ڪھاڻيون

حليمان

ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون موضوع جي لحاظَ کان مختلف آهن. منهنجين لکڻين ۾ موضوعن جي کوٽَ نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا جي لکڻين جو سڀ کان وڏو موضوع پيار آهي پر پيار يونيورسٽين تائين محدود نه آهي. اسان کي پيار جي ڪينواس کي وسيع ڪرڻو پوندو.
  • 4.5/5.0
  • 2455
  • 749
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حليمان

لوڊشيڊنگ

”اوندهه مان روشني
جاڳي آ
سورج هيٺ هر شيءِ
ساڳي آ“

ماءُ محسوس ڪيو. هن جو ڪجهه ڏينهن اڳ ڄاول ٻار انڌو آهي. ان جي اکين سامهون ايندڙ ڪو به عڪس هن جي چهري تي ڪو تاثر پيدا نه ڪري رهيو آهي. ٻار جون اکيون کليل هيون ۽ اهو ائين شانت هيو جيئن اڃان ماءُ جي پيٽ اندر اوندهه ۾ هجي. جيئن دنيا به ماءُ جي پيٽ جيان هجي جِتي ڪجهه نه هجي. صرف هو هجي ۽ هن کي ڇهندڙ هٿ، پاڻيءَ جهڙا نرم ۽ فرحت ڏيندڙ. ماءُ جي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا ۽ اهي ڪن اونهين کڏن ۾ تبديل ٿي ويا جيڪي کڏون ڄڻ ڏکن ۽ سورن جي ڳوڙهن سان ڀريل هجن.
ماءُ سوچيو قدرت هن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. هن جي ڀريل جھول ۾ ڪا شيءِ کٽيل آهي. هن جي جھول اڃان به پانڌ جيان جھليل آهي. من ڪِٿان ڪا ٻاجهه ٿئي ۽ هن جي جھولَ جي کوٽ ڀرجي پوي. پوءِ ماءُ پنهنجا ڳوڙها اگهيا.
”اي رب هن ابهم تي رحم ڪر. ديا ڪر. رهبري ڪر. هن جي نيڻن ۾ لاٽ دکاءِ ۽ نوبنو ڪر“ هوءَ رب کي ٻاڏائيندي رهي ۽ ابهم هن ڏي ڏسڻ بنا بي نور اکيون ڇت ۾ اٽڪائي مرڪندي رهيو. اهو ٻار هن جو پهريون ٻار هيو. ماءُ جو پهريون ٻار جنهن جي اکين ۾ سڄي زندگي ماءُ جي جوانيءَ جو عڪس سمايل هوندو آهي. پهريون ٻار جنهن کي ماءُ جي جواني ياد هوندي آهي ۽ ان لاءِ ماءُ دنيا جي حسين ترين عورت هوندي آهي.
ماءُ هر هر هن کي هٿن ۾ کڻي سندس بي نور اکين کي چميو پئي، جيئن سندس پيار جي گرميءَ تي اهي جاڳي پونديون. ماءُ ان کي جڏهن هنج ۾ سمهاري لولي ٿي ڏني ته ٻار جي کليل ۽ پوءِ ننڊ ۾ گهور بند اکين اندر دنيا جي وجودَ جي هجڻ ۽ نه هجڻ ۾ ڪو فرق نه هيو.
وقت گذريو. بي نور اکيون ڪڏهن بند ڪڏهن کليل. اوندهه جو هڪ اڻ کٽ ريگستان. ڪاري واريءَ جا ذرا جيڪي اڏامندا رهيا ۽ ڀٽن تي ٺهيل ماضيءَ جي پيرن کي دفن ڪري مستقبل ڏانهن ڊوڙندا رهيا. ٻار ويٺو، ان ريڙهيون پاتيون ۽ پوءِ بانبڙا پائي پيرن تي اٿي بيهي رهيو. هنڌ ڪنڌ ورائي هر طرف ڏٺو. ان کي خبر هئي ته دنيا ڪجهه نه آهي، اها ماءُ آهي ـــ ڪي چپ آهن، چميون آهن، هٿ آهن ۽ ڇاتي آهي. پيار جي گرمي آهي، هنج جو سڪون آهي. ٻيو ڪجهه به نه آهي. ڪاراڻ آهي، دونهون آهي ۽ دونهين جي اڀرندڙ چڳن ۾ ڪي غير واضع عڪس آهن ۽ انهن عڪسن ۾ هڪ چهرو واضع آهي جيڪا ماءُ آهي.
ماءُ سوچيو هن جون اکيون ئي هن جي ٻارَ جون اکيون آهن. جيڪڏهن ٻار کي اکيون نه آهن ته ڇا ٿي پيو؟ هوءَ ان کي پنهنجين اکين سان اهو سڀ ڪجهه ڏيکاريندي جيڪو ان لاءِ ڏسڻ ناممڪن آهي. هوءَ ان کي پنهنجين اکين سان چنڊ ڏيکاريندي، تارا، جھڙ، مينهن، پاڻي، وڻ، گل، ٻوٽا ۽ سڀ رنگ جيڪي انڊلٺ جيان هن آڏو نروار ٿي هر ڌنڌ کي پوئتي هٽائي ڇڏيندا. هن سوچيو، سندس ٻار کي ڪنهن لٺ جو سهارو نه وٺڻو پوندو. هوءَ پنهنجيون آڱريون ڪٽي هن کي هٿ ۾ ڏيندي ۽ اهي هن جي رهنمائي ڪنديون. هوءَ هن جي من ۾ اهڙي جوت جلائيندي جو هر شيءِ سندس اندر ۾ روشن ٿي ويندي.
پوءِ ماءُ ٻار جي آڱر پڪڙي پاڻيءَ ۾ وڌي ۽ ان جي پيشانيءَ کي چميو. ٻار ڇهندڙ آڱر سان ڪنهن فرحت کي محسوس ڪيو. ان هر هر اکيون ڇنڀي ماءُ جي هٿ ۾ جھليل آڱرين سان ڪنهن تازگي ۽ نرمتا کي پنهنجي وجود ۾ اوڍجندي محسوس ڪيو. پوءِ ان پنهنجا ٻاتا چپ کوليا.
”امڙ ان کي ڇا چئبو آهي؟“
ماءُ ٻار جي معصوم منهن کي ڏٺو جنهن تي ڄڻ تازو پاڻي هارجي اجرو ۽ اڇو ڪري ويو هيو.
”پٽ ان کي پاڻي چئبو آهي.“ ماءُ چيو ”پاڻي جيڪو اسان کي پيدا ڪري ٿو ۽ پروان چاڙهي ٿو؟“
ٻار جو اکيون مسلسل ڪنهن اڏامندڙ پوپٽ جي پرن جيان ڇنبنديون رهيون.
”امڙ اسان کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟“
ٻار ڄڻ ماءُ جي جواب مان مطمئن نه ٿيو هجي. ان عجب مان سوال پڇيو.
”پٽ ان کي رب چئبو آهي. جنهن اسان کي تنهنجين ڇهندڙ آڱرين جهڙي پاڻيءَ مان ڳوهي پيدا ڪيو.“
رب، ٻار سوچيو. اهو ڪيڏو نه عظيم هوندو؟ اهو ڪيئن هوندو؟ جيڪو ٺاهي ٿو ۽ اسين ٺهي پئون ٿا.
”امڙ رب ڪيئن آهي“ ٻار وري تجسس مان سوال ڪيو.
ماءُ چپ ٿي وئي. هن جي ناسي نيڻن ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ ذري گهٽ سڏڪو هن جي نڙيءَ مان نڪري ڪنڊي جيان ڦاسي پيو.
”پٽ رب انهن کي نظر ايندو آهي، جيڪي ڏسي نه سگهندا آهن.“ پوءِ ماءُ وري ٻار جي مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو. ”تون ڏس ۽ مونکي ٻڌاءِ اهو ڪيئن آهي!“
ماءُ جي جواب تي ٻار حيران ٿي ويو ۽ اهو انڌيرن ۾ ڪنهن غير واقع عڪس کي ڳولهڻ لڳو. اتي اوندهه هئي ۽ اوندهه پويان اوندهه اڏامي رهي هئي.
ماءُ ٻارَ کي دنيا ۽ ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ جي تصويرڪشي ڪري ان عڪس کي محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ٻار جڏهن گرم ڌرتيءَ تي گهميو ته ان پڇيو.
”امان! هيءَ ڇا آهي جيڪا منهنجي پيرن کي جلائي ٿي!“
”پٽ اها اس آهي. جيڪا ڌرتيءَ کي ٽانڊا بڻائي رهي آهي. هو مٿي سج آهي، جنهن سان اکين وارا اکيون ملائي نه سگهندا آهن.“
ماءُ هن کي هر شيءِ سمجھائي محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻار هر شيءِ تي حيرت مان پنهنجون بي نور اکيون ڇنڀي، هٿن کي هوا ۾ هڻي، ان احساس کي پنهنجي ذهن ۾ سمائي تصوراتي عڪس جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. هن وٽ سج جو پنهنجو عڪس هيو ۽ اس جو پنهنجو رنگ هيو.
پوءِ جڏهن سانوڻ جا وسڪارا ٿيا ته پاڙي جا ٻارَ گهٽيءَ ۾ نڪري ٽپا ڏئي، وسندڙ مينهن جي بوندن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳا.
”الله سائين مينهن وساءِ، گوڏي جيڏي گپ ڪراءِ“ ٻار گهٽيءَ مان اٿندڙ آواز تي اتاولو ٿي ويو ۽ ان ماءُ کي سڏڻ شروع ڪيو. ماءُ ٻار کي هٿ کان ورتو ۽ آڻي کليل اڱڻ ۾ بيهاريو. وڄ جي چمڪي ۾ گجگوڙ سان وسندڙ مينهن جون بوندون ڄڻ گهمسانَ جي لڙائيءَ ۾ ڪنڌ ڪٽائيءَ ڪرندڙ لاشن جيان ٿي ڪريون.
”امان هي پاڻي ڪِٿان ڪري رهيو آهي؟ ـــ هيءَ ٿڌي هوا ۽ گجگوڙ جا آواز. اهو سڀ ڇا آهي؟“
ماءُ وسندڙ مينهن ۾ معصوم جي منهن کي ڏسي مرڪي رهي هئي، پر ان جي اکين جا ڳوڙها منهن تي پوندڙ مينهن ڪڻين ۾ ملي هيٺ وهي رهيا هيا.
”پٽ اهو مينهن آهي“ ماءُ ڏاڍي شفقت مان چيو
”اها رحمت آهي جيڪا پاڻيءَ جي صورت ۾ بادلن مان ڇڻي تتل ڌرتيءَ تي ڪري رهي آهي.“
”امان بادل ڪيئن آهن؟“ ٻار وري پڇيو.
”پٽ بادل اوندهه جهڙا ڪارا، اهي پاڻيءَ سان ڀريل ۽ وڄ ۾ چمڪندڙ هوندا آهن.“
ٻار پنهنجين بي نور اکين سان ڏٺو ـــ اتي هزارين ڪارا گهرا بادل هيا. جيڪي طوفان ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ ڏانهن ڊوڙي رهيا هيا. اتي اکين جهڙي ڪاراڻ ۾ هر طرف پاڻي ئي پاڻي هيو. کاري پاڻيءَ جو سمنڊ پر وڄ جي روشني ڪٿي به چمڪي نه رهي هئي. ٻار اداس ٿي ويو ۽ ان جي تصور جي دنيا جا عڪسَ بلند عمارتن جيان اڀرندا ويا. ان جي اکين اندر آسمان هيو، چنڊ هيو، تارا هيا، جھڙ هيو ۽ وهندڙ پاڻي هيو.
”امڙ روشني ڪنهن کي چئبو آهي؟“
ماءُ ٻار جي اکين ۾ ڏٺو. جيڪي اوندهه ۾ ستارن جيان روشن هيون.
”پٽ روشني ان کي چئبو آهي جيڪا اوندهه مان اڀري“.
ماءُ چيو.
ٻار تصور ۾ ڏٺو هن جي بي نور اکين جي انڌيارن ۾ ڪٿي ڪو هيڊي رنگ جو ڳوڙهي جهڙو ڏيئي جو ٻرندڙ شعلو اميد جي ڪرڻي جيان لڏي رهيو هيو.
”ها امان مان ڏسان ٿو“ ٻار حسرت مان چيو ”ڪا شيءِ آهي جيڪا انڌيارن ۾ مختلف آهي.“
ماءُ مرڪي پئي. ان جي چهري تي خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي.
”امڙ اوندهه ڇا ٿيندي آهي“ ٻار وري معصوميت مان سوال ڪيو.
”پٽ هر شيءِ اوندهه آهي. اوندهه پويان هر شيءِ موجود آهي. ڌرتي، دنيا، ڪائنات ۽ هر شيءِ ڪاري ڌوڙ جي غلاف ۾ ويڙهيل آهي. جڏهن اکين ۾ سج اڀري ٿو ته هر شيءِ نروار ٿئي ٿي.“
ٻار اتاولو ٿي ويو.
”ته پوءِ منهنجين اکين جو سج ڪڏهن اڀرندو؟“ ٻار ذري گهٽ روئندي چيو.
ٻار ماءُ جي هٿ کي پنهنجي ننڍڙي هٿ سان جنجھوڙي سوال ڪندو رهيو ۽ ماءُ ڄڻ اندر ۾ سڏڪي پئي.
”ها پٽ خدا ڪندو تنهنجين اکين ۾ اهڙو سج ضرور اڀرندو جنهن جي روشنيءَ جا ڪِرڻا ڪائنات جي هر شيءِ تي پوندا.“ ماءُ ٻار کي دعا ڏني ۽ ان جي ننڍڙين ٻانهن کي پنهنجي ڪنڌ ۾ ورائي ان جي ڳل کي پنهنجي ڳل سان لائي ڇڏيو.
ٻار جيئن وڏو ٿيندو ويو. هن جي ڪائنات به وسيع ٿيندي وئي. ماءُ جون اکيون ڄڻ ٻار جون اکيون هيون. ماءُ جي دل ٻار جي دل هئي. ماءُ جا سڀ حواس ٻار جا حواس هيا.
ٻار جو بحث ڏينهون ڏينهن ماءُ سان وڌندو ويو. دنيا ٻار لاءِ هڪ عجائب گهر هئي. اها اسرارن سان ڀرپور ڪنهن اڻ کٽ ڊگهي غار ۾ درد ۽ خوف جي دونهين مان ٺهندڙ عجيب ۽ غريب نقش ۽ نگار سان موجود هئي.
ماءُ ڪڏهن گل پٽي ٻار جي جھول ۾اڇلائيندي هئي، ۽ ٻار هر گل جي خوشبوءِ مان ان جي قسم جو اندازو لڳائيندو هيو.
”امڙ خوشبوءِ ڇا کي چئبو آهي؟“ پوءِ هو وري معصوميت مان سوال ڪندو هيو.
ماءُ هن جي سوال تي ڪڏهن به خفي نه ٿي.
”پٽ خوشبوءِ اڏامندڙ روح کي چئبو آهي. جڏهن ڪنهن شيءِ جي خوشبوءِ ختم ٿي وڃي ته اها مري ويندي آهي.“
هوءَ چوندي هئي ۽ ٻار وٽ روح هڪ مقدس ديوتا جيئن ڪَرُ کڻي بيهي رهندو هيو، جنهن کي هن جي دل سجدو ڪرڻ چاهيندي هئي.
ماءُ هن کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ پئي چاهيو جيڪي دنيا ۾ موجود آهي. پوءِ ان هن کي ڏک، درد، خوشي، مايوسي، اميدي نا اميدي جهالت، ڏاهپ، انصاف، نا انصافي، ايمانداري بي ايماني، ترقي زوال، شڪر نا شڪري، ظلم، بغاوت، حڪمراني، محڪومي، دنيا آخرت، جنت دوزخ اولياءَ عالم، نبي پيغمبر، خدا ۽ هر ان شيءِ جي باري ۾ ٻڌايو جيڪا ڪنهن مونجھاري جي صورت ۾ ٻار جي دل اندر موجود هئي.
ائين وقت گذرندو ويو ۽ٻار پنهنجي تصوراتي دنيا ۾ پرورش وٺي وڌندو رهيو.
جڏهن ٻار ڏهن سالن جو ٿيو ته ماءُ کي خبر پئي ڪا غير ملڪي ڊاڪٽرن جي ٽيم هن ملڪ جي بدنصيب نظرن کان محروم ماڻهن لاءِ اکين جو تحفو کڻي پيوندڪاريءَ لاءِ پهتي آهي. ماءُ ڏاڍي خوشي ٿي. هن سوچيو، جيڪر هن جو معصوم به ڏسي سگهي. جيڪر هوءَ انهن ڊاڪٽرن وٽ پهچي پوي جن وٽ هن جي ابهم جي اکين جي روشني آهي. هن جي معصوم جو نور آهي.
اخبارن ۾ اعلان ٿيا ته نظر کان محروم ڪجهه ٻارن کي اکين جي پيوندڪاري ڪري نوبنو ڪيو ويندو. جيڪي شخص فائدو وٺڻ چاهين اهي جلد رابطو ڪن.
اها خبر ٻڌي ماءُ جي من چاهيو ته هوءَ سڀني کان پهريون اتي پهچي پنهنجي ٻار جي اکين جو نور حاصل ڪري سگهي. ماءُ ڪجهه گڏ ڪيل پونجي هٿ ڪئي ۽ پوءِ مختصر سامانَ سهيڙي هوءَ ٻار کي وٺي ان اسپتال ۾ اچي پهتي جِتي اهي غير ملڪي ڊاڪٽر نظر کان محروم ماڻهن جي اکين جو معائنو ڪري رهيا هئا.
ماءُ کي ٻار سان گڏ مريضن جي هڪ ڊگهي قطار ۾ ويهاريو ويو ۽ نظر کان محروم هر انسان رب کي عرض ڪرڻ لڳو ”اي خدا منهنجي دنيا کي روشن ڪر ـــ مونکي نوبنو ڪر منهنجي مدد ڪر.“
ڊاڪٽر هر شخص کي وڏي ڌيان ۽ اطمنان سان چڪاسيندا رهيا ـــ آخر اهڙو وقت به آيو جو ماءُ ٻار کي ساڻ ڪري وڃي انهن کي ويجھو پهتي. ڊاڪٽرن ٻار جي اکين کي تپاسيو، ڊاڪٽرن ماءُ کي دلجاءِ ڏني.
”هي ٻار ضرور ڏسندو.“ انهن مان هڪ نيڪ صورت ڊاڪٽر ماءُ کي اعتماد سان چيو. ”هيءُ هر لحاظ کان فٽ آهي، صرف اکين لڳڻ جي دير آهي. اسان هن کي اکيون ضرور عطيي ۾ ڏينداسين.“
”خوشيءَ کان ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن هر هر هٿ کڻي ڊاڪٽر کي دعائون پئي ڏنيون.
”خدا توهان کي خوش رکندو“ ماءُ چيو ”توهان منهنجي ٻار جي دنيا روشن ڪندا ـــ خدا توهان جي آخرت روشن ڪندو“ ڊاڪٽر ٻار کي وارڊ ۾ داخل ڪيو ۽ آپريشن جي تاريخَ ڏني. وارڊ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ٻار نئين دنيا کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍو بي چين هيو. هن جيڪي محسوس ڪيو هيو اهو سڀ هڪ روپ وٺي هن آڏو نروار ٿيڻ وارو هيو.
ماءُ هن کي دلاسا ڏئي، ايندڙ وقت جي باري ۾ ٻڌائيندي رهي جيڪو اميدن سان ڀرپور ۽ روشنين سان منور هيو.
پوءِ هو ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ ان گهڙيءَ جو انتظار ڪندا رهيا جڏهن ٻار لاءِ هڪ نئين زندگيءَ جي ابتدا ٿيڻ واري هئي. آخر اهو وقت به اچي ويو جڏهن ٻار کي هڪ وڏي ٽيبل تي سمهاري آپريشن لاءِ تيار ڪيو ويو. غير ملڪي ڊاڪٽرن وڏي احتياط ۽ ڌيان سان هن جي اکين جي پيوندڪاري ڪئي. ماءُ پنهنجي ٻچڙي لاءِ رب آڏو جھول جھلي دعائون گهرندي رهي.
”اي رب منهنجي ٻچڙي کي ديد عطا فرماءِ. هن کي نوبنو ڪر. هن کي روشني ڏي.“
ڪجهه وقت کانپوءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم آپريشن ٿيٽر مان نڪري ماءُ کي مبارڪ ڏيندي چيو.
”ٻار جو آپريشن ڪامياب ٿيو آهي. خدا ڪندو هو ضرور ڏسندو.“
جڏهن ٻار کي واپس وارڊ ۾ آندو ويو ته ان جي اکين چوڌاري پٽي ويڙهيل هئي ۽ اهو ڪنهن گهري ننڊ ۾ ڄڻ ڪنهن نئين صبح جو انتظار ڪري رهيو هيو. ٻئي ڏينهن اکين جي هڪ ماهرڊاڪٽر ٻار کي تپاسيو ۽ ماءُ کي دلداري ڏني.
”هڪ هفتي کانپوءِ هن جي پٽي کولي ويندي.“ ان اعتماد سان چيو. ”گھٻرائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي.“
ڊاڪٽر جي آٿت تي ڄڻ ماءُ جي هيان ءَ تي پاڻيءَ ڇنڊو پيو.
”خدا توهان کي خوش رکندو.“ ماءُ چيو ”توهان جا احسان مان زندگي ڀر نه وساري سگهندس.“
ڊاڪٽر مرڪيو ۽ ٻار جي مٿي تي پيار مان هٿ ڦيري هليو ويو.
”امڙ شفا ڇاکي چئبو آهي؟“ ٻار وري سوال ڪيو.
”پٽ شفا خدا جي هٿن ۾ هوندي آهي ۽ اهي هٿ ڪڏهن ڪنهن انسانَ جي ڪراين ۾ لڳل هوندا آهن.“
جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا ته ڊاڪٽرن جي ٽيم ان ٻار مٿان پهچي وئي ۽ هرڪو ان گهڙيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو جڏهن ٻار جي اکين جي پٽي کولي ويندي ۽ هو پهريون دفعو دنيا کي ڏسندو. هر ڪنهن جي منهن تي سرهائي هئي. ماءُ جا ڏڪندڙ هٿ هن جي تيز ڌڙڪندڙ دل ڪري سيني تي رکيل هيا. ان جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هيا.
هڪ ماهر ڊاڪٽر اڳتي وڌي ٻار جي اکين تي ٻڌل پٽيءَ کي کولي ان جا وڪڙ هٽائن لڳو. سڀ سانت ٿي ويا.
”سڀ کان پهريون تون ڪهـڙي شيءِ ڏسڻ چاهيندي؟“
ڊاڪٽر ٻار کان سوال پڇيو.
”پنهنجي امڙ کي“ ٻار ڪنهن جھجھڪ کان بغير چيو.
ماءُ کي ٻار سامهون بيهاريو ويو جيئن اهو اکيون کولڻ سان سڀ کان پهريون ان جو نظارو ڪري سگهي.
جڏهن پٽي کلي وئي ته ڊاڪٽر ڳالهايو.
”پٽ اکيون آهستي آهستي کول؟“ ان ٻار کي چيو.
ٻار آهستي آهستي اکيون کوليون ۽ تجسس مان سامهون ڏٺو. هن جي چپن تي مرڪ اچي وئي.
”پٽ هوءَ تنهنجي ماءُ آهي“ ڊاڪٽر ماءُ ڏي اشارو ڪندي چيو ”ڏس ڪيئن نه تو ڏانهن ڏسي خوشيءَ مان مرڪي رهي آهي.“
ٻار پهريون دفعو ماءُ کي ڏٺو. هن پهريون دفعو مامتا کي ڳوڙهن جي روپ ۾ وهندي ڏٺو. ماءُ جنهن جي اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها وهي رهيا هيا. ماءُ جيڪا دنيا جي خوبصورت ترين هستي هئي. ماءُ جنهن جي چهري مان جنت جا گل ڇڻي رهيا هيا. ماءُ جنهن جي پيشانيءَ تي شفقت چمڪي رهي هئي. ماءُ جنهن جي دعا لاءِ مٿي کنيل هٿن ۾ نور نظر اچي رهيو هيو.
ٻار ماءُ کي دل کولي ڏٺو ۽ ان جي هر نقش کي پنهنجين اکين ۾ سمائي ڇڏيو. ڊاڪٽر پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش ٿي ٻار ۽ ماءُ طرف ڏسندا رهيا.
اوچتو بجلي بند ٿي وئي ۽ هر طرف ڄڻ اوندهه جا ڪارا پردا هيٺ ڪري پيا. گھگھ ٿي ويو هر شيءِ ڪاراڻ پويان گم ٿي وئي.
اونداهه ۾ ٻار جي رڙ اڀري.
”امان............. مان وري انڌو ٿي ويس.“ هو رڙيون ڪري اوندهه ۾ ماءُ کي سڏيندو رهيو.
”امان مونکي ڪا به شيءِ نظر نه اچي رهي آهي. مان توکي نه ڏسي رهيو آهيان..... مان انڌو ٿي ويس.“
ٻار اوندهه ۾ روئندو رهيو.
ماءُ اوندهه ۾ هٿ هڻندي هن مٿان آئي ۽ پنهنجي سيني سان لائي دلداري ڏيندي چيو.
”پٽ تون انڌو نه ٿي ويو آهين......... ان کي لوڊشيڊنگ چئبو آهي.“