن مان اٿندڙ بوءِ پري کان پئي محسوس ٿيندي هئي. روڊ جي وچ تي پوليس ٿاڻي سامهون ڳاڙهي بازار ۾ اڇا پٽڪا ائين نظر ايندا هيا جيئن سائي سينور تي بدڪون ترنديون هجن.
جڏهن رات ٿيندي هئي ته ان شهر مٿان اوندهه جو راڄ هوندو هيو. شهر جو واحد ٿرمل پاور هائوس ڪن مخصوص علائقن تائين محدود هوندو هيو. گاسليٽ جون بتيون عام هيون. ڪٿي گاسليٽ جا گيس وارا گولا تيز روشنيءَ سان ٻرندي نظر ايندا هيا. سينيمائون جنريٽرن تي هلنديون هيون ۽ اتي پيلا بلب ميرا ڏند ڪڍي کلندا هيا. روڊ جي سڄي پاسي کان هڪ ننڍي ڪچ سري ڀت ڏنل هوندي هئي جنهن جي پرئين ڀر شهر جو قديم قبرستان هيو. فوٽو گرافر فٽ پاٿ تي ان قبرستان جي ڪچي ڀت کي اسٽول تي ٽيڪَ ڏئي ويٺل نظر ايندو هيو، سندس سامهون هڪ ڳاڙهين سرن واري جاءِ هئي جنهن جي هيٺان بقالڪا دوڪانَ هيا ۽ مٿي ماڙيءَ تي اڪو دادا جو گهر هيو جيڪو پنهنجي نوجوان ڀيڻَ سان رهندو هيو. هن جي ماءُ ان جي ننڍپڻ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري وئي ۽ سندس پيءُ پنجھٽ واري جنگ ۾ حُرن سان گڏ ٿرپارڪر واري بارڊر تي وڙهندي شهيد ٿيو.
شهر ۾ اڪو دادا جو وڏو نالو هيو. جان ۾ ڀريل ۽ قد جو ڊگهو هو. گهڻو ڪري گهري نيري رنگ جا ڪپڙا پائي، وار تيل سان ڄمائي ۽ ملتاني گيتلي ۾ جڏهن هو شهر جي سينيمائن تي نظر ايندو هيو ته ماڻهو هن کي پري سُري جاءِ ڏيندا هيا. گرميءَ ڪري هو قميص جي پاند سان پاڻَ کي هوا ڏيندو هيو ته ڪارو ست ڦيرو پستول هن جي ور ۾ نظر ايندو هيو. دلوڪ مڪراڻي جيڪو هٿ ۾ هنٽر کڻي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ماڻهن جي بي قابو هجوم تي پيو وسائيندو هيو ان جي نظر جڏهن اڪو دادا تي پوندي هئي ته ان جو هنٽر رڪجي ويندو هيو ۽ اُهو اڳتي وڌي اڪو دادا کي ڀاڪر پائي ملندو هيو.
”اڪو دادا جي بادشاهيءَ جو خير.“ اهو چوندو هيو.
اڪو دادا، پويان بيٺل واقفڪارن کي اک هڻندو هيو.
”اڙي ڏيوس پئسا.......“ هو چوندو هيو.
ٻه ٽي واقفڪار دلوڪ مڪراڻيءَ کي پئسا ڏيندا هيا ۽ هو هنٽر ڦيرائي ماڻهن کي هڪ پاسي ڪري دريءَ ۾ هٿ وجھي ٽڪيٽون وٺي اڪو دادا کي ڏيندو هيو. اڪودادا وڏي فخر سان ڇاتي ٻاهر ڪڍي ماڻهن تي حقير نظر وجھندو هيو.
اڪو دادا جي نوجوان ڀيڻ ماڙي ٻاهران نڪتل گيلريءَ ۾ اڪثر ايندي ويندي هئي. فوٽو گرافر قبرستان جي ڀت کي ٽيڪَ ڏئي پيو ان کي ڏسندو هيو. وقت سان گڏ اڪو دادا جي نوجوان ڀيڻ به ان جي اکين جي ڄارَ ۾ ڦاسي پئي. اها هن ڏي ڏسي ڪڏهن مرڪي هلي ويندي هئي. ڪڏهن اکيون ملائي هوا ۾ اڏرندڙ وارن کي هڪ پاسي ڪندي هئي ته ڪڏهن من ۾ دٻيل ٽهڪ ڏئي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندي هئي.
ان پڪسري عمارت پويان محمدو مواليءَ جو ساقي خانو هيو جِتي شهر جا موالي چرس ڀري سلفين جا سوٽا هڻندا هيا ۽ هر سوٽي تي وڏي آواز ۾ هڪ نعرو لڳندو هيو. ساقي خاني اندر هڪ اونداهي ڪوٺي هئي جنهن ۾ اڪو دادا جُئا جي ٽڪري هلائيندو هيو ۽ هر داءَ تي جُئارن کان نال اوڳاڙيندو هيو.
هڪ ڏينهن فوٽو گرافر وڏي همت ڪئي. هن سنهڙي گهٽيءَ کان وڃي. ساقي خاني جي ڏاڪڻ ٽپي ان جي ڀڳل پلوڙي کان چڙهي وڃي ان ڇوڪريءَ سان ملاقات ڪئي جيڪا تيز اس ۾ اتي هن جو انتظار ڪري رهي هئي. گرميءَ جا ڏينهن هيا ۽ منجھند جو وقت، شهر اڌ رات جو ڏيک ڏئي رهيو هيو. ڏسڻ وارو ڪو به ڪو نه هيو. فوٽـو گرافر کي سٺو وجهه ملي ويو. ان ڪافي وقت اتي گذاريو ۽ پوءِ پيار جا پڪا واعدا ڪري هو واپس ساقي خاني جي ڀڳل ڀت تان لهي هليو ويو.
عيد جا ڏينهن هيا ۽ شهر جو رخ ئي بدلجي ويو هيو. ڳاڙهي بازار، ۾ پير پائڻ جي جاءِ نه هئي. ويشائون تيز ميڪ اپ ڪري دروازن تي بيٺل هيون ۽ انهن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هيا. شراب جي گتن تان بوتلون غائب ٿي چڪيون هيون. سينيمائن تي رش سبب ٽڪيٽون بليڪ تي وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ ڳنڍي ڇوڙن جون نظرون اتي آيل ڳوٺاڻن جي کيسن تي کتل هيون. فوٽوگرافر وٽ به لائين لڳي پئي هئي. هن وٽ ماڻهو لڙڪندڙ ڪاروڪوٽ پائي ان نقلي پستول سان فوٽو ڪڍرائي رهيا هيا جيڪو پستول هن ڪڏهن اتان اسٽور تان ساڍن پنجن روپين ۾ ورتو هيو. ان عيد تي فوٽوگرافر کي چڱي آمدني ٿي. هن صرافا بازار مان هڪ سوني منڊي ورتي ۽ پوءِ ٽاڪ منجھند جو سنهڙي گهٽيءَ مان وڃي ساقي خاني تي چڙهي ڀڳل پلوَڙو ٽپي هو اتي انتظار ۾ ويٺل ڇوڪريءَ جي چيچَ ۾ پنهنجي هٿن سان پارائي آيو.
هڪ ڏينهن فوٽوگرافر ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيو ته اوچتو ٻه هٿ اچي هن جي گريبان ۾ پيا. منهن مٿي ڪري ڏٺائين ته اهو اڪو دادا هيو.
”تنهنجي ته ڀيڻ کي.....“ اڪو دادا چيو ۽ پوءِ هن کي مٿي کڻي وچ روڊ تي ڦـٽو ڪيائين. روڊ تي هلندڙ ٽانگا ۽ گڏهه گاڏا رڪجي ويا. اڪو دادا اڳتي وڌي هن کي قميص ۾ هٿ وجھي اٿاري منهن ۾ لغدا وهائي ڪڍيا.
”مان توکي جيئرو نه ڇڏيندس.“ اڪو دادا چيو. ”ڪتي جا پٽ تون اڄ نه بچندين!“
فوٽو گرافر هيسجي ٻئي هٿ منهن کي ڏئي بيهي رهيو. هجوم ڪٺو ٿي ويو. سامهون سينيما مان دلوڪ مڪراڻي ڀڄندو آيو. ان هجوم کي هٿن سان هٽائي ڏٺو. اڪو دادا پستول ڪڍي هلائڻ وارو هيو.
”نه بادشاهه نه“. دلوڪ وڃي هن جي هٿن کي چنبڙيو. ”ڇڏينس نه ڪجانءِ“
”مان هن حراميءَ کي نه ڇڏيندس.“ اڪو دادا توائيءَ ۾ چيو. ”هن منهنجي عزت ۾ هٿ وڌو آهي.“
گهڻا ماڻهو وچ ۾ پئجي ويا ۽ فوٽو گرافر کي ٿڪ لعنت ڪري اڪو دادا کي ڇڪي پاسيرو ڪري وٺي ويا. ڇوڪري مٿان گيلريءَ مان اهو سڀ ڏسندي رهي. سندس منهن پريشانيءَ کان اس ۾ وڌيڪَ ڳاڙهو ٿي ويو. هن جون همدرديون فوٽو گرافر سان وڌي ويون ۽ دل ۾ ڀاءُ خلاف نفرت ۾ اظافو ٿي ويو.
ان ڏينهن کانپوءِ فوٽو گرافر ڏاڍو ڊنل هوندو هيو، پر پوءِ به هو ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ مٿي ڪري گيلريءَ ۾ ڏسندو هيو ته اها ڇوڪري اتي اڃايل ڪونج جيان پئي لڇندي هئي. پوءِ اتي فٽ پاٿ تي رياستي مڱڻيون جڏهن لوٽو وڄائي وڇوڙي جي ڪا وائي ڳائينديون هيون ته هن جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي اينديون هيون. اتي جڏهن جوڳي مرليون وڄائي ماڻهو ڪٺا ڪندا هيا ته هن کي ڦڻ ڪڍي بيٺل ڪاريهر اڪو دادا جيان نظر ايندو هيو.
هڪ ڏينهن سانجھيءَ جو جڏهن فوٽو گرافر ڪم مان واندو ٿي وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هيو ته هن کي ساقي خاني کان مسلسل پستول جا فائر ٻڌڻ ۾ آيا ڪجهه ماڻهو خوف کان سنهي گهٽيءَ مان ڀڄندا ٻاهر نڪتا. ڪن کي هڪ پير ۾ پادر پاتل هيو ته ڪي پيرين اگهاڙا هيا. انهن ماڻهن مان جڏهن هڪ کي بيهاري پڇيو.“ ته ڇا ٿيو آهي؟ خير ته آهي نه؟“
”اڪو دادا“ ان خوف مان چيو: ”اڪو دادا شفقت شاهه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.“
ٿوري دير ۾ ڀرسان ئي ٿاڻي مان سپاهي بندوقن ۽ لٺن سان ڀڄندا آيا ۽ انهن ساقي خاني وٽ پهچي هوائي فائر ڪيا. اڪو دادا پوليس کي چڪر ڏئي ساقي خاني جي ڏاڪڻ چڙهي ڀڳل پلوڙي کان ٽپو ڏئي پنهنجي گهر پهتو، پوءِ هيٺ لهي روڊ پار ڪري فٽ پاٿ تي فوٽو گرافر جي ويهڻ واري اسٽول تي لت رکي ڀت ٽپي قبرستان طرف ڀڳو. پوليس فائر ڪندي ساڳي رستي کان هن پويان ڀڄندي وئي. اڪو دادا قبرستان جي ڏنگن ڦڏن کبڙن مان لڪندو جيئن ئي پير واري پاسي کان ٻاهر نڪتو ته اتي اڳ ئي انتظار ۾ بيٺل صوبيدار وڃي ڳچيءَ ۾ هٿ وجھي هيٺ دسيس. پوليس وارا به اچي پهتا ۽ کڻي سوگهو ڪيونس. ور ۾ هٿ وجھي پستول ٻاهر ڪڍي ٻانهن کان پڪڙي روڊ تان گهليندا ٿاڻي تي ويٺي لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيونس.
فوٽو گرافر کي ائين محسوس ٿيو جيئن ٻيلي مان شينهن غائب ٿي ويو هجي.
اڪو دادا جي گرفتاريءَ کان پوءِ فوٽوگرافر پنهنجي ڪمائيءَ جو هڪ حصو ان ڇوڪريءَ کي ڏيندو هيو جنهن ڪري ڇوڪريءَ کي ڀاءُ جي ڪمي ڪڏهن محسوس نه ٿي. ساقي خاني اندر جئا جي ٽڪري ويران ٿي وئي. ڪچين ڀتين جون پاڙون ڇڻڻ لڳيون ۽ اتي ڪيترائي ڪوئا پنهنجن ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا.
فوٽوگرافر جا اهي ڏينهن هن جي زندگيءَ جا سڀ کان خوبصورت ڏينهن هيا. سندس ڪم ۾ خود اعتمادي اچي وئي ۽ هن جي ڪيمرا صاف چٽا خوبصورت فوٽو ڪڍڻ لڳي. هو عشق ۾ اکيون بند ڪري چندر جا گيت گنگنائيندو هيو ۽ روڊ جي ٻئي طرف دوڪانن جي سامهون ويٺل پڪوڙائيءَ سان چرچا ۽ کل ڀوڳ ڪندو هيو. ڇوڪري هر هر سامهون گيلريءَ ۾ بيهندي هئي ۽ مرڪي هن مٿان قرب جا گل نشاور ڪندي هئي.
تن ڏينهن اتي سينيما ۾ پستول باز اداڪار پريم ناٿ جو فلم لڳل هيو. وڏي رش هئي. فلم ڦٽندو هيو ته روڊ ماڻهن سان ڀرجي ويندو هيو. فلم جي اثر ڪري فوٽو گرافر وٽ هر گراهڪ ڪلهي ۾ پستول پائي پوءِ فوٽو ڪڍائيندو هيو. هڪ ڏينهن ميمڻ محلي جا ٻه جوان فلم ڏسي موٽيا. فلم جو ايڏو اثر هون جو پري کان ٽهڪ ڏيندا تاڙا ملائيندا ۽ اداڪاري ڪندا پئي آيا. انهن فوٽوگرافر وٽ پهچي ان کي چيو: ”استاد! فوٽو ڪڍرائڻو آهي....... پر فوٽو اهڙو ڪڍ جو يادگار هجي.“
فوٽو گرافر انهن کي ڪيمرا سامهون بينچ تي ويهاريو. هڪ نوجوان فوٽو ڪڍائڻ کان اڳ اتي لڙڪندڙ پستول لاهي ڪلهي ۾ وڌو ۽ پوءِ هو هڪ ٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي ويهي رهيا. فوٽوگرافر ڪيميرا پويان لڙڪندڙ ميري ڪپڙي ۾ منڍي وجھي گهڻي دير کانپوءِ جڏهن ”ريڊي“ چئي فوٽو ڪڍيو ته نوجوان وري ٽهڪ ڏئي مذاق ۾ مشغول ٿي ويا. هڪ جوان ڪلهي ۾ لڙڪندڙ پستول ٻاهر ڪڍي پريم ناٿ وانگر اداڪاري ڪندي آڱر سان وٺي ٽريگر کي دٻايو. تيز ٺڪاءُ ٿيو پستول مان گولي نڪتي ۽ سامهون گيلريءَ ۾ بيٺل ڇوڪري رڙ ڪري هيٺ پڪوڙن واري ٽهڪندڙ تيل جي ڪڙهائيءَ ۾ اچي ڪري. سڀ حيران ٿي ويا. ٻئي نوجوان خوف کان هيڊا ٿي ويا ۽ زمين تي هاريل پڪوڙن وچ ۾ پيل ڇوڪريءَ کي سڌو ڪري ڏٺائون، ڇوڪري مري چڪي هئي، گولي هن جي نرڙ ۾ لڳي مٿي کي سوراخ ڪندي ٻئي پاسي کان نڪري وئي هئي.
پوليس پهتي ۽ ٻنهي نوجوانن سميت فوٽوگرافر کي پڪڙي لاڪپ ڪري ڇڏيائون. فوٽوگرافر هر هر ٻئي هٿ منهن کي هڻي هاءِ گهوڙا ڪندو رهيو. هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته آخرڪار هن جي اتي رکيل نقلي پستول مان اصلي گولي ڪيئن نڪتي. ٿاڻي تي پاڙي جا چڱا مڙس پهتا ۽ ڪجهه ڏيتي ليتيءَ کانپوءِ فيصلو ٿيو ته ٻئي نوجوان بي گناهه آهن. جيئن ته انهن کان اتفاقي گولي هلي وئي آهي ڇو جو انهن کي اها خبر نه هئي ته انهن جي هٿ ۾ جھليل پستول اصلي آهي. تنهنڪري انهن تي رپورٽ درج نه ڪئي وڃي. سمورو قصور ان فوٽوگرافر جو آهي جنهن اڪو دادا کان پنهنجي بي عزتيءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ ان جي بي گناهه ڀيڻ کي چالاڪيءَ سان مارڻ گهريو ٿي.
ٻنهي نوجوانن کي آزاد ڪيو ويو ۽ پوءِ پوليس ٿاڻي جي دالان ۾ فوٽوگرافر کي اگهاڙو ڪري اچي باٺن سان ورتو. ”زپ زپ“ جا آواز ۽ فوٽو گرافر جون رڙيون ان ڏينهن روڊ تان هر ايندڙ ويندڙ ٻڌيون.
”اڙي ٻڌاءِ ماءُ جا........ اهو پستول تون وٽ ڪٿان آيو؟“
سپاهين جي رڙ ۾ هر هر فوٽوگرافر جي دانهن اڀري رهي هئي. ”مونکي ڪا به خبر نه آهي.“ فوٽوگرافر چئي رهيو هيو: ”اهو پستول منهنجو نه آهي. مان خدا جو قسم کڻي چئي رهيو آهيان ته مان ائين هرگز نه ٿو ڪري سگهان مان ان معصوم ڇوڪريءَ جو قاتل نه آهيان.“
فوٽوگرافر زور سان روئي رهيو هيو.
ٿاڻي تي لڳاتار ڪيترا ڏينهن فوٽوگرافر پوليس جي تشدد هيٺ رهيو. دنيا ۾ هن جو ڪو به والي وارث نه هيو. بس هڪ اها ڪيمرا هئي جيڪا هاڻي پوليس جي مال خاني ۾ موجود هئي ۽ ٻئي هن جي محبوبا جيڪا هاڻي دنيا مان موڪلائي چڪي هئي. گهڻي انتظار کانپوءِ پوليس جڏهن ڪو ڏيتي ليتيءَ جو آسرو نه سمجھيو ته فوٽوگرافر کي چالان ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتان هن کي شهر جي وڏي جيل موڪليو ويو.
جڏهن فوٽوگرافر هٿ ڪڙيون پائي جيل جي دروازي ڏانهن ڏاڪڻين تان چڙهي رهيو هيو ته اتي ئي هن کي اڪو دادا نظر آيو جيڪو ان ڏينهن جيل مان آزاد ٿيو هيو ۽ ڏاڪڻين تان هيٺ لهندي هن ڏانهن خون خوار نظرن سان ڏسي رهيو هيو.
اڪو دادا پنجن مهينن کانپوءِ جيل مان ٻاهر نڪري آيو. پوليس جڏهن اڪو دادا کي پڪڙيو هيو ته ان جي ور مان نقلي پستول نڪتو هيو. جيڪو پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ۾ گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ اڪو دادا جو وڪيل اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اڪو دادا شفقت شاهه جو قتل نه ڪيو آهي ان ڪري هن کي آزاد ڪيو وڃي.
جيل مان نڪري جڏهن اڪو دادا ساقي خاني ۾ آيو ته ان جون ڪچيون ڀتيون ڀري چڪيون هيون. هر طرف ويراني لڳي پئي هئي ۽ اتي ڪچي مٽيءَ جي بوءِ کانسواءِ ڪجهه به نه هيو. هو جڏهن گهر پهتو ته زندگيءَ ۾ پهريون دفعو من ۾ سور جي ڪنهن سٽ کان سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن ٻئي هٿ منهن کي ڏنا ۽ پوءِ ڀيڻ جي خالي پيل کٽ وٽ اوڪڻو ويهي سڏڪن ۾ مچي ويو.
عدالت ۾ فوٽوگرافر تي مقدمو هلي رهيو هيو. هو ملزمن واري ڪٽهڙي ۾ بيٺل هيو. هن جو جسم ڪمزور ٿي چڪو هيو ۽ ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. ڏاڙهيءَ جا وار هن جي هڏائين منهن تي سنهين سئين وانگر ٽنبيل هيا. هو پنهنجي عمر کان وڏو نظر اچي رهيو هيو. سرڪاري وڪيل وڏي بي دليءَ سان ڳالهائي رهيو هو. ڪل ٻه چار ماڻهو عدالت ۾ موجود هيا. جج ائين بيزار ويٺل هيو جيئن ان وٽ وقت نه هجي، اوچتو اڪو دادا عدالت جي دروازي مان اندر داخل ٿيو. ندامت کان هن جوڪنڌ هيٺ جھڪيل هيو. هن جي چال ۾ پڇتاءُ ظاهر ٿي رهيو هيو. اهو عدالت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته: ”هو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.“
جڏهن هن کي ڪٽهري ۾ بيهاريو ويو ته هن ٻئي هٿ مٿي ڪري معافي ورتي.
”دراصل فوٽوگرافر بي قصور آهي.“ هن ڏکويل آوازَ ۾ چيو. ”اهو اصلي پستول منهنجو آهي. جڏهن مون شفقت شاهه کي قتل ڪيو ته فٽ پاٿ واري پاسي کان قبرستان جي ڀر ٽپندي اتي فوٽو گرافر جي لڙڪندڙ نقلي پستول کي بدلائي مون اتي اصلي پستول وڌو هيو. جيڪو منهنجي ڀيڻ جي موت جو سبب بڻيو.“
اڪو دادا جي اکين مان ڳوڙها وهي هيٺ ڪري رهيا هيا.
”فوٽوگرافر بي گناهه آهي.“ هن وري چيو. ”مان ڏوهاري آهيان مونکي گناهن جي سزا ضرور ملڻ گهرجي.“
اڪو دادا ڪنڌ هيٺ ڪري سڏڪندو رهيو.
فوٽوگرافر جڏهن آزاد ٿي ٻاهر نڪتو ته هن لاءِ دنيا بدلجي چڪي هئي. هر شيءِ بي معنيٰ ٿي چڪي هئي. هو ڪمزور وکون کڻندو ان فٽ پاٿ تي آيو جِتي ڪڏهن هن جي ڪيمرا رکيل هوندي هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري سامهون ان پڪ سري عمارت کي ڏٺو جنهن جي گيلريءَ ۾ هن جي محبوبا مرڪندي هئي. هن کي اها عمارت ائين نظر آئي جيئن هو ڪيمرا مان نڪتل ڪو فوٽو ڏسندو هجي. اتي گيلريءَ ۾بيٺل سندس محبوبا جو منهن ڪنهن ننهن سان رڳڙي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. رانڀوٽن ڪري هن جي منهن مان رت هيٺ ڳڙي ٽهڪندڙ تيل جي ڪڙهائي ۾ ڪرندو هجي.
فوٽو گرافر ڪجهه وقت آلين اکين سان فٽ پاٿ تي ويهي ان گيلريءَ کي ڏسندو رهيو. پوءِ هو اٿيو ۽ ڪنهن کي خبر نه آهي ته هو ڪيڏانهن هليو ويو.