هو ۽ هن جو مالڪ
مالڪ جو خليفو ڏاڍو ڏکايل ٿي نظر آيو. مالڪ جو جانثار خليفو جيڪو مالڪ کي ائين ويجھو هيو جيئن ننڍو ٻار ماءُ جي هنجَ ۾ هن جي ڇاتيءَ کي ويجھو هوندو آهي. مالڪ جا سڀ ڏک هن جا ڏک هيا ۽ ان جي هر رضا هن جي اکين تي هئي. مالڪ جو هر حڪم هن لاءِ آخري ڳالهه هيو. مالڪ هن کي پنهنجي ملڪيت جي سٺي نموني سارَ سنڀالَ لاءِ مقرر ڪيو هيو، جيئن هر انتظام سندس حڪم هيٺ صحيح هلي سگهي. خليفو پنهنجي لٺ سهاري محل ٻاهران هيڏانهن هوڏانهن پريشانيءَ مان چڪر هڻي، پنهنجي اڇي ڏارهيءَ کي کنهي ڪجهه سوچيندو رهيو، نيٺ هن وڏي آواز ۾ مالڪ جي سڀني ملازمن کي سڏ ڪيو ـــ ”اچو.... هيڏي اچو ..... ٻڌو“ هن هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو ۽ پوءِ ڪجهه ٿانيڪو ٿي جواب لاءِ ڪنائڻ لڳو.
سانجھي مان سرمئي شراب هر طرف وسي رهيو هيو، هر ڪا شيءِ سڪون ۽ سانت جي سرورن ۾ ٻڏي پئي هئي، خليفي جو پهريون سڏ هوا ۾ اڏامي ٿڌو ٿي ٿورو اڳيان ڪري پيو ۽ هن وري واڪا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ـــ ”اڙي نانگ، او ڪانءَ، اي ڍڳا، او انسان.... اي مالڪ جي ملڪيت تي مستيون ڪندڙ جاندارو، اي شاهه بلوط جا وڻ، او ڪڻڪَ جا ٻوٽا ۽ اوندهه ۾ ويڙهيل گهاٽي ٽاري، ٻڌو...... توهان سڀ غور سان ٻڌو.... خمارن جي چادر لاهي منهنجي ويجھُ اچو.“ خليفو ڳالهائيندو ويو ۽ هرڪا شيءِ سجاڳ ٿيندي هن کي ويجھي ايندي وئي. جڏهن خليفي محسوس ڪيو ته سڀ سنگ مرمر جي ٿَلهي اڳيان اچي گڏ ٿيا آهن ته هن هڪ ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي آواز ۾ بزرگن جهڙي نرمي پئدا ڪئي ۽ وري ڳالهايو.
”مالڪ اڄ صبح جو اوڀر طرف ڪارن پٿرن واري ٻيٽ تي جيئن ئي سير ۽ تفريح ڪري رهيو هيو ته سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ هٿ ڌوئيندي هن جي کٻي هٿ جي چيچَ واري منڊيَ مان موتي ڪري هيٺ سمنڊ جي تري ۾ هليو ويو آهي. مالڪ جي مرضي آهي ته سندس ملازمن مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ان ٻيٽ تي پهچي سمنڊ جي تري مان اهو موتي حاصل ڪري هن جي حوالي ڪري؟“
خليفي جي ڳالهه سڀني ٻڌي ۽ هرڪو بي چين ٿي ويو. سڪون واچوڙي جيان هنن جي وچ مان اڀري پري پهاڙين ڏانهن گول ڦرندو هليو ويو. سڀ هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا.
”توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته سمنڊ ۾ غرق ٿيندڙ موتيءَ ۾ مالڪ جا وڏا جوهر لڪيل آهن، اهو موتي ڪيترو قيمتي ۽ اهم آهي تنهنجو اندازو اسان نه ٿا لڳائي سگهون.“
خليفي انهن کي ان موتيءَ جي اسرارن بابت مڪمل ڄاڻَ ڏني. انهن کي ان ڳالهه لاءِ مجبور ڪندو رهيو ته ڪو ان موتيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ جو رخ ڪري ۽ مالڪ کي راضي ڪري، پر هرڪو ٿورو ڊنل ۽ سست پئي لڳو.
”ان موتيءَ جي حاصل ڪرڻ تي مالڪ پاران ڪئي سوکڙيون انعام رکيل آهن. ان موتيءَ کي جيڪو به حاصل ڪندو ان کي محل ماڙيون، خوبصورت عورتون، شراب ۽ کير جون نديون ڏنيون وينديون، ان کي سرسبز شاهي باغ ۽ ميون جا انبارَ ڏنا ويندا، ان کي چمڪندڙ پوشاڪون ۽ سون جي ٿانون ۾ خوشبودار کاڌا ڏنا ويندا. ان کي هر طرح جو سڪون ۽ خوشي نصيب ٿيندي.“
خليفي چيو ۽ هنن جي منهن ڏانهن ڏٺو. سڀ چپ ڪري ٻڌندا رهيا. خليفي جي آواز ۾ اچتو سختي اچي وئي ۽ هن پنهنجي لٺ کي هيٺ فرش تي هڻندي، پنهنجي نڙيءَ تي زور ڏئي تيز آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”جيڪڏهن مالڪ جي ان حڪم تي عمل نه ٿيو ته پوءِ توهان کي جيئري باهه ۾ وڌو ويندو. مانيءَ جي جاءِ تي ٿوهر جو ٻوٽو کائڻ لاءِ ڏنو ويندو. هر سهولت کي ختم ڪري زندگيءَ کي زهر بنايو ويندو.“ هن چيو ۽ وري ڳالهايو: ”آهي ڪو مالڪ جي حڪم تي عمل ڪرڻ وارو؟“
”آءٌ ته ساڪت آهيان“ جاندارن مان سڀ کان پهريون ڪڻڪ جي ٻوٽي ڳالهايو ”جيڪر مان هلي سگهان ها ته اهو ڪم ضرور ڪريان ها!“ هن چيو ۽ وري ماٺ ڇانئجي وئي.
”مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي، عمل ڪيئن ڪريان.“؟ ڍڳي چيو ۽ ڪانءُ هڪ وڏو گوڙ مچائيندي اڏرندو اچي ڍڳي جي چيلهه تي لٿو.
”مونکي اها ڳالهه ايڏي ته سمجهه ۾ آئي آهي جو عقل حيران آهي!“ ڪانءَ ڳالهايو. ”منهنجي عقلَ تي حيرت ايتري ته ڇانيل آهي جو عقل ڪنهن به ڪم تي عمل ڪرڻ کان عاري آهي. مان ڏاڍو منجھيل آهيان، مان ڏاڍو حيران آهيان.“ ڪانءُ زور سان ڳالهائيندو رهيو. خليفي جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن رڙ ڪري ڪانءَ کي چپ رهڻ لاءِ چيو.
ايتري ۾ نانگ اڳتي آيو ۽ هن پنهنجي ڦڻ ڦهلائي خليفي کي انسان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”منهنجي خيالَ موجب مالڪ جو ڪم هيءُ ڪري سگهي ٿو. هُنَ وٽ وڏيون صلاحيتون آهن وڏيون حڪمتون آهن، هيءُ تري سگهي ٿو، اڏامي سگهي ٿو، هيءُ سوچي سگهي ٿو، هيءُ لوچي سگهي ٿو، هيءُ سمجھي سگهي ٿو ۽ سمجھائي سگهي ٿو“ نانگ ڳالهائيندو ويو؛ ”مالڪ جي موتيءَ جي ڳولها لاءِ هن کي معمور ڪيو وڃي“. هن چيو ۽ پوءِ هر طرف چپ ڇائنجي وئي. گهري ٿيندڙ سانجھيءَ مٿان ڄڻ هڪدم رات جي ڪاري چادر پئجي وئي ۽ ستارا آسمانَ ۾ ٽم ٽم ڪري هڪ ٻئي ڏي نماڻا نيڻَ کڻي تڪڻ لڳا. چنڊ ڪجهه دير بيهي هيٺ انسان طرف ڏٺو ۽ ماٺ جو هيانءُ ڦاٽڻ لڳو.
انسان اکيون هيٺ ڪيو خليفي اڳيان سر جھڪايو بيٺو رهيو. ”اي انسان مالڪ جي مرضي به اها ئي اهي ته اهو ڪم تنهن جي حوالي ڪيو وڃي...... تنهنجو جسم، ڇاتي ۽ مضبوط ڏورا، تنهنجو عقل، تنهنجي چالاڪي، تنهنجي ڦڙتي، تنهنجو پيار تنهنجي نفرت، تنهنجو ظلم تنهنجي بي رحمي، تنهنجي سخاوت تنهنجو عدل، تنهنجي جنگ تنهنجو امن، مالڪ کي تنهنجي سڀني صفتن جي ڄاڻَ آهي. تنهنجي جدوجهد ئي اهو ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿي.“ خليفي چيو ۽ پوءِ انسان ڏانهن نهاريو.
”جيڪا مالڪ جي مرضي، جيڪو ان جو حڪم“ انسان چيو ”منهنجي جان مالڪ جي امانت آهي، مان اهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“ هن چيو ۽ پوءِ ادب سان سيني وٽ هٿ ٻڌي بيهي رهيو. سڀني جي منهن تي مرڪ اچي وئي. انهن ٿڌو ساهه کڻي انسانَ جا ٿورا مڃيا.
”ته پوءِ صبح سان تون سفر لاءِ تيار ٿيءُ“ خليفي چيو: ”مان توکي ان ٻيٽ تي سمنڊ ڪناري وٺي هلندس جتي مالڪ جي منڊيءَ جو موتي ڪريو آهي.“ هن چيو ۽ پوءِ سڀ ٽڙي پکڙي ويا. انسان غمگين ۽ اٻاڻڪو ٿي ويو. هو آهستي وکون کڻندو پنهنجي وٿاڻ تي آيو ۽ آلين اکين سان آسمان ڏانهن نهاري صبح جو انتطار ڪرڻ لڳو.
صبح ٿيو ته خليفو پنهنجي لٺ سهاري هلندو پريان ڪوهيڙي مان ظاهر ٿيو. هو آيو ۽ هيٺ ليٽيل انسان جي مٿان اچي بيٺو.
”جاڳ.... اي انسان جاڳ.“ هن چيو ۽ پوءِ انسان جي منهن ۾ گهوري ڏسڻ لڳو ”رات جو انت ٿيو آهي ــ مان مالڪ جو تو وٽ خوشخبريءَ جو پيغام کڻي آيو آهيان ــ اکيون کول، سجاڳ ٿيءُ ــــ ننڊ جي غلاف کي چيري ٻاهر نڪر اُٿ..... نئون سج اڀري رهيو آهي، رات کٽي آهي، باکَ ڦُٽي آهي، جاڳ ۽ مالڪ جي حڪم تي عمل ڪر“ خليفو ڳالهائيندو ويو ۽ انسان اوٻاسي ڏئي ننڊ مان جاڳي پيو. هن خليفي ڏانهن ڏٺو ۽ اٿي احترامَ مان هن جي هٿ تي چمي ڏني.
”اي رهبر“ انسان چيو ”مان تيار آهيان..... رستو ڏيکار“ خليفي هن کي پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڏنو ۽ هو ٻئي سج جي پهرين ڪرڻن مان جهنگ ۾ سڪل پنن کي لتاڙيندا اڳتي وڌندا رهيا.
ڪافي پنڌ هلڻ کانپوءِ هنن کي پري کان سمنڊ نظر آيو. اتي پهچي هو هڪ ٻيڙيءَ تي چڙهيا ۽ خليفي ملاح کي لٺ جي اشاري سان هڪ ٻيٽ ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. ٻيڙي سمنڊ جو سينو چيريندي اچي هڪ اهڙي ٻيٽ تي پهچي جتي خشڪ نوڪدار ڪاري رنگ جي پهاڙن جو سلسلو هيو. سخت پٿرائين ناهموار ڌرتي هئي ۽ هر طرف تيز هوا ۾ سمنڊ جي ڇولين جو پٿرن سان ٽڪرائڻ ڪري پئدا ٿيندڙ آواز هيو.
خليفو ٻيڙيءَ مان لهي انسان کي وٺي ٻيٽ جي اهڙي ڪناري تي آيو جِتي سمنڊ ٿورو ٿانيڪو ۽ خاموش هيو. هن انسانَ کي سڏ ڪري پنهنجيءَ ڀر ۾ بيهاريو ۽ پوءِ لٺ سان اتي اشارو ڪندي چيو ”مالڪ جو موتي اتي هيٺ گهرائي ۾ پيل آهي، تون همت ڪر ۽ ان گهرائيءَ ۾ هيٺ وڃي ان کي حاصل ڪر. مون کي خبر آهي ان ڪم لاءِ توکي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي. اهو سڀ تنهنجو امتحان آهي. جيڪڏهن تون ڪامياب ٿئين ته کير ۽ شراب جون نديون تنهنجو انتظار ڪنديون، خوبصورت عورتون تنهنجي راهه ۾ گل وڇائينديون... جيڪڏهن ناڪامي تنهنجي مقدر ۾ لکيل هوندي ته پوءِ هڪ وڏي باهه ۾ تنهنجي جسمَ کي ساڙي سزا ڏني ويندي.“ خليفي چيو ۽ پوءِ انسان جي پٺيءَ تي هٿ ٺپيندي چيو: ”مون کي اميد آهي ته تون مالڪ کي مايوس نه ڪندين ۽ پنهنجي امتحان ۾ ڪامياب ٿيندين.“
انسان خليفي جي چوڻ تي ڪپڙا لاهي هڪ طرف رکيا ۽ لانگ ورائي سندرو ٻڌي هيٺ سمنڊ جي تري ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيو. هن هڪ دفعو وري خليفي جي هٿ تي عقيدت مان چمي ڏني ۽ پوءِ پاڻيءَ م ٿورو اڳتي هلي هيٺ غائب ٿي ويو. خليفو اتي ئي هڪ پٿر کي ٽيڪَ ڏئي بيهي رهيو ۽ انسان جي نروار ٿيڻَ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ڪا گهڙي گذري ته انسان سمنڊ جي سطح تي نروار ٿيو. هن جو وات ڦاٽل هيو ۽ هو اکيون مهٽي غوطا کائي رهيو هيو. هو سهڪندو جيئن ڪناري تي پهتو ته خليفو اتاولو ٿي هن ڏانهن ڊوڙيو.
”مليو موتي..... ڪٿي آهي“ هن انسان کي چيو ۽ انسان شرمَ مان هن ڏانهن نهاري ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽ سهڪندو رهيو.
”مان آقا جي موتيءَ کي ضرور حاصل ڪندس، مونکي مهلت ڏي“ انسان چيو ۽ ٿورو ٿڪ ڀڃڻ کانپوءِ وري سمنڊ ڏانهن واپس موٽي ويو. هن ساهه بند ڪري هيٺ ٽٻي هنئين ۽ وري نظرن کان اوجھل ٿي ويو. خليفو بي چينيءَ مان اتي بيهي وري هن جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو.
ڪافي دير گذري وئي ۽ هڪ دفعو وري ٻيهر انسان سمنڊ جي سطح تي نروار ٿيو. خليفي ڏٺو هو سمنڊ جي اڇي گج جي وچ ۾ وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن ٿاڦوڙا هڻي رهيو هيو. خوف ۽ وهشت مان هن جو منهن نيرو ٿي چڪو هيو. نيٺ هو سهڪندو ڪناري تي پهتو ۽ شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري اچي خليفي اڳيان بيهي رهيو. خليفي هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري هن ڏانهن نهاريو.
”اي انسان تون وڏو نالائق ۽ نا سمجهه آهين، توکي سڌي راهه ڪڏهن به نصيب نه ٿيندي“ خليفي چيو ۽ انسان خوف ۾ اکيون ڦاڙي هن آڏو سهڪندو رهيو.
”مونکي آقا کان معافي وٺرائي ڏي“ انسان چيو ”اي خليفا مان تنهنجو احسان مند رهندس. اهو ڪم مونکان زور آهي. هن سمنڊ جي گهراين ۾ هزارين گهرايون سمايل آهن. هر گهرائي لا محدود آهي تهن پويان تهه آهن. هيٺ هزارين رستا آهن، اڻ کٽ راهون آهن. لامحدود منزلون آهن. هڪ اهڙو سفر آهي جنهن جي ڪا به پڄاڻي نه آهي. منهنجي سگهه، منهنجي سوچَ، منهنجو عقل، منهنجي جستجو، منهنجا اندازَ منهنجون اڳ ڪٿيون. منهنجي ڳولها ۽ موتيءَ سان ملڻ جي جدوجهد سڀ بيڪار آهن، فضول آهن“ انسان سهڪندو، سڏڪندو ۽ روئندو هن آڏو ڳالهائيندو ويو ”آقا معافي..... آقا توبهه..... آقا رحم“ هن چيو ۽ خليفو هڪ پٿر تي مٿو رکي ڪاوڙ مان ليٽي پيو. ٿوري دير کانپوءِ هو اٿيو ۽ هن انسان کي سڏ ڪري پنهنجي ڀر ۾ بيهاري سمجايو.
”اي انسان تون ڪوشش ڪر. ڪوشش سان تون اهو حاصل ڪندين جنهن جو توکي سٺو اجورو ملندو. بيشڪ اها جستجو هڪ وڏو امتحان آهي. تون محنت ۽ جاکوڙ سان ان امتحان مان ضرور پار پوندين.“
خليفي جي همٿائڻ تي انسان ۾ ڪجهه جان آئي ۽ هو هڪ دفعو وري سمنڊ ۾ واپس وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
”مالڪ توکي اجر ضرور ڏيندو“ خليفي هن کي سمجھائيندي چيو ”ٿوري ڪوشش ڪر، اها سڀ جدوجهد عارضي آهي. هڪ لافاني اجرت تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي. وڃ ۽ مالڪ کي راضي ڪر“
انسان هڪ دفعو وري اڳتي وڌيو ۽ سمنڊ طرف وکون کڻندو گهري پاڻيءَ ۾ آيو ۽ وڏو ساههُ کڻي هيٺ گم ٿي ويو. سمنڊ جي اڇي گج هن مٿان وري وئي ۽ خليفو فڪر مند ٿي پنهنجي لٺ جي هٿئي کي مهٽي بي قراريءَ مان ڪڏهن سمنڊ ڏانهن ته وري ڪڏهن ٻيٽ ڏانهن نهاري، هيڏانهن هوڏانهن وِکون کڻي انتظار ڪندو رهيو. دل ۾ پنهنجي آقا کي ياد ڪري چوندو رهيو. ”اي آقا هيءُ انسان تنهنجو موتي هن سمنڊ جي تري مان حاصل ڪري توکي ضرور خوش ڪندو.“ هو چوندو رهيو ۽ سمنڊ جي مٿاڇري ڏانهن انسان جي نروار ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪندو رهيو.
جڏهن ڪافي دير گذري وئي ته سمنڊ جي سطح تي هڪ نيم بيهوش انسان هن کي ٿاڦوڙا هڻندي نظر آيو. ان جي جسم جي سموري شڪتي ختم ٿي چڪي هئي ۽ ان اکيون بند ڪري هيڏانهن هوڏانهن هٿ پئي هنيا. سهڪڻ ان لاءِ محال ٿي چڪو هيو. ڪافي وقت ٿاڦوڙا هڻڻ کانپوءِ هن اکيون کولي نهاريو ته ان کي پريان بيٺل خليفي جو وجود هلڪي پاڇي جيان لهرون لهرون ٿي لڏندي نظر آيو. هو ٻانهون هڻندو اوڏانهن ترندو، اچي ڪناري تي پهتو ۽ بيهوش ٿي ويو. خليفو اميد ۽ حسرت مان ڊوڙندو هن جي ڀرسان پهتو ۽ جسم کي سهارو ڏئي جھنجھوڙي موتيءَ لاءِ پڇيو ”مليو مالڪ جو موتي....... ڪٿي آهي..... ڏي مونکي“ هن چيو ۽ انسان جي بي جان اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن ڪنڌ کي ”نه“ ۾ ڌوڻيو. خليفي جي منهن تي مايوسي ۽ ڏک جا بادل ڇائنجي ويا.
”ناڪامي............وري ناڪامي“ هو انسان کي هيٺ سمهاري ڀُڻ ڀڻ ڪندو پري وڃي هڪ پٿر تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. هر طرف چپ ڇائنجي وئي. سمنڊ جي ڇولين جو پٿرن سان ٽڪرائجڻ ڪري پئدا ٿيندڙ آواز گهرو ٿي ويو. ٿوري ديرگذري ته انسان هوش ۾ آيو ۽ هن مايوس خليفي ڏانهن ڏکايل اکين سان ڏٺو. هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هو زور سان روئندو سڏڪندو خليفي اڳيان اچي هن کان معافي وٺڻ لڳو.
”اي منهنجي آقا جا پيارا بندا“ انسان چيو ”منهنجي بخشش لاءِ ڪوشش ڪر.... مان جيئن گهرائيءَ ۾ وڃان ٿو ته تيئن مونجھارا مونکي ورائي وڃن ٿا. مون ان کي ڏاڍو ڳولهيو آهي، ان گهرائيءَ جو ڪو انت نه آهي. اکين کي دوکي ڏيڻ لاءِ سوين موتي هر طرف وکريل نظر اچن ٿا، پر اهي موتي نه آهن اهي سڀ نظر جو دوکو آهن. انت تائين پهچڻ منهنجي توانائي ۽ سگهه کان ٻاهر آهي. جيڪو نظر اچي ٿو اهو حقيقت ۾ نه آهي. جيڪو موجود آهي ان جي مون کي ڳولها نه آهي. مون مالڪ جي موتيءَ کي ڏاڍي پاٻوهه ۽ عقيدتَ مان ڳولهڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. منهنجي جدوجهد ۽ جستجوءَ جو مرڪز اهو مالڪَ جو موتي ئي رهيو آهي. منهنجي حڪمت، عمل ۽ کوجنا جو مرڪز ان موتيءَ جي ڳولها لاءِ هڪ اهڙي جدوجهد آهي جنهن سان مان ان کي ڳولهڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيان ها. پر اهو موتي مون کي ڪٿي به نظر نه آيو! مون کي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ شايد وڏو وقت گهرجي يا شايد حقيقت ڪجهه به نه آهي. مون کي سچ چوڻ لاءِ ڏاڍو محتاط رهڻ گهرجي. مان ڪنهن به راز تان پردو ڪيئن کڻان، هڪ پردي پويان سوين پردا آهن. گهرائيءَ جي هر ذري مان عجب ۽ خوف تارا ڦوٽاري مون ڏانهن ڏسي رهيا آهن. منهنجي ٽٻيءَ جي نه ڪا ابتدا آهي نه ڪا انتها. منهنجو وجود لاشعور جي لهرن ۾ لڙهندو ڪهڙيءَ منزل طرف وڌي ٿو منهنجو شعور اهو ٻڌائڻ کان عاجز اهي. منهنجين نظرن اڳيان اهڙا لقاءَ رونما ٿين ٿا جيڪي مون کي ڏاهپ ڏئي بيوقوفيءَ جي رستي تي هلائين ٿا. سچ ۽ حقيقت لا محدود جي انيڪ سمنڊ ۾ ائين لڪل آهن جيئن آقا جي وسيع ملڪيت ۾ ٻه گم نام واريءَ جا ذرا. هوند ۽ اڻ هوند وچ ۾ ڪو به تفاوت نه آهي. گهرائيءَ ۾ سمنڊ اندر وڏو مانڌاڻ متل آهي. وڏي اٿل پٿل آهي ۽ عجيب وهڪرا آهن. وهڪرا جن جي ابتدا ۽ انتها جي ڄاڻَ جيڪا شايد مان سوين يا ڪروڙها سالن تائين به حاصل نه ڪري سگهان. مان پنهنجي عقل جي پکيءَ کي هر هر اڏاريان ٿو اهو گهرائين جي آسمانَ ۾ اڏري واپس اچي منهنجي دماغَ جي آکيري ۾ ويهي سهڪي ٿو. مون ان کي ڳولهيو آهي، عقل جي حد سان، محبت جي لامحدود نظرين سان. نئين سوچن ۽ ايجادن سان. اهو ڪٿي به نه مليو آهي شايد اهو ڪٿي به نه آهي. مان مايوس آهيان ٿڪيل آهيان. مان خوف ۽ حيرت مان ڏڪي رهيو آهيان. مان پنهنجو مقصد ڪڏهن به ماڻي نه سگهندس.... يا آقا معافي..... يا آقا توبهه.... يا آقا رحم.....“
انسان روئندو پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻي ڳوڙها وهائيندو رهيو. خليفو جيڪو پٿر تي ويهي پنهنجي مٿي کي هٿ ڏئي اهو سڀ ٻڌي رهيو هيو، اهو انسان مان اڃان مايوس نه ٿيو هيو. هن کي مالڪ اڳيان جواب ڏيڻو هيو. ان کي مالڪ جي هر حڪم تي عمل ڪرائڻو هيو. هن کي پڪ هئي ته مالڪ کي اهو موتي انسان معرفت موٽي ضرور ملندو. هو هڪ دفعو وري سٽ ڏئي پٿر تان اٿيو ۽ انسان کي سمجھائڻ شروع ڪري ڏنو.
”ڪفر ۽ مايوسي حرام آهي“ هن چيو ”اي انسان اٿ وري ڪوشش ڪر..... مالڪ تنهنجيءَ ڪاميابيءَ جو منتظر آهي. ڳوڙها اگهه، تنهنجي جدوجهد هاڻي پڄاڻيءَ تي پهچڻ واري آهي، تنهنجي ڳالهين ۾ مايوسي هوندي به ائين محسوس ٿي رهيو آهي جيئن تون پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ويجھو ٿي ويو آهين. توکي وڏو تجربو حاصل ٿيو آهي. هاڻي ڪاميابي حاصل ٿيڻ ۾ ڪا به دير نه آهي. گهرائيءَ ۾ اڃان به ٿورو هيٺ وڃ توکي موتي ضرور ملندو. تون جنهن سطح تي پهتو آهين گهرائيءَ جو انت بلڪل ان جي هيٺان آهي، تون ڪوشش ڪر، ٿورو هيٺ وڃ.... همت ڪر.“
خليفي چيو ۽ انسان هن ڏانهن رحم ۽ همدرديءَ لاءِ واجھائيندڙ نظرن سان ڏسندو رهيو.
خليفي هن کي ٻانهن کان ورتو ۽ پوءِ اٿاري پاڻ سان گڏ وٺي وڃي گهري پاڻيءَ ۾ ڇڏي آيو. ”ٿورو هيٺ گهرائيءَ ۾..... جتي تون پهتو آهين ان کان ٿورو هيٺ. اتي توکي مالڪ جو موتي نظر ايندو“ هن چيو ۽ انسان مجبور ۽ التجا سان ڀرپور نظرن سان هن ڏانهن نهاريو ”جيڪو مالڪ جو حڪم“ هن سمنڊ ۾ اندر وڃڻ کان اڳ چيو ۽ پوءِ وري انسان سمنڊ ۾ غروب ٿي ويو. خليفو مالڪ کي ياد ڪري هڪ دفعو وري بي چينيءَ مان چڪر ڪاٽيندو رهيو. خليفي کي پڪ هئي ته هو هاڻي گهرائيءَ جي اسرارن کي گهڻي قدر معلوم ڪري چڪو آهي. گهرائيءَ جي ڳجهارت کي هو هن دفعي ڀڃي موتيءَ جي حقيقت تائين ضرور پهچندو.
جڏهن ڪافي دير ٿي وئي ۽ سج پري سمنڊ ۾ لهڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو ته خليفو خوشيءَ مان بيچين ٿي ٻيٽ تي بيهي مرڪڻ لڳو. هن کي پڪ ٿي وئي ته هن دفعي هن جي ڊگهي ٽٻي ضرو هن کي موتيءَ جي ويجھو وٺي ويندي. هن خيال ۾ پاڻ کي مالڪ آڏو سرخرو پاتو. هن ڏٺو مالڪ هن کي شابس ڏئي رهيو هيو ۽ انسان کي انعام ۾ پنهنجي جاڳير عطا ڪري رهيو هيو. جڏهن ڪافي دير گذري وئي ۽ سمنڊ ۾ لهندڙ سج جو رنگ ڳاڙهو ٿيڻ لڳو ته خوشي ۽ مايوسيءَ جو گڏيل خيال هن جي ذهن ۾نچڻ لڳو. ”هو ضرور ڪامياب ۽ ڪامران ورندو“ هن چپن ئي چپن ۾ چيو ۽ وري اداس ٿي ويو.
انسان جي اها ٽٻي ٻين ٽٻين کان گهڻي ڊگهي هئي جنهن خليفي جي بي چيني ۽ انتظارَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو ۽ آخرڪار اهو وقت اچي ويو جو لهندڙ ڳاڙهي سج اڳيان رت جهڙين لهرن ۾ انسان ٻيهر نروار ٿيو ۽ ان جو وجود لهرن ۾ هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. خليفي سمجھيو شايد هو بيهوش ٿي ويو آهي. هو اڳتي وڌيو ۽ ٿوري همٿ ڪري هٿ پير هڻي، ان جي جسم کي گهليندو ڪناري تائين آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن انسان کي ڪناري تي ليٽائي هن جي جسم کي ڌنڌوڙيو.
”اٿ اي انسان اٿ.... مالڪ جو موتي منهنجي حوالي ڪر“. خليفي ڳالهايو ”تون گھرائيءَ جي انت کي ضرور ڇهيو هوندو.... اٿ“
خليفو هن کي ڌونڌاڙيندو رهيو. پر انسان اک نه پٽي، خليفي هن جي نبض تي هٿ رکي ان کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي سيني تي ڪن رکي دل جي ڌڙڪن ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. هو مايوس ٿي ويو. انسان مري چڪو هيو. خليفي پنهنجا ٻئي هٿ منهن کي ڏنا ۽ سڏڪي پيو.
”اي ناڪام انسان“ هو روئيندو ڳالهائيندو رهيو. نيٺ تون موت کي پنهنجي مقصد تي فوقيت ڏني. مقصد ماڻڻ کان پهريون ئي تون موت جي منزل ماڻي. تون ڇوٽڪاري لاءِ موت جو رستو اختيار ڪيو. تون موت جي راهه فرار اختيار ڪري مايوسيءَ جي انڌيرن ۾ غائب ٿي وئين. تون مون کي دوکو ڏنو. تون مالڪ سان دغا ڪئي.....تون مالڪ سان دغا ڪئي“. پوڙهو خليفو روئندو، پنهنجي چولي جي دامن سان ڳوڙها اگهندو واپس هليو ويو. جڏهن هو نظرن کان ڪافي پري ڏور ٿي ويو ته مالڪ جيڪو اتي لڪيل هيو ۽ نظر نه اچي رهيو هيو، اهو سڀ تماشو ڏسي رهيو هيو. اهو هوريان هلندو انسان جي لاش مٿان آيو ۽ پوءِ مرڪي رحم ۽ پيار ڀريل نظرن سان هن جي بي جان منهن کي نهاريندو رهيو. مالڪ هيٺ جھڪيو ۽ هن انسان جي سڄي هٿ جي ڀيڪوڙيل مٺ کولي ان مان موتي ٻاهر ڪڍي پنهنجي تريءَ تي رکيو ۽ پوءِ هٿ کي سٽ ڏئي موتيءَ کي پري سمنڊ ۾ اڇلايو. موتي هوا ۾ اڏامندو پري وڃي سمنڊ جي گهرائيءَ ۾ ڪريو. مالڪ شرارت مان وات تي هٿ رکي هلڪا ٽهڪ ڏيندو ٻيٽ جي هڪ پاسي ڏانهن هليو ويو.