ڪارونجهر جي چنڊ ۾ چارا ڳوليندڙ امر ساهڙ
سنڌ ۾ ريڊيائي ادب جي ڇپجڻ جو رجحان ويجهي ماضي ۾ شروع ٿيو آهي، تيزي سان پنهنجون وکون وڌائي رهيو آهي، هي ريڊيو پاڪستان مٺي جي پروگرامن جي ڪمپئرنگ جي اسڪرپٽ جو ٽيون ڪتاب آهي، انهي کان اڳ ۾ نامياري شاعر پروفيسر سائينداد ساند جو ڪتاب ’’خيالن جا پکي‘‘ ۽ نوجوان شاعر ناشاد رحم علي جو ڪتاب ’’ڀٽن جي ڀڻ ڀڻ‘‘ ڇپجي چڪا آهن. خوش قسمتي سان ٽئي سنڌ جا سٻاجها شاعر آهن انهن اسڪرپٽ ۾ شاعراڻو نثر سرجيو آهي. ريڊيو تي ڳالهائڻ جي لاءِ هڪ ضابطا اخلاق هوندو آهي، جنهن ۾ رهي پروگرام ڪيو ويندو آهي سڀ کان پهرين شرط اهو آهي ته سڀن سان سهڻي انداز ۾ ڳالهايو.امر ساهڙ انهي سان ڀرپور نڀايو آهي، امر هر طرح ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ٻڌندڙن جي معلومات، تعليم ۽ تفريع ۾ اضافو ڪري، هن ڪٿي به تلخ لهجو استعمال نه ڪيو آهي، ٻولي ۾ ردم، رواني ۽ رومانوي رنگ ڀري با مقصد گفتگو ڪئي آهي، ڪا هڪ به ڳالهه بي مقصد نه ڪئي آهي. امر ساهڙ پنهنجي ٻڌندڙ جي آڱر پڪڙي پاڻ سان گڏ علم ادب جي وادين ۾ پنڌ ڪرايو آهي.امر ساهڙ ريڊيو جي پروگرامن ۾ ثابت ڪيو آهي ته ڪمپئرنگ گفتگو جي اثاثي کان وڌيڪ ذميواري جو نالو آهي. ٿاڌات ٿر جي ڪس واري علائقي يعني مهراڻي ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ آهي، جتي عزيز مهراڻوي ۽ امر ساهڙ کان نظير ساهڙ تائين ٽن پيڙهين شيخ اياز جي عشق ۽ انقلاب جي لاءِ پورهيو ڪيو آهي، شاعري جي نئين ۽ خماريل دنيا ۾ پئسن جي بدران شعر ٺاهيا آهن، شعلن جهڙن شعرن جي مچ تي پوه جي راتين کي جاڳڻ جي لاءِ سنڌ جي شعور کي سڏ ڏنو آهي. ڪشمور کان ڪارونجهر تائين وطن دوست سٿ سان گڏ ڏکي سکي هر حال ۾ پير ڀريا آهن. امر ساهڙ ٿاڌات جي ڀٽ تي محمد صديق ساهڙ جي گهر ۾ جنم ورتو، ٿر جي راڄ ڀاڳ کي سياست جي گُر سان سنڀالڻ واري ڪڙم سان تعلق رکڻ باوجود ايم اي سياست ۾ ڪرڻ جي بدران ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪري والدين جي رکيل نالي غلام قادر کي رڳو تعليمي رڪارڊ جو حصو بڻائي امر ساهڙ جي نئين نالي سان 1987ع ۾ شيخ اياز جي ڀنور ڀري آڪاش ۽ وڄون وسڻ آيون جي واٽ تي هڙڪ هلڻ شروع ڪيو ته ٿر ۾گهڻن کي چڙائي وڌو پر ڪجهه چئي نه سگهيا. ڇاڪاڻ ته انهي راهه تي سندس سوٽ عزيز مهراڻوي اڳ ۾ جنون جي حد تائين گامزن هو؛
مان ڄائو ئي آهيان ٻرڻ جي لاءِ،
۽ ٻاٽ اونداهي ۾، روشني ڪرڻ جي لاءِ،
منهنجي رک منهنجو انعام آهي.
مٿان وري صدين جي سرجڻهار شيخ اياز پنهنجي وي سي شپ دؤران نامياري ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت حسين شوري سان گڏ عزيز مهراڻوي کي به انهي سچائيءَ جي سلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڻ وٽ نوڪري ڏئي ٻاٽ اونداهيءَ سان وڙهندڙ ٿاڌات جي ٿريي کي نثري نظم جي نمائندي شاعر طور اڀرڻ جو موقعو فراهم ڪري ڇڏيو هو. عزيز مهراڻوي امر ساهڙ کي ساڳي گس تي پويان ايندو ڏسي چيو ته اچ امر اچ گهٻراءِ نه، شيخ اياز چيو آهي ته ”راتين جا رولاڪ، چارا ڳولن چنڊ ۾“ تون ٿر جي ڀٽن ۾ راتين جو رولاڪ بڻجي ڪارونجهر تان اڀرندڙ چنڊ ۾ چارا ڳوليندي تارا تارا گيت ۽ غزل چئو، پرهه ويلي ماڪ وسڻ جي موسيقي کي نظمن جو ردم بڻاءِ. انهن اکرن سان امر جي پٺي ڇا ٺپراڻي هڙڪ هلڻ وارو امر ساهڙ ادب جي ميدان ۾ جوڌي جوان جي روپ ۾ نکري نروار ٿيو. پوءِ عزيز مهراڻوي کي شيخ اياز جي لفظن ۾ ئي نياپا ڪري چيائين ته؛
جهان ننڊ ڪري، آنءُ راتڙيون جاڳان
پڇي ڏسين ته ڀلي چنڊ کان پڇي ڏس تون!
امر ساهڙ جو هن کان اڳ ۾ شاعري جو مجموعو ”اکين ۾ الڪا“ ڇپيل آهي. هن نثر جي ڪتاب ۾ امر ساهڙ ٿر جي اونداهه راتين کي روشن ڏسڻ جي تمنا کي دل جي پهرين رومانس جيان بيان ڪيو آهي. آئون ڪتاب جي مسودي کي جيئن جيئن پڙهندو ويس مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هي لفظ ناهن!؟ هي سٽون ناهن!؟ هي ته ٿر ٻاٻيهن جي اُڃ ورهايل آهي يا ڏوئنرن جا ڏار جهڪايل آهن، مورن جا ٽهوڪا ميڙيل آهن يا روهيڙن جا گل روڙي آندل آهن. صحرا جي هن انوکي صورت تي مون کي لکڻ ۾ ايتري دير ڇو ٿي؟ پيارا پڙهندڙو معاف ڪجو آئون هڪ ته پنهنجي ڪجهه اوڻاين جي ڪري جلد لکي نه سگهيس ٻيو ته سنڌ جي سريلي راڳي صادق ففير جو وڇوڙو به وچ ۾ اچي ويو. صادق فقير وڇڙيو ڇا ؟ صفا جُهوري ويو.صادق جي تڏي تي آئون ۽ امر ساهڙ هڪ ٻي کي آٿت ڏئي صادق فقير جي آخري سفر ۾ شامل ٿيا هئاسين.
ڪجهه پاڻ سنڀالي امر ساهڙ جي هن ڪتاب جي مسودي کي ٻيهر لکڻ جي لاءِ پڙهڻ شروع ڪيو پر جڏهن صادق فقير جي لاءِ امر ساهڙ جي هن ڪتاب ۾ لکيل لفظن تي پهتس ”اهو سوز وگداز ۽ اهو ئي حسنِ صحرا سدا ملوڪ راڳي صادق فقير جي صدين کان ڀاري صدا بڻجي ٿو ته ٿر جو هر منظر دلربا ۽ دلڪش بڻجي ٿو“. ته منهنجيون اکيون ڀرجي آيون سڏڪن ۾ ٻڏي ويس انهي ڪيفيت ۾ ڪتاب کي پڙهڻ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
ڪجهه ڏينهن رکي وري هن ڪتاب ۾ امر ساهڙ جي سٽن ئي سهارو ڏنو. ڪتاب کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي ويس. مون کي محسوس ٿيو ته امر ٿڪي ٽٽي ماڻهوکي زندگي سان ڪيئن پيار سيکاريو آهي. پرين جون ڳالهيون ڪري ڪيئن جياري ٿو. هن پنهنجي اسڪرپٽ ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته نوجواني جي نبور عشق ۾ ٻڏل يا غم روزگار جو ستايل انسان ماياڪو وسڪي جي انهن سٽن جهڙي سوچ کي اپنائي جيون هتيا ڏانهن وک نه وڌائي ؛
”سمنڊ کي ننڊ اچي رهي آهي، عشق جي ڪشتي روزمره جي زندگيءَ سان ٽڪرائجي تختو تختو ٿي چڪي آهي، هاڻي ڪير ويهي حساب ڪري ته ڪنهن ڪيتري بيوفائي ڪئي؟ سمنڊ موٽي رهيو آهي. سمنڊ کي ننڊ اچي رهي آهي“.
پرزندگي هزار مسئلا هوندي به ماڻهو حياتيءَ سان هيج ڪري. امر ٿورن ۽ سادن لفظن ۾ فڪر انگيز مواد آندو آهي، هر پروگرام جي اسڪرپٽ کي پهرين پنن تي لکي لڙڪن سان آلي وهاڻي هيٺان چار پهر رات جا رکي پوءِ ريڊيو تي گفتگو ۾ آندو آهي. فني ۽ فڪري تربيت جي لاءِ ريڊيو جي پروگرامن کي بهترين وسيلو بڻايو آهي، امر سٺو لکندڙ آهي ته سٺو پڙهندڙ پڻ آهي، سٺو ريڊيو جو پروگرام ڪندڙ آهي ته سٺو ٻڌندڙ پڻ آهي.امر ريڊيو پاڪستان مٺي تي محمد انور هڪڙي جي دؤر ۾ جنهن ڏينهن آڊيشن ڏيڻ آيو هو ان ڏينهن اسان ٻنپهرن جو هڪڙي اوتاري ۾ لولو گڏجي کاڌو هو. هن جي اندر ۾ ان وقت ڪيڏو ولولو هو، انهي جو ماپو هي ڪتاب آهي. هڪ انگريزي ڪهاوت آهي ته پراڻي دوست کان وڌيڪ ڪوئي آئينو نه آهي. آئون ريڊيو تي امر ساهڙ جي پروگرامن جو ساکي رهيو آهيان. امر ريڊيو جي لهرن وسيلي رات جو هن ڪتاب جي اسڪرپٽ جي احساسن کي وکيريندو هو ته ٻڌڻ جي لاءِ ٿر جي ريٽ تي مارو ماڻهن سان گڏ آڪاش جا نوَ لک تارا پڻ ترسي پوندا هئا. صبح جي پروگرام ۾ هن جو هر ٻول سڻئي ڦل جهڙو اجرو هوندو هو. هن ڪتاب کي پڙهندي اوهان پاڻ محسوس ڪندا ته امر ساهڙ قلم کي ٿر جي چتر نار جي سنهي سئي بڻائي ڪاغذ جي حلواڻ تي لفظن جي هرمچ ۽ کارڪ ڇڊي آهي.
مون کي هن ڪتاب جو نثر پڙهندي شيخ اياز جو شاعراڻو نثر ياد آيو. اچو ته شيخ اياز جي نثر جي حسناڪي روح ۾ اتاري پوءِ امر ساهڙ جي ڳالهه کي اڳتي وڌايون ”هو ڏس چنڊ سرنهن جي وڻ تي پنهنجو دعوت نامو رکي وڃي رهيو آهي،.....باک تنهنجي چپن تي مرڪ وانگر اڀري آئي آهي، ... ۽ سج نوري جي کاري ۾ تماچي جي دل وانگر ڦٿڪي رهيو آهي ۽ ڄامشوري جا وڻ ڪينجهر جي هندوري وانگر لڏي رهيا آهن“.... امر هر سٽ شيخ اياز جي اسڪول آف ٿاٽ ۾ رهي لکي آهي.
امر ساهڙ پنهنجي سامعين کي ڪتابن سان دوستيءَ جي لاءِ اڪسايو آهي نئين نسل جي رهنمائي ڪندي چوي ٿو ته لکڻ جي لاءِ پڙهڻ ضروري آهي گهڻي کان گهڻو پڙهڻ ۽ ٿورو لکڻ پر منفرد لکڻ ئي نرالو مقام ڏياري سگهي ٿو. امر ساهڙ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي انهي ڳالهه ته ”جيڪڏهن اسان جي نئين نسل کي ڪو ٻوٽو ٻارڻو آهي ته کين شاعريءَ جي جان ڇڏڻي پوندي“. تي گذارش ڪري ٿو ته ”ضروري ڪونهي ته هِتان هُتان پرايون سٽون چورائي پرايا خيال کڻي هر ماڻهو شاعر سڏرائي.....شاعري جو علم ۽ هنر هٿيڪو هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ناهي ته دنيا ۾ نالي توڙي ناڻي ڪمائڻ جا ڪيئي هنر آهن“. ماحول فنڪار کي متاثر ڪندو آهي يا فنڪار ماحول کي، پر تخليق پنهنجو ماحول پاڻ تيار ڪندي آهي، امر ساهڙ پنهنجي ٻڌندڙ/ پڙهندڙ ۾ فن ذريعي اندر جو اظهار ڪرڻ جي صلاحيت سان پنهنجو ماحول پاڻ جوڙيو آهي.
وقت تيز رفتار گهوڙو آهي، گهڻا ڀلا کيس قابو ڪري نه سگهندا آهن. وقت پنهنجي روايتي چال سان ڪيڏيون چالاڪيون ڪندو آهي، هڪڙي دؤر ۾ يورپ ۾ طنزيه ليکڪ جوناٿن سئفٽ “گليور جو سفرنامو ” لکي ان دؤر جي عڪاسي ڪئي،اڄ به اسان جي هر ميڪاولي جو ڊان ڪئگروٽ ۽ هئليميٽ سان واسطو پئي ٿو امر جوناٿن سئفٽ ٿي هن دؤر تي طنزيه سفرنامو لکي ٿو. قرت العين حيدر جي ناول ”آخري شڀ ڪي همسفر“ کي پڙهي حيرانگي جو اظهار ڪندڙ امر ساهڙ هن ڪتاب ۾ ڏسي ٿو ته تاريخ جي نازڪ دؤر ۾ اعلي آدرشي ڳالهيون ڪندڙ ماڻهو پنهنجي عملي زندگي ۾ ڪئين ننڍڙا ٿيندا آهن. نانگ ۽ وڇون کان وڌ زهريلي سنڌ جي وچولي طبقي جي ماڻهو جي من ورتي ۾ ڦيرو ڇو نٿواچي!؟ شيخ اياز جي انهن سٽن جو ڪهڙو ادراڪ آهي ته ؛
هن ديس سڄي کي سائي آ،
هُو دور افق تي ليمي جئن،
ڇا هيڊي هيڊي آئي آ،
پر تو سان ڳالهه اجائي آ.
انهن سٽن جو تاڃي پيٽو اُڻندي شيخ اياز ڪهڙي ڪيفيت ۾ گذريو هو. داغستان جي مشهور شاعر رسول حمزه توف لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن اوهان ماضيءَ جي سيني ۾ پستول جي گولي هڻندئو ته مستقبل اوهان کي توپ سان اڏاري ڇڏيندو“ انهي سوچ ويچار ۾ امر ساهڙ سمجهائي ٿو ته ماضي کان سکڻ ڪيترو ضروري آهي؟ جدت قدامت جي ڪهاڻين کي پرکڻ کان سواءِ اڻپوري آهي. ماضي جا موتي ميڙي پوءِ مستقبل ڏي وڌو. اڙل وڇيرن جهڙي جواني کي صبر جي ڪلي ۾ ٻڌي پنهنجي مٽي هاڻن ماڻهن تي سوچيو. پنهنجي وڏڙن جي سپنن جي ساڀيان ٿيو. کن پل جا ڇانورا ڏسي پنهنجي ڌرتي تي ڪتي جي ڪاڙهن کي نه وساريو .کير معصوم ٻارن جي لاءِ، کاڌو بکايل جي لاءِ پر تعليم سمورن لاءِ ضروري آهي.
مارڪيزيا چيو آهي ته رڳو اسان جي خوابن سان يڪجهتي سان اسان جي اڪيلائپ جي احساس کي ختم نٿو ڪري سگهجي انهي جي لاءِ عملي ڪردار گهرجي، امر ساهڙ پڻ سماج جي ڪمزوز ۽ پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ هن ڪتاب ۾عملي ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏي ٿو. امر لکي ٿو ته ماڻهو کي ماڻهو جي بيوسي نٿي ماري پر بي حسي ماري ٿي. امر جڳ مشهور ليکڪ برناڊشا جي ڳالهه آسان ٻولي ۾ بيان ڪري ٿو ته مٿو ٿڌو ۽ پير گرم ڪيئن رکيا ويندا آهن. امرسماج جي تربيت ڪندي لکيو آهي ته دنيا ۾ سڀ کان سولو ڪم ٻين تي تنقيد ڪرڻ آهي، اڇا ڪپڙا ۽ اڇو پٽڪو اسان کي وڻندو ئي ناهي.پر ڪنهن ڏانهن آڱر کڻندي اسان ڪڏهن اهو سوچيو ناهي ته ٽي آڱريون پاڻ ڏانهن ٿين ٿيون.
تاريخ رڳو تلوارن جو تجلو ۽ بادشاهن جو شجرو ناهي پر تاريخ گيت سنگيت ۽ ثقافتي ورثي جو نالو آهي امر انهي ڳالهه کي پڌري ڪرڻ جي پوري ريت جستجو ڪئي آهي. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي ڪلام جي خوبصورت تشريح ڪئي آهي. پر هن کي انسان جي مادي ۽ روحاني ضرورتن ۾ هڪ پابند رابطو ڳولي وڏي شارح جي حيثيت ۾ عالم ٿيڻ جو ڪو به شوق نه آهي نج نبار ڳوٺاڻو ٿي چوي ٿو ته لطيف ”ڪينجهر قراريو، سمي سام بخشي“ يا ”ڪانڌ نه ڪنديس ٻيو ڪو کٿيروئي خوب“ جي سٽ هيئن چئي آهي. سچل سهراب فقير جي آواز ۾ ائين سرمستي پسائي ٿو. ڏيپلي جو سير ڪرائيندي عثمان ڏيپلائي، عثمان اديب مشتاق مٺواڻي کان پوءِ خطاطي جي شاهه ڪاريگر احمد کٽي سان ملائي ٿو، جنهن قران پاڪ جو شاندار قلمي نسخو لکيو آهي. ڳوٺ سيڏئي ۾ ٻالئي مينگهواڙ جي پوکيل صديون پراڻي ڪنڊي جي وڻ جنهن جي ڊيگهه 80 کان 90 فٽ ۽ ٿڙ جي ويڪر 03 کان 05 فٽ تائين آهي جو اکرن ۾ سهڻو عڪس ٺاهي اکين اڳيان بيهاري ٿو. بيگم نصرت ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو، مسڪين جهان خان کوسي، سيد صالح محمد شاه، سيد عباس علي شاه، مائي ڀاڳي، وفا ناٿن شاهي، علڻ فقير۽ ڪزبانوکان وٺي طارق عالم ابڙي، حسن درس، فوزيه سومرو، ڪوثر ٻرڙو، حسن نوشاد، نياز پتافي، رجب فقير ۽ امر رائسنگهه راجپوت تائين وطن جي سياسي سماجي ڪردارن ۽ تخليقارن جي جيون خاڪن جي مالها پروئي آهي. ڪرت ۽ ڪم تي مڃتا جا گل ڀيٽا ڌريا آهن. ”هي اها ئي لاڙ آهي“ جي عنوان سان ڳالهه شروع ڪري ٿو ته تڙ ڌڻي تماچي کان وٺي روپا ماڙي جي مجاور مائي سڀائي تائين سمورا لاڙي رنگ روپ دل جي ڌڙڪن جو حصو ٿي وڃن ٿا. بي اختياري ۾ چپن تي علي بابا جو گيت گونجڻ لڳي ٿو ته
اسين ماڻهو لاڙ جا
دريا جي هن پڇاڙ جا
الا اتريو ٿو لڳي
امر ساهڙ ڊسمبر ۾ وڇوڙي جا وڍ ڳڻي چوي ٿو ته ڊسمبر هڪ مهينو نه پر ڀٽائي جي سر سامونڊي جو احساس آهي اهڙي ريت اپريل ۾ بسنت جي باک بيان ڪرڻ جي لاءِ اپريل جو بڻ بنياد کوٽيندي چوي ٿو ته اپريل لاطيني ٻولي جو لفظ اپرلز مان جڙيو آهي، جنهن جي معني آهي ڦٽڻ يا ٽِڙڻ.
امر ساهڙ هن ڪتاب ۾ سگريٽ نوشي خلاف عالمي ڏينهن، رشوت خلاف عالمي ڏينهن، ماحوليات جي عالمي ڏينهن، ٻارن جي جبري پورهئي خلاف عالمي ڏينهن، مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن، محبت جي عالمي ڏينهن ۽ استادن جي عالمي ڏينهن جي بنيادي مقصد ۽ مهانتا کي جامع انداز ۾ پڌرو ڪيو آهي. ٻولي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ آهي، ان کان سواءِ قوم جي نئين نسل جي نيپاج ناممڪن آهي، جديد کان جديد ترين انسان پنهنجي ڪشمڪش ان ۾ محسوس ڪري ٿو، اسان جي هن سنڌي ٻولي ۾ چڪوري جي چاهت آهي ته مورن جو کيڙو آهي.پر امر ساهڙ مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي شعور کي عام ڪندي تز انداز ۾ چوي ٿو ته ٻوليون تڏهين ئي ترقي ڪري سگهن ٿيون جڏهن انهن جا معاشي، ثقافتي، سياسي، سماجي، جاگرافي، تهذيبي ۽ تاريخي بنياد مضبوط هوندا. تيز رفتار ميڊيا جي دؤر ۾ ٻولي جي وڏي بگاڙ اڪثرميڊيا جي ميزبانن آندي آهي پر امر ساهڙ ٻولي جي وکر کي پئي پراڻو ٿيڻ نه ڏنو آهي. ٿري لهجي جا لفظ، محاورا، ترڪيبون اجاري اڇيون ڪيون آهن. مثال طور ”بڊو به آڌيٽجي چڪو آهي“ ”اهي وانڊيار ويٺل آهن“. يا ”هي ڪڪر ڪارونڀار جن کي اسان ماڻهو ڪڪريا، بادليا، پڇون. ڇمر، لهاڻون ڪنڍرون، ڪوئلون ۽ گهٽائون چئون ٿا.
شُهرت ڇا آهي ميلان ڪنڊيرا پنهنجي ناول امرتا ۾ شهرت بابت چوي ٿو ته اوهان کي اهڙا گهڻا ماڻهو سڃاڻيندا هجن جن کي اوهين ته سڃاڻيندا نه هجو، پر اهي اوهان ۾ پنهنجي حصيداري ائين رکن ٿا جيئن اوهان بابت سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا، انهي خواهش جي پورائي لاءِ ائين عمل ڪن ٿا ڄڻ اصل اوهان جا مالڪ هجن. امر ساهڙ فقير من ۽ تن وارو ماڻهو شهرت جي شوق کان گهڻو پري رهندڙ اڄ به ٿاڌات جو ڳوٺاڻو آهي جيڪو شهر اچي وڏي واڪي چوي ٿو ته ڳوٺ امن ۽ آشتي جا گهوارا آهن..... ڪير آهي جو پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي ڍاڻي جي نيري ۽ ناسي يادگيري کي دل جي سرمئي سليٽ تان ڌوئي صاف ڪري.
اسين ٿر جا ماڻهو ڏڪارن جي ڏينهن۾ اَڪ جهڙي ڪَڙي ڪَساري ٻوٽي مان ڦٽندڙ ڦلڙين مان به جيئڻ جو اتساهه وٺندا آهيون امر انهي روايت جي ريت جاري رکي آهي. پڇاڙڪن اکرن ڏانهن ايندي آئون امر جون لکيل سٽون ڏيڻ چاهيان ٿو. جيڪي هن ڪتاب جو حصو آهن؛
”پاڻ ماڻهو ان امن پسند ۽ مهذب قوم جا فرد آهيون جنهن جي عظيم شاعرن، صوفين سدائين عالمي امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي پاڻ ته ان عظيم مٽيءَ جا مارو ماڻهو آهيون جتي جي ڏاهن، ڏات ڌڻين هميشه انساني آدرشن جو پرچار ڪيو آهي. پاڻ ته سدائين پيار ۽ سلامتي جا پيغام پکيڙيا آهن ۽ اهي هنرمند هٿ جيڪي رڳو هرک تي هُرمچ جو ڀرت ڀرڻ ڄاڻن ٿا يا جيڪي سون سريکا هٿڙا نيهن جا نيرا لفافا ۽ عشق جا اڇا ڪبوتر اڏارڻ جا عادي آهن، جيڪي هٿ رڳو اُڻڻ ۽ ڳنڍڻ سکيا آهن سي ڇنڻ وارا ڪيئن ٿا ٿي سگهن“.
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
19 اپريل 2015 - چيلهار