شاعِرَ پاران : شُڪر گُذاري
اميءَ جِي ننڍپڻ ۾ اسان کي ڏنل لولِي به ڏاڍي شاعراڻِي هُوندِي هئي. اها جنهن انداز ۾ لوليءَ ۾ اسان ٻارن جا نالا شامل ڪندِي هئِي، ته اسان کي ايئن لڳندو هو ته اها لولي اسان لاءِ ئي ڪنهن لکِي آهي. مان اڄ به جڏهن ٻارن لاءِ لکڻ ويهان ٿو ته مُونکي ڪنن ۾ اميءَ جي لوليءَ جو آواز سندس ئي ترنم ۾ ٿو گُونجي:
”الله.... الله.... مُنهنجي ياسر جو به آهي الله.... مُنهنجي ٻچڙي جو به آهي الله.... “
ننڍي لاءِ علم توڙي ادب سان چاهه، پنهنجي ڌرتِيءَ سان سڪ ۽ سنگھارن سان اُڪِير جو جذبو جاڳائڻ ۾ مُنهنجِي ڏاڏِيءَ (رضيه بيگم)، مُنهنجِي نانيءَ (زبيده خاتُون)، مُنهنجي پَڙ نانيءَ (ناني سونڻ)، ابُوءَ جي سڪَ واري ماءُ، ”امان ڪُراڙي سيتان واريءَ“ (امان نصيبان ماڇياڻي) ۽ اسان جِي پاڙي جي ”آئِي بانرياڻيءَ“ (آئِي خانزاديءَ) جي ٻُڌايل قصن ۽ آکاڻين جو وڏو عمل دخل آهي، جن ”ست پُٽ بادشاهه کي، اٺين لال جَتي...“، ”چالاڪ درزي“، ”عقلمند خليفي“، ”سون پري“، ”مورڙي“ وغيره جهڙا اڪيچار قصا ٻُڌائي مُنهنجي اندر لاشعُوري طور ئي ادب ۽ پنهنجي ثقافت جِي سڪ کي جاڳايو. مان پنهنجيُن انهن سمُورين ڏاڏيُن نانيُن ۽ ڏاڏا بابا ۽ اميءَ جو شڪر گذار آهيان، جيڪي مُنهنجي اندر موجود رنگن منجھان گھڻن رنگن کي منهنجي شخصيت ۾ منتقل ڪندڙ آهن.
اسان جي گھر ۾ ٻارڙن جا رسالا ”گل ڦل“ ۽ ”نونهال“ ته پابندِيءَ سان ايندا ئي هئا، پر ابُو ان دؤر جو ٻارڙن لاءِ سرجيل هر ڪتاب (توڙي اهو نثر جو هجي، يا نظم جو) گھر ۾ آڻيندو هو ۽ پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ مُون جن شاعرن ۽ اديبن جا ٻارڙن لاءِ لکيل ڪتاب پڙهيا، تن ۾ ادل سُومري، اياز گل، اقبال شينَي، نصير مرزا، مختيار ملڪ، اختر درگاهيءَ، مختيار مڱڻهار، پرواني سيوهاڻيءَ ۽ استاد بخاريءَ جا ڪتاب شامل آهن. اوهان اهو پڙهِي حيران ٿيندا ته موُنکي سائين مختيار مڱڻهار جي ڪتاب جو نظم
پاڙي وارو ڪاڪو ڪنڊو
اک کان ڪاڻو، ڄنگهه کان مَنڊو
ڪلهه صبح جو ٺوڙهه ڪرائي
تنهن کي ڏاڍو تيل لڳائي
ڇولن جو هڪ ٿالهه رنڌائي
تنهن کي ٽانگي ۾ وجھرائي
ڪلهه جو جيئن اسڪُول ۾ آيو
ٻارن ڏاڍو شور مچايو
ڪنهن ٿي مَسُ سان لِيڪو پاتو
ڪنهن ٿي ٺوڙهه تي ٺونگو لڳايو
يا نصير مرزا جو نظم
سنهڙي جو نالو هو سيِپڪَ
ٿُلهڙي جو نالو هو منٺار
مُونکي اڄ ڏينهن تائين ازبر آهن.
مان مٿي ذڪر ڪيل سمُورن شاعرن ۽ اديبن جو شڪرگذار آهيان، جن منهنجَي نسل لاءِ لکيو ۽ اسان سندن لکيل ٻولن جَي بدؤلت سٺو ڳالهائڻ توڙي سٺو لکڻ سکياسي. مُون چاهيو پئي ته مُنهنجَي هن پهرين ڪتاب جو مهاڳ ۽ بيڪ ٽائيٽل واري راءِ لکندڙ شخصيتُون انهن شاعرن منجھان ئي هجن، جن کي پڙهِي مُون پڙهڻ سکيو ۽ پڙهڻ سکِي مُون لکڻ سکيو.مُون لاءِ اها ڳالهه خوشيءَ کان وڌيڪ آهي ته محترم ادل سُومري مُنهنجي هن ڪتاب جو مُهاڳ لکيو آهي، جنهن جو ڪتاب ”پوپٽ جهڙا گيت“ مُون ننڍپڻ ۾ نه ڄاڻ ڪيترا دفعا پڙهيو هو. مُنهنجَي هن ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل راءِ سائين نصير مرزا لکي آهي، جنهن سان مُنهنجِي ويجھڙائپ جا کوڙ حوالا آهن. انهن منجھان هڪ حوالو هڪ ٻالڪ جي آئيڊيل ليکڪ وارو پڻ آهي. مان پنهنجِي عزت افزائيءَ لاءِ انهن ٻنهي محبُوب ليکڪن جو احسانمند آهيان.
اسان جي گھر ۾ هڪ وڏو پينگھو هُوندو هو، جنهن ۾ جڏهن اونهاري ۾ ٽاڪ منجھند جو اوچتو بجلي هلي ويندي هئي ته امي اسان سڀني ڀائرن ڀينرن کي ان پينگھي ۾ قطار ۾ سمهاري پينگھو لوڏي ننڊ ڪرائيندي هئي، ۽ اسين سڀ پينگھي جي لُڏڻ سبب هوا لڳڻ ڪري ننڊ ڪري ويندا هئاسِين. ان ئي پينگھي ۾ شام ڌاري بجلي وڃڻ جِي صُورت ۾ آءٌ، مُنهنجي ڀيڻ گُڏي (نائله) ۽ مُنهنجو ڀاءَ ناصر، ويهي گيت ڳائي بجليءَ اچڻ تائين وقت گذارِيندا هئاسِين. انهن گيتن تي مُنهنجِي ڀيڻ گيهه جو پنج سيرِي دٻو، دُهل ڪري وڄائيندِي هئي، جڏهن ته مان يا ناصر ٻاراڻِي کنجري (ڊفلي) وڄائي شامل ٿيندا هئاسِين. اسين ڪي فلمي گيت نه ڳائيندا هئاسين، بلڪه پنهنجي ابُوءَ ۽ سنڌ جي مشهُور شاعر مقصود گل جا ۽ استاد بخاريءَ جا گيت ڳائيندا هئاسين. ابوءَ جِي شاعريءَ جِي اڌ کان وڌيڪ ڊائري اسان کي برزبان ياد هُوندي هئي ۽ استاد بخارِيءَ جا به ان وقت ڪيسيٽن ۾ وڄندڙ بي شمار گيت اسان کي ازبر هوُندا هئا، جيڪي آءٌ سجاڳ ٻار تحريڪ جي گڏجاڻين ۾ به ڳائي داد وصُول ڪندو هئس. ان ئي دؤر ۾ بابا جو ٻاراڻي شاعرِيءَ وارو ڪتاب ”ڪرڻا ڪرڻا“ تازو ڇپيو هو. ان ڪتاب جا به ”ريل راند“، ”ڇولن وارو“، ”پالش وارو، ۽ ”پريم پري ۽ ڪاڻو ديو“ سميت ڪيترا ئي نظم ۽ گيت اسان کي ياد هُوندا هئا. يا بابا جا مختلف ڳائڻن جي آواز ۾ ڪيسيٽن ۾ ڳايل گيت به اسان کي حفظ هُوندا هئا، جيڪي اسان انهن ئي ڌُنن ۾ جيئن جو تيئن ڳائيندا هئاسِين.
هڪ رات ايئن ئي بجلي نه هئي، امي رنڌڻي ۾ رات جِي ماني پچائي رهِي هئي ۽ اسان ٽئي ٻار ايئن ئي پِينگھي ۾ لُڏندي ابُوءَ جو گيت ڳائي رهيا هئاسين:
اچ يار ! پريم، پيار جِي پُوڄا ڪري وٺون
سڪ، سُونهن کي سلام ۽ سجدا ڪري وٺُون
جڏهن اسان ان گيت جو آخري بند پئي ڳاتو ته اُن جِي پهرِين سٽ هئي:
”مقصود“ ! موت ساڻ ملاقات ٿي سگھو
اسان جيئن ئي اها سٽ ڳائي ئي رهيا هئاسِين ته امان رڌڻي مان رڙ ڪئي ته ”اهو گيت نه ڳايو... يا اها سٽ نه چئو...“ اميءَ جِي رڙ سان ئي اسان جو گانو بند ٿي ويو. چند لمحن ۾ مُون اها ئي سٽ پنهنجي ذهن ۾ تبديل ڪري ورتِي ۽ هيئن جھُونگارِي:
”مقصود“ ! سُونهن ساڻ ملاقات ٿي سگھو
شايد اها مُنهنجي اندر جي شاعر جِي پهرِين قلابازي هئي، جيڪا ان لمحي وقتائتي اظهار سان ٻاهر نڪتي ۽ هڪ اهڙي سٽ جُڙِي پئِي، جو اميءَ جو اعتراض به ختم ٿي ويو ۽ ان سٽ اسان کي هن سُهڻي گيت کي بنا ڪنهن رنڊروڪ جي ڳائڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو. مان سمجھان ٿو اها منهنجِي سرجيل زندگيءَ جِي پهرين سِٽَ هئي. مان اُن پينگھي توڙي اُن لمحي جو شڪرگذار آهيان، جنهن مُونکي شاعر طور مُون سان متعارف ڪرايو.
مُنهنجو پهريون لکيل باضابطه نظم هو:
دل لڳائي پڙهندو آهيان
ڌيان ڪم تي ڏيندو آهيان
اهو نظم مُون 1988ع ۾ لکيو هو، جڏهن آءٌ پاڻ ٻار هئس ۽ پنجين ڪلاس جو شاگرد هئس. اهو نظم سُٺو ته ڪونه هو، پر ابوُءَ مُنهنجِي همت افزائيءَ لاءِ اهو نظم روزاني ”هلال پاڪستان“ جي ٻارڙن جي صفحي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ کي اشاعت لاءِ موڪليو، جنهن ۾ اهو نظم ڇپيو ۽ مُونکي پنهنجي پهرين شعر ڇپجڻ جِي جيڪا خوشي ملِي، ان جو بيان لفظن ۾ ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. ستت ئي مُون بابا جِي صلاح سان ان ئي اخبار جي ان ئي صفحي ۾ ”شاعرن ۽ اديبن جا ادبي ۽ اصلي نالا“ جي عنوان سان هڪ سلسلو شروع ڪيو، جنهن تحت هر هفتي لڳ ڀڳ15 شاعرن ۽ اديبن جا ادبي ۽ مائٽاڻا نالا ترتيب ڏئي موڪلبا هئا ۽ اهي اخبار جي هن صفحي ۾ شايع ٿيندا هئا. ان سلسلي کي ترتيب ڏيڻ ۾ مُون سان بابا جو گھڻو سهڪار رهيو. ان سلسلي تحت لڳ ڀڳ 25 قسطين ۾ ٽن چئن سَوَن شاعرن ۽ اديبن جا نالا شايع ٿيا. اها ان نوعيت جي پهرين ڪوشش هئي، جيڪا اديبن پاڻ به ڏاڍي پسند ڪئي. ان کانپوءِ مُون پبلڪ اسڪُول ميرپورخاص ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين واري شاگرديءَ واري دؤر (1991ع کان 1995ع تائين) ۽ ان کانپوءِ وارن ٽن چئن سالن ۾ مختلف اخبارن جي ٻاراڻن صفحن توڙي ٻارڙن لاءِ شايع ٿيندڙ مختلف رسالن ۾ نثر توڙي نظم ۾ تمام گھڻو لکيو. هن ڪتاب ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ ۾ ان دؤر جا به ڪجهه نظم شامل آهن، جن ۾ ”مِينهن کي مِنٿ“ ۽ ”روئڻو راجُو“ وغيره اچِي وڃن ٿا.
آءٌ مرحوم اڪبر جسڪاڻيءَ (ان وقت جي ”گل ڦل“ رسالي جي ايديٽر)، چاچا پرواني سيوهاڻيءَ (ان وقت ”سرهاڻ“ رسالي جي ايڊيٽر)، مرحُوم حسام سُومري (ان وقت جي روزاني ”هلالِ پاڪستان“ جي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ صفحي جي سهيڙيندڙ، جنهن کي مُون هي ڪتاب ارپيو پڻ آهي)، سڪندر سرواڻ (ان وقت ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”مُرڪ“ رسالي جي ايڊيٽر)، مرحُوم عبدالرحمان ”نقاش“ عرف ”چاچو عوامي“ (ان وقت جي روزاني ”عوامي آواز“ جي ”جوت“ صفحي جي سهيڙيندڙ)، عاجز جمالي (”چاچي عواميءَ“ کانپوءِ”جوت“ صفحي جي ايڊيٽر)، مسعود لوهار (ان وقت جي حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالي ”ارچڪ مرچڪ“جي ايديٽر)، همسفر گاڏهيءَ (ان وقت جي روزاني ”جاڳو“ جي ”جاڳو ٻارڙا“ صفحي جي سهيڙيندڙ)،ادا علي گوهر کهاوڙ (چاچي حسام سُومري کانپوءِ روزاني ”هلالِ پاڪستان“ جي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ صفحي جي سهيڙيندڙ) سميت انهن سمُورن سڄڻن جو ٿورائتو آهيان، جن مُنهنجي اندر جي ليکڪ کي اُسرڻ ۾ مدد ڏنِي ۽ مُونکي اُتساهيو.
هن ڪتاب ۾ جيڪي ٻارن لاءِ لکيل نظم شامل آهن، اهي اڪيچار ٻاراڻن نظمن منجھان چُونڊيل آهن. ان چُونڊ ۾ جيڪي نظم هن ڪتاب ۾ شامل ناهن ٿيا، اهي مُنهنجي ايندڙ ڪتابن ۾ اوهان کي پڙهڻ لاءِ ملِي ويندا. مُنهنجي نظر ۾ مئٽرڪ ڪلاس (ڏهين ڪلاس) تائين جو شاگرد، ٻالڪپڻي جِي حد ۾ اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ نظمن ۽ انهن جي موضُوعن جِي چُونڊ اهڙيءَ ريِت ڪئي وئي آهي جو هن ۾ صفا ننڍڙي ٻار جِي دلچسپيءَ وارا نظم به آهن، جيڪي کيس پڙهي ٻُڌائجن ته هُو جھُومڻ لڳي، ته ”ڪينگرُو“،”شهرن جا پراڻا نالا“، ”هيليڪاپٽر“، ”تلور“ توڙي ”ڀلارو ڀٽائي“ جهڙا نظم به آهن، جن ۾ هلڪِي ڦُلڪِي معلُومات به آهي، جيڪا وڏن ٻارن لاءِ ڄاڻ ۾ واڌاري جو سبب بڻبِي. اميد ڪجي ٿِي ته هر عمر جو ٻالڪ هن ڪتاب مان ڪجهه نه ڪجهه ضرُور حاصل ڪندو.
آءٌ ڀاءُ قربان منگيءَ جو بي حد شڪر گذار آهيان، جنهن مُنهنجي پهرين ڪتاب جي خواب کي ساڀيان جو رُوپ ڏنو ۽ ”پوپٽ“ پاران هن ڪتاب کي ايڏي سُهڻي انداز ۾ ڇپائي اوهان جَي هٿن تائين پهچايو. اسان جي پُوري خاندان جي آرٽ جي اُستاد ۽سنڌ جي تمام وڏي مُصور، سائين فتاح هاليپوٽي (شرجِيل) جا ٿورا مڃڻ لاءِ مُون وٽ لفظ ڪونهن. هُو مُنهنجا اُبتا سُبتا انگل بنا اَرهي ٿيڻ جي قبُوليندو رهندو آهي ۽ پنهنجِيءَ نه پر مُنهنجِيءَ مرضيءَ سان ڪم ڪري ڏيندو آهي. هن ڪتاب جو سُهڻو ٽائيٽل ڊزائن ڪري سائينءَ مُنهنجي هن پهرين ڪتاب کي يادگار بڻائي ڇڏيو آهي. باقي آءٌ پنهنجَي پياري ابُوءَ (جنهن کي هند سنڌ جو ادبي جهان، ”مقصُود گل“ جي سُهڻي نالي سان سُڃاڻي ٿو) جو شڪريو ادا ڪرڻ جي همت ئي نه ٿو رکان. هُن مُونکي جيڪو ڪجھ ڏنو آهي، مان ان جو ڳاڻيٽو ڪرڻ جو به اهل ڪونه آهيان ۽ ان ڏس ۾ مُنهنجو لفظ لفظ معنى رکي ٿو. هُو نه چاهي ها ته اڄ آءٌ شاعر ته پري جِي ڳالهه، هن معاشري جو هڪ مُهذب شهري ئي نه هُجان ها. اڄ به مُنهنجو ابُو مُنهنجِي سِٽَ سِٽَ جِي اصلاح ڪندو آهي. هُن تنقيد ڪرڻ به سيکاري آهي ته تنقيد سَهڻ به. اڄ به اسان ٻئي هڪ ٻئي جا هن دنيا ۾ وڏي ۾ وڏا نقاد آهيُون. اسان جي وچ ۾ طويل تعميري علمي ادبي بحث ٿيندا آهن. اسان ٻنهِي جو رشتو جيڪڏهن ڪو پُرجھِي وٺي ته جيڪر رِيسَ ڪري. اها حقيقت آهي ته مُنهنجي والدين جهڙا امان، بابو جنهنجا هُجن، اُهو دنيا جو هر مُثبت ڪم اورچائيءَ سان ڪري سگھي ٿو. مُنهنجو ابُو واقعي ”مُنهنجو محبُوب“ آهي. اسان زندگيءَ جا کوڙ انتهائي اذيت ناڪ پلَ گڏ ڪاٽيا آهن. هُو مُنهنجي ويجھن ترين دوست مان هڪ آهي. اُن جو ٿورو نه مان لاهي ٿو سگھان، نه ئي ڳائي ٿو سگھان. مُون زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجھه لکيو آهي، يا اڳتي لکندس، اُن جو لفظ لفظ سندس ۽ منهنجي امان مهربانيءَ جا ڳُڻَ پيو ڳائِيندو. الله پاڪ مُنهنجي ابُوءَ توڙي اميءَ کي سالم صحت سان خوبصُورت حياتي عطا ڪري، جنهن ۾ رڳو سُک ئي سُک هجن. (آمين!)
مان انهن سمُورن پيار لائق پڙهندڙن، ٻارڙن توڙي وڏن جو بي حد ٿورائتو آهيان، جيڪي مُنهنجِي شاعريءَ کي پسند ڪندا رهيا آهن. جيسين سسِيءَ ۾ ساهه آهي ۽ ڏاتر ڏات ڏني، تيسين هي قلمي سفر جارِي رهندو ۽ ٻارن لاءِ به لکبو رهبو.
[b]ياسر قاضي
”منزلِ مقصُود“، ڪراچي
djyasirqazi@yahoo.com[/b]