1
دلڪش هر منظر ......................... صادق فقير
سامعين! جيتوڻيڪ چيٽ، ويساک، ڄيٺ، آکاڙ ۽ سانوڻ به بنا وسڻ جي گُذري ويا، بڊو به آڌيٽجي چُڪو آهي ۽ مينهن جي مُند هٿن مان واريءَ جيان وڃي ٿي کِسڪندي، ڪنهن بيوفا محبوب جيئن مُند جي ايئن مُنهن مٽڻ تي ۽ ڪنهن ايندڙ ڪاري ڏُڪار جي اُلڪي اوهان جي اکين ۾ اُداسي ۽ من اندر کي مايوس ضرور ڪيو آهي، پر رَب جي رحمت ۽ رضا مان نا اُميد ٿيڻ نه گُهرجي. توڻي جو 90 سيڪڙو ٿر ۾ اڃا تائين مينهن جي هڪ ڦڙي به ناهي وُٺي، پر جتي، جتي به هلڪي ڦلڪي برسات پئي آهي ۽ جتي به گاهه ڦُٽا آهن ۽ جتي به مهيني سوا جو ڪٽاءُ آهي، اُتي ڏُڪاريل ڏيهه جا ڪيئي ماروئڙا مال سانگي آيل آهن. اوهان مان جنهن جي به جُوءِ ۾ اِهي وانڍيار ويٺل آهن، اُنهن جي اوهان کي پارت آهي، وقت وقت جا ڦيرا آهن، اڄ اُهي دربدر ۽ بي گهر آهن. خُدا نه ڪري پر ڪڏهن اهڙي ساڳي صورتحال سان اسان ۽ اوهان سڀئي دوچار ٿي سگهو ٿا، ماڻهو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، سدائين سَريکي ڪنهن سان به ڪانه ٿي هلي. ڏُڪار جو ڏُک ڇا ٿيندو آهي؟ اُن جي اذيت، پيڙا ۽ اُن جي ڀوڳنا کي فقط ڪنهن ڌنار جي دل سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن ڀاڳيي جي لُوڻ-پَروڻ ٿيل هينئڙي تي هٿ رکڻ سان ئي سهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، يا اُن ونيءَ جي ويران اکين ۽ اندر جي اڪيلائيءَ مان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جنهن جو ورُ ٻارهوئي مزدوريءَ سانگي يا مال ڪاهي ڪڏهن لاڙ ڏانهن لڏي ويندو آهي ته ڪڏهن وري ڪنٺي ۾ ڪکن تي وانڍيار ٿي ويهندو آهي. جيڪو نه پنهنجن سان غم ۾ گڏ، ۽ نه ئي سُک ۾ شريڪ، سدائين سانگ ۽ سفر ۾ حياتي جا حسين ڏينهن خفي ۾ کپائي خرچ ڪري جڏهن پوئتي مُڙي ڏسندو آهي ته سندس اوسيئڙي ۾ ويٺل ونيءَ جي سينڌ اچي ٿي چُڪي هُوندي آهي. سدائين کِنوڻ تي مال ڪاهي هلندڙن جي هِن درد کي، سندن ڏرا ڏنل اکين ۽ پيرن ۾ پيل لِڦُن کي نه ته ڪِن لفظن جي فوٽ پٽيءَ سان ڪڇي يا ماپي ٿو سگهجي ۽ نه ئي اُنهن جي اذيتن ۽ غذابن کي هن هڪ ڪلاڪ جي پروگرام ۾ بيان ڪري ٿو سگهجي. بس ڪري اهو ٿو سگهجي جو سندن سار لهي سگهجي ٿي، سندن سِرن تي هيءَ جيڪا ڏکن ۽ تڪليفن جي ڳري ڀَري آهي اُن جو بار هلڪو ڪري سگهجي ٿو ۽ سندن اهِا ڀري ڪجهه اڳ ڀري ڪرائي سگهجي ٿي.
تون هيل ته بادل ....................... سرمد سنڌي
سامعين! رتڙن چانورن ۽ سارين جي سُرهاڻ سان واسيل لاڙ تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان انتهائي شاندار خِطو آهي، هِيءَ اُها ئي لاڙ آهي جتي سَرد مُند ۾ سائيبرياکان ڪهي ايندڙ پرڏيهي پنڇيءَ پَر پساريندا آهن ۽ لاڙ جي ڍنڍُن تي ڪي ڏينهن قرار حاصل ڪندا آهن، ۽ هيءُ اُها ئي لاڙ آهي، جتي واهُوندا ورندا آهن تڏهن هر هينئون هندورو ٿي پوندو آهي، اُها لاڙ، جنهن جي ڪنهن سُورمي جي فراخ سيني جهڙيءَ سر زمين ۾ هزارين محبتن جا داستان مدفون آهن، هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي سنڌ جي سَپوتن، دودن ۽ جوڌن پنهنجا سر هِن سرزمين جي سلامتيءَ لئه پڙ ۾ پُراز ڪيا هُئا، اُها لاڙ جتي کيڙي سو کائي واري نعري جي خالق جي جهوڪ به آهي ته ڪينجهر جي ڪنڌيءَ ته گندري سان گڏ گُذارڻ واري تڙ ڌڻي تماچيءَ جا تڪيا به آهن، بُلڙيءَ جي بادشاهه جو بسيرو به آهي ته سمن سرڪار جي مزار به آهي، اُها لاڙ جتي خليفي نبي بخش قاسم جي ڪيڏاري جنم ورتو هو، اُتي سنڌ راڻيءَ جي مُحبت تان ميرباگي تخت ۽ تاج به گهوري ڇڏيا هُئا، هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي روپا ماڙيءَ جي مُجاوَر مائي سڀائي جي لازوال مُحبت جنم ورتو هو، هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي جڏهن سارين جي سُرهاڻ ڦهلبي آهي ۽ جڏهن کارن، کٻڙن ۾ مَڪ مَهڪندي آهي، تڏهن زندگي اکيون مهٽي اُٿي پَوندي آهي، هِيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي جڏهن وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪرندي هُئي، تڏهن مِلڻ مير مُحمد جو جوانين کي جَڙي ڇڏيندو هو. هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي سَڙيءَ جو سانوڻ چئي جڏهن گوڏو ڀڃي بيت چوندو هو تڏهن ڀريل پاڻيءَ جا گهڙا ۽ مٽ منٽ ۾ پي پُورا ڪري ڇڏيندو هو. لاڙ سنڌو سڀيتا جو هڪ اهڙو حُسناڪ ڀاڱو آهي، جتي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جا انيڪ سونا، روپا رنگ وِکريا پيا آهن، ۽ هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ ڪيٽي بندر، علي بندر ۽ شاهه بندر تي بيهي ولائتي وڻجارن لئه سندن ونيون جَر ڏيئا مُوهينڍيون هيون. ڄام ندي جي ناسي نيڻن ۽ دُولهه دريا خان جي ڪُشاديءَ دل جهڙي هيءَ ڌرتي لاڙ، جنهن ۾ ٺٽي ننگر جون ٺريل راتيون، جهمپير جون کجيون، کاري ڇاڻ جون ڇاڙهون ۽ شاهه بندر جون سُرمئي شامون ماڻهو ته ڇا پر پکي پکڻ کي به مُڙي ڏسڻ تي مجبور ڪريو وجهن. لوڪ موسيقي ۽ لوڪ گيتن سان مالامال هيءَ مردم خيز مٽيءَ نه رُڳو لاڏن ۽ سهرن جي سرزمين آهي، پر هتي ڪوين، قلمڪارن ۽ کوڙ سارن ڏات ڌڻين هِن ڏيهه جي سُونهن، سُندرتا ۽ سوُرهيائي کي احساسن جي آڱرين سان ائين اُڻيو آهي، جيئن ڪي ريٻارڻين رڍُن جي اُنَ مان کٿا اُڻينديون آهن. لاڙ جا انيڪ تعارف ۽ سندس سڃاڻپ جا سوين اُهڃاڻ ۽ علامتون آهن، پر سندس سڀ کان شاندار ۽ جاندار سُڃاڻپ لاڙ جي پڇاڙ ۾ رهندڙ اُهي مارُو ماڻهو آهن، جيڪي جيون جو تي ٻارڻ لئه سدائين ڳڀي جي ڳولا ۾ سمونڊن جا سينا چيريندا آهن، ڪڏهن سنڌو درياهه جي سُڪل پيٽ مان پَلي جي اُميد رکي سُڪي تي ٻيڙا هاڪاري هَلندا آهن، ته ڪڏهن وري ڇُڙواگ سامُونڊي لهرن سان جنگ جوٽي ڪُنڊيءَ ۾ ڪا ڪُرڙي ڦاسائي کڻي ايندا آهن. ذڪر لاڙ جو نڪري ۽ علي بابا جي ڳايل زرينه بلوچ جي هِن لوڪ گيت کي نه ٻُڌجي ته ڄڻ لوڻ بنا ڪو بي سوادو طعام سو حاضر آهي هي ڪلام.
اُترڙو ٿو لڳي .............................. زرينه بلوچ
سامعين! هيءَ زندگي جيڪا ڪچيءَ نِموريءَ کان ڪڙي به آهي ته مصريءَ جي تڙ جهڙي مِٺيءَ به آهي. هِي جيون جيڪو جَر تي ڦوٽي جيئن آهي، هِيءَ حيات بي ثبات، جيڪا تتر جي تيز اُڏار جيئن آهي، هيءَ ڊگهي ڄمار، هِي جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا، اِهو سڀڪُجهه ڇا هي؟ دنيا جو ڪو ڏاهو، ڪو مُفڪر ڀلي ته سوين تشريحون ڪري پر هُو انِهي فلسفي جي سُٽ کي سُلجهائي ناهي سگهيو. اِنهي اِسرار جي پَروُڙ فقط اُن خالقِ ڪائنات کي ئي آهي جنهن هِن جهان کي ڪُنَ فيڪَون چئي وجود ۾ آندو. اُن جيون کي ڪو ڪيئن ٿو گذاري، اُهو اُنهي ماڻهوءَ تي مَدار رکي ٿو جنهن کي جيون جُڙيو آهي. پر اڪثر ڪري ايئن ڏٺو ويو آهي ته ڪي ماڻهو حياتي گهاريندا آهن، ته ڪِن کي وري خود حياتي گهاريندي آهي، اِهو سڀڪجهه ماڻهوءَ جي پنهنجي سُوچ ۽ سَمجهه تي مُنحصر آهي ته هُو حياتيءَ کي ڪيئن ٿو ڏِسي ۽ ڪيئن ٿو ڪٽي. ڪي ته ڪٽڻ نه جهڙي حياتي به ڪٽيندا آهن ۽ چَوندا آهن ته اِها به عِنايت آهي، پرڪي ڀَري تُري جيون مان به بيزار هُوندا آهن، بهرحال! جيون مليو آهي ته جيئڻو به آهي پوءِ چاهي ته ڪو جيئڻ لاءِ جواز هُجي يا نه، پر زندگي موت کان سئو ڀيرا بهتر آهي. جيڪڏهن ڪنهن آرٽسٽ جي اک سان ڏسندوءَ ته هيءَ حياتي ڏاڍي دلڪش آهي، زندگي امانت آهي جيڪا رُڳو هڪ دفعو ئي حاصل ٿيندي آهي، اُن کي ائين اجايو ڪنهن خودڪشيءَ جو کاڄ ٿيڻ نه گهرجي، اسان کي پنهنجي پاڻ لئه نه سَهي، پر ٻين لئه سَهي جيئڻ گهرجي، ڪنهن بيواهه ڀيڻ جي خاطر، ڪنهن مڙهيءَ ماءُ جي لئه، ڪنهن پوڙهي پيءُ ڪارڻ ۽ اُنهن سڀني لاءِ جن کي اسان جي سهاري جي ضرورت آهي، جيئڻ گهُرجي ها بلڪل جيئڻ گهرجي.
جيئڻو ٿو پوي ................................... سرمد سنڌي
سامعين! امر رائسنگهه راجپوت ٿر جي نئين نِڪور تُور جو بنههَ نئون آواز آهي. ڪلا-کيتر ۾ اڃا ته سندس هِي شروعاتي وِکون آهن. پر چوندا آهن ته ”سَپوت پُٽ پينگهي ۾ ئي پڌرا“ يا اهِا به چوڻي آهي ته ”سَلو سوئي ڀلو جو انگوران ڀلو“ سو هِن نوجوان شاعر جا شاعراڻا اُٿياڳ ئي ايترا ته دلرُبا ۽ دلڪش آهن، جو سندس شاعريءَ ۾ حُسن، زندگي ۽ تازگيءَ پسي بنا ڪنهن وڌاءُ جي چئي سگهجي ٿو ته امر جيڪڏهن اِها شاعراڻي مشق ايئن ئي دل و جان سان جاري رکي ته هِي پنهنجي هم عصر شاعرن (ٿرپاسي جا) کي تمام گهڻو پوئتي ڇڏي وڃي سگهي ٿو.
امر کي نثر توڻي نظم ۾ لکندي ڪو خاص عرصو ڪونهي ٿيو. حيرت آهي ته ايڏي ننڍڙي ڄمار (شاعراڻي توڻي عُمر جي حوالي سان) ۾ سندس هِي شروعاتي شاعراڻيون وِکون ايتريون ته ڀرپُور رڌمڪ آهن، جو اُهي ڪٿي به ٿيڙڪو نه ٿيون کائِن، بلڪِ فني يا فڪري لحاظ کان بنههَ بلوغت سان پنهنجو توازن توڻي تسلسل برقرار رکيو اچن ٿيون ۽ اِهي ڳالهيون اڄڪلهه جي شاعري ۾ ائين اڻلڀ بلڪِ ناياب ٿي ويون آهن، جيئن ٿر مان ٿوهر ۽ ڦوڳ! سو مڃڻ مُراد آهي ته هِن نفسانفسيءَ جي دؤر۾ جڏهن ڪو به لوڻو ڦيري نئين نسل کي پڙهڻ ته پري رهيو، نِهارڻ لئه به تيار ڪونهي. تڏهن به هِن دوست پنهنجي تخليقي پورهيي جي سگهه سان ٻين جو پاڻ ڏانهن ڌيان ضرور ڇڪايو آهي، ۽ اهِو سندس فن جي جمال جو ڪمال آهي، جو ماڻهو مُڙي نِهارڻ تي مجبور ٿِي پوي ٿو.
امر جو تعلق قدرتي حيرتن جي جذيري ٿر سان آهي، ٿر جنهن جي سُڪار جي سُونهن هُجي يا ڏُڪار جو ڪوئي ڏيک ٻنهي حالتن ۾ ڪنهن ڪلاڪار جي ڪلا کي جِلا بخشي ٿو. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا امر لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونهي، بلڪِ آئون سمجهان ٿو ته اها سندس خوش نصيبي آهي جو امر سنڌ جي برک اديب ڏاهي ۽ بيباڪ صحافي عثمان ڏيپلائي جو پاڙيسري آهي، هڪ اهڙو ڪلاڪار جيڪو عثمان ڏيپلائي جو پاڙيسري هُجي، جنهن جي اکين اڳيان قدرت جي اوپن ايئرميوزم يعني ٿر جا سمورا رنگ، روپ، رُخ، سُونهن ۽ سادگي سڀئي هٿ جوڙي حاضر ٿين، بلڪ پاڻ پسائڻ لئه ٻئي ٻانهون ٻَڌي بيهن، اُن جي ڪلا کي نسرڻ، نگهلڻ، ڪڪورجڻ، رنگ رتول ٿيڻ ۽ خوشبو بڻجي شاعريءَ جي سَرزمين تي سَرينهن ڦولار جيئن وطن جي وجود کي واسڻ کان ڪو به راجپوتي رسمن جو اسٽيٽسڪو روڪي نٿو سگهي.
سامعين! ڪُجهه ڏِهاڙن کان ٿر ۾ ڪي اهڙا واقعا ڪي اهڙا لقاو روُنما ٿي رهيا آهن، جيڪي هر باشعور شخص لئه پريشاني ۽ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهن. هڪ نه ٻي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ اِها خبر اچي ٿي ته ٿر جي فلاڻي ڳوٺ ۾ ڪنهن نوجُوان مائيٽن سان ناراض ٿي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو يا ڪنهن عورت گهرو اڻبڻت جي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪنهن پيرسن پنهنجي اولاد سان ناراضگيءَ جي ڪري وڻ ۾ رسو وجهي ڦاهو کاڌو يا تڙ ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو. يقينن انهن حادثن ۽ انهن قصن پُٺيان ڪا نه ڪا ڪهاڻي ضرور هُوندي، ڪي ڪارڻ، اوس هوندا، جيڪي اهڙن واقعن کي جنم ڏين ٿا. سو پاڻ سڀني کي انهن سببن تي سوچڻ گُهرجي، اُنهن جو ڪو حل ڳولهڻ گهُرجي ۽ اُهو ماڻهو جيڪو اهڙو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿئي ٿو. اُن سان پنهنجن روَين کي دُرست ڪرڻ گُهرجي ساڻس جيڪو سُلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي يا روا رکيو پيو وڃي. اُن تي به نظرثاني ڪرڻ گُهرجي، اُهي ماڻهو جيڪي حساس آهن يا ذهني مريض آهن، اُنهن کي اسان جي همدرديءَ ۽ مُحبت جي ضرورت آهي، اسان جي پيار ۽ پنهنجائپ جي ضرورت آهي، جيڪا کين اڪيلائپ، ويڳاڻپ ۽ تنهائي جي خود ساخته خول مان ٻاهر ڪڍي ايندي ۽ اُهي هڪ نارمل انسان جيئن زندگي گُذارڻ لڳندا. پر هڪ عرض اسان اُنهن سڀني سڄڻن سان به ڪندا هلُون جيڪي اهڙا قدم کڻن ٿا. ڪنهن معمولي ڳالهه تان رُسي ڪاوڙجي پنهنجي خوبصورت زندگيءَ جو انت آڻڻ يعني بي موت مرڻ يا خودڪشيءَ ڪرڻ قطعي دُرست ڪونهي، هي عمل غير اسلامي، غير انساني، غيرحيواني آهي. ڇو جو ڪڏهن به ڪنهن جانور يا پکي پکڻ خودڪشي ناهي ڪئي. اسان ته وري به اشرف المخلوقات آهيون، سو اسان کي اُها حياتي جيڪا رب پاڪ جي امانت آهي ۽ جيڪا رُڳو هڪ ڀيرو ئي مِلي آهي اسان کي ايئن خودڪشين جو کاڄ هرگز نه بنائڻ گُهرجي. مڃون ٿا ته بُک، بيماري، بيروزگاري، مهانگائي، گهرو پريشانيون ۽ ٻيا انيڪ اهڙا مسئلا آهن، جن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري وڌِو آهي، پر مسئلن کي مُنهن ڏيڻ بدران حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهڻ بُزدلي ته ٿي سگهي ٿي پر مُڙسي ڪا نه چئبي. زندگيءَ ۾ ڪير آهي جيڪو مسئلن ۽ پريشانين کان آجو آهي. ڏُک ۽ سُک اِنسان جي حياتيءَ جو حصو آهن، پر جن ماڻهن ۾ جُرئت آهي، همت آهي ۽ حوصلو آهي، اُهي حياتيءَ جي هر مسئلي کي مُنهن ڏيئي سگهن ٿا، اُهي همت ۽ حوصلو هارڻ بجاءِ بُردباري، صبر ۽ سمجهه سان ڪنهن ڪاريگر وانگر هر حادثي جي ڪُن مان هر ڀيري آرام سان اُڪري ويندا آهن، هر بُحران مان بچي نڪرڻ جو فن اُنهن وٽ آهي، هٿ، هٿ تي ڌري ويهڻ يا سُتي ويٺي هر شيءَ حاصل ڪرڻ کي زندگي ڪيئن ٿو چئي سگهجي، زندگي ته نالو ئي خطرن سان کيڏڻ جو آهي، تڪليفن ۽ مُشڪلاتن سان مُقابلو ڪرڻ ۽ موت جي اکين سان اکيون مِلائي جيئڻ کي ئي جيون چئبو آهي.
۽ پاڻ ته هُونئن يه اُن ڌرتيءَ جا ڌڻي آهيون، جيڪي سَهپ، رواداري، قوتِ، برداشت ۽ اخلاقي جُرئت سان مَري به جيئرو رهي ڏيکاري سگهون ٿا، پاڻ ته سدائين دُنيا اڳيان ثابت ڪيو آهي ته اسان جيئن به جيءَ ڀلا ڪو جهان ۾، سدائين نشان تي، سدا امتحان ۾، سو اسان ماڻهو جيڪي درد جي شدت کي اينجواءِ ڪندڙ آهيون، اذيت مان لذت حاصل ڪرڻ جو هُنر ڄاڻون ٿا، ذلتن ۽ رسُواين کي پيٽارڻ جا گُر سکيل آهيون سي ڪئين ٿا حرام ٿي مَرون، حياتي آهي ته مامرا ۽ مسئلا به هوندا جهيڙو هميشه جيءَ سان هُوندو آهي. ڳالهه آهي، هر حال ۾ جيئڻ جي هي خوشي، هي دولت ۽ هي عيش و آرام سڀڪجهه عارضي شيون آهن، اصل ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ماڻهوءَ ۾ وِل پاور آهي ته هُو دنيا جو دولت مند ۽ امير ترين شخص آهي پوءِ ڀلي ته بظاهر هُو هٿين خالي ڇو نه هُجي پر جي وٽس بي بها ملڪيت هُئڻ جي باوجود منجهس ڪو وِل پاور ڪونهي ڪا اخلاقي جُرئت ڪونهي ته اُن جهڙو ڪنگلو دنيا ۾ ٻيو ڪو به ڪونهي. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي جذباتي ٿيئڻ بدران ٿڌي دماغ سان سوچي سمجهي پوءِ ئي ڪو قدم کڻڻ گهُرجي ۽ جيون ته اسان کي بلڪل ايئن ئي گهارڻ گُهرجي جيئن اُستاد بُخاري چيو ته:
ڪَفن مٿي سان ٻَڌي وَڌن ٿا، اُهي اسان مان، اُهي اسان مان،
ڪندا جيئڻ لئه جتن وتن ٿا، اُهي اسان مان، اُهي اسان مان،
اڳيان مُصيبت، پُٺيان مُصيبت، کٻي، سُڄي، سر مٿان مُصيبت،
وچان بُخاري، وڌي جيئن ٿا، اُهي اسان مان، اُهي اسان مان.
اسان جيئن به جيءَ ڪو ڀلا جهان ۾............... شفيع فقير
سامعين! اڄ پنجين جُون آهي ۽ يقينن اوهان جي عِلم ۾ هوندو ته اڄوڪي ڏينهن تي پُوري دنيا ۾ ماحوليات جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. دراصل دنيا کي ماحولياتي آلودگيءَ جيڪي هاڃيڪار اثر ڏيکاريا آهن اُن جي ڳڻتيءَ ۽ ڳاراڻي جهوري وِڌو آهي. هي جو پُوري دنيا پريشان ۽ بي چين آهي، اُن جو ڪارڻ اِهو آهي ته اسان ماڻهن هڪ ته فطري ماحوال سان، قدرتي شين سان جيڪا هٿ چُراند شروع ڪئي اُن پنهنجو ردِعمل ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي. حد کان وڌيڪ گرمي، برسات جو وقت سِر نه پوڻ، يا شديد پوڻ، سردي ۽ گرميءَ جي موسمن ۾ ردوبدل، طوفان، ڏُڪار ۽ موسمي اثر اِهي سڀئي ڪارڻ آهن ماحولياتي آلودگيءَ جو. وڻن جو وڍجڻ، ڪارخانن، مِلن، گاڏين مان نڪرندڙ دُونهون، گندو پاڻي، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ ٻيون کوڙ ساريون اهڙيون شيون آهن، جيڪي ماحولياتي آلودگيءَ ۾ اظافي جو سبب آهن، جهنگلي جيوت جي تباهي، واهن ۽ دريائن جي ڪنارن تي بيٺل وڻن جي واڍي، ٻيلن جو ڪٽجڻ ۽ سمنڊ جي پاڻي ۽ طوفان کي روڪيندڙ تمر جي ٻيلن جو خاتمو اسان جي تباهي جو سامان پيدا ڪن ٿا ۽ اُن سڄي صورتحال جا ذميوار اسان خود اِنسان آهيون. ظاهر آهي ته جڏهن قدرتي نظام سان هٿ چُراند ڪبي ته نتيجا ته ڀوڳڻا ئي پوندا نه!. بهرحال اچو ته پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ صحتمند ۽ محفوظ مستقل ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ۽ پُوري دنيا سان گڏجي پنهنجي ڌرتيءَ جي سُونهن ۽ حُسن ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ وڻ وڍڻ بجاءِ گهڻي کان گهڻا وڻ پوکيون، ڪوشش ڪري گوڙ، شور، گندگي ۽ دُونهن گهٽايون. قدرتي ماحول کي، جهنگلي جيوت کي فطري سُونهن کي نقصان پهچائڻ کان پرهيز ڪريون. جيڪڏهن اسان پنهنجي گهر، ڳوٺ، پاڙي، سيم ۽ شهر جي وڻن، جهنگلي جيوت ۽ ماحول کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته به لک کٽيوسين. اسان جيڪي اِنسان دوست ۽ ماحول دوست آهيون، اِهي هِن سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميوار آهيون ۽ پابند آهيون ته پوءِ اچو ته سڀئي سُڄاڻ دوست گڏجي هِن ڌرتيءَ جي حُسن، سُونهن ۽ حياتيءَ جي حفاظت ڪريون ۽ عالمي برداريءَ سان گڏ پنهنجي مُهذب قوم هئڻ جو ثبوت ڏيون.
سامعين! هُونئن ته سڄو سنسار بَدامنيءَ جي باهه ۾ وڪوڙيل آهي ۽ پوري دنيا جا دهشتگرديءَ تنجڻ تپائي ڇڏيا آهن، بي چيني ۽ بي جپي ڪنهن وبا جيئن پکڙجي رهي آهي، ڪو اهڙو ڏينهن خالي ڪونهي جنهن ڏينهن تي ڪنهن اخبار، ڪنهن چينل ڪا خوشيءَ جي خبر سُڻائي هُجي، سدائين بئڊ نيوز سان ڀريل اخبارون پڙهي، ٽي وي ۽ ريڊيو تان خراب خبرون سُڻي، سُڻي هاڻ ماڻهن جا ڪن ئي پچي پيا آهن. پر هيءَ سنڌ جيڪا صُوفين، بُزرگن، اولياءِ الله ۽ شاعرن جي سَرزمين آهي. اُها به گهڻي عرصي کان بُک، بدحالي ۽ بدامنيءَ جي وَرُ چڙهيل آهي، ڌاڙا، خودڪشيون، ڪاروڪاري اغوا ۽ ٻيا انيڪ ڪوجها ڪم ۽ غم جن سنڌ جي سينڌ ميري ڪري ڇڏي آهي، جن سنڌ جي اجرڪ ڦُلڙين جهڙي اُجري بدن تي بَدنما داغ ڌري ڇڏيا آهن، مٿان وري رهي کهي ڪسر قدرتي آفتن پوري ڪري ڇڏي آهي پر سنڌ وطن جو خوبصورت خِطو ٿر، انهن سڀني عادتن، اَجراين ۽ اوڇاين کان سدائين پاڪ ۽ پُرامن رهيو آهي، خبر ناهي ڪنهن جي بدنظر لڳي جو هاڻي ڪُجهه سالن کان ٿر جهڙي پُرامن علائقي ۾ به چوريون، ڌاڙا ۽ قتلام ٿي رهيا آهن، خبر ناهي ڪهڙي سامريءَ جي سازش آهي جو اسان ماڻهو ٻنيءَ جي ٻاوڙيءَ تان، لوڙهي جي ٽاريءَ تان، گاڏيءَ جي واري تان، ڀيل ڀراڙ تان، پنهنجن جا مٿا مُڃ ڪري رهيا آهيون، خبر ناهي ڪنهن جي هُشيءَ تي اسان ذاتي مفادن خاطر يا معمولي مسئلن تان تيش ۾ اچي پنهنجن جا سر قلم ڪري رهيا آهيون، ڪُجهه ڏينهن اڳ مِٺيءَ ۾ ٿيل واقعي هر اهلِ دل انسان جي جيءَ کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي، پاڻ ۾ اختلاف هُئڻ جو حل اهِو ته ڪونهي جو ڪنهن جي اُميدن ڀري چمن جو ڏيئو ئي اُجهائي ڇڏجي، ٽڪي جي مفادن لئه ذاتي انا جي تسڪين خاطر سارين جي فصل جيئن اِنساني سر لُڻڻ ڪهڙي مذهب ۾ جائز آهي، ڪڏهن سوچيو اٿئو ته هوش بدران جڏهن اسان جوش ۾ هوندا آهيون ته اسان حيوان بڻجي اِنسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙي ويندا آهيون. جيڪڏهن اوهان جي سيني ۾ پٿر بجاءِ ڪا دڙڪندڙ دل موجود آهي ته اُن تي هٿ رکي ويهي ويچاريو اوهان جي هٿان اوهان جي ئي رت کي روڊ تي هارائڻ وارا لِڪل هٿ اوهان کي ٻُوهي ۾ ڏيئي پنهنجا ناپاڪ مفاد ته ماڻڻ نٿا گُهرن. خدارا! پَرائي بڇ تي پنهنجا ماڻهو ته نه مارايو، انسانيت کي ته نه لڄايو.
ماڻهوءَ کي نه مار تون ................................. ممتاز لاشاري
سامعين! ڏات قدرت طرفَان عنايت ٿيل هڪڙي خاص عطا آهي، هر انسان جي اندر ۾ هڪ ٻيو حساس قسم جو وجود موجود رهي ٿو، جيڪو پاڻ سڀني وانگر سوچي، لوچي، لُڇي ۽ ڀوڳي به ٿو، بلڪِ گهڻي کان گهڻا زندگيءَ جا مزاق ۽ عذاب سهي ٿو، پر ضروري ڪونهي ته هر ماڻهو لکِڻ يا ڳائڻ جي صورت ۾ اُن جو اظهار به ڪري سگهي. اظهار هر اِنسان ڪري ٿو، پر اُن جا انداز ۽ نمونا الڳ الڳ آهن. پنهنجي اندر جي پيڙا، خوشي يا غم جي سڀني ڪيفيتن کي پنن تي لفظن جي شڪل ۾ اوتڻ جو هُنر هر ڪنهن وٽ ناهي هوندو ۽ ليڪن يا رنگن جي روپ ۾ ڪنهن تصوير ۾ پنهنجي خيالن جي کارڪ ڇڊڻ به هر ڪنهن جي وسَ جي ڳالهه ناهي.
سو ان ڪري لکڻ ۽ سکڻ ٻئي لازمي آهن، سُٺو ۽ شاندار لکِڻ لاءِ مطالعو ۽ مُشاهدو ضروري آهي. جتي مختلف موضوعن تي ڪتاب اوهان جي ذهن جا ڪپاٽ کوليندا، اُتي دنيا جهان جو سير و سفر، منظرن جا موهه، اوهان جي ڪَلا کي جِلا ۽ جوت بخشيندا. گهڻي کان گهڻو پڙهڻ ۽ ٿورو پر سُٺو لکڻ ئي اوهان کي مُنفرد ۽ ممتاز مقام ڏياري سگهي ٿو. گهٽ پڙهڻ ۽ گهڻو لکِڻ جي لُري يقين ڄاڻو اوهان کي خود فريبيءَ ۽ خوش فهميءَ جي دائري مان ٻاهر نڪرڻ ئي ڪونه ڏيندي. پهرين اِهو ڄاڻو ته ماڻهو لکي ڇاٿو؟ ۽ ڇو ٿو لکي؟ مُنهنجي خيال ۾ اسان جي نئين نسل مان گهڻن کي اها ڪَل ئي ڪانهي ته هُو ڇو ۽ ڇا ٿا لکن؟ لکي ته سڄي سنڌ ٿي هزارين ماڻهو لکن ٿا، موضوع به ساڳيا آهن، اسلوب به ساڳي آهي ته پوءِ اُها ساڳي ڳالهه جيڪا اوهان کان اڳ ۾ ڪنهن ٻي ڪئي آهي. سا اوهان وري، وري ورجايو ٿا، ته پوءِ ماڻهو اوهان کي ڇو پڙهن؟ اوهان جي لِکڻي ماڻهن کي پڙهڻ تي ڪيئن مجبور ڪري سگهي ٿي. اهو ئي فن آهي، اِهو ئي اُهو هنر آهي، جيڪو هٿ اچڻ کانپوءِ اوهان جي لَکِڻي ماڻهن کي مُڙي نِهارڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي. پر اهِو به نه وساريو ته پرائي گهڙيل واٽ تي هلڻ، ڪُٽيل ليڪن کي وري ڪُٽڻ، گٺل، پيٺل موضوعن تي مٿا ڪُٽ ڪرڻ، ٻي جي اثر کي ائين قبولڻ جو اوهان جي پنهنجي هستي اوهان جي پنهنجي ڏات اوهان جي تخليق مان ائين لاپتا ٿي وڃي جيئن ڍڳيءَ جا مٿيان ڏند! ۽ اوهان جي لکڻي ڪنهن ٻي جي فوٽو ڪاپي لڳي. ٻئي جا ڪپڙا اوهان جي اوگهڙ ته ڍڪي ٿا سگهن پر ضروري ڪونهي ته اُهي اوهان جي جسم تي سئو فيصد فِٽ به ٿي بيهن. اُن ڪري ٻي جا چارا چُونڊڻ بجاءِ اَڀري سڀري پنهنجي واٽ وٺو ۽ پنهنجا گس ۽ گهاڙو گهڙيو. ان وڻ ويڙهئي جهڙي وَبا کا بچڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته پڙهو سڀني کي جيڪو ليکڪ/ شاعر دل کي وڻي اُن جو ڀلي اثر قبول ڪيو پر اُن کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏيو جو اوهان جي شاعري يا لِکڻي اُن شاعر يا ليکڪ جو اولڙو لڳي. مڃون ٿا ته موضوع به ساڳيا آهن ته سنڌيءَ جا ڪُل 52 اکر به ساڳيا آهن. سو ساڳئي ٻولي ۽ ساڳي موضوعن سان اوهان جو اُوسَ واسطو پوندو پر اوهان پنهنجي الڳ سُڃاڻپ تڏهن ڪرائي سگهندؤ، جڏهن اوهان جي لِکڻ جو اسٽائيل الڳ هوندو. انداز ۽ اسلوب جداگانه ۽ نرالو هوندو ۽ اوهان جي ٻولي ڪا عربي، فارسي نه پر اُها هوندي جيڪا هڪ عام ماڻهو ڳالهائي يا سمجهي سگهي. اوهان جي نثر يا نظم جا موضوع اڻ ڇُهيل، اڇوتا ۽ انوکا هُئڻ گهرجن. پر اُهي ڪنهن آسماني مخلوق لاءِ نه پر پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي سُڳنڌ سان واسيل هُئڻ گُهرجن ۽ پنهنجي پورهيت عوام جي پگهر جي خوشبوءَ ۾ ڀنل هُئڻ گهُرجن. فني گُهرجن جي پورائي لاءِ اوهان کي ڪنهن ڪُنهه مشق ڪوي يا ڏات ڌڻيءَ کان ڏانءُ ۽ لکِڻ جا لاکڻا گُر هٿ ڪرڻا پوندا. ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ هر ٻيو ٽيو ماڻهو ليکڪ يا شاعر سڏائي ٿو. ايڏي وڏي هجوم مان پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سو هيڏي هجوم مان نمايان نظر اچڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجي عِلم ۾ اضافو ڪريو، اُن کانپوءِ جيڪو ڪُجهه لِکو اُن ۾ فني پُختگي ۽ فڪري اُڏام سان جان پيدا ڪريو، جنهن کي پڙهي يا ٻُڌي ماڻهو کان بَي ساخته دانهن نڪري وڃي ته مار! ڇا ته نثر يا نظم لکيو اٿس!!.
ڪُجهه ڏاهن شاعري کي سڀني فنونِ لطيف تي فوقيت ڏني آهي، اُنهن جي خيال ۾ شاعري جيئن ته الهام آهي اُنڪري شاعر قدرت کي ويجها ۽ عزيز ترين آهي. پر ڪُجهه ڏاهن وري شاعريءِ جي مخالفت به ڪئي آهي. تازو نامياري تاريخدان ڊاڪٽر مُبارڪ علي چيو آهي ته ”جيڪڏهن اسان جي نئين نسل کي ڪو ٻوٽو ٻارڻو آهي ته کين شاعريءَ جي جان ڇڏڻي پوندي“. سو گذارش رُڳي اها ڪرڻي آهي ته دنيا م ڌنڌا ٻيا به کوڙ آهن نالي توڻي ناڻي ڪمائڻ جا ڪيئي هُنر آهن، ضروري ڪونهي ته هتِان هُتان پرايون سِٽون چورائي پرايا خيال کڻي هر ماڻهو شاعر سڏرائي. شاعري عُمر ڀر جي رياضت ۽ علم کانپوءِ ئي ڪنهن شاعر جي قفس ۾ قيد ٿي سگهي ٿي، پر اُن لاءِ به شاعريءَ جو عِلم ۽ هُنر هٿيڪو هُئڻ گهُرجي. بقول احمد فراز جي؛
سنا ہے اُس کو بھی ہے شعر و شاعری سے شغف،
سو ہم بھی معجزے اپنے ہُنر کے دیکھتے ہیں۔