ڪھاڻيون

حليمان

ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون موضوع جي لحاظَ کان مختلف آهن. منهنجين لکڻين ۾ موضوعن جي کوٽَ نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا جي لکڻين جو سڀ کان وڏو موضوع پيار آهي پر پيار يونيورسٽين تائين محدود نه آهي. اسان کي پيار جي ڪينواس کي وسيع ڪرڻو پوندو.
  • 4.5/5.0
  • 2455
  • 749
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حليمان

روڊ

”واچون وڪڻندڙ وٽ،
ڪئي گهڙيال لڙڪيا پئي،
پر وقت ڪنهن ۾ به
صحيح نه هيو.“

۽ روڊ وهيو پئي، ڪنهن سيلابي ريلي جيان، جنهن ۾ هزارين ڦيٿا لڙهندا پئي ويا.
روڊ جي هڪ پاسي هو بيٺل هيو سندس مضبوط آڱر ۾ هڪ نرم هٿ ائين ويڙهيل هيو جيئن آقا جي آڱر کان الڳ ٿيندڙ آدم جو هٿ جھپڙ ڏئي واپس ان ۾ چنبڙي پيو هجي. روڊ جي ان پاسي قديم مسجد هئي ۽ ان ڀرسان قبرستان جنهن اندر اڀريل قبرون ڄڻ ڪٻ ڪڍي سجدي ۾ ڪريل هيون. جنهن وقت روڊ تي تارا ڦاڙي ڪاريون گاڏيون رڙيون ڪندي ڊوڙي رهيون هيون ته ڪوهيڙو ڪونه هيو پر زهر هئي جيڪا دونهي جي دل اندر ڀريل هئي. هلڪو مينهن وسيو ته روڊ تي سڻڀي چيڪڙ چمڪندڙ اکين سان ظاهر ٿي پئي. هن کي اهو روڊ پار ڪرڻو هيو. هڪ ننڍڙو هٿ سندس آڱر ۾ سوگهو پئي ٿيندو ويو. روڊ جي ٻئي پاسي جِتي اسڪول هيو ۽ ان پريان دفتر هيا ۽ روزگار هيو.
”اي منهنجا ابهم“ هن هيٺ نهاري ان کي چيو ”روڊ گذري رهيو آهي ۽ اسان کي ٻئيءَ پار گذرڻو آهي. هن آڱر کان الڳ ٿي متان وهڪري ۾ وڃائجي نه وڃي. هن وهڪري کي واجھاءِ، ڏس ۽ ڏاهپ ڌار!“
ابهم جي معصوم منهنَ تي پاڻيءَ جون بوندون ڪري رهيون هيون، هن هٿ هڻي هر هر اکين کي پئي اگهيو.
”پر مونکي ٻئي پاسي پهچڻو آهي.“ ٻار چيو ”اوڏانهن جت اسڪول آهي. سکيا آهي. پر وقت تمام محدود آهي. اي بابا مونکي پهچائڻ ۾ مدد ڪر“
هو ٻار کي وٺي اڳي وڌيو ته ڪنهن گاڏيءَ سان ٽڪرجندي ٿوري وٿيءَ تان بچيو. پوءِ هو ڪاهي پيو. هن سان گڏ اهو روڊ پار ڪندي ڪيترائي هيا جيڪي هليا، ڪي وڌيا ۽ ڪي ٿڏي تي مئا. ڪي چيڀاٽيا ۽ ڪن رستو ٺاهيو.“
اهو روڊ هيو جِتي هرڪو هلي رهيو هيو. ڪو ٽپي رهيو هيو ۽ ڪو ڪِري رهيو هيو. ڪنهن کي ٽپايو پئي ويو ۽ ڪو لاوارثن جيان وچ روڊ تي مونجھاري جو شڪار هيو.
هن ڏٺو ڪي نسل پرست روڊ تي چڙهندا آيا ۽ انهن وچ روڊ تي کنڀي کڻي ڪنهن کي ڪٺو. اتي رڙيون هيون ۽ وسندڙ هلڪين بوندن ۾ چيڪڙ جو رنگ ڳاڙهو هيو. اتي آنڌيون ۽ طوفانَ هيا. ڪنهن جو هٿ هٿ مان پئي ڇڏائجي ويو. هڪ روڄ هيو راڙو هيو. آهون هيون. سسڪيون گاڏين جي تپيل انجڻين مٿان وسندڙ پاڻيءَ ڪري پيدا ٿيندڙ آوازن جهڙيون هيون. پر ابهم جو هٿ آڱر ۾ قابو هيو. پوءِ انهن ڏٺو اهي سڀ گاڏيون انسانن ۾ تبديل ٿي ويون. انسانَ جيڪي اچي رهيا هيا ۽ وڃي رهيا هيا. انسانن جو نظر جي حد تائين ڦهليل ڪارن ۽ اڇن مٿن وارو هجوم، انهن جي رفتارَ ڊوڙندڙ گاڏين کان به تيز هئي. ان افراتفريءَ ۾ هو پيرن هيٺان اچي پيڀاٽجڻ کان بچڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن پاسا وٺڻ لڳا.
پريان سج آسمانَ ۾ تيزيءَ سان اڀرڻ ۽ لهڻ لڳو. ڪڏهن رات ٿيڻ لڳي ته ڪڏهن ڏينهن. ڪڏهن تارا چمڪڻ لڳا ته ڪڏهن سج جي تيز اُسَ ۾ جسم رنا ۽ پگهر پيرن تي اچي پيو پر هڪ نازڪ هٿ سختيءَ سان هِڪَ آڱر کي جھلي اڳتي وڌندو رهيو. ”بابا ڇاهي وقت آهي جيڪو گذري رهيو آهي؟ يا ڪو خواب آهي جيڪو ڏسجي رهيو آهي؟ ٻار جو آواز گوڙ ۾ گونجيو. ”نه ٻچا“ هن ٻار کي سمجھائيندي چيو ”نه هيءُ وقت آهي نه خواب. وقت ۽ خواب جي ڪا حقيقت نه آهي. هن وايو منڊل ۾ وقت جو وجود آهي ئي ڪونهَ. هو سج آهي. هو تارا آهن ۽ چنڊ آهي جيڪي سدا موجود آهن. هوءَ رات آهي هو ڏينهن آهي جيڪي آدجڳاد کان ائين ئي آهن جيئن موجود آهن. سڀ هڪ گهاڻو آهي، هڪ ورجهاءُ آهي. وقت نه آهي بس تون آهين ۽ مان آهيان جيڪي گذرون ٿا.” پوءِ روڊ تي انهن هڪ شاعر ڏٺو جيڪو افراتفريءَ ۾ رڙيون ڪندو روڊ پار ڪري رهيو هيو. ان هر هر پئي چيو.
”وقت جي رفتار کان
منهنجي رفتارَ تيز آهي.
وقت گذري ٿو،
۽ مان گذري وڃان ٿو“
هو چئي رهيو هيو ۽ اتي موجود هڪ چِلولن جو ٽولو هن کي چريو چئي پٿر هڻي رهيو هيو. هن جو رت هيٺ پئي ٽميو. هڪ ٻليءَ جي منهن وارو شخص اڳتي وڌيو ۽ ان شاعِرَ جي رَتُ چٽيندي چيو.
”بيشڪ مظلومن جو رت ڏاڍو مزيدار هوندو آهي.“
۽ اتي بيٺل گدڙ جي شڪل واري انسانَ چيو.
”ظالمن جو رت آک ٿُو“
هو ٻئي روڊ جي ٻئي پاسي اڃان اڳتي وڌيا، ڪا ڪاري انجڻ واري وڏي گاڏي ڪنهن بدصورت ٿلهن چپن واري عورتَ جيان ڊڪندي هنن سان ٽڪرائجڻ کان بچندي پاسي کان ڄڻ پنهنجن هيڊن ڏندن سان ٽهڪَ ڏيندي نڪري هلي وئي. پريان ڪو ڀڳل گاڏيءَ ۾ ڊگهي نڪ وارو مسخرو هنن کي چڙائيندو لنگهي ويو. روڊ ٽپندي هو کليا پيا ۽ رنا پئي.
”ڏس هي جيڪي گذرن ٿا اهي ساڳيا آهن، جيڪي هر هر گذرن ٿا.“ هن ابهم کي چيو. ” سمنڊ جي هڪ بوند ان جي سڀني خاصيتن جي ترجمان آهي. هي جيڪي بوند بوند ٿي وسي رهيون آهن اهي ساڳيون آهن جيڪي اڳ وسي چڪيون آهن“
هن حيرانيءَ مان هر شيءِ ڏانهن ڏسندڙ ابهم کي پاڻَ سان گڏ تيزيءَ سان وڌندي چيڪڙ ۾ ترڪڻ کان بچائيندي سندس ڪلهي ۾ هٿ وڌو.
”خيال ڪر هت ڪِري جو ڪوئي نه آهي. دنيا انسانَ جي پيرن تي بيٺل آهي. جنهن جا پيرَ ٿڪجن ٿا ان جي دنيا جو انت ٿئي ٿو. هر اک اندر الڳ دنيا آهي ۽ هر انسانُ پنهنجي دنيا ۾ رهي ٿو.“
ابهم جي اکين ۾ ڳوڙها نه هيا شايد موسم جي نمي هئي.
”ڇا تون ۽ مان الڳ آهيون؟ ڇا منهنجو وجود تنهنجو وجود نه آهي؟“ ٻارَ چيو.
”ها“ هن ابهم کي اڳتي وڌائيندي چيو ”تون منهنجي ورهاست آهين. تازو ۽ توانو وجود آهين. حياتيءَ جي بقا آهين. اسان جا وجودَ ورهائجن ٿا. هڪ ورهاست ٻاهرين آهي ۽ هِڪَ اندرين ـــ تون منهنجي ٻاهرين ۽ ظاهري ورهاست جو نمونو آهين. منهنجي اندرين ورهاست مونکي ٽوڙي ٿي ۽ جوڙي ٿي. منهنجي ان اندرين ٽوڙ ۽ جوڙ جي حد مقرر آهي. هر جاندار ٽٽڻ لئي وجود ۾ آيو آهي، هو هر هر ٽٽي ٿو. فطرت هن جي هر دفعي جوڙ ڪري ٿي پر فطرت هن لاءِ جٽادار نه آهي. هڪ ڏينهن هو ٽٽي ٿو ۽ فنا جي حد کي پهچي ٿو.“
ٻار بي صبرو ٿي ويو ـــ روڊ جو ٻيو پاسو اڃان پري هيو.
”ڇا روڊ جي هوءَ پار اسان جي هٿ ترين تي لکيل نه آهي.“
ٻارَ وري پڇيو: ”هي روڊ، هيءُ رڪاوٽون، هي حادثا، هي معزوريون. هي پريشان حال ڀڄندڙ زندگيون. هن ڌارا جي ڦيٿن هيٺان ڦتڪندڙ آدمي. ڇا هيءُ سڀ مقدر آهي؟ نصيب آهي؟“
هنن سان گڏ روڊ پار ڪندي ڪو پيلي منهن وارو شخص اوچتو وچ روڊَ تي ويهي ڏاڪڻ لڳو. ان جي واڇن وٽان رت پئي وهيو، ڪا تيز گاڏي آئي ۽ ان سان ٽڪرائجي وئي، شخص ذرن ۾ تبديل ٿي ويو.
”انسان مٽيءَ مان نه پر لڪيرن مان ٺهيل آهي ۽ انهن لڪيرن تي گوشت لڙڪي رهيو آهي“ هن ٻارَ کي جواب ڏيندي چيو “ جيڪي ڀوڳيون پيا. پايون پيا. وڃايون پيا. اهو سڀ انهن لڪيرن مٿان ڀريل آهي جيڪي اتي موجود آهي ان کي ظهور آهي. گند آهي گار آهي. رنگ آهي خوشبوءِ آهي. اهو انهن لڪيرن ۾ آهي. دين آهي ايمان آهي. رب آهي رحمان آهي. اهو لڪيرن ۾ لکيل آهي. هر جنم وٺندڙ جون لڪيرون جنم ڏيندڙ جي لڪيرن جا نا مڪمل حصا آهن. ڪي لڪيرون سڌيون آهن ته ڪي آڏيون ترشيون. ڪي نه سلجھندڙ ۽ منجھيل“ روڊ تي چيڪڙ وڌي وئي ۽ هن جا پير ترڪيا پئي ٻار جا صاف اجرا ڪپڙا گپ ۾ گندا پئي ٿيندا ويا. پيءُ وڏي افسوسَ مان ٻار ڏي پئي نهاريو. هن ٻار کي اڳتي وڌائيندي سندس وَرَ مٿي کنيا.
”ٻئي پار پهچڻ کان اڳ اي پٽ پنهنجو پلئهُ بچاءِ. پيءُ نصيحت ڪندي چيو ”پيرن کي سوگهو جھل. هيڏي هوڏي ڏس ۽ هوشياري ڌار“
ٻار هيٺ ڏنو، ڪيچڙ ائين هئي جيئن ڌرتيءَ جو روڳ پئي وهيو. ٻار وڏي احتياط سان پيءُ جو سهارو وٺي روڊ پار پئي ڪيو. ”بابا ڏاڍو ڏکيو آهي پاڻ بچائڻ “ ٻارَ چيو ”هيءُ روڊ ٽپندي مان ميرو ٿي ويندس، ڪنهن ڪم جو نه رهندس.“
ٻارَ جي ڳالهه تي پيءُ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
”اهو وڏو فن آهي ته انسان ڪنهن ريگستان اندر واريءَ جي طوفانَ مان لنگهي ۽ ان جون اکيون واريءَ کان محفوظ رهن. بيشڪ جيڪي پار پيا اهي فنڪار آهن.“
هو ٻار کي ساڻ ڪري هلندو رهيو ـــ پوءِ اتي وڏ ڦڙا مينهن وسيا. ساوڻ آيا ۽ سيارا وات مان ٻاڦون ڇڏيندا هليا ويا. اونهارا آيا ۽ ڪانءَ انهن جي ڪلهي تي لهي، ڪاري چهنب کولي ڳاڙهي زبانَ ڏڪائڻ لڳا. بهار آيا ۽ ويا. عرش اندر ڪاري اونداهه ۾ چنڊَ جو گول سوراخ ڪڏهن زخمَ جيان ڇٽندو سسندو پئي ويو ته ڪڏهن ناسور جيان عرش کي چيريندو چوڏهينءَ جو پئي ٿيندو ويو. اوندهه ۾ آسمان ستارا ستارا ٿي پئي چمڪيو. ڪنهن چيو سالَ گذريا، ڪنهن چيو صديون گذريون، پر نه چنڊ بدليو نه تارا تبديل ٿيا. ساڳيا ڏينهن ساڳيو سج. اهائي ڌرتي. اهوئي انسان، اهوئي ڀڳوان. هاڻي روڊ جي هوءَ ڀر پري ڪانه هئي. هن وڏي احتياطَ سان وک وڌائي ۽ پار پئجي ويا. اتي جت اسڪول هيا. سکيا هئي ۽ روزگار هيو.
هو جڏهن ابهم کي وٺي ات پهتو ته هن جا هٿ ڏڪي رهيا هيا. هن جي ڄنگهن مان ساهه ڇڏائجي چڪو هيو. ان وهندڙ ڌارا ۾ هن جو جوڀن ۽ جواني ڪاري دونهاٽيل پاڻيءَ ۾ لڙهندا هليا ويا. هن جي اکين وٽان چمڙي ڳوڙهن جيان هيٺ وهندي ڳلن تي لڙڪي پئي. هن جو جسم ڪارو ۽ وار اڇا ٿي ويا. هن سوچيو، هو ان روڊ جي هلندڙ ڌارا کي پار ڪري واپس ڪيئن ورندو. هن کي پوئتي موٽڻو آهي. ان حيبتناڪ روڊَ تي وري واپس هلڻو آهي.
هو هاڻي ان قابل نه رهيو هيو ته ان تيز رفتار ڦيٿن جي طوفانَ مان پار پئجي سگهي. هن جي اکين جي ديدَ ڪمزور ٿي چڪي هئي. هن جي جسمَ ۾ ڏارَ پئجي چڪا هيا. هو اڃان سوچي ئي رهيو هيو ته هڪ مضبوط سگهاري آڱر هن ڏانهن وڌي. هن ڪنڌ کڻي ڏٺو. اها ابهم جي آڱر هئي ۽ ابهم هماليه جيئن سگهارو ڪنڌ کڻي هن آڏو بيٺل هيو. هو مرڪي رهيو هيو.
”اچ بابا........ مان توکي روڊ پار ڪرايان“ ان چيو ۽ پوءِ هن پنهنجو ڪمزور ڏڪندڙ هٿ ان جي آڱر ۾ وڌو. هو واپس روڊ جي ان پاسي ڏانهن هليا جِتان انهن شروعات ڪئي هئي.
۽ روڊ وهيو پئي، ڪنهن سيلابي ريلي جيان، جنهن ۾ هزارين ڦيٿا لڙهندا پئي ويا.
روڊ جي هڪ پاسي هو بيٺل هيو سندس مضبوط آڱر ۾ هڪ نرم هٿ ائين ويڙهيل هيو جيئن آقا جي آڱر کان الڳ ٿيندڙ آدم جو هٿ جھپڙ ڏئي واپس ان ۾ چنبڙي پيو هجي. روڊ جي ان پاسي قديم مسجد هئي ۽ ان ڀرسان قبرستان جنهن اندر اڀريل قبرون ڄڻ ڪٻ ڪڍي سجدي ۾ ڪريل هيون.