ڪوما (سڪرات) = مـــوت زندگي
اها روشني هن جي اوندهه ۾ هيٺ لهندڙ وجود سان سسندي ننڍي پئي ٿيندي وئي. اها نظرن کان اوجھل پئي ٿيندي وئي. هن جو وجود پنهنجي حيثيت وڃائي رهيو هيو. اهو نظر نه ايندڙ ڪنهن احساسَ ۾ تبديل پئي ٿيندو ويو.
اتي هوا نه هئي. اونداهه اڏامي رهي هئي. اها هن جي ساههَ ۾ شامل ٿي ڦڦڙن ۾ ڦوڪجي واپس ٻاهر نڪرڻ بجاءِ هن جي رت ۾ شامل ٿي ان کي ڪارو ڪري رهي هئي. اوندهه هن جي وجود ۾ ائين هئي جيئن ڪو گهٽيل بند ڪمري ۾ ڪنهن وڇڙي ويل جي ياد ۾ ڪارو لباس پائي اڪيلو ويهي ان کي ياد ڪندو هجي.
اتي اوندهه گهلي رهي هئي. ڪاراڻ جي ڪنهن به وڻ جو پن لڏندي نظر نه اچي رهيو هيو. اوندهه جا ننڍڙا ذرا هٿ هٿ ۾ ڏئي گهاٽي ڄارَ جيان هر طرف وڇايل هيا. هن جو وجود ڄار ۾ ڦاسڻ بجاءِ ان ۾ اندر سفر ڪري رهيو هيو. روشنيءَ جو پري کان نظر ايندر ٽٻڪو جھڪو ٿي ختم ٿي رهيو هيو ۽ اوندهه هر شيءِ تي غالب اچي رهي هئي. هن جون اکيون کليل هوندي به بند هيون. هو اکين کي ڦاڙي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو. هن جا هٿ هر گهڙي چهري تي اکين کي ڳولهي رهيا هيا. اهي کليل هيون. هو محسوس ڪري رهيو هيو، پر ڄڻ اهي بند هيون.
اوندهه آس پاس هر شيءِ کي والاري رهي هئي. هو ساهه ۾ اوندهه کي اندر کڻڻ تي مجبور هيو. هن جا چپ نيرا ڪارا هيا ۽ وات کليل هيو. هو اکيون ڦاڙي نِڙيءَ تي هٿ رکي ائين پئي سهڪيو جيئن ڪنهن سنهي تارَ هن کي ڳچيءَ جي چوڌاري ويڙهي هن کي گهٽو ڏنو هجي. زِبانَ هن جي وات مان هر هر ٻاهر پئي نڪتي ۽ ساهه کونگهري جيان هن جي ڳلي مان ڌڪجي ٻاهر پئي آيو.
هن کي مونجهه محسوس ٿي رهيو هئي. ڪاري طوفان ۾ اڏامندڙ هن جو وجود سهڪي رهيو هيو. ڪارائڻ هن جي هر رڳ ۾ گردش ڪري رهي هئي. هن جي جسم ۾ موجود رت جو رنگ اونداهه جو رنگ هيو ۽ هن جو وجود اوندهه جي ڪنهن نظر نه ايندڙ حصي جيان هن ۾ موجود هيو.
هو ڪجهه ڏينهن کان مسلسل بيهوش هيو. هو اسپتال جي بستري تي هڪ کونگهري جي صورت ۾ ساهه کي جھٽي بيقراريءَ مان ان کي پنهنجي وجود اندر محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو.
هن زندگيءَ ۾ جنهن کي چاهيو ان کي حاصل ڪري نه سگهيو. هن ان سان بي پناهه محبت ڪئي. هوءَ جيڪا بيٺل پاڻيءَ ۾ بهار جي واءُ جي پهرين لڳندڙ جھوٽي سان پيدا ٿيندڙ هلڪي لهرن جيان روحَ کي فرحت ڏيندڙ هئي. هوءَ جيڪا گلابي ڪنول تي سانوڻ جي مينهنَ جي بوند جيان زندگيءَ جو احساس هئي. هوءَ جنهن ۾هن جو روح قيد هيو. جنهن جادوءَ سان هن جي جسم کي قابض ڪيو هيو. جيڪا هن جو پيار هئي، هن جي زندگيءَ جي آخر سرحد هئي.
اها اوچتو هڪ ڏينهن هن کان ڏور ٿي وئي. هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندي هن جي آڱرين مان پنهنجيون آڱريون سِرڪائي هٿ لوڏڻ بنا، پوئتي ڏسڻ بنا ڊوڙندي هلي وئي. ان جي ڊوڙ، ان جو وڪڙ کائي ڊوڙندڙ جسم. ڪلهن ۽ پٺيءَ تي هيٺ مٿي ٿي لڏندڙ وار، چانڊوڪيءَ ۾ ڊڪندڙ ڪاريهر جيان هيا. ان جو هر انگ بي وفائيءَ جي زهر ۾ ٻڏل تيرَ جيان دل مان نڪري ڄڻ اڳتي وڌندو پئي ويو. هو ان کي ويندي ائين ڏسندو رهيو جيئن ڪو جسم ڪنهن خوبصورت روح کي پاڻ مان نڪرندي الڳ ٿيندي ڏسندو هجي.
جسم اڏامي ويل خوبصورت پکيءَ جو ويران آکيرو، وڇوڙي جي واءُ لڳي ۽اڏامي اچي پٽ تي پيو. تيلا تيلا ٿي رڙهندو پنهنجو وجود وڃائي ويٺو. هوءَ نه رهي، هو نه رهيو.
وڇوڙي جي ڏينهن واري پهرين رات هن خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي. زهر کي روحَ جي جاءِ تي جسم ۾ سمائڻ لاءِ ان کي وجود جو دروازو کولي ڏنو. زندگيءَ سان ويڙهه ۾ هن جو جسم ڦتڪيو، لڇيو پڇيو. هن زندگيءَ کي وجود جي ڪمري مان تڙڻ لاءِ ان کي رسن سان ٻڌي زهر هاري باهه ڏئي ڇڏي. زندگي بند ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن باهه جي اُلن ۾ رڙيون ڪندي ڀڃندي رهي ۽ هو ان جي سڙي رکي ٿي وڃڻ جي انتظارَ ۾ اسپتال جي بستري تي ليٽي ڊگها ساهه کڻي اکيون بند ڪيو، روشنيءَ کان ڏور هيٺ اونداهين ۾ لهندو ويو.
هن کي محسوس ٿيو هو وجود بنا آهي، هو ڪجهه به نه آهي. بس هڪ احساس آهي جيڪو اوندهه جي تري ۾ هيٺ لهندو پيو وڃي. هيٺ اونداهي کوهه ۾ جنهن جا ڪنارا ڏسجي نه رهيا آهن، اهي اونداهه جي ڪفن ۾ قيد آهن. بس هڪ هيٺ ڪِرڻ جو احساس. اوندهه جي تهن پويان اوندهه جا تهه جن جو ڪوانت نه آهي.
بي وفائي زوال جي ابتدا آهي. ان جو وڇوڙو واپسيءَ جو اهڃاڻ آهي. هوءَ جيڪا نظرن اڳيان ائين اوجھل ٿي جيئن زندگي عروج تي پهچي واپس موٽي. جستجوءَ جو مرڪز ڊهي پيو. جدوجهد جو عنصر نڪري ويو. آسمان طرف هوا جي حد آهي جنهن ڪري اڏام به محدود آهي. اوچائين تي ڪنهن جي ڳولها، ڪنهن جي جستجوءِ؟ جدوجهد ڪنهن لاءِ؟ اتي ڪجهه به نه آهي. کنڀن سان گسندڙ هوا جي رڙ آهي. اڻ هوند جو پڙاڏو آهي.
زندگيءَ جي تعمير پنهنجي منطق کي پهتي. عمارت جيڪا ويران ٿي وئي ان کي زبون ٿي ڊهڻو آهي. هر ديوار کي هيٺ ڪري، هر سِرکي الڳ ٿي پنهنجي اصليت تي پهچڻو آهي. سونهن، جنهن مٿان اوندهه ڪاري بادل جيان وري وئي. سونهن جيڪا چنڊَ جيان دونهين پويان غائب ٿي وئي ـــ سونهن جيڪا روشني آهي. روشنيءَ ۾ موجود گرمي آهي. گرمي جيڪا برف کي رجائي ٿي. درياءَ بنائي ٿي ۽ درياءَ جن جي ڪنارن تي تهذيبون جنم وٺن ٿيون. جن جي ميدانن تي پوکون پچن ٿيون. حياتيون ڦٽن ٿيون جتي انسان ڪڻڪ جي داڻي جي جستجوءَ ۾ پنهنجين وجودي تبديلين ذريعي ان خوراڪَ ۽ ماحول کي ويجھو پوي ٿو.
سونهن جيڪا ڪٿي به نه آهي ڪجهه به نه آهي. هن جو وجود هن جي بقا جو دارو مدار، هن جو جيئڻ، هن جو شعور، هن جو سوچڻ سڀ رٻڙ جي ان کينهونءَ جيان آهن جيڪو بيوفائيءَ جي ٺوس ڀت تي جنهن رفتارَ سان لڳو ۽ ساڳي رفتارَ سان واپس موٽيو.
شعور جيڪو لاشعور جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهجي وجود وڃائي چڪو آهي. جيڪو اڻ هوند ۾ هوند آهي، جيڪو ڪجهه به نه آهي. بس هڪ وهم آهي گُمان آهي. اوندهه اندر ڪنهن شيءِ جو سفر آهي يا ڪنهن شيءِ مٿان اوندهه جو سفر آهي. بس وڇوڙو آهي ۽ واپسي آهي. اهڙي واپسي جيڪا اربها سالن تي محيط آهي جيڪو گهرڙي جي اوسر کانپوءِ ان جي وجودي هيت ۽ ماحول جي زير اثر عضون جي ترتيب، چمڙيءَ جا رنگَ، ڪرنگهو ۽ ڪرنگهي بنا چيلهه جي لوڏ.
هر شيءِ جو ظهور حُسنَ جو جملوو پسڻ لاءِ. اک جِتان دماغ کي روشني پهتي. اک جيڪا تخليق ٿي ان کي ڏسڻ لاءِ. اک جيڪا وايو منڊل ۾ ان کي ڳولهي ٿي. جسم جي هر جدوجهد ان کي ڏسڻ لاءِ آهي.
جيوگهرڙي جو جنم ان کي ڏسڻ جي جستجوءِ آهي، تجسس آهي، زندگي ساهه روڪي ان جو انتظار آهي. ڏسڻ، ٻڌڻ، ڳالهائڻ سڀ حاصلات ان کي محسوس ڪرڻ آهي. ان کي ڏسڻ آهي، ٻڌڻ آهي. ان سان ڳالهائڻ آهي.
سونهن جنهن ۾ عجب ۽ خوف موجود هوندي تجسس کي اڀارن ٿا. سونهن جيڪا اوائلي آهي. ڪائنات جنهن جي ڪک مان نڪتي آهي. ڪائنات تجسس جي پئداوار آهي. هڪ اهڙو تجسس جيڪو عجب ۽ حيرت ۾ ويڙهيل سونهن ڏانهن راغب ڪري ٿو. سونهن جنهن کي پسڻ جي حسرت ۾ اک وجود ورتو. حواس پئدا ٿي پيا. زندگيءَ جو چرخو چري پيو. هو ٺهي پيو. جڙي پيو ۽ ڊهي پيو.
سونهن جيڪا اوجھل ٿي ۽ مقصد فوت ٿيو. ڪارج فنا ٿيو. تند ٽٽي ۽ هو هيٺ ڪريو. فنا..... فنا ۽ فنا..... اوندهه جو اڻ کٽ سلسلو، روشنيءَ کان ڏور ٿيندڙ ڊگهو سفر. روشنيءَ جي رفتارَ کان تيز اوندهه جي رفتارَ آهي. اوندهه جو اڻ کٽ اونهو کوهه زندگيءَ جي پاڻيءَ ڏانهن واپسي. انسان جا پاسن وارا نوڪدار ڏند، درندگيءَ جي نشاني. هن جو گسي ويل پڇ. چرپر کان عاري ڪن. هر عضوي جي ماحول کي قبول ڪندڙ نواڻ. سڀ واپسي ۽ فنا.
هن جي درندگي، هن جي جھنگلي زندگي. هڪ جانور ............. ڪا سمنڊ جي مخلوق........... ڪو مختصر جيو گهرڙن جو جھڳٽو..... هڪ اڻپور جيو گهرڙو..... ڪجهه گئسون.... سمنڊ جو پاڻي ۽ ڪجهه به نه.
هو نه رهيو. هو ختم ٿي ويو. اسپتال جي بستري تي هن آخري هڏڪي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جو ساههُ بند ٿيڻ لڳو. دل سست ٿي بيهڻ لڳي. وجود پنهنجي انجامَ کي پهچڻ لڳو جڏهن هو مرڻ کي بلڪل ويجھُ ٿيو ته اوچتو هڪ تيز روشني چمڪاٽ ڪندي ڄڻ هن جي وجود مان پار ٿي وئي. هن محسوس ڪيو جيئن هوءَ پريان تيز مينهن۾ پسندي واپس موٽي، ڊوڙندي هن ڏانهن ايندي هجي. ان جي هٿن ۾ گلاب جون ڏانڊيون هجن. هوءَ اڇن ڪپڙن ۾ اهڙي فرشتي جيان هجي، جنهن وٽ هن جي موت بجاءِ هن جي زندگيءَ جو پروانو هجي. اها تيز وڄ ۾ چمڪندي مينهن ۽ مٽيءَ جي خوشبوءِ جيان هن ڏانهن ورندي هجي. هڪ مرڪ، گلابي ڳلن تي باهه جيان ٻرندڙ مرڪ، زندگيءَ جو پيغام. مينهن ڀنل گلابن ۾ ويڙهيل حياتيءَ جو سنديسو.
”هوءَ اچي رهي آهي..... مون ڏانهن ڊوڙي رهي آهي....آهه اُها مرڪ!“ هن جي مٿي تي ڄڻ ڪِول گهمي وئي. هن جي سڄي هٿ جي آڱر چري ۽ هن ڊگهو ساهه کنيو.
”اها ڪٿي آهي؟ هوءَ جنهن جي زير اثر مان برقرار رهيس، سلامت هيس...... اها منهنجي مٿان بيٺي آهي، منهنجي ليٽيل وجودَ مٿان. ان جي وارن مان مينهن جي پاڻيءَ جون بوندون منهنجي منهن تي ڪري رهيون آهن.... هوءَ مونکي سڏي رهي آهي.... منهنجي زندگي..... منهنجو مقصد.... منهنجي جستجو..... منهنجي جدوجهد.“
هن محسوس ڪيو جيئن اوندهه جي کوهه ۾ هيٺ لهندڙ هن جو وجود ان جي تري ۾ پاڻيءَ سان ٽڪرائجي پاڻي ٿي ويو هجي. پاڻي جيڪو بخارات جي صورت ۾ اتان اڏامي مٿي ٿيندو هجي. پر اوچتو سڀ بخارات ڦري ڪو غير واضع هلڪي روشنيءَ ۾ نظر نه ايندڙ ٺوس مادو ٿي پيا هجن. غير واضع جيو گهرڙو ۽ جيوگهرڙن جو بي ترتيب اهڙو ڍير جيڪو پيدا ٿيندڙ روشنيءَ جي زير اثر اوندهه جي کوهه ۾ موجود پاڻيءَ اندر ترڻ جي جدوجهد ۾ عضون کي جنم ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
اسپتال جي بستري تي هن جي ساهه کڻڻ ۾ گهرائي اچي وئي. هو ڊگها ۽ گهرا ساهه کڻي کونگهرن جي صورت ۾ٻاهر ڪڍڻ لڳو.
پگهر هن جي نرڙ تي نروار ٿي ماڪَ جيان چمڪڻ لڳو. هن کي محسوس ٿيو ڪو نرم هٿ هن جي پيشانيءَ کي ڇهندو هجي. ”ڇهاءُ جو اُهو احساس.“ هن جو دماغ ڀڙڪو ڏئي ٻري پيو. صرف ڳالهيون ۽ چهرا يادن ۾ محفوظ نه رهندا آهن. پر ڇهاءَ جو احساس پڻ يادن، جي محلات ۾ ڪنهن نظر نه ايندڙ روحَ جيان ڀٽڪندو رهندو آهي.
اکين کان انڌو انسان هر شيءِ کي ڇهاءَ ذريعي محسوس ڪندو آهي جيڪا هن جي ڇهاءَ جي تجربي مان لنگهي هجي. هر پهريون ڇهاءُ هڪ تجربو آهي جيڪو يادن جي تهه خاني ۾ قيد ٿي وڃي ٿو. ان شيءِ جي ٻيهر ڇهڻ سان يادن جي تهه خاني مان هڪ رڙ اڀري جسم جي سطح سان ٽڪرائجي ٿي ته هڪ احساس اڀري ٿو ”ها.... اهو ڇهاءُ ان جو آهي..... اهو هٿ ان جو آهي.“ هڪ فنا جي کنڊر مان نڪري بقا جي سرسبز ميدانن ڏانهن ڀڃندڙ وجود لاشعور ۾ سوچي ٿو.
”پيشانيءَ تي هٿ جو ڇهاءُ..... يادن ۾ دٻيل ڇهاءَ جهڙو.“ ڪو هن کي جھنجھوڙي ٿو. هن جي بيهوشي ٽوڙڻ چاهي ٿو. هڪ هٿ جنهنجون آڱريون ٿڌي پگهر جيان نرڙ تان وهن ٿيون. ڊگهي لڪير ٺاهيندڙ بوندون يادن جي سانپن جيان چرندڙ، دماغَ جي کل تي رقص ڪندڙ نرم ڇهاءُ. هن جي جسمَ کي چنهنڊڙيون پائيندڙ يادون. ڏنڀَ ڏيندڙ احساس.
بيهوشي جنهن مان انسان ڏنڀن ملڻ سان به پار نه ٿو پوي. ننڊ جنهن مان هلڪي رڙ تي انسان اکيون کولي جاڳي پوي ٿو. موت جنهن لاءِ ڪا به رڙ، ڪو به ڏنڀ، ڪو به خواب ڪا معنيٰ نه ٿو رکي. موت ڪو احساس نه آهي پر احساسن جو انت آهي. ڪائنات جي فنا آهي.
هٿ جو ڇهاءُ جيڪو هن کي موت جي اوڙاهه مان ٻاهر ڌڪي ٿو. زندگيءَ جي ابتدا طرف.
هو اسپتال جي بستري تي ڊگها ساهه کڻي ٿو. روشني هن جي دماغَ ۾ جاڳي ٿي. سج هن جي دماغَ ۾ موجود لامحدود سمنڊ جي ڪناري کان اڀري ٿو. صبح جي سريلي آذان تي هن جي ننڊ جا گهيرٽ ڄڻ وڌي وڃن ٿا. سڪون سج جي پهرين ڪرڻي جيان ظاهر ٿي گهرو ٿئي ٿو. جهرڪين جي چهچهائڻ جا آواز هن جي دماغَ جي ستل پکيءَ کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هو وجود کي تڙپندو محسوس ڪري ٿو. هڪ جدوجهد جيئڻ جي جدوجهد ۽ ان جدوجهد جي زير اثر هن جو ٺهندڙ وجود. پاڻيءَ جي سطح تي ترندڙ جيو گهرڙن جو جھڳٽو. ”اي دوست! مان ڪجهه نه هجان، بس هڪ اک هجان..... تنهنجو وجود پسان.“ هو وجود ۾ اچڻ کان پهريون ئي ڪنهن هستيءَ آڏو دعا لاءِ هٿ کڻڻ چاهي ٿو. هن جا هٿ ٺهي پون ٿا. هُو آبي بخارات جو ٺهيل وجود، جنهن هيري مان ڪاربان چورايو. جنهن سمنڊ جا سڀ لوڻ ملائي پنهنجي وجود ۾ اوتيا. هو جيڪو ڪيميا جو ڪارخانو آهي. لوهه آهي، ٽامو آهي، چن جو پٿر آهي. جنهن جي چمڙيءَ تي پيدا ٿيل فنگس مان وڻ ڦٽا، گل ٽڙيا. هن جي وجود تي پلجندڙ وائرس جو اڻ پورو جيو گهرڙو نامڪمل جيو گهرڙو، جيڪو وجودن جي موجودات ۾ سڀ کان اوائلي جيئرو جيءُ آهي.
هٿ جو ڇهاءُ، هن جي پيشانيءَ تي رکيل اشهد آڱر. هن جي وجودَ کي حڪم ڪري ٿي ته: ”ٺهي پوءُ“
هو جيڪو اوندهه جي گهري کوهه ۾ ڪري پاڻيءَ مٿان بخارات ۾ تبديل ٿي وري واپس جيو گهرڙو ٿي پيو آهي..... جيو گهرڙن جو جھڳٽو ٿي پيو آهي. هو جيڪو سمنڊ جي مخلوق مان خشڪيءَ جي مخلوق ٿي پٽ تي ريڙهيون پائي رهيو آهي. سونهن، جنهن ڏانهن ڊوڙڻ جي خواهش ۾ هن جا پير ظاهر ٿيا آهن. ڊوڙ جنهن جي تاريخ اربها سالن کي لتاڙي پنهنجا پير ڊاهي ڇڏيا آهن. موسمن ۽ ماحول جي سانچي ۾ هن جي وجود جا ٽڪر ڪٽجي رستن تي ڇڻيا آهن. هن جي ڇڻيل وارن مان نانگ پئدا ٿيا آهن. اکين جي پاڻيءَ مان ڪنول ڦٽيا آهن. نفرتن جي وڍيل گوشت مان خونخوار جانور ٺهيا آهن. ڪاوڙ ۽ جوش مان بلند ٿيندڙ رڙ ڳجھن ۽ ڪانون ۾ تبديل ٿي وئي. هن جي پيار ڀريل اڀ ۾ اڏامندڙ نظرن رنگبرنگي خوبصورت پکين کي روپُ ڏنو. جنگ جي باهه کي وسائيندڙ هن جي وجود جي رت جنهن مان ڳئون رانڀ ڪري نروار ٿي. هن جي ٿڻن مان کير ڏيندڙ جانور ڦٽا ۽ شجاعت مان گهوڙي هڻڪار ڪئي. هن جو وجود صدين جي اتاهه ميدان ۾ ڊوڙندو، ڇڻندو، ڍلندو، وقت جي وهڪري ۾ بدلبو، جنم ڏيندو ڦرندو گهرندو، ڀڃندو رهيو. هڪ صديءَ کان ٻئي ڏانهن.
اوندهه جي کوههَ ۾ مٿي واپس روشنيءَ ڏانهن. هو ٺهندو ويو. پاڻيءَ کان مٿي ڌرتيءَ ڏانهن، آڪاش ڏانهن، هن جي اڏامَ، هِڪَ جستجوءِ هئي، ان کي پسڻ لاءِ جيڪا هن جي بستري مٿان هن جي نرڙ تي هٿ رکي بيٺي هئي. هن کي گهلي رهي هئي، واپس ڇڪي رهي هئي. کاري پاڻيءَ کان پنهنجن چپن جي آب حيات ڏانهن، زندگيءَ سان ڀريل اکين ڏانهن چهري جي روشنيءَ ڏانهن.
هو اوندهه مان مٿي اڀري تيزيءَ سان ان جو سينو چيريندو روشنيءَ ڏانهن ڊوڙڻ لڳو. هن کي پري کان ڪا چڻنگ اوندهه ۾ تاري جيان ٻرندي نظر آئي. هو تاريخَ جي رِڻَ ۾ ڊوڙندو وري جڙي چڪو هيو. هو سانچي ۾ پيڙهجي وري ڍلجي چڪو هيو. هن جا غير ضرور عضوا رستي ۾ ڇڻي گسجي چڪا هيا. هن مان ڪيترا جاندار ڦٽا ۽ فنا ٿيا. ڪيترا وڻ اڀريا ۽ ڪئي ٻوٽا پروان چڙهي گلن سان سٿجي ويا. هن ميون کي ڳولهي لڌو ۽ ميون هن جي وجود جي پالنا ڪئي. اناج جو پهريون ٻوٽو هن کي عورت جي.... مان ڦٽندي نظر آيو. اناج هن کي شهوت بخشي. هن جي هڏن کي مضبوط ڪيو. هو تاريخ جي اٿاهه ميدانَ ۾ اڃان به تيز ڊوڙيو ۽ هن پويان مخلوق ڊوڙي. هن جون اڳيون ڄنگهون ٻانهن ۾ تبديل ٿي پيون ۽ هن هٿن سان پنهنجو پڇ پٽي ان مان چهبڪ ٺاهي پنهنجي حڪمرانيءَ جو اعلان ڪيو. وقت جي واءُ ۾ هن جي جسم جا وارَ ڇڻندا ويا ۽ هن ڪپهه کي وارن جي جاءِ چمڙيءَ تي چنبڙايو. هن پيرن تي بيهي ڌرتيءَ کي ڏٺو ۽ مٿي پولار ۾ نهاريندي هن جي نرڙ جا گهنج ظاهر ٿيا ۽ هو ڏاهو ٿي پيو. مفڪر ۽ داناءُ ٿي پيو.
حواسن کان اڳتي سوچڻ جي سگهه هن جي وهمن ۽ وسوسن کي اجاگر ڪري هن جي خوف کي اڀاريو. عقل هن کي ڀاڙي ڪيو ۽ ڏاهپ هن کي منجھائي وڌو. هن من جي مونجهه کي گهٽائڻ لاءِ رب آڏو پنهنجو پهريون سجدو ادا ڪيو ۽ سڪون محسوس ڪيو. هن غيب ۾ پناهه وٺي وجود کي لڪايو. هن ڪمزوري ۽ هيڻائپ جو اقرار ڪري آفتن کي خدائي سزائن جو سلسلو چئي پنهنجي عقيدي کي سختيءَ سان نافذ ڪيو. هن قانون جوڙيو، مٽيءَ جي لوحن تي دستور لکي بند ٿنڀن وارين عمارتن اندر ويهي ان تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سڌاري ۽ تبديليءَ جي نالي ۾ ظلم جو آغاز ڪيو ۽ فاتح بڻيو.
هڪ فاتح جيڪو اوندهه جي گهوڙي تي سوار ٿي هٿ ۾ زندگيءَ جي تلوار لهرائيندو روشنيءَ جي گول دائري ڏانهن وڌندو رهيو. اوندهي کوهه جو ظاهر ٿيندڙ گول روشن انت. جنهن جي ڪنارن وٽ هوءَ هن کي بيهي پڪاري رهي هئي. هو موت کي شڪست ڏئي زندگيءَ ڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙندو رهيو. اونداهي کوهه مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڊوڙڻ سبب تيز ساهه کڻي رهيو هيو.
نيٺ اهو وقت به آيو جو هر زوم سان اونداهه جي کوهه مان نڪري اچي ٻاهر پٽ تي پيو. ٿڌي هوا هن جي پيشانيءَ سان ٽڪرائي ۽ جسم روشنيءَ ۾ غوطا کائڻ لڳو. ٿڌاڻ جي احساس کان هن جي پيشانيءَ تي پگهر اچي ويو ۽ هن محسوس ڪيو هن جي محبوبا جون آڱريون هن جي پيشانيءَ تي نه پر ڄڻ ڍنڍَ جي پاڻيءَ کي ڇهي رهيون آهن. هن جي دماغَ ۾ پاڻيءَ جون لهرون پيدا ٿيون.
هن محسوس ڪيو هن جون اکيون تيز روشنيءَ کان بند آهن. اوندهه مان نروار ٿيندڙ اکيون روشنيءَ ۾ سڙڻ لڳيون آهن. هن جون لوندڙيون ڌنوڻ لڳيون. هن جي چپن ۾ لرزش پيدا ٿي ۽ هن پيرن کي ڏڪندي محسوس ڪيو.
هن جي جسم جو هر جيو گهرڙو اکيون مهٽي جاڳندو ويو. ان کي ڏسڻ جي آسَ ۾ نوبنو ٿي پيو.
”تون ڪٿي آهين.... منهنجي زندگي..... منهنجي جستجو..... منهنجي آرزو.“
هر پيدا ٿيندڙ انگ وڇوڙي جي ڊگهي رات مان جاڳندو..... پڇندو ويو. تيز روشنيءَ هر انگ کي انڌو ڪري ڇڏيو. هو تپندڙ ۽ تيز سج هيٺان ٿاڦوڙا هڻي اکيون ٻوٽي انهن نرم هٿن کي ڳولهڻ لڳو جيڪي هن جي آس پاس موجود هيا.
اوندهه هن جي اکين ۾ ڪوئلن جيان ٻرڻ لڳي. باهه هن جي اکين مان مٿي چڙهي هن جي دماغَ کي وڪوڙي وئي. هو روشني ۽ باههَ جي سمندَ ۾ غوطا کائيندو اڳتي وڌيو.
جڏهن گهڻي دير کانپوءِ ڪاراڻ ٻري رک جيان هن جي وجودَ مان ڇڻي پري وڃي پئي ته هن پنهنجين رڳن کي ڍرو ٿيندي محسوس ڪيو.
هن جون اکيون روشنيءَ کي برداشت ڪرڻ جي قابل ٿي ويون. روشني جيڪا هن جي مٿان موجود هئي. هن جي محبوبا جو چهرو جيڪو هن جي چهڙي مٿان جھڪيل هيو. روشنيءَ جو ٽهڪندڙ سج جيڪو گرم چانديءَ جيان هن جي اکين ۾ اوتجي پوندو. جڏهن ڪاراڻ جا ڪڪر هن جي وجود تان لنگهي ويا ته هو ظاهر ٿي پيو. هن پنهنجي وجودَ کان نڪري ان کي ڏسڻ جي آس ۾ اکين کي کولڻ لاءِ انهن کي زور ڏنا. هن جي نرڙ جا گهنج واضع ٿي ويا ۽ هنجي منهن جون مشڪون ڏڪڻ لڳيون. هڪ آهه هن جي چپن مان نڪتي ۽ پوءِ هن آهستي آکيون کولي مٿي ڇت ڏانهن نهاريو. هو موجود هيو. هو جيئرو هيو. هن کي محسوس ٿيو هو ان کي ڳوليندي ڏاڍو ٿڪجي پيو هجي. اڃ کان هن جا چپ خشڪ ٿي ويا هجن.
هن همت ڪري اکين کي هيڏانهن هوڏانهن ڦيري ان کي ڳولهيو. ڪراڙو تيماردار ڊوڙندو هن مٿان آيو. هن جي اکين ۾ اکيون وجھي عجب مان هن ڏانهن نهارڻ لڳو. ڄڻ ان کي يقين نه ايندو هجي ته هو ڪو اوچتو واپس وريو آهي.
هن تيماردار ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ هن جون اکيون وري ان کي ڳولڻ لڳيون هن ڪمري جي هر ڪنڊ ڏانهن ٽيڏين اکين سان نهاريو. اها ڪٿي به نه هئي. هو مايوس ٿي ويو. هن پيشانيءَ تي ٿڌو پگهر محسوس ڪيو، اتي ڪا به نرم آڱر هن کي نه ڇهي رهي هئي. اها ڪٿي به موجود نه هئي. اها هن جو وهم هئي. گمان هئي. اها دوکو هئي. بيوفائي هئي.
هن جي اکين مان ڳوڙها وهي ڪنن وٽان منهن جي پاسن کان هيٺ ڇڻيا.
اوچتو تيماردار جو چهرو زور سان بند ٿيندڙ دروازي جي آواز ۾ گم ٿي ويو. هن جون اکيون بند ٿي ويون ۽ هو واپس اوندهه جي کوهه ۾ اربها سالن جو سفر طي ڪري وڃي هيٺ پاڻيءَ ۾ ڪريو ۽ پاڻيءَ سان ملي پاڻي ٿي ويو. هن کي جيئڻ کان مرڻ ڏانهن سفر ڪرڻ ۾ ايترو مختصر وقت لڳو جو هن جي اکين جا ڳوڙها به نه سڪا.