روئڻو راجُو
هر ڪنهن جَي اکڙين جا تارا!
روئڻو ٻالڪ ٿِي پيو آهين
هر هر ٿو تُون نِير وهائِين
سمجھه، عقل ڪو ڌار او ٻالڪ!!
وڏڙو ٿِي ڏيکار...
او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!
ڇو ٿو جلدِي ڪاوڙ کائِين؟
جلدِي جلدِي ڊُول سُڄائِين
راندِيڪي لئه روئِين ڇوٿو؟
لڙڪن سان مُنهن ڌوئِين ڇوٿو؟
ڪنهن سان راڻا! رِيسَ نه ڪر تُون
ڪُوڙ، ڪروڌ کي پاسَي ڪر تُون
کاءُ نه ڪنهن تي خارَ...
او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!
ڀوڳُ به ڪنهن جو ڪونه سَهِين ٿو
سنگتيُن سان ڀي روز وڙهِين ٿو
هر پل هيڪل تُون ٿو گھارِين
ڪونه پيو ڪنهن کي کِيڪارِين
يارن کي اِيئن ڌار نه ڪر تُون
هيڪل هِينئن سنسار نه ڪر تُون
يارن جو ٿِي يار...
او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!
پنهنجِي مرضِي خُوب ڪرِين ٿو
ڳالهه نه ڪنهن جِي مُور مڃِين ٿو
ڪاوڙ ۾ وِسرئِي ٿِي مانِي
مٺڙا ماڻِين شال جوانِي
گھر وارن سان گڏجِي رهه تُون!
سار سڀن سنگتين جِي لهه تُون!
ٻيڙا ٿِيندءِ پار...
او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!
مُنهنجا راجُو! روشن تارا!
سُرها! سُهڻا! پيارا پيارا!
مُستقبل جا ساٿ سهارا!
تُنهنجا روشن رستا سارا
مُنهنجِي اک کان ڏُور نه ٿِين شل!
مُشڪل ۾ مجبُور نه ٿِين شل!
توسان مُنهنجو پيار...
او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!
او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!
(جُولاءِ 1998ع)