ڪھاڻيون

حليمان

ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون موضوع جي لحاظَ کان مختلف آهن. منهنجين لکڻين ۾ موضوعن جي کوٽَ نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا جي لکڻين جو سڀ کان وڏو موضوع پيار آهي پر پيار يونيورسٽين تائين محدود نه آهي. اسان کي پيار جي ڪينواس کي وسيع ڪرڻو پوندو.
  • 4.5/5.0
  • 2455
  • 749
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حليمان

حليمان

نيٺ هن کي سڀ ڇڏي ويا. اهو ٻالڪ جنهن کي هوءَ پيار مان نانڪ چوندي هئي. آخر جوان ٿيو. سندس شادي ٿي ۽ پوءِ هو شهر ڏانهن هليو ويو. نانڪ هن جي وڏي ڀائٽي ڏاتوءَ جو سڀ کان ننڍو ٻار هيو. ڄمندي ئي يتيم ٿي ويو. سندس ماءُ حاجران جنم ڏيڻ کان پوءِ رب ڏي راهي ٿي. هن کي پالڻ لاءِ ٻيو ڪو به نه هيو. ننڍي نانڪ کي حليمان جي حوالي ڪيو ويو. حليمان کي ڪا به اولاد نه هئي، تنهن وڏي قربَ مان نانڪ کي سيني سان لائي پالنا ڪئي، پوءِ آخر اهو ٻار جوان ٿي هن کان موڪلائي هليو ويو.
حليمان جنهن جي وجودَ مٿان وقت جي واءُ ائين لنگهي وئي جيئن واريءَ جي ڀٽن مٿان، جنهن جي لڳڻ ڪري اتي گهنج ٺهي پوندا آهن. وقت هن کي اداس ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو. هوءَ گهر جي اڱڻ ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان چپ چاپ ويٺي هوندي هئي، سندس ڀر ۾ پاڻيءَ جو برمو لڳل هوندو هيو ۽ مٿان ڪنڊيءَ جي وڻَ تي ويٺل ڳيرا پنهنجي آواز ۾ پيا ماضيءَ کي ياد ڪندا هيا. اهو گهر رازق ڏني خاندان جو ان ڳوٺ ۾ آخري نشان ڪيو. پڪسرين ٿلهين ڀتين سان اڏيل اهو ڪو خاص وڏو ته نه هيو. پويان ٻه ڪمرا هيس، اڳيان هڪ ڊگهو دالان ۽ اڱڻ جِتي پوڙهيءَ جا آخري ڏينهن ڏاڍا خاموشيءَ سان گذري رهيا هيا. گهر جي سڄي پاسي کان هڪ ڏاڪڻ هئي جنهن تي وقت ٿيو هوءَ نه چڙهي هئي. کيس خبر هئي ته مٿي آڳند جي ڇت گذريل مينهن ۾ ڊهي ڪري پئي آهي. اها هن لاءِ ڏک جي ڳالهه هئي پر سندس وس جي نه هئي. ان جاءِ سان هن جون سڀ يادون وابستا هيون. آڳند جي ڀڳل ڇت ائين هئي جيئن هن جون يادون غير محفوظ ٿي ويون هجن.
حليمان هڪ ڏينهن گهر جي ڪمري ۾ وئي ۽ هن وڏي جست واري پيٽيءَ جو ڍڪ کولي ان مان پراڻن ڪپڙن جون هڙون ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيون. انهن ميرين هڙن ۾ هن پراڻا ڪپڙا سانڍي رکيا هيا ته ڪنهن واندي وقت هوءَ انهن پراڻن ڪپڙن کي ڪٽي رلهي ٺاهيندي. اتي پراڻين ميرين هڙن ۾ ايترا ڪپڙا گڏ ٿي چڪا هيا جو هوءَ انهن کي ڪٽي آسانيءَ سان هڪ رلهي تيار ڪري پئي سگهي. هن ننڍڙيون هڙون ٻاهر اڱڻ ۾ پيل کٽ تي رکيون ۽ پوءِ هن قينچي هٿ ڪئي، سندس ديد ايتري سلامت هئي جو هن کي ٿلهن شيشن واري عينڪ مان ٿوري جاکوڙ کان پوءِ ڌاڳو ٽپائڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي رهي هئي.
هن جڏهن پهرين هڙ کولي ته ان مان ماضيءَ جي دز ائين اڏامي جيئن وقت جو روح ان هڙ ۾ قيد ٿيل هجي ۽ آزادي ماڻي مٿي اڀريو هجي. ان هڙ مان نڪتل پراڻو ڄمونءَ رنگ وارو چولو ڏسي پوڙهيءَ جي آهه نڪري وئي . سندس جوانيءَ جا اهي ڏينهن وري آيا جيڪي تازن ڄمن جيان ڪنهن يادِ جي وڻ ۾ لڙڪي رهيا هيا. اهو چولو جيڪو هن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ پاتو ان هڙ اندر اهڙو محفوظ هيو جيئن ڪنهن وقت سندس جواني ان چولي اندر محفوظ هوندي هئي. هن قينچي کنئي ۽ ان کي ڪٽي چوڪور چتيون ٺاهيون. سئيءَ ۾ ڌاڳو وجھي تيار ڪيو ۽ پوءِ هوءَ چتين کي ملائيندي ماضيءَ جي انهن گهڙين ڏانهن هلي وئي جڏهن سندس مڙس ستارو جيئرو هيو. جوانيءَ ۾ ان شخصَ جي عظمت ۽ شجاعت جي هاڪَ هوندي هئي. ڳوٺ جو واحد فرد هيو جيڪو طاقت ور ڏاند کي سڱن کان وٺي هيٺ دسي ڪنڌ تي ڪاتي ڦيريندو هيو. پوڙهيءَ ياد ڪيو سندس مٿان بيٺل ڪنڊيءَ جو وڻ سالن کان ساڳيو هيو، ڳيرن جا آواز ساڳيا هيا پر هوءَ ان کٽ تي اڪيلي هئي جِتي ڪڏهن ستارو هن جي ڀر ۾ ويٺل هوندو هيو. هن زندگيءَ جا ٽيهه سالَ ستاروءَ سان گذاريا پر رب انهن کي اولاد کان محروم رکيو. گهڻا ئي پير فقيرَ رليا، ڳوٺ ٻاهران جيئي شاهه جي مزارَ تي پڙ چاڙهيائون باسون باسيائون پر انهن کي اولاد نه ٿي. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن مائي حاجران گذاري وئي ته تازي ڄاول نانڪ کي هن جوڙي حوالي ڪيو ويو. ان جوڙي چئن ٻانهن سان ان ننڍڙي ٻار کي پالڻ لاءِ ورتو ۽ پوءِ ان ٻالڪَ جي پرورش حليمان جي ئي هنجَ ۾ ٿي. حليمان ان ٻالڪَ سان وڏا منهن ڏنا. ننڍي عمر ۾ ان کي اکين جي ڪا اهڙي بيماري لڳي جو سندس جوانيءَ تائين ان مان جند نه ڇٽي. تن ڏينهن ۾ ڀوپا اکين جو علاج ڪندا هيا. اهي ڪنهن تيز ڌار آلي سان اکين کي ڇلي صاف ڪندا هيا. حليمان کي اهي هيانءُ ڦاڙ ڏينهن ياد آيا جڏهن ڀوپا ٽولن جي صورت ۾ هڪ ميري رومال ۾ ڪٽ لڳل ڌاري دار اوزار ڪڍي کٽ تي رکندا هيا ۽ پوءِ نانڪ کي ٻانهن کان پڪڙي هن جي اکين ۾ اهي اوزار هڻي انهن کي ڇلي صاف ڪرڻ جي دعوا ڪندا هيا.
”اڙي ستارو انهن کي روڪ“ هوءَ رڙ ڪري چوندي هئي“ اهي منهنجي نانڪ جون اکيون ڪڍي ڇڏيندا.“
هوءَ رڙيون ڪري روئندي هئي ۽ ستارو ان آسري ۾ ته من نانڪ جون اکيون ٺهي پون هن مٿان پئسي کي پاڻيءَ وانگر وهايو. ڀوپا ڪيترا ڏينهن نانڪ جون اکيون ڇليندا رهيا. اهي هر دفعي اکين ڇلڻ کانپوءِ انهن ۾ کنڊ جون چپٽيون ڀري وجھي مٿان تازي ڳوٿل مٽيءَ جا گول پها اڳڙيءَ سان ٻڌي هليا ويندا هيا، پر نانڪ جون اکيون ويون ٿي ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون. پوءِ اهڙو وقت به آيو جو روڳ انهن اکين مان ڳوڙهن جيئن وهڻ لڳو.
حليمان روئي روئي ساڻي ٿي پئي. ستاروءَ هن کي گهڻا دلاسا ڏنا.
”ٻيو آخر اسان جي وس ۾ ڇا آهي؟“ هن چيو ”اهوئي ته آهي جيڪو اسين ٻالڪ لاءِ ڪري سگهون ٿا.“
نانڪ جي بيماري ڪڏهن ختم نه ٿي. اها سندس زندگيءَ جو حصو بنجي وئي. پوڙهيءَ رلهي سبندي اکين اڳيان ڌنڌ محسوس ڪيو. هن عينڪ لاهي ڳوڙها اگهيا ۽ پوءِ وري هن عينڪ اکين تي رکي ڄمونءَ رنگ واريون چتيون پاڻ ۾ ملائڻ شروع ڪيون. هن کي ياد آيو ستاروءَ لاءِ انهن ڏينهن سندس بهادريءَ جا ڪيڏا ته قصا مشهور هيا، پر هوءَ محسوس ڪندي هئي ته انهن ۾ وڌاءُ آهي. ماڻهو هن جي پهلوان شخصيت مان ڪجهه وڌيڪَ متاثر هيا. هن لاءِ مشهور هيو ته هو ڏائيڻن سان راتيون گذاريندو آهي. اهو ياد ڪري پوڙهيءَ شرم کان رئو سوري پنهنجي مٿي تي رکيو. تن ڏينهن ڳوٺ کان ٻاهر ٻنيءَ تي ٺهيل پيهي مٿان ستاروءَ جون راتيون گذرنديون هيون. ڳوٺ ۾ اهي ڳالهيون عام هيون ته رات جو اڪثر ڏائڻيون چرخ تي چڙهي روشنيءَ وارو گولو هيٺ مٿي اڏارينديون اتان لنگهندي ڏٺيون ويون آهن. هڪ اهڙي ئي رات جڏهن ستارو پنهنجي ٻنيءَ واري پيهي تي ستل هيو ته ڪا ڏائڻ چرخ تي چڙهي پريان روشنيءَ جو گولو هوا ۾ اڏاريندي پئي آئي. ستارو پيهي جو پاسو وٺي لڪي بيهي رهيو. جڏهن ڏائڻ اتان لنگهي ته هن ٽپو ڏئي چرخ پويان چڙهي وڃي هن جي چوٽيءَ ۾ هٿ وڌو. هن ڏائڻ کي هيٺ ڪيري چاقوءَ سان هن جون کڙيون وڍي ڇڏيون. ڏائڻ بي وس ٿي وئي. ان جو طلسم ۽ طاقت ٽٽي پيا. پوءِ چون ٿا ته هو ڏائڻين کي نه بخشيندو هيو ۽ آخر ۾ انهن کي جيئندان ڏئي واپس چرخ تي ويهاري ڇڏي ڏيندو هيو. پوڙهيءَ لاءِ اهي سڀ شرم جهڙيون ڳالهيون هيون جيڪي نه چاهيندي به سندس دماغَ ۾ اچي رهيون هيون.
مرڻ کان ڪجهه مهينا پهريون ستاروءَ کي سج لٿي مهل ٻاهران سڏ ٿيندا هيا. پوڙهيءَ کي اڄ به اهي پراسرار سڏ ياد هيا جيڪي هن پنهنجن ڪنن سان ٻڌا.
”ستارو........ اڙي او ستارو!“ وڏي واڪ اوندهه مان گهر ٻاهران ڪو هن کي پڪاريندو هيو ۽ جڏهن ستارو تيزيءَ مان در ٽپي ٻاهر نڪرندو هيو ته اتي اونداهه ۾ ڪو به موجود نه هوندو هيو. انهن سڏن جا آواز ڪيتريون راتيون ايندا رهيا، پر باوجود ستاروءَ جي هر ممڪن ڪوشش جي هو ان شخص کي نه ڏسي سگهيو. هو سوچيندو هيو ته آخر اهو ڪيرآهي جيڪو هن کي روز سڏي ٿو؟ هن ڪنهن سياڻي کي جڏهن ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته تنهن سندس موت جي اڳڪٿي ڪئي. ستارو تنهن کانپوءِ ٽي مهينا جيئرو رهيو ۽ سندس ويٺي ويٺي اوچتو موت ٿيو.
رلهي سبندي پوڙهيءَ جڏهن ڄمونءَ رنگ جي آخري چتي هنئين ته سندس اکيون ڌنڌ لڪيون ٿي ويون. ٻه ڳوڙها هيٺ ڪري هن جي گهنجن ۾ وهي ويا.
هن جڏهن ٻي هڙ کولي ته ان مان ميٽائي رنگ جا سوٽي ڪپڙا نڪتا. هن انهن .کي هلڪو ڇنڊڪو ڏنو. ڌوڙ اڏامي ۽ ان ڌوڙ جي ڌنڌ اندر ڪيترا عڪس اکيون ڦاڙي پوڙهيءَ طرف ڏسڻ لڳا. هن وري قينچي سڌي ڪري ڪپڙن کي ڪٽيو. ميٽائي رنگ جي چتين کي سئيءَ سان سبندي هن جي يادن جو سلسلو هڪ دفعو وري ماضيءَ سان جڙي ويو.
اهو ساڳيو جوڙو هيو جيڪو هن کي ان وقت پاتل هيو جڏهن هوءَ ان ساڳيءَ جاءِ جي مٿين ماڙ تي کليل دريءَ مان رڙيون ڪري روئي رهي هئي. هيٺ دالان ۾ پينگهي اندر ننڍڙو نانڪ گهري ننڊ ۾ ستل هيو. اهو اهوئي وقت هيو جڏهن وڏيري قلندر بخش جا ڪُتا سوئر پويان ڀونڪندا پئي آيا. هڪل کانپوءِ ٻيلي مان ٽاهه کائي سوئر ڳوٺ طرف ڀڳو هيو. ڳوٺ جا ماڻهو خوف مان در ۽ دريون بند ڪري گهرن ۾ قيد ٿي ويا هيا. سوئر ٻيو ڪو رستو نه ڏسي حليمان جي گهر جو کليل در ڏسي ان ۾ اندر ٽپي پيو هيو. ان وقت هوءَ مٿي آڳند وٽ ڌوتل ڪپڙا اُسَ ۾ سُڪڻا وجھي رهي هئي. پريان هڪل ٿي. ماڻهن جو لڙ ٿيو ڪُتا ڀونڪيا ۽ هن دريءَ مان هيٺ اڱڻ ۾ ليئو پاتو. جھنگلي سوئر سندس گهر جي چائنٺ ٽپي اندر داخل ٿي چڪو هيو. هن وٺي رڙيون ڪيون.
”اڙي منهنجو ننڍڙو نانڪ هيٺ پينگهي ۾ ستو پيو آهي“ هن ٻئي هٿ کڻي پنهنجي مٿي ۾ هنيا“ اڙي ان کي بچايو.“
وڏيري جا ڪمدار اکيون ڳاڙهيون ڪري پويان ڪتن کي جھليون بيٺا هيا.
”مائي هيٺ نه لهجانءِ“ ڪنهن رڙ ڪري هن کي چيو“ اتي بيهه اسان ڪو بندوبست ڪيون ٿا.“
ڪنهن کي همت نه ٿي جو اڳتي وڌي سوئر ۾ هٿ وجھي. ستارو ڪنهن ڪم سانگي ڳوٺ کان ٻاهر ويل هيو. سوئر سڄي گهر ۾ گهميو. هو دالان ۾ ويو ۽ نانڪ جي پينگهي کي ٿوڻيون هنيون. پينگهو تيز جھولڻ لڳو. نانڪ پينگهي ۾ آرام سان اکيون ٻوٽي ستل هيو. سوئر اتي لڪڻ لاءِ ڪا مناسب جاءِ نه ڏسي واپس در ڏانهن موٽيو. حليمان ڊڪندي هيٺ آئي ۽ کڻي در کي ڪنڍو چاڙهيائين. پينگهي وٽ پهچي ننڍڙي نانڪ کي ٻانهن ۾ کڻي سيني سان لاتائين. ٻالڪ جاڳيو ۽ ان روئڻ شروع ڪيو.
سوئر سنهي گهٽيءَ مان نڪري کٻي پاسي ڳوٺ جي پڌر ڏي مڙيو ته ڪتا ڪڍ لاتائونس. سوئر ٽاهه کائي وٺي کڙين تي زور ڏنو، سامهون ولي محمد ڪوري اچي ويس، ٿوڻيءَ تي کڻي جيئن ئي ولي محمد کي پري ڦٽو ڪيائين ته سوئر جي ڪاتن رانون چيري رت ۾ ڳاڙهو ڪري ڇڏيس. همراهه رڙيون ڪري هيٺ ڪريو. سوئر پويان ڪوڪرا پئجي ويا ۽ نيٺ قابو ڪري وڏيري جي ڪوٽ طرف وٺي ويس. ويچارو ولي محمد سور کان ڦتڪندو رهيو. ڳوٺ جي حڪيم هادن سندس چڱي چڪاس کان پوءِ وڏيري قلندر بخش کي صلاح ڏني ته ڳائي کير جي ڀريل ڪونر ۾ هن کي اگهاڙو ڪري رکيو وڃي جيئن کير هن جي زخمن کي ٺاري سگهي. ولي محمد حليمان جو سڳو ماسات هيو. نانڪ ته بچي ويو پر ماسات جي حالت ڏسي هوءَ اندر ۾ پڄرندي رهي. هن کي ان جا اهي زخمَ ياد هيا جيڪي ڪنهن ڌاڳي جيئن ڊگها هيا ۽ انهن جي گهرائيءَ مان تيزيءَ سان رت رسيو پئي. هن کي ولي محمد چڱيءَ طرح ياد هيو جيڪو وڏيري جي اوطاقَ ٻاهران هڪ ڪونر اندر کير ۾ اگهاڙو سمهيل هوندو هيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ماڻهن ڏٺو اهو کير پيلي رنگ ۾ تبديل ٿي ويو. حڪيم هادن ماڻهن کي سمجھايو.
”اهو کير زخمن جو زهر چوسي پيلي رنگ ۾ بدلجي چڪو آهي“. هن هر ڪنهن کي خاطري ڏني.
کير کي ٻه چار دفعا تبديل ڪيو ويو جيئن سمورو زهر تازي کير ۾ رسجي ختم ٿي وڃي، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان ڪونر مان ولي محمد جو لاش ڪڍيو ويو. هن جا زخمَ حد کان وڌيڪَ هيڊا ۽ بدبودار ٿي چڪا ٿيا. جسم اهڙو اڇو هيس جيئن ڪنهن مصر جي مميءَ تي ململ ويڙهيل هجي.
جنهن وقت ماڻهو ولي محمد کي دفنائي رهيا هيا ان وقت وڏيرو ڪوٽ اندر ان ساڳي سوئر جي ڪتن سان ويڙهه ڏسي رهيو هيو ۽ هر هر سٿر تي هٿ هڻي ٽهڪ ڏئي رهيو هيو.
پوڙهيءَ خاڪي رنگ جي آخري چتين کي ڳنڍيندي محسوس ڪيو ته ان رنگ ۾ ڄڻ ولي محمد جي قبر جي مٽيءَ جو رنگ سمايل هجي.
هن نا مڪمل رلهيءَ کي مٿي ڪري ڏٺو. هن جي پوڙهن هٿن ۾ اڃان به ساڳيو ڏانءُ هيو. سڀ چتيون هموار ۽ سڌيون سيبتيون لڳل هيون. پر رلهي اڃان نا مڪمل هئي.
هن جڏهن نئي هڙ کولي ته ان مان سندس سوکڙيءَ طور مليل هيڊي رنگ جا ڪپڙا نڪتا. ڪپڙا ڪافي پراڻا ۽ هنڌين ماڳهين ڌاڳن مان نڪتل هيا. انهن جو رنگ ڦٽيل هيو پر هن جي من تي چڙهيل ان هيڊي رنگ جو تهه اڃان تازو هيو. انهن هيڊن ڪپڙن کي ڏسي هن کي سکونتي ياد اچي وئي. اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ۽ ڳوٺ ۾ ڪافي گهر هندن جا هيا. ڳوٺ جي وڏي پڌر وٽ چوڌاري هندن جا هٽ هوندا هيا. اهو ڏاڍو سهانگو ۽ عزت ڀريو وقت هيو. ماڻهو ڪنهن خوفَ کانسواءِ امن ۽ آشتيءَ سان رهندا هيا.
حليمان پيلي جوڙي کي ٻاهر ڪڍي ڇنڊي ڦوڪي، قينچي کڻي ان کي اهڙي ته پيارَ مان ڪٽيو جو هر چوڪور چتيءَ اندر هن کي سکونتيءَ جو چهرو پئي نظر آيو. هن کي اهي هيڊي رنگَ جون چتيون ڌاڳي سان سبندي محسوس ٿيون جيئن هوءَ گينڊي جي گلن کي هارَ ۾ پوئيندي هجي. ان جي هر حصي ۾ هن جي وڇڙيل ساهڙي سکونتيءَ جو چهرو سمايل هيو. صدين کان امن ۽ پيارَ سان رهندڙ ان ڳوٺَ جي رهواسين ڪڏهن الڳ ٿيڻ جو تصور به نه ڪيو هيو.
پوڙهي حليمان کي ياد آيو ان رات ڳوٺ جي ڏاکڻي پاسي ڏانهن بندوقن جا ٺڪاءَ ٿيا، هن کي هڪ گهري سانت کانپوءِ ماڻهن جي ڀڄڻ ڪري پيدا ٿيندڙ قدمن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، پوءِ هل ٿيو ۽ خبر پئي ته ٻروچن ٽي هندو ماري وڌا آهن. اهو ڳوٺ ۾ ٿيل پهريون وڏو واقعو هيو.
ڪجهه سالَ پهريون حليمان ٻڌو هيو ته رڪ اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور رام کي گولي هڻي ماريو ويو. اها خبر ٻڌي ڄڻ هن جي ڪنن ۾ خاموشي واسو ڪري وئي هئي، اهي سريلا آواز ڪيڏانهن عرش ڏي اڏري ويا هيا.هن کي ڳوٺ ٻاهران شاهه جي پڌر ۾ اهي راتيون ياد آيون جڏهن پوري رات اتي صوفي فقيرن جو راڳُ ٿيندو هيو ۽ پوئين پهر اسر ويل جڏهن ٿڌڙي هير ۾ اٿي ڀڳت ڪنور رام ڳائيندو هيو ته ماڻهو هن جي آواز تي زار و قطار روئيندا هيا. حليمان جي هٿن ۾ جھليل هيڊيون چتيون واءُ ۾ ڇڻيل پپل جي زرد پنن ۾ بدلجي ويون. جنهن رات ڳوٺ ۾ ٽي هندو مئا ان رات صبح سان هن پهريون دفعو ٻڌو ته مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ ٺهي رهيو آهي. هوءَ جڏهن سکونتيءَ وٽ وئي ته اتي هرڪو پنهنجو سامان سڙو ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪري رهيو هيو. هن سکونتيءَ کان ان جو سبب پڇيو.
”موهن جو پيءُ چوي ٿو ته اسان کي هيءُ ديس ڇڏڻو پوندو“ سکونتي جيڪا تمام گهڻي منجھيل هئي ۽ جنهن کي شايد ڪا به خبر نه هئي ته هن جي منزل ڪنهن طرف آهي، تنهن حليمان کي ڏاڍي ڏکوئيل آواز ۾ چيو.
”پر سکونتي...... هي پکا، هيءُ ڳوٺ، ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي اوچتو تون هلي وينديئن“ حليمان جنهن کي يقين ئي نه پئي آيو تنهن چيو. پوءِ رلهيءَ ۾ پيليون چتيون هڻندي حليمان کي لڏيندڙ اُهي. اڇي لِباسَ وارا هندو ياد آيا جن جون ناريون آلين اکين سان وات جي ڪنڊ ۾ روا ڦاسائي ٽانگن تي سوار ٿي رهيون هيون. سکونتيءَ موڪلائڻ مهل اهو پيلو جوڙو حليمان کي ڏنو. هن ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ اڄ سالن کان پوءِ سندس ساڳيو چهرو انهن چوڪور پيلن چتين اندر موجود هيو. حليمان کي گهڻا سال گذرڻ کان پوءِ به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته آخر مسلمانن جي ملڪ ٺاهڻ جو ڪهڙو ضرور هيو؟
رلهي ٺاهيندي حليمان جي روحَ کي ڄڻ سڪون پئي محسوس ٿيو. پيلي رنگ جون چتيون سڳي ۾ پوئجي ويون هيون، هن رلهيءَ کي کٽ تي وڇائي ڏٺو، اها اڃان اڌ کٽ جيتري مس هئي. هن جڏهن وري هڪ نئي هڙ کولي ته ان مان هڪ هلڪي سائي رنگَ جو چولونڪتو جنهن تي آر سان ڀريل ڪاري رنگَ جا گُلَ ڏسي هن کي مريم ياد اچي وئي. هن پنهنجا ڏڪندڙ هٿ ان چولي تي ڦيري سڌو ڪيو پوءِ قينچيءَ سان ان کي ڪٽي هوءَ وري يادن ۾ ويڙهجي وئي. اهو ساڳيو چولو هيو جيڪو هن آخري دفعو ان وقت پاتو هيو جڏهن مائي مريم دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. هن سڄي ڳوٺَ ۾ مريم جهڙي سهڻي عورت ڪونه ڏٺي. نانڪ جو مڱڻو هن جي ننڍي ڌيءَ سان ٿيل هيو. مريم جو مڙس احمد علي پنهنجي وقتَ جو جانٺو جوان هيو. هو هڪ قداور شخص هيو. سندس ڇاتي ويڪري ۽ رعبدار منهن تي مٿي ٿيل مڇون هونديون هيون. تن ڏينهن جڏهن غريب جي گهر ۾ لٺ به نه هوندي هئي ته هن جي ور ۾ طمنچو پيل هوندو هيو. ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهوءَ کي همت نه ٿيندي هئي ته احمد عليءَ سان پلوءُ اٽڪائي. جڏهن به گهر جو سودو کٽندو هوس ته رات جو ڪنهن سکيي گهر ۾ گهري اتان کڻي ايندو هيو. گهر ڌڻي ڀل جاڳندا هجن ۽ ڏسندا هجن پر سندس هٿ ۾ جھليل طمنچي اڳيان ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي ته کٽ تان اتي هن کي جھلي يا رڙ وات مان ٻاهر ڪڍن. احمد علي پنهنجي وقت جو دلير ۽ نرڄو انسان هيو ان جي ڀيٽَ ۾ مريم هڪ نرم دل ۽ وفا شعار عورت هئي. ان عورت جي خوبصورتيءَ کي ڏسي ماڻهو رشڪ ۽ حيرت کائيندا هيا ته احمد عليءَ جهڙي سخت ۽ کهري شخص جي حصي ۾ آخر اهڙي سهڻي عورتَ ڪيئن آئي؟
حليمان کي هلڪي سائي رنگَ جون چتيون هڻندي نظر اڳيان عبدالله جو چهرو اچي ويو. عبدالله مريم جو ننڍو ڀاءُ هيو. چهري تي هلڪي چاپڻي ڏاڙهي هوندي هيس جنهن مان هن جا عورتن جهڙا ڳاڙها ڳل ظاهر ٿيندا هيا. هڪ دفعي ڳوٺ ۾ ماڇين جي محلي وٽان لنگهندي ڪو ڇتو ڪتو اچي ٽنگن ۾ وچڙيس جنهن چڱا چڪ هڻي زخمي ڪري وڌس، حڪيم هادن ۽ پير شاهه ڪجهه ڏينهن هن جو علاج ڪيو. ساون مرچن کي زخمن تي رکي پٽيون ٻڌيون پر افاقو نه ٿيس. ٿورن ڏينهن کان پوءِ جڏهن عبدالله پاڻيءَ کي ڏسي ڇرڪيو ته سڀ سمجھي ويا ته هاڻي سندس بچڻ ڏکيو آهي. مرڻ کان ڪجهه ڏينهن پهريون عبدالله جي وات مان گگ وهڻ لڳي ته هو چريائپ جي دورن کان پوءِ گذاري ويو.
ساڳيو ڇتو ڪتو ڳوٺ ۾ پيو گهمندو هيو پر ان کي مارڻ جي ڪنهن همت نه ڪئي، آخر ان کي مارڻ لاءِ احمد عليءَ هڪ هٿ ۾ ڪهاڙي کنيي ۽ ٻئي هٿ ۾ واڻ کان جھلي کٽ اڳيان ڏئي ان ڪتي سان مقابلو ڪيو. ڪتي جيئن ئي الر ڪيس ته کٽ اڳيان ڏئي هٿ ۾ جھليل ڪهاڙيءَ سان ڌڪ هڻي مٿو ڦاڙي ڦٽو ڪيائينس. ڀاءُ جي وفات کانپوءِ مريم گهڻو وقت جيئري نه رهي.
پوڙهي حليمان هلڪي سائي رنگ جون چتيون ملائيندي مريم جي موتَ تي سوچيو. هن کي جوانيءَ ۾ مريم جي موتَ جو ڪو سبب سمجھه ۾ نه آيو. شايد احمد عليءَ جي ڪيل ظلمن ۽ مار کان هوءَ بيمار ٿي دنيا مان رخصت ٿي يا آخري وقت سندس وات مان خون اچڻ جو سبب ڪا ڳجھي بيماري هئي جيڪا حڪيمن کي سمجهه ۾ نه آئي. هن کي ياد آيو جڏهن هوءَ دوا لاءِ شيشي کڻي مريم سان علاج لاءِ حڪيم هادن وٽ وئي هئي ته حڪيم هادن هن جي پيٽ کي چڪاسيندي چيو هيو.
”مائي تنهنجا ڦڦڙ خراب آهن، جلاب ڏيانءِ ٿو ٺيڪ ٿي وينديئن“ مريم جوانيءَ ۾ ئي رب ڏي راهي ٿي. سندس ٽي ٻار ڄاوا، ٻه ڌيئر هڪ پٽ. حليمان کي ياد هيو، جڏهن هن کي آخري اولاد جيڪو سندس پٽ هيو، پئدا ٿيو ته ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪجهه ماڻهو ورهاڱي وقت نئين ملڪَ جا نعرا هڻي رهيا هيا. ان رات نئين ڄاول ٻار ايڏو ته تيز مُٽيو هيو جيئن اُهو مُٽ هن گهڻي وقت کان روڪي رکيو هجي. سندس اگهاڙن سٿرن وٽان اهو مُٽ تيزيءَ سان اُڀريو ۽ هر ڪنهن ٽهڪ ڏئي پاڻ بچايو هيو. حليمان جي منهنَ تي مرڪَ اچي وئي. هلڪي سائي رنگَ جون جڏهن آخري چتيون هڻي هن هڪ ٻئي نئين هَڙ ڏانهن هٿ وڌايو ته هن جي پوڙهي منهن تي خوشگوار مرڪَ هئي. هن جڏهن هڙ کولي ته ان مان ڪاري رنگ جا پراڻا ڦاٽل ڪپڙا نڪتا. انهن تي نظر پوندي هن کان آهه نڪري وئي.
”هئي حُسين“ هن چيو۽ پوءِ هن قينچيءَ سان انهن کي ڪٽي هڪ دفعو وري سئيءَ سان ملائڻ شروع ڪيو. هن ڪاريون چتيون هڻندي اهي ڏينهن ياد ڪيا جڏهن هر محرم تي هوءَ اهي ڪپڙا اوڍيندي هئي. هن کي پراڻن ڏينهن جي ڌوڙ ۾ هڪ چهرو لٽيل نظرآيو. اهو چهرو هن جي ڀائٽي زوار احمد جو هيو. پن جي ٻيڙي پيئندڙ زوار احمد جيڪول ٻيڙيءَ مان ٻيڙي دکائيندو هيو. ان جي مجلس کي ياد ڪري هوءَ ڪاري رنگ جي چتين کي چُمي زارو قطار روئي پئي. هن ميرين اڳڙين سان اکين کي اگهي عينڪ پائي ڪاري رنگ ۾ اهي ڏينهن ڏٺا جڏهن زوار احمد سيدن جي پڙ تي بيهي ننڍڙي اصغر جو جھولو جھولي مجلس ۾ ڪربلا جو قصو بيان ڪندو هيو. اهو هڪ قداور ۽ سنهي جسم وارو شخص هيو. مٿي ته سدائين ڪاري رنگَ جي هلڪي پڳ ڍڪيل هوندي هئي ۽ جسم تي ململ جي ڊگهي قميصَ جيڪا گوڏن کان هيٺ تائين لڙڪندي هئي. هن جو آواز کڙو ۽ لهجو صاف هوندو هيو. اهڙي ته سوز ۽ سريلي آواز سان سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ مجلس پڙهندو هيو جو هرڪو ٻڌجڻ ۾ محو ٿي ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ٿي پوندو هيو. واندي وقت هو اڪثر ڳوٺ جي وڏي در وٽ ٺهيل امام بارگاهه ۾ نم جي وڻ هيٺان تڏي تي ويٺل هوندو هيو. هن جي چوڌاري ماڻهن جو ميلو متل هوندو هيو. ڪچهريءَ جو مور هيو. سندس ڄاڻ سڃاڻ هر مومن سان هئي. اهو امام بارگاهه چڱو وسيع ۽ هڪ ميدان جي صورت ۾ هوندو هيو جنهن جون حدون ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن سان مقرر هيون. پاسي سان هڪ ڪچي ڪوٺي ٺهيل هوندي هئي ۽ وچ تي پاڻيءَ جو برمو لڳل هوندو هيو، ان برمي جو پاڻي اهڙو ته مِٺو ۽ ٿڌو هوندو هيو جو مولائي جڏهن به گهوٽيل سائيءَ ۾ ملائي پيئندا هيا ته انهن کي ڳوٺ جهڙي ٻي ڪا به جنت نظر نه ايندي هئي. هر سال وڏيري قلندر بخش جي اوطاق تي امام جعفر صادق جي ڪونڊن جي دعوت ٿيندي هئي. ٺڪر جي ڍڪڻين ۾ کيرڻيءَ کي سينگاري رکيو ويندو هيو. هڪ ٺاهوڪي کٽ تي وڏيرو قلندر بخش وهاڻي تي آهليو پيو هوندو هيو. هڪ ٻئي کٽ تي ڪجهه ماڻهو زوار احمد سان ويٺل هوندا هيا. ڪمي ڪاسبي هيٺ غلم تي گوڏا ڀڃي ويهندا هيا. دعوت کان پهريون وڏيرو زوار احمدکي اشارو ڏيندو هيو: ”ها زوار شروع ڪر!“
هر سال جيان زوار احمد سمجھي ويندو هيو ته هن کي امام جعفر صادق جو قصو بيان ڪرڻو آهي. هو ٻيڙيءَ جو ڊگهو ڪش هڻي کنگهي ڳلو صاف ڪندو هيو ۽ پوءِ ساڳيو قصو اهي ته اندازَ سان بيان ڪندو هيو جو اهي ماضيءَ جا سڀ منظر ڄڻ اکين اڳيان دهرائجي ويندا هيا. قصو ٻڌائيندي جڏهن هوچوندو ته ”مار جڏهن جو رومال کولي ڏسن ته اتي امام جعفر صادق جي منڍيءَ جي جاءِ تي هڪ وڏو گدرو ويڙهيل آهي.“ ته واهه واهه ٿي ويندي هئي.
”سبحان تنهنجي قدرت“ سونين والين پاتل ڪاڪو سچل چوندو هيو ۽ ٻيا سڀ ان جي تائيد ڪندا هيا.
تن ڏينهن مرحومه مريم جي ننڍي ڀاءُ سچل جي گهر اڳيان سندس وڏي پڌر ۾ پهرين محرم جي چنڊَ سان تابوت سينگارجڻ شروع ٿي ويندا هيا. سچل جو گهر ڳوٺ جي اترئين پاسي ان ڪنب جي ڪناري تي هوندو هيو جيڪو ڪڏهن نه سڪو. اونهاري ۾ ان ڪنب اندر ايترو پاڻي ڪٺو ٿي ويندو هيو جو ڪناري اڏيل سچل جي گهر جون ڀتيون ڄڻ ان ۾ وهنجنديون هيون. سياري ۾ آڙين جا ولر اتي پيا لهندا ۽ اڏرندا هيا ۽ ڪناري جي آلي مِٽيءَ ۾ کوٽيل سوراخن اندر ٽٻڻين جي ٻچن جي ڦڙ ڦڙ پئي ٻڌبي هئي. ڪنب جي ڪناري ڀرسان کٻڙن جون قطارون هيون، مند ۾ اهي پيرن سان ائين جهنجھجي ويندا هيا جيئن انهن ۾ ماتا ڦهلجي وئي هجي. دنيا جون سڀ کان خوبصورت ڀنڀوريون انهن کٻرن جي آس پاس ئي اڏرنديون هيون.
ڏهين محرم تائين مختلف رنگن جا چمڪندڙ ڪاغذ ڪٽي اهڙا ته خوبصورت گل تيار ڪياويندا هيا جو انهن مان خوشبوءِ اچڻ جو احساس ٿيندو هيو. تابوت سينگاري ڏهين محرم تي ڳوٺ جي گهٽين مان گذاريا ويندا هيا. اٺ ڏهه لنگها جلوس اڳيان ايڏو ته دهلن کي تيزيءَ سان ڪٽيندا هيا جو انهن جي دل ڏاريندڙ آواز تي هيٺان ڌڌڙ پئي اڏامندي هئي. ڪئي هٿ هڪ مهل مٿي بلند ٿي سينن تي لڳندا هيا ۽ انهن جا زپڪا دهلن جي آوازن سان هڪ لئي ۾ ٻڌبا هيا. عورتون گهرن جي ڪوٺن تي بيهي ڏسنديون هيون ۽ اهو ڪارو چولو حليمان کي ان وقت پاتل هوندو هيو جڏهن زوار احمد جي سربراهيءَ ۾ نڪتل اهو محرم جو جلوس هن جي گهر اڳيان لنگهندو هيو.
حليمان ڪاري رنگ جون چتيون هڻندي ڄڻ اونداهه ۾ خواب ڏسي رهي هئي. انهن ڏينهن ڳوٺ ۾ بجلي نه هئي ۽ ڳوٺ جي پڌر ۾ پنج شيشي جا خوبصورت فانوس لڳل هوندا هيا. سج لٿي مهل انهن ۾ تيل وجھي ڏيئا ٻاريا ويندا هيا. زوار احمد هڪ کٽ تي ويهي ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻندي ڳالهه کڻندو هيو ۽ پوءِ اتي پڌر ۾ ٻرندڙ فانوسن جي روشني هيڊي رنگ مان ڦري تيز سج جهڙي ٿي ويندي هئي. اتي ڪيترا سمنڊ وهي پوندا هيا. بادشاهن جي چمڪندڙ پوشاڪن جا تجلا هوندا هيا ۽ ڪنيزون هونديون هيون جيڪي هٿ ٻڌي ڪنڌ هيٺ جھڪائي ڳوٺ وارن اڳيان بيٺيون هوندون هيون. سوين سيلاني سفر ڪندا ڪنهن خزاني جي ڳولها ۾ ويندا نظر ايندا هيا. اتي ٺڳ ۽ جادوگر نظر ايندا هيا. خوبصورت شهزادا عشق ۾ مبتلا ٿي پکين ۾ تبديل ٿي ويندا هيا. گجندڙ ديوَ ۽ تجلا ڏيندڙ شهزورن جون انهن جا عضوا ڪٽيندڙ تلوارون هونديون هيون. وڇوڙن جا دردَ هوندا هيا ۽ ميلاپَ جا ٽهڪَ هوندا هيا. زوار احمد جي واتَ مان نڪتل دونهون عجب عڪس ٺاهيندو فضا ۾ بلند ٿيندو هيو. ڳالهه کڻندي زوار احمد جو انداز اهڙو هوندو هيو جيئن هو انهن سڀني بادشاهن کان وڏو بادشاهه هجي.
حليمان ڪاري رنگ جون چتيون هڻي بس ڪئي ته هن محسوس ڪيو جيئن زوار احمد جو ڪو کنيل قصو پنهنجي انجامَ کي پهتو هُجي. حليمان جڏهن وري هڪ ٻئي هڙ کولي ته ان مان ناسي رنگَ جو ڦاٽل پراڻو جوڙو نڪتو. اهو ان وقت جو يادگار هيو جڏهن ڳوٺ ۾ ڪالرا پئي. هن قينچي کڻي ان کي ٽڪر ڪيو ۽ پوءِ هوءَ ان کي ڌاڳي سان سبندي هڪ دفعو وري ماضيءَ ڏانهن موٽي وئي.
تن ڏينهن ڪجهه ماڻهو سکر کان فاضل شاهه جي ميلي تان موٽيا هيا. انهن اتي ٿاڌل پيتي هئي. ڳوٺ آيا ته وٺجي ويا. اهو چوٻول ٿيو ته ڪالرا اچي وئي. ڏسندي ئي ڏسندي اڌ ڳوٺ بيماريءَ ۾ وٺجي ويو. گهرن ۾ روڄ راڙا شروع ٿي ويا. جِتان لنگهه ته ڪو جنازو پيو نڪري. حڪيم هادن ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويو ۽ پير شاهه ماڻهن کي اهڙا ڪک ڏنا جو انهن جا جُلابَ اڃان به وڌي ويا. ٻيو ڪو وس نه ڏسي ماڻهن بيمارن کي وڃي جيئي شاهه جي مزارَ تي رهائيو. مزارَ اڳيان پورو ميدان اهڙن مريضن سان ڀرجي ويو. پوڙهي حليمان کي اهي ناسي چتيون ڳنڍيندي ناسي اکين واري عنائتان ياد اچي وئي. عنائتان نانڪ جي وڏي ڀيڻَ هئي. اهي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن هيا. حليمان اهي ڏينهن ياد ڪري ڏڪي وئي. هن کي ياد هيو جڏهن نانڪ ۽ سندس وڏو ڀاءُ جيڪو پنهنجي پيءُ سان گڏ رهندو هيو ڪالرا وگهي شاهه جي ميدانَ ۾ الٽيون ڪري ليٿڙيون پائي رهيا هيا. حليمان هر هر هٿ کڻي جيئي شاهه کي عرض پئي ڪيا: ”سائين منهنجي نانڪ کي حياتي ڏي...... هن کي بچاءِ!“
هوءَ نانڪ جي حالت ڏسي ڏاڍي رُني هئي. عنائتان ڀائرن جي سارَ سنڀالَ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي. اها چڱي ڀلي هئي. هڪ ڏينهن ڀائرن جي نه سڌرندڙ حالت ڏسي ان عرشَ ڏي هٿ بلند ڪري الله کي عرض ڪيو: ”اي رب منهنجي جان وٺ ۽ منهنجي ڀائرن کي بچاءِ!“ خدا جي قدرت اهڙي ٿي جو ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي ڀائر بيماريءَ مان ٻاهر نڪري آيا ۽ عنائتان بيماريءَ ۾ اهڙي جڪڙي جو ڪنوارپ ۾ وڃي رب سان ملي. اهو هڪ اهڙو معجزو هيو جنهن حليمان کي حيران ڪري ڇڏيو.
عنائتان جي وفات وقت عمر سورنهن سالَ هئي. رازق ڏني خاندانَ جي ٻين ڇوڪرين جيان ان جون اکيون سرمئي ناسي هيون. پوڙهي حليمان جي هٿن ۾ جھليل انهن ناسي اڳڙين ۾ ان ڇوڪريءَ جي اکين جو رنگ هيو. ڪالرا جي ڏينهن ۾ ساڳيو جوڙو نانڪ جي تيمارداريءَ وقت حليمان کي اوڍيل هيو. هن کي ياد هيو جڏهن ستارو ڏينهن رات قبرون کوٽي ٿڪجي پيو هيو، تڏهن ٿوري دير لاءِ هو گهر ايندو هيو ته ان جي ڪپڙن مان چيڪي مٽيءَ جي بوءِ ايندي هئي. ان چيڪي مٽيءَ ۾ عنائتان به دفن هئي جنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ڀائر بچائي وڌا هيا.
پوڙهيءَ ناسي رنگ جون چتيون ٽوپي رلهيءَ کي ڏٺو. اتي مختلف رنگن ۾ ڄڻ سندس جسم جا حصا ٽوپيل هيا پر نا مڪمل، اڃان هن جو ڪم پورو نه ٿيو هيو. هن جو وقت سٺو ۽ مصروف گذري رهيو هيو. هن محسوس ڪيو زندگي ڪجهه نه آهي هڪ ياد آهي جيڪا هن جي پيرن جي پٺين پاسي ڪنهن فاصلي جي صورت ۾ موجود آهي. هن هٿ وڌايو ۽ هڪ پراڻي هڙ کولي ان مان ميرو نيرو وڳو ڪڍيو. جنهن تي اڇا گل هيا. وڳي جي نيراڻ ڏسي هن اڳيان آسمان ڦري ويو. هن ان وقت کي ياد ڪيو جڏهن ڌرتي ۽ آسمان هڪ ٿي ويا هيا. وڏي ٻوڏ گهر طرف ڪاهي پئي هئي. اهو ساڳيو جوڙو هيو جيڪو هوءَ وچ پاڻيءَ ۾ پائي بيٺل هئي. هوءَ چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ بيهي جڏهن هر طرف نهاري رهي هئي ته هن کي ڌرتيءَ بدران هر طرف پاڻي ئي پاڻي نظر اچي رهيو هيو. مٿان نيرو آسمان هيو ۽ هيٺ ميري پاڻيءَ ۾ هن جو وجود جنهن تي نيرو وڳو پيل هيو. حليمان ان جوڙي کي ڏسي پنهنجي اکين سان لائي نير وهائيا. اهو هڪ وڇوڙي جو يادگار هيو. اهو ساڳيو جوڙو هيو جيڪو سندس پاليل پٽ نانڪ پنهنجي پهرين پگهارَ مان هن کي آڻي ڏنو هيو. اهو پراڻن سڀني جوڙن کان سٺي حالت ۾ هيو. هن نه چاهيندي به قينچيءَ سان ان کي ڪٽي هڪ دفعو وري رلهيءَ ۾ سبڻ شروع ڪيو. ان جوڙي جي نيراڻ ۾ وقت جي پاڻيءَ جورنگ ۽ آسمانَ جي چمڪَ سمايل هئي. هن کي هر طرف پاڻي ئي پاڻي نظر آيو. هن کي ياد آيو هڪ وڏي هڙ هئي جيڪا هن کي مٿي تي رکيل هئي. ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي مٿاهينءَ طرف وڃي رهيا هيا. هوءَ پنهنجي خاندانَ جي ماڻهن سان گڏ پاڻيءَ مان دڳ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
تن ڏينهن هر سال سانوڻ ۾ ٻوڏون اينديون هيون. اڃان درياهن تي بند ڪونه اڏيا ويا هيا. پر ڳوٺ جا ڪجهه مرد مزدوريءَ سانگي سکر وٽ ٺهندڙ بئراج تي ڪجهه مهينن کان ويل هيا. ٻوڏن ڌرتيءَ تي فصل تباهه ڪري ماڻهن کي روليو هيو. هر سال هڙون ماڻهن جي مٿي تي هونديون هيون ۽ هيٺان چيلهه تائين پاڻي پيو وهندو هيو. ٻوڏ کانپوءِ جڏهن هرڪو پنهنجي وٿاڻن ڏانهن ورندو هيو ته سندن گهرن جون ڀتيون اونڌي منهن سجدو ڪندي نظر اينديون هيون. اهي ائين ڪريل هونديون هيون جيئن سيني جي سور کان هيٺ ڪري مري ويون هجن. جانورن جا بدبودار ڍانچا وکريل هوندا هيا ۽ انهن ڀرسان گاهه جا خالي ڪونر ائين اونڌا پيا هوندا هيا جيئن اهي ڌرتيءَ تي منهن رکي روئندا هجن.
حليمان کي اها ٻوڏ ياد هئي جيڪا هن جي وهيءَ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ هئي. رازق ڏني خاندانَ جا ماڻهو پاڻيءَ مان تڙڳي وڃي بند تي پهتا هيا. رهيل کُهيل سامانَ انهن جي مٿن ۽ ڪلهن تي رکيل هيا. انهن حالتن ۾ ان خاندانَ پيرين پنڌ فاصلو طي ڪيو. جڏهن هو بکايل اڃايل شڪارپور جي شهر ۾ پهتا ته انگريز سرڪار ڪجهه گهر ۽ اسڪول سيلاب جي سٽيلن لاءِ اڳ ۾ ئي خالي ڪرائي ڇڏيا هيا.
حليمان نيريون چتيون هڻندي ان جاءِ کي ياد ڪيو جنهن ۾ هوءَ خاندان جي ٻين ڀاتين سان ترسيل هئي، اتي ڏسندي ئي ڏسندي ٻه چار ٻيا خاندانَ به اندر گهري آيا. ڇو جو ڳوٺن کان ڏتڙيل ماڻهن جا وڏا ولر ان شهر ۾ پهچي رهيا هيا. گهر ۽ اسڪولَ ڀرجي چڪا هيا. ٻين ماڻهن جي اتي اچڻ سان ڏاڍي سوڙهه ٿي وئي. رازق ڏني خاندان جي ماڻهن جو اُٿڻ ويهڻ جنجال ٿي ويو.
حليمان کي اهو واقعو ياد ڪري ذّري گهٽ کل اچي وئي جڏهن زوار احمد ان جاءِ ۾ رهيل ٻين ماڻهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ طريقو سوچيو. هن ڇا ڪيو جو پنهنجي خاندانَ جي ٻن چئن ماڻهن سان هو ٻاهر ويو ۽ گهڙي گذري ته اهي رڙيون ڪندا گهر ۾ داخل ٿيا.
”اڙي جاءِ ٿي ڪِري ....... اُٿو ڀَڄو.“ انهن وٺ سٺ ڪري سامان ميڙڻ شروع ڪيو.
”بس جاءِ ڪرڻ واري آهي...... ٻاهران ان جا بنياد هنن پنهنجين اکين سان ڀُرندي ڏٺا آهن.“ انهن جيئن چيو اچي عورتن ۽ مردن ۾ ڀاڄ پئي. مرد ڪلهن تي سامان کڻي پهريون ڀڳا ته عورتون رڙيون ڪري روئندڙ ٻارن کي هنج تي کڻي پويان ڊوڙيون، ڏسندي ئي ڏسندي ان جاءِ ۾ صرف رازق ڏني خاندان جا فرد رهجي ويا. جن سک جو ساهه کنيو ۽ ڪجهه مهينا اتي گذارڻ کانپوءِ اهو خاندان سکر ڏانهن روانو ٿيو. وڃڻ وقت ڳوٺ ۾ پوڙهي حليمان کي ان جاءِ جو رکوالو مقرر ڪيو ويو. هاڻي نانڪ جوان ٿي چڪو هيو جنهن پوڙهي حليمان کان موڪلايو ۽ پوءِ اهو وڇوڙو ڪڏهن ختم نه ٿيو. ماڻهو ڳوٺ ڇڏي ڌڙا ڌڙ شهرن ۾ آباد ٿي رهيا هيا. حليمان ان جاءِ ۾ اڪيلي رهجي وئي. هوءَ ڪنڌ ورائي کٽ ڀرسان بيٺل پاڻيءَ جي برمي کي نهاريندي هئي جيڪو ڪنهن قداور مرد جيان اتي بيٺل هوندو هيو. ستاروءَ کي ورهه ٿيا جو گذاري ويو. نانڪ جوان ٿي وڃي مائٽن سان مليو. هاڻي هوءَ هوندي هئي ۽ گهر جي ڪوٺين ۽ دالان جي اونڌائي.
ان رلهيءَ جي نيرين چتين ۾ آسمان جيڏو وڇوڙو سمايل هيو. هن آخري چتي ٽوپي ته سندس سڀ هڙون خالي ٿي چڪيون هيون، پر هن جي رلهي اڃان به جيون جيان نا مڪمل هئي. هن سوچيو ڪيڏا جوڙا هيا جيڪي هن يادن جي ڌاڪي ۾ سبيا پر اڃان به اها رلهي کٽيل ۽ اڌوري هئي. هن ڏٺو پراڻن ڪپڙن جي هڪ وڏي ڪاتر سندس ڀر ۾ پيل هئي. پراڻن ڦاٽل ڪپڙن مان ڪجهه سيبتيون چتيون ئي شايد نڪتيون هيون جيڪي هن رلهيءَ لاءِ ڪارگر هيون. هن بيڪار ميري اڊڙيل ڪاتر کي وري چڪاسيو جيئن شايد ڪي اهڙا ٽڪر نڪري اچن جيڪي نا مڪمل رلهيءَ کي مڪمل ڪري سگهن پر ان ڪاتر جي ڍير ۾ سواءِ ڏک ۽ پيڙا جي ٻيو ڪجهه به ڪين هيو. هن سوچيو هوءَ پنهنجي نا مڪمل رلهيءَ کي ڪيئن مڪمل ڪري؟ هن رلهيءَ کي کٽ تي وڇائي ڏٺو ڪنڊ وٽان هڪ ننڍڙي ڪپڙي جي ضرورت هئي. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هوءَ اندروئي ۽ هن جست جي پيٽيءَ مان اها هڙ ڪڍي جنهن ۾ سندس آب زم زم مان ڌوتل ڪفن ويڙهيل هيو. هن هڙ کولي ڪفن ٻاهر ڪڍيو ۽ قينچيءَ سان هڪ ننڍو ٽڪر ڪٽي ان مان ايتريو چتيون ٺاهيون جيتري جي اتي ضرورت هئي. ڪفن مان ڪٽيل چتيون هڻندي هن کي ڪاڪو حاجي ياد آيو. ڪاڪو حاجي نانڪ جي سهري احمد عليءَ جو پيءُ هيو. ڪنهن وقت ماڻهو پنڌ حج لاءِ سفر ڪندا هيا. ڪاڪو حاجي پنهنجن ڪجهه ساٿين سان ڀڳڙن جون ٻوريون چيلهه سان ٻڌي جڏهن حج لاءِ پيرين پنڌ روانو ٿيو ته حليمان هن کي ڪفن جو اهو ڪپڙو ڏيندي عرض ڪيو هيو ته ”ڪاڪا هيءُ ڪفن آب زم زم مان ڌوئي اچجانءِ جيئن منهنجي قبر سهائي ٿي.“ ڪاڪي حاجيءَ ڪفن جو ڪپڙو وٺي هڙ ۾ رکيو ۽ پوءِ هو پيرين پنڌ وڃي مڪي مديني پهتو. جڏهن ٻن سالن کانپوءِ واپس وريو ته هن جا پير ڦاٽي پيا هيا ۽ ڄنگهون سجيل هيون. ماڻهن مولودن سان هن جو استقبال ڪيو هيو ۽ گلن جون ڪنڊيون سندس ڳچيءَ ۾ وڌيون هيون. هن هڙ مان ساڳيو ڪفن ڪڍي حليمان جي حوالي ڪيو هيو جنهن مان نبيءَ جو نور پئي بکيو ۽ مڪي جي خوشبوءِ پئي آئي. حليمان اهو ڪپڙي جوٽڪر ڏاڍي رازداريءَ سان لڪائي رکيو هيو جيئن مرڻ وقت هن جي ڪم اچي.
ان ڪفن جو ٽڪر رلهيءَ ۾ هڻندي هن محسوس ڪيو جيئن سندس زندگيءَ کان پهريون رلهي مڪمل ٿي وئي هجي. هن ان کي کٽ تي وڇائي نهاريو ته هن جي زندگيءَ جا سڀ رنگ اتي موجود هيا. هن جون نظرون هر رنگ تان ٿيندي ڪفن جي اڇي رنگ ۾ اچي اٽڪيون، يادن جي سلسلي پويان هن کي موت ياد اچي ويو. هن پاڻي کي نامڪمل محسوس ڪيو پر هن جي اڳيان وڇايل رلهي مڪمل هئي.