چمڪ چمڪ تُون چنڊ مشعال
استاد بخاريءَ کان مُون پڇيو هو ته: ”ڇا ٻارن جي لاءِ لکڻ واقعي ڏکيو ڪم آهي؟ جيئن اسان جا وڏا اديب چون ٿا.“ استاد وراڻيو هو ته ”ڪم جنهن به شئي جو نالو آهي، اهو ضرور محنت طلب ۽ ڏکيو هُوندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻاراڻو ادب سرجڻ به ڏکيو ڪم ضرُور آهي، پر ايڏو ڏکيو به ناهي جو لکجي ئي نه، يا لکي ئي نه سگھجي.“
ساڳئي سوال جو جواب ڊاڪٽر عطا محمد ”حاميءَ“ هن طرح ڏنو هو ته”ابا! ڏکئي يا سکئي ڪم جي مُون کي خبر ناهي، پر ٻارن جي لاءِ لکڻ مُون کي ڏانءُ نه ٿو اچي.“
ساڳئي سوال جي لاءِ مُنهنجِي ذاتي راءِ اها آهي ته ٻارن جي لاءِ لکڻ ڏکيو هجي يا نه هُجي، پر محنت طلب ضرُور آهي. جيڪو اديب ٻارن جِي اهميت ۽ احساسِ ذميوارِيءَ کان واقف هُوندو، اهو ضرُور ٻارن جي ادب لکڻ لاءِ ٽائيم بچائيندو. اهو آهي ته لفظن جو ورجاءُ، پر لکڻو ئي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻار اسان جي قوم ۽ وطن جي مستقبل جا معمار آهن، ان ڪري انهن جِي ذهني اوسر ۽ فڪري فراوانيءَ لاءِ ضرور توجهه ڏيڻ گھرجي.
سجاڳ قومُون پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ ۽ سِينگارڻ جي لاءِ هميشه پاڻ پتوڙِينديُون آهن. يورپي ملڪ، مغربي قومُون پنهنجي ٻارن جِي وندر ۽ سکيا لاءِ ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري ڪارٽُون ۽ ڪهاڻي فلمون تيار ڪن ٿيون. ان کانسواءِ انهن وٽ ننڍڙن، نؤآموز ٻارڙن جِي نشوونما لاءِ وڏا عاليشان اسڪُولَ، اڪيڊميون ۽ ادارا ڪم ڪن ٿا، ڪمپيوٽرائيزڊ پروگرامن وسيلي هُو پنهنجي مستقبل جي معمارن جِي ذهني پرورش ڪن ٿا. مونٽيسوري کان وٺي ”اَي ليول“ ۽ ”او ليول“ تائين جهڙا سسٽم وٽن نهايت اثرائتي انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. جڏهن ته اسان وٽ ڪم ان جي اُبتڙ آهي. ٻار اسان جي ترجيحات ۾ شامل ئي ناهي، جنهن ڪري اسان سندس تعليم توڙي تربيت طرف توجهه نٿا ڏيُون ۽ موٽ ۾ اسان جا نسل صحتمند سوچن کي ذهنن ۾ پالڻ کانسواءِ ئي جوان ٿين ٿا ۽ معاشرو ڏوهن ۽ منفي سرگرمين جو ڳڙهه بڻجي ٿو.
اسان پنهنجي ماضيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسنداسين ته گذريل وقت جي وڏن شاعرن پنهنجي دؤر جي ٻارڙن لاءِ شاعريءَ توڙي نثر ۾ ڀرپُور لکيو آهي. ورهاڱي کان اڳ مرزا قليچ بيگ، محمد صديق ”مسافر“ ۽ ڪشنچند ”بيوس“ جهڙن شاعرن ۽ ورهاڱي کان پوءِ استاد بخاري، امداد حسيني، ادل سُومري، اياز گل، اختر درگاهيءَ، پرواني سيوهاڻيءَ،
نصير مرزا، مختيار ملڪ، مختار گھمري ۽ مُون سميت ٻين کوڙ سارن شاعرن ۽ اديبن ٻارن لاءِ دل سان لکيو آهي ۽ لکندا رهن ٿا.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا لوڪ ادب اسڪيم وارا، لوڪ ڪهاڻين جا جلد به ٻاراڻي ادب ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ پکين، جانورن ۽ ديون پريُن جُون ڪهاڻيون ٻارن جِي وندر ۽ سکيا جو مواد مهيا ڪن ٿيُون.
زيرِ نظر ڪتاب ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ ۾ اسان جي نؤجوان لکاريءَ ۽ شاعر ياسر قاضيءَ به پنهنجي صلاحيتن تي ٻارن جو حق سمجھندي، ٻارن لاءِ شاعري ڪئي آهي. هن ڪتاب جي خوبصورت نالي هيٺ خوبصورت ٻاراڻا نظمَ، سهڻن عنوانن سان ٻارن کي ٽهڪ ۽ مرڪُون آڇڻ لاءِ پنهنجا پاندَ پکيڙيو آتا بيٺا آهن. نه صرف وندر، پر هنن نظمن ۾ سکيا ۽ تربيت جُون به کوڙ ساتريُون ڳالهيُون موجود آهن، جيڪي جھرمر جھاتيُون پائي سَڏن ٿيون.
مان نه ياسر جِي شاعريءَ تي ڪو تبصرو ڪندس، نه شاعر جي خُوبين ۽ صلاحيتن تي ڪجھ ڳالهائيندُس، ڇاڪاڻ ته هُو منهنجو تسلسل آهي ۽ سندس تعريف ڪندي ايئن لڳندو ته ڄڻ آءٌ پنهنجِي تعريف ڪري رهيو هجان. وڌيڪ ٻارڙا پاڻ پڙهي فيصلو ڪندا ته ”ٽافين جو مِينهن“، ”ڪوهياريءَ جِي ڇيلِي“، ”ڪينگرو“، ”هيليڪاپٽر“، ”مور جي شادي“، ”ڀانڊارو“، ”لال ڦيرِي ــ گل ڦيرِي“، ”تلور“، ”عيد عيد مشالو“ ۽ هن ڪتاب جا ٻيا نظم کين ڪيترا وڻيا ۽ ٻارڙن جي ادب جا پارکُو به پرک، پرُوڙ ڪري هن ڪتاب بابت ضرُور پنهنجِي راءِ جو اظهار ڪندا.
آخر ۾ مان ٻارن جي ڪويءَ ڪشنچند ”بيوس“ جي هنن سٽن سان هن ڪتابَ جي شاعر ۽ سندس ڪلا لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿو:
چمڪ چمڪ تُون چنڊ مشعال!
چوکِي تُنهنجِي چنچل چال !!
مقصود گل
رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو