ڪھاڻيون

حليمان

ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون موضوع جي لحاظَ کان مختلف آهن. منهنجين لکڻين ۾ موضوعن جي کوٽَ نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا جي لکڻين جو سڀ کان وڏو موضوع پيار آهي پر پيار يونيورسٽين تائين محدود نه آهي. اسان کي پيار جي ڪينواس کي وسيع ڪرڻو پوندو.
  • 4.5/5.0
  • 2455
  • 749
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حليمان

ڏاتوءَ جي آتم ڪهاڻي

هو ننڊ مان اٿيو ته کيس محسوس ٿيو ڄڻ سڄي رات جاڳندو رهيو آهي. سور کان هن جو دماغ ڦاٽو ٿي ويو. هو ٿيڙ کائي تياريءَ جي مرحلن مان گذرندو ويو. هن برش ڪيو ۽ خالي پيٽ چانهه کي اوتي ڄڻ پيٽ جي دوزخ ۾ باهه تي پيٽرول کي هاريو. سندس هر انگ باهه جي شعلن ۾ٻري پيو. هن منهن تي سيفٽي گهمائي ته سندس ڏاڙهيءَ جا وار ڪاري رک جيان هيٺ ڇڻي پيا. هو غسل خاني ۾ جسم تي ٿڌو پاڻي هاري ٻاهر نڪتو ته سامهون لڳل آئيني ۾ پنهنجي چمڙيءَ جو رنگ ڏسي ڄڻ دهلجي ويو. پيلي ٽٽل چمڙيءَ مان هن جو گوشت ٻاهر لڙڪي رهيو هيو. هن تڪڙ ۾ ڪپڙا پاتا ۽ پوءِ آفيس هليو ويو.
اٺن ڪلاڪن کانپوءِ هو واپس موٽيو ته سندس چپ سگريٽَ جو ٻوجهه جھلي هيٺ لڙڪي پيا هيا، اهي اُسَ ۾ رلندڙ اگهاڙي فقير جي پُٺيءَ جهڙا هيا. هن ڪپڙا بدلايا ۽ پوءِ هو جڏهن ماني کائڻ لڳو ته سڻڀ سندس آڱرين مان وهي هيٺ اچي گوڏن تي ڪريو. لوڻ سندس جسم ۾ رت جي ڇولين مٿان گج ٺاهي بيهي رهيو.
هو ٿوري دير لاءِ ليٽيو ته وري بي چين ٿي اٿي ويهي رهيو. مونجهه کان سندس سيني اندر ڪوئي ڇاتيءَ تي مڪون هڻندو رهيس. رت جي دٻاءَ کان هن جون رَڳون ڌنوڻ لڳيون. هن تڪڙ ۾ ڀرسان ميز تي پيل دوائن مان مٺ ڀري واتَ ۾ وڌي ۽ انهن کي پاڻيءَ جي هڪ ڍڪ سان ڳڙڪائي ويو. ٿوري دير کانپوءِ هو اکيون بند ڪيو بي سڌ ليٽيو رهيو.
شامَ جو هو اٿيو ۽ تڪڙ ۾ تيار ٿي هڪ پرائيويٽ اداري اندر نوڪريءَ لاءِ وٺي ڀڳو. چار ڪلاڪَ مسلسل ڪم ڪرڻ کانپوءِ هن کيسي مان شگر جي گوري ڪڍي زبانَ تي رکي ۽ ان کي پاڻيءَ بنا ڳيت ڏئي ڳهي ويو. رات جو هو بستري تي پيڙهيل ڪمند جيان اچي ڪريو. هن سمهڻ کان اڳ تڪڙ ۾ ٻه چار پاروٿي مانيءَ جا گرهه وات ۾ وجھي چٻاڙيا. بغير ڪنهن سبب جي گهر وارن سان جهڳڙو ڪيو، ٽيليويزن ڏانهن نهاريو ته ان جي اسڪرين تي ڪتو ڀونڪي هن کي ڏاڙهڻ لڳو. بستري تي ليٽي اکيون بند ڪري سمهڻ جي ڪئي ته سندس دماغَ جون سڀ اکيون کليل هيون. هن ٽي ننڊ جون گوريون کاڌيون ۽ پوءِ موتَ جا گونگهرا هڻڻ لڳو.
گهڙيال جي گهنٽي وڳي ته هن جو وجود زلزلي جيان لڏڻ لڳو. سندس دماغَ جي هر عمارت ڊهي اچي پٽ تي پئي ۽ هڪ ڏار سندس وجود کي وڍي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. هو وجود جو کنڊر کڻي اٿيو ته سندس جسم ڄڻ تاريخَ جي مٽيءَ هيٺان دفن ٿي چڪو هيو. هن پاڻ کي ڪنهن دٻاءَ هيٺ پوريل محسوس ڪيو.
پوءِ هن جو نئين سج سان پراڻو ورجھاءُ شروع ٿي ويو.
هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به خدا کي ياد نه ڪيو. هڪ ڏينهن سمهڻ کان اڳ هن خدا کي ياد ڪري ان کان موت لاءِ دعا گهري. هو رنو ۽ پوءِ ليٽي پيو.
ان رات هن هڪ خواب ڏٺو. ڪي پراڻي ڪاري پٿر جون عمارتون آهن، جيڪي صبح جي سج اڀرڻ کان پهريون ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهن. هو پير پير ۾ ڏئي آهستي انهن عمارتن ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن کي لوبان ۽ آگر بتين جي خوشبوءِ ۾ پري کان ڪا مزار نظر اچي رهي آهي. هو بڙ جي لڙڪندڙ پاڙن ۾ هٿ وجھي اتي آس پاس موجود هر شيءِ کي جاچي رهيو آهي. ڪبوتر هن کي ڏسي ”هو هو“ ڪري رهيا آهن. هو پٿر جي ڏاڪڻين تي قدم کڻندو اڳتي وڌيو آهي. ماڪ ۽ ڪوهيڙي ۾ عمارتن جا سڀ پٿر اڇيون چادرون پائي ٿڌ کان ڏڪي رهيا آهن. هن جا هٿ پٿر جي ڏاڪڻين تي هلندي ڀتين جو سهارو وٺڻ ڪري آلا ٿي ويا آهن ۽ ان آلاڻ ۾ ڪنهن روح جي خوشبوءِ آهي.
هو مٿي چڙهي اچي هڪ مزار سامهون بيٺو آهي ۽ پوءِ ان پراڻي عمارت اندر وڃي هن چؤطرف نهاريو آهي. پٿر جي ٺهيل قبر مٿان ڪو پراڻو ڪِتابُ گيڙو رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهيو اتي رکيل نظر اچي رهيو آهي. هن جڏهن ان ڪِتابَ کي هٿن ۾ کڻي کولڻ جي ڪئي آهي ته ڪوهيڙي جو بادل تيز هوا جيئن مزار جي هڪ در کان لنگهي ٻئي در کان نڪري ويو آهي. ۽ هن جي اکين ۾ ٿڌ جي احساسَ کان ڳوڙها ڀرجي آيا آهن.
هن ويڙهيل ڪپڙي کي هٽائي ان ڪِتاب کي جاچيو آهي.
”ڏاتوءَ جي آتم ڪهاڻي“. هِنَ ڪِتاب جي پهرين صفحي تي وڏن اکرن ۾ لکيل جملي کي پڙهي پوءِ قبر ڏانهن نهاريو آهي.
”هِتي دفن آهي“ هن اڳتي پڙهڻ شروع ڪيو آهي. ”جنهن موتَ کان پهريون هيءَ آتم ڪهاڻي لکي. جيئن زندگيءَ لاءِ دعا گهرندڙ هٿ ان آتم ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪري سگهن. ڏاتو جيڪو مزار جي هر پٿر ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. جنهن جو روح ڪوهيڙي جي صورت ۾ هر طرف ڦهليل آهي. جنهن جا ڳوڙها ماڪ ڦڙن جي صورت ۾ بڙ جي پنن تي چمڪي رهيا آهن. جنهن جو آواز ڪبوترن جي ڳچيءَ ۾ سمائجي ڪنهن کي سڏي رهيو آهي. ڏاتو جيڪو امر آهي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جي هر لفظ ۾ جيئرو آهي.“
هن پڙهيو ۽ پوءِ هو ڪِتاب کي ساڻ ڪري مزار جي دروازي وٽ ٽيڪَ ڏئي روشنيءَ ۾ اڳتي پڙهڻ لڳو.
”ڏاتو 1850ع ۾ هڪ هاري جي گهر پيدا ٿيو. هن جو پيءُ هڪ عام ڳوٺاڻو هيو جنهن وٽ ٻني ٻاري لاءِ پنهنجي زمينَ جو ٽڪر هيو. کيس ٻي ڪا به اولاد نه ٿي. ڏاتو هن جي ڪکائين گهر جو اڪيلو ڏيئو هيو. ڏاتوءَ جو پيءُ ڳوٺ جو سڀ کان قداور شخص هيو. هو خدا ۽ ان جي قهرَ ۾ يقين رکندو هيو. خدا هن جي دل ۾ خوف جيان ڌڙڪندو هيو جنهن ڪري هو هر دعا ۾ خُدا کان رحم جو طلبگار هيو. هو هڪ گهمندڙ ڦرندڙ شخص هيو جيڪو ٻنيءَ جي ڪمن کان واندو ٿي سدائين سفر ۾ گذاريندو هيو. هن کي آخري وقت تائين هڪ ڊگهي لٺ ساڻ هوندي هئي جنهن جي سهاري هن پيدل ڪئي ميلن جو سفر ڪيو. هن کي پيرن کان مٿي پنين وٽ ميري ڪپڙي جون پٽيون ويڙهيل هونديون هيون جن بابت هن جو خيال هيو ته انهن جي ويڙهڻ سان انسان ڪڏهن به ٿڪبو نه آهي.
ڏاتوءَ جي ماءُ گلابي چهري واري هڪ خوبصورت عورت هئي. اها ننڍپڻ ۾ هن کي پنهنجي هنجَ ۾ سمهاري هٿن سان چرخو هلائي سٽ ڪتيندي هئي ۽ گوڏو لوڏي هن کي مٺڙي آوازَ ۾ لولي ڏيندي هئي. ان لوليءَ جي آواز ۾ هن پهريون دفعو ”الله“ جو لفظ ٻڌو ۽ ننڊ کان هن جون اکيون ٻوٽجي ويون.
ڏاتو اڃان ننڍو ئي هيو ته هن جي ماءُ سلهه جي مرض ۾ رت جون الٽيون ڪري گذاري وئي.
ڏاتوءَ کي ڳوٺ جي هڪ نرم دل عورت حليمان پالي وڏو ڪيو. حليمان کي خدا اولاد جي نعمت کان محروم رکيو هيو. ڏاتوءَ جي صورت ۾ هن جي اها ڪمي پوري ٿي وئي ۽ هن ڏاتوءَ کي پنهنجي زندگيءَ کان به عزيز رکي پرورش ڪئي.
ڏاتوءَ کي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ۽ هن لکڻ پڙهڻ سکيو. هن غورَ سان هر لفظ کي ٻڌو ۽ سکيو. هن کي ننڍي هوندي ڪِتاب جي صفحن مان جيڪا خوشبوءِ ايندي هئي. اها خوشبوءِ سڄر عمر هن جي دماغَ کي تازو رکندي آئي. هو ڪِتاب کي هٿن ۾ کڻي نڪ تائين آڻيندو هيو. ان ڪِتابَ جهڙيون رنگين تصويرون هن کي زندگيءَ ۾ ڪٿي به ڏسڻ لاءِ نه مليون. ان ڪِتابَ جون تصويرون هن لاءِ دنيا جون عظيم تصويرون هيون. ڏاتو هڪ حساس طبيعت وارو خاموش ٻار هيو. هن کي فطرت سان پيار هيو. هو وهندڙ پاڻي ڏسي خوش ٿيندو هيو. هن کي وڻ ڏاڍا عزيز هيا. رنگبرنگي گل هن اڳيان دنيا جو خوبصورت خزانو هيا ۽ اڏامندڙ پوپٽ جن پويان ڊوڙندي هن انهن کي ڪڏهن به نقصان نه پهچايو. اهي هن لاءِ ننڍڙا جبرائيل هيا جيڪي هن جي هٿن تي پيغام جي صورتَ ۾ رنگَ ڇڏي ويندا هيا.
ڏاتوءَ لاءِ چنڊ اهڙي پراسرار حقيقت هئي. جڏهن اهو اڀري هن اڳيان ايندو هيو ته هن جون اکيون ان سان گڏ اڀرنديون هيون ۽ آسمان ۾ اٽڪيل هونديون هيون. پرڀات ۾ هو زندگيءَ کي وڏا ساهه کڻي محسوس ڪندو هيو ۽ سانجهي هن لاءِ ڏک ۽ اداسيءَ جي صورت ۾ نروار ٿيندي هئي.
هن ڳوٺ جي مسجد جي منارن تان آذان جو آواز ٻڌو، مندرن مان ڀڳوان جي مورتيءَ اڳيان وڄندڙ گهنڊن جي آواز کي ڪنايو. هن جي من ۾ خدا کي ڳولهڻ جي جستجو پيدا ٿي. هن هر شيءِ اندر خدا جي جلوي پسڻ لاءِ ان کي جاچيو ۽ ان کي گهرائيءَ جي حدن تائين پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سوچَ جون حدون اورانگيون ۽ مونجھارن ۾ ڦاسي پيو.
وڌندڙ عمر سان هو ان حقيقت کان آشنا ٿيندو ويو ته جيڪي ڪجهه آهي اهو ڌرتي ۽ انسان آهي. ڪائنات جو وجود ۽ ان جي ابتدا هڪ منجھيل مسئلو آهي. جيڪو شايد انسان ڪڏهن به سلجھائي نه سگهندو . سائنس ۽ مادو حقيقت آهن. جنت ۽ دوزخ سڀ ڌرتيءَ تي موجود آهن. جزا ۽ سزا جو اصل مقام هيءَ ڌرتي آهي. موت کان پوءِ دوزخ جي حقيقت اهڙي خوابَ جيان آهي جيڪو اڃان ڪنهن به نه لڌو آهي. انسان دنيا ۾ هڪ دفعو تخليق ٿئي ٿو ۽ مرڻ سان فنا ٿي وسري ۽ ميسارجي وڃي ٿو.
هو هر حقيقت جي تهه تائين پهچڻ باوجود خدا ۽ مذهب ۾ ايمان ر کندو هيو. هن خدا جي وجود کان انڪار ڪندڙ انسانن کي ٻڌايو ته ”خدا جي وجودَ جو انڪار پاڻ سان دوکو ڪرڻ برابر آهي. جيڪا شيءِ ڪروڙها سالن کان اسان جي (Gene) ۾ منتقل ٿيندي پئي اچي. ان شيءِ کي اسان هڪدم پنهنجي وجودَ مان ڪڍي ڦٽو نه ٿا ڪري سگهون. خدا اسان جي ڪروموسوم اندر هڪ پروٽين جي صورت ۾ موجود آهي. اهو اسان جي وجودَ جو حصو آهي جيڪو اسان کي پنهنجن اڳين کان تحفي جي صورت ۾ مليو آهي. اسان حقيقت ۽ دليلن کي سامهون رکي ڪيترو به ان جي وجودَ جا انڪاري ٿيون پر اهو اسان جي جين ۾ جاڳي اسان کي خوفزدا ڪري رحم جو يقين ڏياري رهيو آهي. مصيبت ۾ اسين ان جي وجودَ جا انڪاري هوندي به غير ارادي طور سڏي ٿا وٺون. خدا جا اسين سچي من سان ڪڏهن به انڪاري نه ٿا ٿي سگهون. اسين جيڪڏهن خدا جي وجودَ جا انڪاري ٿي به وڃون ته پوءِ اسان جي جين مان خدا جي نالي کي خارج ڪرڻ لاءِ مستقبل طرف ڪروڙها سالن جو سفر ڪرڻو پوندو ۽ ائين هڪ انسان کي ڪافر ٿيڻ لاءِ ڪروڙها سال گهرجن.“
ڏاتو آڏو مذهب اهڙي پناهگاهه هيو جنهن جي اڱڻ ۾ سڪون جا بيدمشڪَ لڳل هيا. مـذهب اندر انساني فطرت ۽ نفسيات کي سامهون رکي اهڙو ڄاراڻيل هيو جو انسان جون سڀ حيواني خصلتون ان ۾ ڦاٿل هيون ۽ پاڻيءَ بنا مڇيءَ جيان ڦتڪي رهيون هيون.
ڏاتوءَ سڄي زندگي خدا کي ياد ڪيو ۽ ان جي حڪمن تي عمل ڪيو.
هن حڪمت جي تعليم ورتي ۽ جڏهن پنهنجي ڪم ۾ڀڙ ٿي ويو ته هن جي شادي ڳوٺ جي اهڙي گهراڻي مان ڪرائي وئي جنهن گهراڻي جا شخص علم جو چاهه رکندڙ ۽ پڙهيل هيا. هن جي شادي اهڙي عورت سان ٿي جيڪا لکڻ پڙهڻ ڄاڻيندي هئي.
هن ڳوٺ ۾ حڪمت جو دوڪان کوليو ۽ ايمانداريءَ سان هر شخص جي شفا کي پئسي تي ترجيح ڏني. هن مريضن کي ڪڏهن به رهڙ نه ڏني، انهن کي همدرديءَ سان ٻڌو ۽ غير ضروري دوائن ڏيڻ کان پرهيز ڪئي.
هو ڪڏهن پاڻ بيمار ٿيو ته آرام کي دوا تي ترجيح ڏني. دوائن جو استعمال تڏهن ڪيو جڏهن بيماريءَ کي ٽارڻ جو حل دوا بنا هن کي ڪو ٻيو ڏسڻ نه آيو. هن جراثيم ڪش (Antibiotics) دوائن کائڻ ۽ ماڻهن کي کارائڻ ۾ وڏي احتياط کان ڪم ورتو. هن اهڙيون دوائون مرض جي مڪمل شناخت کان پوءِ اڻ ٽر حالتن ۾ استعمال ڪيون ۽ پوري وزن سان مڪمل ڪورسَ جي صورت ۾ ڏنيون.
هن پنهنجي گهر واريءَ کي خوش رکيو. ان تي ڪڏهن به غير ضروري پابنديون نافذ نه ڪيون. هن ڄم روڪ جي اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي اولاد کي هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ تائين محدود رکيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ گهر واريءَ کان سواءِ ڪنهن به عورتَ سان مباشرت نه ڪئي.
هن پٽ ۽ ڌيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو فرق نه رکيو. ڌيءَ کي ايتري ئي تعليم ۽ حق ڏنا جيترا پٽ کي. اڳتي هلي جڏهن هن جو پٽ جوانيءَ جي حدن کي ڇهڻ لڳو ته هن ان لاءِ پنهنجي گهر ڀرسان الڳ جاءِ جو بندوبست ڪيو جيئن هو پنهنجي ٻارن سان پرسڪون زندگي بسر ڪري سگهي. هن پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان جي خواهش موجب پنهنجي ملڪيت جي اڌ حصي جو وارث قرار ڏئي وڏي ڌوم ڌام سان ڪرائي.
هن ڪڏهن به ڇهن ڪلاڪن کان مٿي ڪم نه ڪيو. هو حڪمت کان سواءِ ٻني ٻاري جي ڪم ۾ به دلچسپي وٺندو رهيو. هن زمين کي کيڙڻ لاءِ هر استعمال ڪيو. هن زراعت ۾ ڪڏهن به مشين يا هٿرادو ڀاڻ جو سهارو نه ورتو فارغ وقت ۾ ڪِتاب هن جا بهترين ساٿي رهيا. هن ٻارن ۽ زالَ کي مڪمل وقت ڏنو. هو سوير سمهيو ۽ سوير جاڳيو. سمهڻ کان پهريون هن گوڏا ڀڃي پلٿ ماري اکيون ٻوٽي جسم جي رڳن ۽ ماسَ کي ڍلو ڇڏي، خدا جو تصور آڻي منتشر سوچن کي هڪ مرڪز تي جمع ڪيو ۽ ساڳيو عمل سوير ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ورجھايو.
ننڍي سفر لاءِ هن ڪڏهن به سواريءَ جو سهارو نه ورتو. هن پيدل گهمڻ کي ترجيح ڏني.
هن ناشتي ۾ هميشه ڏهي استعمال ڪئي ۽ جڏهن هن جي عمر چاليهن ورهين کي پهتي ته هن مڇيءَ کانسواءِ ڪو به گوشت نه واپرايو. هن اهڙيون سبزيون استعمال ڪيون جيڪي ڏسڻ ۾ سائي رنگ جون هيون. هن ڌرتيءَ تي پئدا ٿيندڙ سبزين کي ڌرتيءَ جي اندر پئدا ٿيندڙ سبزين تي ترجيح ڏني.
هن ڪڏهن سگريٽ يا ٻيڙيءَ کي نه ڇهيو ۽ نه ئي ڪڏهن شراب کي چپن تائين آندو.
هن هر ويلو پنهنجي مقرر وقت تي کاڌو ۽ کاڌي کائڻ ۾ ڪڏهن به تڪڙ نه ڪئي. کاڌي سان گڏ صلاد ۽ ميوو واپرايو. هن گنجائش کان هميشه ٻه چار گرهه گهٽ کاڌا.
هن پوري زندگي هڪ هوادار گهر ۾ بسر ڪئي. هن گهر جي اڱڻ ۾ وڻ پوکيا ۽ گلدار ٻوٽن سان رنگ پکيڙيا. هن گهر کي ٿڌي رکڻ لاءِ ڪي به غير فطري طريقا استعمال نه ڪيا. هن مٽيءَ جي گهڙي جو ٿڌو پاڻي استعمال ڪيو. کاڌي جي شين کي ڪنهن به برف يا ٿڌي شيءِ ۾ گڏ ڪري ڊگهي وقت تائين استعمال نه ڪيو. هن هر شيءِ کي ان جي تازي صورت ۾ کائڻ جي ڪتب آندو.
هن پاڙي وارن کي نه رنجايو ۽ غريب پاڙيسرين جي مدد ڪئي. هن جي ڳالهائڻ ۾ نرمي رهي ۽اکين ۾ حياءُ نديءَ جي پاڻيءَ ۾ پوندڙ سج جي ڪرڻن جيان تجلا ڏئي چمڪندو رهيو. هن جانورن تي رحم ڪيو ۽ جڏهن به ڪو جانور پاليو ته ان کي پيٽ ڀري کاڌو ڏنو.
هو ڪڏهن به مايوسين جو شڪار نه ٿيو. هميشه پر اُميد رهيو. هو چوندو هيو ته ”انسان جڏهن وسوسن ۾ گهيرجي وڃي ٿو ته اهي سڀ وهم حقيقت جو روپ ڌاري هن جي زندگيءَ تي لاڳو ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن هو ڪنهن مصيبت جو تصور ذهن ۾ آڻي ٿو ته مصيبت نه ايندي به هن مٿان نازل ٿئي ٿي ۽ ائين جڏهن هو موت جي باري ۾ سوچي ٿو ته موت هن جي مٿان ايندي ڪا به دير نه ڪري ٿو.“
هن هڪ پيشاورانه محنت ڪش جيئن ڪمايو ۽ ڪڏهن به ايندڙ ڏينهن لاءِ روزيءَ جو فڪر نه ڪيو. محنت ۽ قدرت اها هن کي پاڻ ئي نصيب ڪئي. هن وٽ جيڪي آيو دل کولي خرچ ڪيو ۽ پئسي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ڪا حڪمت عملي نه جوڙي.
وڌندڙ عمر سان هن جو يقين ”ڪارما“ ۾ وڌندو ويو. هن کي ڌرتيءَ تي انسان ذات لاءِ ڪارما هڪ اهڙي فلسفي جي صورت ۾ سامهون آيو جنهن تي هلي هر فرد پنهنجي وجودَ جو بار هلڪو ڪري سگهي ٿو. هن ڪارما تي عمل ڪيو ۽ چئن ماڻهن کي ڪٺو ڪري انهن کي ڪارما متعلق ٻڌايو ته ”زندگيءَ ۾ عمل کي وڏي اهميت آهي. اسان جا عملَ ئي آهن جن ذريعي اسين پنهنجي گناهن جي ڳٺڙيءَ کي گهٽائي يا وڌائي سگهون ٿا. جڏهن اسين ڪو چڱو ڪم ڪريون ٿا ته اسان جي وجودَ تي سوار گناهن جي ڳٺڙيءَ جو وزن هلڪو ٿئي ٿو. جڏهن برو ڪم ڪريون ٿا ته اهو وزن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جڏهن انسان مٿان مصيبت نازل ٿئي ٿي ته اهو هن جي ڪارما جو اثرآهي. جيڪڏهن هو مصيبت کي صبر سان برداشت ڪري ٿو ته ڪارما جو اثر زائل ٿئي ٿو ۽ جڏهن صبر بجاءِ ڪو رد عمل اختيار ڪري ٿو ته هن جي ڪارما ۾ اضافو ٿئي ٿو. رحم ۽ معافي انسان کي ڇوٽڪاري طرف وٺي وڃن ٿا. جڏهن انسان مسلسل چڱايون ڪندو اچي ٿو ته هڪ ڏينهن هن جي ڪارما جي ڳٺڙي خالي ٿي وڃي ٿي ۽ هو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو.“
هن زبان کي صرف اظهارَ جو ذريعو سمجھيو. هن وٽ ذات نسل قوم ۽ ديسَ جو ڪو به تصور نه هيو. هن کي بس اها ئي خبر هئي ته انسان آهي ۽ ڌرتي آهي. هو موسمن جي آڌار تي لباس سان جسم ڍڪي ٿو ۽ اظهار لاءِ زبان کي چوري ٿو. هن کي دنيا جي سڀني مذهبن ۾ هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ آئي. خدا جو وجود اهڙي مرڪز جيان نظر آيو جنهن جي چوڌاري هر شيءِ گول دائري ۾ ڦري ٿي.
سياست سان هن جي دلچسپي نه رهي. پر چونڊ دوران هن پنهنجي ووٽ جي حق کي ضرور استعمال ڪيو.
ڏاتوءَ جي زندگي بهار جي هلڪي هير جيان گلن مٿان گهمندي لنگهي وئي. هن جي حياتي سڪون جو سازُ هئي. خوشيءَ جا ٽهڪَ هئي.
هن هڪ سؤ پنجٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ سن 1985ع ۾ وفات ڪئي. مرڻ کان اڳ هو موت کان ڪڏهن به نه ڊنو. هن سڪون ۽ اعتماد سان موت جو انتظار ڪيو ۽ خاموشيءَ سان پاڻَ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيو مرڻ کان اڳ هو ڪنهن به تڪليف ۾ مبتلا نه رهيو. هن پنهنجن ٻارن کي ڪجهه وصيعتون ڪيون، هو سمهيو ۽ ننڊ دوران گذاري ويو. دفنائڻ کان اڳ جنهن به هن جو ديدار ڪيو ان هن جي چهري کي تازو توانو ۽ مرڪندڙ محسوس ڪيو.
ڏاتوءَ جي آتم ڪهاڻي پوري ٿي ته هن ڪِتاب بند ڪري ڪپڙي ۾ ويڙهي واپس قبر تي رکيو ۽ هن جي اک کلي وئي.
هو اٿيو ته هن پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪيو. هن کي ائين لڳو جيئن هو سالن کانپوءِ سڪون جي ننڊ سمهيو آهي.
ان ڏينهن کانپوءِ هن پاڻ کي تبديل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اڳتي هلي محسوس ڪيو جيئن هو ڏاتو آهي.