جينوم (ڊارون ڏانهن)
هو جيڪو رستي تان ڪنهن ننڍڙي اسٽيشن کان ان ريلَ ۾ چڙهيو هيو، اهو ريلَ گاڏيءَ اندر پنهنجو ٿيلهو سنڀالي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو پنهنجي لاءِ جاءِ ڳولهيندو رهيو. هلندڙ ريلَ جي وجودَ مان ماڻهو پگهرن جيان وهي رهيا هيا، پوري ريلَ انسانن سان سٿي پئي هئي. ان ريلَ جا در ۽ دريون ڄڻ انساني وجودن جا ٺهيل هيا. ان جا ڦيٿا وڪڙ ڏنل ڏٻرا انساني وجود هيا. ان جي هر شيءِ ۾ جسم ئي جسم موجود هيا. ريلَ انسانن جي ساهه کڻڻ جي رفتارَ سان سهڪي پئي ـــ ريلَ جي چرپر ائين هئي جيئن هزارين انسان ازدها کي ڪلهن تي کڻي ڊوڙيا پئي. ازدها جنهن خوف کان هر هر وات مان باهه ٻاهر ٿي اڇلائي ته لا محدود پٽڙي پري تائين ٽانڊي جيان ٻري ٿي پئي.
هو ننڍڙي اسٽيشن جو مسافر رش کي چيريندو پنهنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هڪ گاڏي کان ٻئي گاڏي تائين ڀٽڪندو رهيو. پريشانيءَ ۽ مونجهه کان هن جي نڙي خشڪ ٿي وئي ۽ پگهر هن جي چمڙيءَ مان بي اختيار وهي ويو. هو وائڙن جيان منجھيل وجودَ ۾ ڦتڪڻ لڳو. هن هر گهڙي زبان ڦيري چپن کي آلو پئي ڪيو.
هن کي ريلَ اندر ڪٿي به جاءِ نه ملي، پر هو مايوس نه ٿيو. هن جو وجود اڃان تازو توانو هيو. ان ۾ اڃان جدوجهد جي سگهه سمايل هئي. هن آسرو نه لاٿو. هو ريلَ جي هر گاڏي ۾ ويو ۽ هر سيٽَ آڏو آرامَ ۽ سڪون جي سين هنئين. هن کي ريلَ جي پوري ماحولَ ۾ ڪٿي به جذب ٿيڻ جو موقعو فراهم نه ٿيو. هو ڀٽڪندو رهيو. ريلَ جي منجھيل ماحولَ ۾ هو پنهنجي تڪليف کي ڪلهن تي کڻي ان کي ڪنهن جاءِ تي اڇلڻ لاءِ گهمندو رهيو.
هو هڪ گمنام اسٽيشن جو مسافر هيو. هڪ اهڙي اسٽيشن جِتي گاڏي هميشه ماڻهن سان سٿيل حالت ۾ پهچندي هئي ۽ اتان چڙهندڙ هر مسافر کي پنهنجي وجودَ جيتري وٿي پئدا ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻا پوندا هيا.
هو هڪ گهٽ ڳالهائيندڙ حساس جوان هيو. هڪ اهڙو منجھيل جوان. جنهنجي ڳالهائڻ ۽ رويي ۾ جھجھڪ هئي. هو ڊنل ۽ هيسيل هيو. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن جون خواهشون ان جي اندر ۾ دٻيل هونديون آهن ۽اظهار جا سڀ رستا خوف ۾ دفن ٿيل هوندا آهن.
هن ريلَ جي هر گاڏي ۾ وڃي ماڻهن جي روين کي جاچيو. هن محسوس ڪيو ماڻهو ڪي خوش هيا ۽ ڪي ٿڪيل ۽ مايوسين ۾ وڪوڙيل خاموش، ڪي ريلَ جي پائيپن ۾ هٿ وجھي ڄڻ سوليءَ تي ٽنگيل هيا ته ڪي پنهنجيءَ جاءِ تي ويهي آرام ۾ اکيون بند ڪيون جھولي رهي هيا. اتي عورتون هيون، ٻار هيا ۽ پوڙها هيا جيڪي پاڻيءَ جو گلاس چپن تي آڻي خشڪ ڳلن کي آلو ڪري رهيا هيا. ائين ٿي لڳو ڄڻ هرڪو وايو منڊل اندر ساهه کڻڻ جي جدوجهد ۾ وات کولي سيني کي ايترو ڦهلائيندو هجي جو وٿي نه هجڻ ڪري هڪ وجود ٻئي وجودَ ۾ چيپجي ويندو هجي.
ريلَ وقتَ جيان روئندي رڙيون ڪندي ڊوڙندي جيئن اڳتي وڌندي رهي ته هر ماڻهو ڄڻ وايو منڊل جو هيراڪ ٿيندو ويو. ڪو خوش ته ڪو خاموش. ڪو ڀوڳائي ته ڪو ڳائڻو. ڪو ننڊ ۾ جھوليندڙ ته ڪو جاڳ ۾ سوچيندڙ. هر ماڻهو پنهنجي رويي ۾ نروار ٿيڻ لڳو. پر هو چپ ۽ نااُميد پنهنجي وجود اندر هڪ جستجو ۽ پيڙا جي دٻاءَ کان تڙپندورهيو.
هن محسوس ڪيو ڪئي مسافر هن کان پوءِ ريلَ اندر داخل ٿيا ۽ اهي ريلَ جو حصو ٿي ويا. ٽهڪ ڏيندڙ ۽ اوٻاسيون ڏيندڙ. مرڪي کلي ڳالهائيندڙ، پاڻ وڻائيندڙ ۽ ڪنڌَ کي ”ها“ ۾ لوڏيندڙ. پر هن جو ڪنڌ ريلَ جي جھاڪن ۾ ”نه نه“ ڪندو لڏندو رهيو.
هن کي پنهنجي وجود تي حيرت آئي. هن محسوس ڪيو جيئن هو ڪنهن نوڪدار ڪنڊي جيان نانگ جي جسمَ اندر پيو هجي ۽ نانگ دردَ کان تيز ريلَ جيان ڊوڙندو هجي.
هن پنهنجي جسمَ کي ڏٺو ۽ سوچيو.
”اي وجود توکي هن وايو منڊلَ ۾ سفر ڪندي ڪيڏو وقت ٿيو، تون ان جو هيراڪ نه ٿي سگهين. اي وجودَ تون جيڪو اربها سالن کان هڪ وجودَ کان الڳ ٿي ٻئي وجودَ ۾ منتقل ٿيندو آيو آهين تنهنجي اندر ماحول سان مطابقت جو مادو ڇو نه پروان چڙهيو؟ هن محسوس ڪيو جيئن هو ان وايو منڊل جو ماڻهو نه هيو. هن اڳيان ريلَ ۾ موجود سڀ انسانَ ڄڻ ٽهڪَ ڏئي هن جي وجودَ تي کلي رهيا هيا. هو پائيپ ۾ هٿ وجھي ريلَ جي ڌڌڪن مان اهي ٽهڪَ ٻڌي رهيو هيو. ماڻهو اکيون ڦوٽاري ڏند ڪڍي ڪنڌ کي هيڏي هوڏي ڪري هن کي چِتائي رهيا هيا ۽ هو معصوم صورت ٺاهي انهن کي اچرج مان ڏسي رهيو هيو.
”هر وجود جي بقا ماحولَ سان مطابقت ۾ آهي ته پوءِ هن جي بقا؟“ هن سوچيو. ”هن جو وجود ان ماحول ۾ ڪيئن پروان چڙهيو. تخم جنهن ۾ هر تبديلي ماحول جي زير اثر خود بخود آهي ته پوءِ اها تبديلي هن اندر ڇو نه ظهور پذير ٿي؟“
هو سهڪڻ لڳو، هن مونجهه جي ماحولَ ۾ ڦتڪي هڪ دفعو وري ويٺل ماڻهن کي ٿورو سري پري جاءِ لاءِ چيو. پر اتي ڪا به اهڙي وٿي نه هئي جنهن ۾ ڪو ٻيو روح سمائجي سگهي.
ڪجهه ماڻهن هن کي اڳرائيءَ تي ڇڻڀيو ۽ ڪي منهن تي ڪو به تاثر ظاهر ڪرڻ بنا ڪنڌ پري ڪري دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳا.
”دنيا ۾ ڪا به ڳالهه حتمي يا آخري نه آهي.“ هن سوچيو ”وقت هر سچ کي ڪوڙَ ۾ تبديل ڪريو ڇڏي. وقت وڏو تجربو آهي ۽ حياتيءَ جي وٿي هڪ تجربي گاهه، جيڪا شيشي جي سامانَ، تيزاب ۽ٻين ڪيميائي مادن سان ڀري پئي آهي. لٽمس ڪاغذ جا ٻه رنگ آهن هڪ ڳاڙهو ۽ ٻيو نيرو. رنگ جيڪي نظرن کي دوکو ڏين ٿا. جيڪي ڏسڻ ۾ ٻه آهن جڏهن ته نه آهن.“
سوچون ريلَ جي جھاڪن ۾ هن جي دماغَ اندر ڇلڪڻ لڳيون. هن محسوس ڪيو ان وايون منڊلَ ۾ صرف هو اڪيلو ۽ پرايو نه هيو پر هن جهڙا ٻيا به ڪيترا انسانَ مايوس ۽ بي مدد ريلَ جي پائيپن ۾ لڙڪي نرڙ جو پگهر اگهي رهيا هيا.
”منهنجي تخم ماحولَ سان هڪ جهڙائي ڇو نه پئدا ڪئي“ هن سوچيو.
”ان جي بقا جو دارو مدار ڪهڙيءَ شيءَ تي آهي، جڏهن ته هو ماحولَ سان مطابقت نه ٿو رکي ته پوءِ اها ڪهڙي حالت آهي جنهن هن کي پنهنجيءَ جھولَ ۾ وٺي پالنا ۽ پرورش ڪئي، ڇا اها ڪا ٻئي موسم آهي؟ ڪو ٻيو ماحول آهي؟“
هو منجھي بيهي رهيو. هن کي اوڪارا اچڻ لڳا. هو الٽي ڪرڻ لاءِ واش روم طرف ڀڳو، ان جو در کولي اندر ڏٺو اتي ماڻهو سٿيا پيا هيا. هن ٻاهرين در وٽان دريءَ کان منهن ڪڍي وڏا ساهه کنيا.
”انساني وجودَ ۾ ڇا ڪو تبديليءَ جو انت آهي؟ ڇا اهو ڪڏهن مڪمل ٿي سگهندو. هن وايو منڊلَ ۾ جاري سفر اندر رويا ساڳيا آهن ته پوءِ هن جي وجودَ انهن کي قبول ڪري پنهنجي آنڌ مانڌ ڇو نه گهٽائي؟“ هو سوچيندو وري گاڏيءَ ۾ جاءِ لاءِ جستجو ڪندو اڳتي وڌيو. هن کي ڪٿي به جاءِ نه ملي ۽ هو ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ لڳو.
هن ڪنهن سيٽَ تي هڪ ٻارَ کي ليٽل ڏٺو. اهو اٺن ڏهن سالن جو بيمار ٻار هيو. جيڪو ماءُ جي هنجَ ۾ مٿو رکي ڍرين اکين سان نهاري رهيو هيو. ان جي ماءُ هن جي مٿي تي هٿ رکي ان جي ٻرندڙ جسمَ کي محسوس ڪري رهي هئي. ٻارُ بي چينيءَ مان چنگهي رهيو هيو ۽ ڪڏهن کنگهي وڏو ساههُ کڻي رهيو هيو.
”انساني سفر جو هڪ ننڍڙو مثال“ هن ٻار کي ڏسي سوچيو ”سفر جيڪو وايو منڊلَ ۾ لا محدود وقت تي مُحيطُ آهي. ڇا اهو وجود ۾ ڪا به تبديلي نه ٿو آڻي. وايو منڊلَ ۾ موجود بيماريءَ جا جراثيم به ايڏائي قديم آهن جيڏو انساني وجود. جراثيمن جي حياتيءَ جو دارو مدار ۽ پالنا لاءِ انساني جسمَ کان وڌيڪَ ٻي ڪا به بهتر پناهه گاهه نه آهي. صدين جي سفرَ ۾ اهي جراثيم انساني وجودَ اندر ان جو حصو ٿي نه سگهيا! وجود ۾ جيڪڏهن ماحول سان تبديلي پئدا ٿئي ٿي ته انهن جراثيمن جسمَ کي ايڏي وڏي سفر ۾ ڇو نه تبديل ڪيو جو جاري وقت ۾ جسم اڃان انهن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جراثيم جسمَ ۾ موجود آهن ته اهو باهه جيان ٻري پوي ٿو ۽ کنگهه انهن کي جسمَ کان ٻاهر گولين جيان وسائڻ شروع ڪري ٿي. وقت انساني جسم ۾ مدافعت کي جنم ڏنو. هڪ ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ واري جنگ جو سلسلو انساني وجودَ جي ميدانَ تي جاري ۽ ساري رهندو اچي. هڪ اهڙي جنگ جيڪا اربها صدين کان جاري ۽ ڪائنات جي ڊگهي ۾ ڊگهي جنگ آهي، ته پوءِ ان جنگ ۾ صلح جو ڪو به مثال ڇو نه آهي؟ گرميءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ چمڙيءَ جي ڪاراڻ جو ظاهر ٿيڻ ۽ پگهر جو وهي اچڻ، جيڪڏهن ماحول سان مطابقت آهي ته پوءِ ان جنگ جي پڄاڻي ڇو نه آهي؟ جسمَ جي رويي ۾ جراثيمن سان دوستيءَ واري لچڪ ڇو نه آهي؟. جراثيمن جسم اندر هِڪُ مسلسل ۽ پائيدار تبديلي ڇونه آندي. بخار جو نڪري اچڻ ماحول سان مطابقت نه آهي. تبديليءَ جو خود بخود ظهور نه ٿيڻ ماحولَ سان انڪار آهي. ماحول ۽ ان جي موجودات انساني تبديليءَ ۾ ڪارگر نه آهي.“
هن اڳتي وڌي ماءُ سان همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ چاهيو پر عورت ڪنڌ پري ڪري ٻاهر نهارڻ لڳي.
هو اڳتي وڌيو ۽ ماڻهن جي سمنڊَ ۾ ترندو، هٿ پير هڻندو منهن تان سمنڊ جهڙو نمڪين پاڻي اگهندو، اهڙي هنڌ اچي پهتو جِتي ڪجهه جوشيلا نوجوان هڪ ڄنگهه تي بيهي بيزار ٿي پيا هيا. اهي پاڻ ۾ ملي ٻين ماڻهن کي بي دخل ڪري انهن جي جاءِ تي قبضي ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا هيا. هو انهن وٽ آيو ۽ هن خون خرابي جون ڳالهيون ٻڌيون. هن جي دل چاهيو ته هو به انهن ۾ شامل ٿي وڃي. هن جي اهڙي اظهارَ تي انهن ماڻهن هن کي ڀاڪر پائي ڳلي لڳايو ۽ پنهنجي ڀر ۾ بيهڻ لاءِ چيو.
هن اتي بيهي ماحولَ کي نئين نظر سان جاچيو. هن پري کان هڪ پينو فقير کي صدا هڻڻدي ٻڌو. هن بارودي پوليس کي ڏٺو جيڪا هڪ بغير ٽڪيٽ مسافر کي گريبان کان جھلي پاڻَ سان وٺي وئي. هن جوشيلن نوجوانن جي منهنَ ۾ اکين کي ڏٺو. اکين جون ڳاڙهيون رڳون ننڍڙن سنهن نانگن جيان وڪڙَ کائي اتي چنبڙيل هيون. انهن جا ٿڪيل چهرا جوشَ جي وجودَ تي سوار هيا. اهي تصور ۾ هڪ اهڙي بئنچ تي آرام ڪري رهيا هيا جيڪا ڪنهن سرسبز باغَ ۾ پاڻيءَ جي ڍنڍَ ڪناري رکيل هئي. اهي وجودَ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ جذبات ۾ تڙپي رهيا هيا.
هن کي پوري ماحول ۾ وڏي ڇڪتاڻ نظر آئي. هن کي خبر هئي ته ريلَ اندر مختلف طبقا آهن. پارلر آهن. ٿڌا ويڪرين سيٽن وارا ننڊ ڪرڻ لاءِ ڪوچ آهن. ٻوڙ آهن. پُلاءَ آهن، ٿڌا مشروب آهن ۽ اهڙآ هنڌ آهن جِتي ٽهڪندڙ پاڻي ۽ ڪنڊيدار ٿوهر به موجود آهن.
نوجوانن جوش ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي هن کي به اڳتي وڌڻ لاءِ چيو. هِڪُ اهڙي تبديليءَ لاءِ جنهن سان جسم کي ڪجهه راحت ملي سگهي.
”زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾ حالتن معاشري ۾ ڪا اهڙي مستقل تبديلي ڇو نه آندي جنهن سان معاشرو حالتن سان مطابقت پيدا ڪري هڪ هميشه رهڻ وارو امن قائم ڪري وٺي. سفر جي شروعات کان هن وقت تائين ڪڏهن به معاشري ۾ امن نه رهيو آهي، هڪجهڙائي نه رهي آهي. اتي هيٺ مٿانهين، اميري غريبي، جنگ ۽ بربادي، بک ۽ عياشي، ظلم ۽ مظلوميت، بغاوت ۽ انقلاب جا لا محدود سلسلا صدين کان سفر ڪندا هلندڙ وقت ۾ به جاري ساري آهن. حالتون ۽ ماحول ايڏي ڊگهي عرصي کان معاشري ۾ ڪنهن مستقل تبديليءَ ذريعي ان آنڌ مانڌ ۽ اٿل پٿل کي ختم ڪرڻ ۾ ڇو نه ڪامياب ٿيو.“
هن سوچيو ۽ پنهنجن جوشيلن ساٿين کي مخاطب ٿيو.
”ڏاهن جي چوڻ موجب تبديلي انسانَ نه پر حالتون آڻينديون آهن، وجود پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ حالتن سان سمجھوتو ڪندا آهن ۽ حالتون وجودَ کي پاڻ سان هيرائي انهن ۾ اهڙيون تبديليون آڻينديون آهن جو ماحول انهن لاءِ سازگار ٿي ويندوآهي.“
”نه اها سڀ بڪواس آهي.“ هڪ جوشيلي چيو ”جيڪڏهن ائين هجي ها ته حالتون ايڏي ڊگهي سفر ۾ انهن جي جسمن لاءِ آسانيون فراهم ڪري انهن لاءِ آرام جو سبب بنجي چڪيون هجن ها. تبديلي طاقت سان ايندي آهي، حالتن ذريعي تبديليءَ جو انتظار نه ڪبو آهي“.
ان کان اڳ جو ڪو خون خرابو ٿئي هن دوستن کي روڪيو.
”دوستو طاقت ذريعي آيل تبديلي مستقل نه هوندي آهي. اها هٿرادو ۽ وقتي هوندي آهي. طاقت ذريعي آندل تبديليءَ جو سفر جي داستانن ۾ ڪو به انت نه آهي. هڪ تبديليءَ پويان ٻئي تبديلي آهي ۽ ائين ڪا به تبديلي پائيدار ۽ مستقل نه آهي. خون خرابو ذاتي مفادن جي وقتي ۽ مختصر تبديلي آهي جنهن کي ڪا به بقا نه آهي.“
هن جا جوشيلا ساٿي نه مڙيا ۽ هو انهن کي ڇڏي ٻئي گاڏي ۾ هليو ويو.
هن پنهنجا هٿ مٿي پائيپ ۾ ڳنڍ جيان ٻڌي پاڻ کي ان ۾ لڙڪائي ڇڏيو.
”غربت ۽ افلاس انساني زندگيءَ سان ڇو لاڳو آهن“ هن سوچيو.
”وقت انسان ۾ هڪ جهڙائي پئدا ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام ويو. ظالم جي دل ۾ ٻرندڙ ظلم جي باهه وقت جي بٺيءَ ۾ ڇو نه وسامي. مظلوميت فنا ڇو نه ٿي. بک جو هڏائون ڍانچو مفلسيءَ جي قبر اندر جيئرو رهي ڪيئن ساهه کڻي رهيو آهي. ڇا حالتون اثر انگيز شيءِ نه آهن؟ وجود جي جدوجهد جو انت ڪهڙي زمان ۽ مڪانَ ۾ آهي؟ حالتن ظلم اندر رحم کي ڇو نه اڀاريو، مظلوميت جي احساسَ کي ڇو نه مٽايو. وقت بک جي هڏائين ڍانچي کي ڀڃي ڀورا ڇو نه ڪيو. بقا جي جدوجهد معاشرتي هڪجهڙائيءَ ڏانهن سفر ڇو نه ڪري رهي آهي. هن ڊگهي ۽ قديم سفرَ ۾ آنڌ مانڌ جي موجودگي حالتن ذريعي پيدا ٿيندڙ خود بخود تبديلين جي عملَ جي نفي آهي. آنڌ مانڌ، بي چيني، بک ۽ مفلسي حالتن سان مطابقت نه پر هڪ وڏو تصادم آهي. جسم کي جيئرو رکڻ لاءِ خود بخود تبديلي ۽ وجود جي ماحولَ سان مطابقت سڀ وهمَ ۽ گُمان َ آهن.“
هو تمام گهڻو ٿڪجي پيو، توانائي پگهر جي صورت ۾ هن جي وجودَ مان وهي هن جي اندر کي خالي ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي خشڪ چپن تي زِبانَ ڦيري سوچيو ”انسان نمڪين پاڻيءَ جو دُٻو آهي. ان جو ٺوس وجودي حصو نمڪين پاڻيءَ جي چوڌاري ڏنل ٻنو آهي، سهارو آهي جيڪو پاڻيءَ کي وهڻَ کان بچائي ٿو.
”سمنڊَ جو پاڻي ڪنهن زماني ۾ ايڏو کارو نه هوندو هيو. ان جي نمڪيات انساني وجود جي نمڪيات جي تناسب جيتري هوندي هئي. پوءِ مينهن پيا، پهاڙن ۽ ڌرتيءَ جو نمڪ ندين ۽ نالن مان وهي سمنڊ کي نمڪين ڪندو رهيو ائين سمنڊ وقت سان نمڪين ٿيندو رهيو. پر انساني وجود ۾ نمڪيات جو تناسب اهو ئي قديم رهيو. ڇو جو زندگيءَ سمنڊَ مان جنم ورتو آهي.“
هن ڪنهن ڏاهي جي ڏنل راءِ تي سوچيو ۽ نرڙ تائين پگهر اگهڻ لاءِ هٿ وڌايو. هن جو نرڙ آلو نه هيو. پاڻي هن جي وجودَ مان وهي بخارات جي صورت ۾ اڏامي ويو. اهو مينهن ٿي سمنڊ تي وسندو ۽ ائين هن ۽ سمنڊ جو رشتو قائم رهندو.
هو انساني بقا ۽ فنا تي سوچيندو رهيو.
هن ريل اندر هڪ جاءِ تي ڪنهن جھور پوڙهي کي ويٺل ڏٺو. ان جي منهن جا گهنجَ اهڙي ميري چادر جي گهنجن جيان هيا جنهن تي ڄڻ عزرائيل پوري رات موت جي انتظار ۾ ڦتڪي گذاري هجي. ان پوڙهي جا هٿ ڏڪي رهيا هيا ۽ جسم ڏٻرو ۽ جھڪيل هيو. ان جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا اڇا وار ائين هيا جيئن ڪو ٻرندڙ جبل برف سان ڍڪيل هجي. ان جي نظر ڪمزور هئي ۽ ڪنن کان گهٽ ٻڌندي محسوس ٿي رهيو هيو. اهو چپ ڪري ائين ويٺو هيو جيئن زندگيءَ جو انتظار ڪندو هجي.
ان پوڙهي کي ڏسي هن جون سوچون هڪ دفعو وري ريلَ جي رفتارَ کان به تيز پري تائين ڊوڙي ويون.
”انسان ڄمڻ کان مرڻ شروع ڪري ٿو. مرڻ ڪنهن ساعت يا گهڙيءَ جو نالو نه آهي، پر مرڻ هڪ آهستي ظهور پذير ٿيندڙ مسلسل عمل آهي. انساني وجود جا مختلف عضوا مرڻ کانپوءِ آهستي مرن ٿا. موت وجود کي هڪدم نه پر هڪ مسلسل عملَ کانپوءِ ختم ڪري ٿو.
انسان ڪئي زندگين جو مجموعو آهي. ان جو هر جيو گهرڙو هڪ خود مختار جيئرو وجود آهي جيڪو پنهنجيءَ جاءِ تي جيئري رهڻ جي جدوجهد ڪري ٿو. هر انسان هڪ ڪائنات آهي جنهن تي ڪيترن ئي جيئرن وجودن جي زندگيءَ جو دارو مدار آهي. ائين ڪيترن ئي نظر نه ايندڙ وجودن جي عمل جي هڪ جهڙائي ۽ تعاون انساني جسم جي حرڪت جو سبب بنجن ٿا.
اربها سالن کان جاري سفر ۾ بقا ۽ زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ انسان موت کي ڪڏهن به شڪست نه ڏئي سگهيو. عمر سان گڏ، اڃ، بک گرمي ۽ بيماري جيوگهرڙي جي تباهيءَ جو ڪارڻ بنجن ٿا. حالتون ۽ ماحول زندگيءَ جي بِگاڙَ جو سبب بنجن ٿيون، هڪ اهڙي بِگاڙَ جو جيڪو جيو گهرڙي کي تباهي ۽ موت سان همڪنار ڪري ٿو. وقت جيڪو لا محدود زندگيءَ جي ڌاري کي پاڻَ سان وهائيندو آيو آهي ان انساني جيو گهرڙي کي گرمي، اڃ، بک ۽ بيمارين سان مطابقت ڇو نه فراهم ڪئي. ماحولياتي حالتون وقت سان جيو گهرڙي جي تبديلين ذريعي جيئرو رکڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته پوءِ حالتون جيو گهرڙي کي موتَ جي دروازي تي ڇڏي ان کي اندر ڌڪو ڇو ٿيون ڏين. انساني وجود تبديليءَ ذريعي اها بقا ڇو نه ماڻي جنهن ۾ موت جو ڪو به عمل دخل نه هجي.
انساني جينوم ۾ موت هڪ پروگرام جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. موت ۽ پوڙهائپ هن کي پنهنجن ڄڻندڙن کان تحفي ۾ ملن ٿا. پوڙهائپ ۽ موت انساني جيو گهرڙي اندر ان جي ڪنهن عنصر تي پهريون ئي لکيل آهن ته پوءِ جيو گهرڙي جي بقا لاءِ جدوجهد؟ ماحولياتي اثر هيٺ جسمن جي تبديليءَ جو عمل؟“
هو سوچيندو ويو ۽ هن جو جسم ڏڪڻ لڳو. ٿڪاوٽ هن کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو هيو. ماحول هن جي وجود ۾ اهڙي ڪا به تبديلي رونما نه ڪئي جيڪا هن کي جيئڻ جو حوصلو فراهم ڪري. هن جي ٿڪاوٽ، اڃ، بک ۽ بيماريءَ جي خاتمي جو سب بنجي. ان ڊگهي سفر ۾ هن جي هر جدوجهد مايوسيءَ جي حاصلات کان سواءِ ڪجهه نه هئي. هن جو وجود ماحول لاءِ نفرت انگيز ۽ ناقابلِ قبول هيو. اتي هر وجود بي چين ۽ آنڌ مانڌ جوشڪار هيو. وجود ايترو ته هيڻو هيو جو ننڍڙا جراثيم به ان تي حاوي هيا. وقت وجود لاءِ پوڙهائپ، هيڻائي ۽ موت جو پروانو هيو.
هن سوچيو ”انساني وجود ۽ جدوجهد جو مقصد ڇا آهي؟ ريلَ اندر جاري سفر ۾ هر طرف فنا ڦهلي پئي آهي. وجود جي جدوجهد زندگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ نه، پر موت کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. وايو منڊل جون حالتون انساني زندگيءَ ۾ بقادار تبديليون آڻڻ بجاءِ موت جو سامان مهيا ڪن ٿيون. زندگي اهڙو عذاب آهي جنهن ۾ سک جي گهڙي ڪٿي به نه آهي ـــ زندگي نفرت، اڃ، بک آنڌ مانڌ، بيماري ۽ موت کان سواءِ ڪجهه نه آهي“
هو ٿڪاوٽ ۽ جدوجهد جي عَذابَ کان روئڻ لڳو. هو رنو ته هن جا ڳوڙها نه وهيا. هن جي جِسم جو پاڻي سڪي چڪو هيو. هو ڏڪندڙ هٿن کي گوڏن تي رکي انهن کي سهارو ڏئي سُڏڪندو رهيو. هن جي مٿي کي چڪر اچڻ لڳا ــــ هو سفر مان بيزار ٿي ويو.
گاڏيءَ ۾ ويٺل هڪ نوجوان اٿي هن جي ڀرسان آيو ۽ هن کي ٻانهن کان وٺي پنهنجيءَ سيٽَ تي ويهارڻ لاءِ چيو. پر هو ان سيٽَ تي ويهڻ بجاءِ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو.
نوجوان ان کان روئڻ جو سبب پڇيو.
”مان دردَ جي سفر کي طي ڪري پنهنجيءَ منزل تي پهچڻ وارو آهيان. هيءُ روئڻ نه پر خوشيءَ جا ٽهڪَ آهن“
”ڇا تنهنجي منزل اچي وئي؟“ نوجوان پڇيو.
”ها مان پنهنجي منزل کي ويجھو ٿيڻ وارو آهيان. مون کي هاڻي ڪنهن به سهاري جي ضرورت نه آهي“
هن چيو ۽ پوءِ پنهنجن اعمالن جو ٿيلهو ڪلهي ۾ لڙڪائي تيز هلندڙ ريلَ مان ٻاهر نڪري ويو.