7
کڙي نيم ڪي نيچي ..............مائي ڀاڳي
سامعينِ مُحترم! هُونئن ته وطنِ عزيز جا سڀئي ڳوٺ، شهر واهڻ، توڻي وسنديون اسان ۽ اوهان کي اِنتهائي عزيز آهن، ڇاڪاڻ جو صنعتي ترقيءَ جي ڪري مُلڪي خوشحاليءَ ۾ اسان جي شهرن جو به وڏو هٿ آهي، اِهي شهر اسان جي مُعاشي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي جديد زندگيءَ جا آئيني دار آهن، پر شهرن جي شور و غُل کان پري اسان جي ڳوٺن جو پُرامن ماحول، فطري سُونهن ۽ قدرتي حُسن ماڻهوءَ جي داخلي دنيا کي تسڪين پهچائي ٿو، اُتي جيڪو آنند آهي اُتي جيڪو سُڪون آهي، اُتي جيڪا پنهنجائپ آهي، اُتي جيڪو پيار آهي پاٻوهه آهي، اُهو شهرن جي مشيني ماحول ۾ موجود ڪونهي. اُتي جيڪا سادگيءَ جي سُونهن آهي، اُتي جيڪا زندگيءَ جي اصليت آهي، اُتي جيڪو رشتن جو ڀَرم ۽ تقدس آهي، اُتي جيڪو هڪ ٻي سان همدرديءَ جو جذبو آهي، خالص گيهه جهڙو نج خلوص آهي، سو سڀڪُجهه شهرن جي مصنوعي ماحول ۾ اڻلڀ آهي، اسان جا اُهي ڳوٺ جيڪي اَمن ۽ آشتيءَ جا گهوارا هُيا ۽ اڃا به آهن. جيڪي سچائي ۽ شرافت جو اُهڃاڻ هُيا ۽ آهن، جتي مُحبتن تي ڪو به جي، ٽي ٽيڪس مڙهيو نٿو وڃي، جتي پيار تي ڪو به وياج ورتو نٿو وڃي، جتي عشق ڪنهن به ادائيگي کان آجو آهي، جتي ميرن ڪپڙن وارن جي من ۾ ڪو به مير ڪونهي، جتي محنت ۽ مزودريءَ کي مِهيڻي بدران مَرڪ سمجهيو وڃي ٿو، جتي اڃان تائين وڏي اسر جو اُٿي عورتون کير ولوڙينديون آهن، ۽ جنڊ منڊي ٽويو ٽڪ تي پيهنديون آهن، جتي جٿن جي صورت ۾ سڀئي سهاڳڻين پيرون چُونڊڻ ۽ پاڻي ڀرڻ وينديون آهن، جتي ڪنهن به پاڻيهاريءَ تي ڪو پهرو ڪونهي، جتي هلو هلو ڪورئين جا سڏ سڄو ڏينهن نيهن جا ناتا ڳنڍيندا رهندا آهن. پر ڇنڻ جي ڪار ڪونهي، جتي صبحءَ جو سَيم تي لنگهايل چوپايو مال وڏيءَ وِرهانڊ جو بنا ڌراڙ جي پاڻهي وٿاڻ تي وري ايندو آهي. جتي مايون مُڙسن سان گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪرڻ کي پنهنجو سُهاڳ سمجهنديون آهن ۽ واندڪائي جي وقت ۾ ويهي کڻ کڻڻ يعني ڀرت ڀرڻ ۽ رَليون سِبڻ توڻي ڀيڙيون ٿِي ڀور ڪرڻ ۽ اوٽي ڏپِڻ مهل ائين خوش ٿينديون آهن، جيئن ڪو ٻار خرچي مِلڻ تي خوش ٿيندو آهي. اِنهن ساڌڙن، سٻاجهڙن ۽ اڇيءَ دل وارن، امن پسند ڳوٺاڻن جون خوشيون، خواب ۽ خواهشون به بنهه ساديون آهن. اُهي جيڪي آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿ ڏِهاڙي سومرا، سي پنهنجي اَڀري، سَڀري اُڪاري پيئن ٿا. صَبر، شُڪر ۽ سَرهائي محسوس ڪن ٿا، پر ڪڏهن ڪا شِڪوا ڪونه ٿا ڪن، الله جي ڏني تي ارها ڪونه ٿا ٿين، بلڪِ هميشه رَب جي رَضا تي راضي رهن ٿا، سدائين کُليل گهرن جي ڪُشادي اڱڻ ۾ آزاد فضائن ۾ صرفي جو ساهه کڻندڙ اُهي ڳوٺاڻا جڏهن به ڪنهن ڪم سانگي، ڪنهن نوڪريءَ خاطر شهرن جي سوڙهي ۽ گهُٽ، ٻُوسٽ واري ماحول ۾ اچي ڦاسندا آهن تڏهن سندن ساهه پيو مُنجهندو ۽ ٻُوساٽبو آهي، ڇاڪاڻ جو اُهي آزاد فضائن وانگر فراخ دل آهن، سي ڀلا شهرن جي سوڙهيءَ دل وارن ماڻهن سان ڪٿي ٿا ڪٽي سگهن. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو سندن درويش دل سدائين ڳوٺ جي ڳهريل ڳلين ۾ کُليل هوائن ۾ اُڏامڻ لئه پئي اُڇلون کائيندي آهي. اوهان پاڻ پنهنجي هِنئين تي هٿ رکي ٻُڌايو ته ڪير آهي، جيڪو پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي ڍاڻيءَ جي نيريءَ ۽ ناسي يادگيريءَ کي دل جي سُرمئي سليٽ تان ڌوئي صاف ڪري، پنهنجي اَباڻي وانڍ جي وِرهانڊ کي وساري ويهندو، ڪير آهي جنهن جي دل ڳوٺ وڃڻ لئه پَياري شِواڻي جي هِن نظم وانگر بي تاب نه هُوندي.
دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان ............. شفيع فقير
سامعين! اڄ مِٺيءَ ۾ ٿر جي هڪ اهڙي عظيم اِنسان جي ورسي ملهائي پيئي وڃي، جنهن پنهنجي سڀ ڄمار انساني خدمت ۽ پنهنجي وطن جي بي سهارا، بي پهچ ماڻهن جي مالڪي ڪندي سندن وارثي ڪندي خرچ ڪري کپائي ڇڏي. هُو جيڪو ٿر جي پوئتي پيل يا ڌڪيل انسانذات لاءِ ڄڻ ته ڪو مسيحا بڻجي آيو هو، جنهن پَنهنجي سڻڀي ڪُرسيءَ کي قربان ڪري پنهنجي وطن دوستيءَ ۽ اِنسان دوستيءَ جو ثبوت ڏنو هو، سو کرڪڻا لاهي ڪڏهن به سُک سان ڪونه سُتو، هُو جنهن ڀٽائي جي هن بيت جي عملي تفسير پيش ڪئي ته مون سين هلي سا جا جيءَ مِٺو نه ڪري، هُن واقعي نڪو جيءَ مِٺو ڪيو ۽ نه ئي وري ويءُ مِٺو ڪيو، بلڪِ هُن ڀَريءَ کي لت هڻي، سڀئي آرام، آسائشون ۽ ريئساڻين روايتن جي برخلاف، بي واهُن جو ڀَرجهلو ٿي ڏيکاريو، هُن مسڪينن سان ٿيندڙ ڏاڍاين، ڏنگاين تي بغاوت جو جهنڊو بُلند ڪيو هُو،جيڪو پاڻ به مسڪين ماروئڙن جو يار هو تنهن پنهنجي نالي سان ڪنهن خان بهادر جو لقب لڳائڻ بجاءِ مسڪين جهان خان کوسو سڏرائڻ ۾ پنهنجو شان سمجهيو ۽ سَرهائي محسوس ڪئي، ٿر جي نڌڻڪي ۽ ويچاري عوام هُن جي مُريد هُئي. ميرپورخاص جا روڊ رستا، عدالتون، آفيسون ۽ ٻيا دفتر هُن جو ۽ هُن جي مسڪين ماڻهن جو مسڪن هوندو هو. ميرپورخاص جا رستا روڊ، فوٽ پاٿ ۽ ريلوي پٽڙيون اڄ به هُن جي پيادل پيرن جي ساک ڏين ٿيون، هُن ائين ئي عُمر ڳاري ڇڏي خلقِ خُدا جي خدمت ۾، سندن مدد ڪرڻ، سندن ڪمن ڪارن ۽ مصيبتن ۾، هڙان وڙان ڏيئي ڀَر وٺي بيهڻ جو اعليٰ گُڻ ٿر جي هِن عظيم انسان مسڪين جهان خان کوسي ۾ ئي هو، جنهن کي ساري نه رُڳو ننگر جا ڪولهي، پر سموريءَ ٿر جا مجبور ماڻهو ٿڌا ساهه کڻن ٿا ۽ چون ٿا ته صديون گذريون، روپلا پر تنهنجي ٿر ۾ رات رهي پيئي آهي.
تُنهنجي وئي کانپوءِ .............. صادق فقير
سائين مُنهنجا! جڏهن سارنگ جا ساٺ سَجايا ٿيندا آهن، جڏهن وڏ ڦُڙو وسندو آهي، جڏهن آڙنگ جا انگل ۽ آراپسي ڪڪر ڪارونڀار ٿي ٿر واريءَ مٿان ٿاڌل ڪندا آهن، تڏهن اسان مارُو ماڻهن جي مُرجهايل مُکن تي مُرڪون مَحوِ رقصان هُونديون آهن. ڇو جو اِهي ڪارا ڪڪر اسان ماڻهن جي آسُودگيءَ جي علامت ۽ اُهڃاڻ هُوندا آهن. ڪڪر جن جي جهُڙ جهاٽي ٿيڻ، ڇمر الوٽ ٿي برسڻ جي آسري اسان ماڻهو ڪٽڻ جو جهڙو وقت آڱرين تي ڳڻي ڪٽيون ٿا. اِها ئي اسان ٿرواسين جي اُها وطن دوستي جي دعوا آهي، جنهن لاکيڻي لطيف کي سُر مارئي لکڻ تي مجبور ڪيو هو. هي ڪارا ڪارونڀار ڪڪر، جن کي اسان ماڻهو ڪڪر يا بادليا، پڇُون، ڇَمر، لهاڻون، ڪَنڍرون، ڪوئلون ۽ گهٽائون چئون ٿا. سي اسان مارُو ماڻهن کي، اسان جي چوپايي مال کي ۽ جُڳن کان جيئري هِن جوُءِ کي جيئندان بخشيندا آهن. اهِو ئي ڪارڻ آهي جو هر ٿرواسيءَ کي، ڪارن ڪڪرن سان، سُرمئي لهاڻن سا، ڀورن بادلن ۽ گهنگهور گهٽائن سان بي اِنتها محبت هُوندي آهي. ٿر جي اُڀ تي آڙنگ ڏسي وُڄن وراڪا ۽ کِنوڻ جا کيل ڏسي ٿر جو مارُو ماڻهو چاهي دُنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ هَڪيو هُجي، اُتي اُداس، اڻ جپو ۽ بي چين ٿي پوندو آهي. سندس مَنُ ماندو ۽ مَلوُل ٿي پوندو آهي. سڀئي کاڌا ۽ کيڻ وسري ويندا آهن جيسين پنهنجي جوُءِ، پنهنجا اباڻا اجها ۽ اجهورِ اُهي سيمون ۽ سيڙها جتي ڪڪر ڇانو ٿي هوندي، جتي ڪي مينهن ڪڻيون پيون هونديون. اُهي ماڳ، اُهي مڪان جتي مينهن وُٺي کانپوءِ ملير ڄايون مرڪنديون آهن، جتي مٽَڪُو راند رمندي عمرِ عزيز جا انمول ڏينهن ايئن جهٽ پٽ جوان ۽ پوڙها ٿي ويندا آهن، جيئن گولاڙو ڄارين جي ٽارين تي ٽِنڊري ڳاڙهي گولَ جهلي جهونو ٿي ويندو آهي، جتي سُويي سَڙ ڦير ڪونڍير جي قُرب ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جا وجود ڦلهوربا آهن، جتي واريءَ جا گهر ٺاهي ۽ ڊاهي مينهن ماماڻا پڪڙي ٿري ٻارڙا خوش ٿيندا آهن، اُتي چوڙيلين جا چهرا ۽ ڌنارن جون دليون به ڌڙڪنديون آهن، ڪڪرن جي ڪرم نوازيءَ کانپوءِ جيڪا خوشي ٿري ماڻهن کي ٿيندي آهي، اُنهي سَرهائي جي سُندر احساس جي ڪٿ ڪرڻ يا ماپ تور ڪرڻ لاءِ اڃان تائين ته دُنيا ۾ ڪو به اوزار ايجاد ناهي ٿيو، اڃان تائين اهڙي ڪا به فُٽ پٽي يا ڦيٿ ايجاد نه ٿي آهي، جنهن سان ٿر واسين جي ڪيفيت کي ڪڇي سگهجي، سندن احساسن جي سهي عڪاسي ڪري سگهجي.
ڏکڙيا ڏينهڙا ڏوري وڃبا ......... سرمد سنڌي
سامعين! پنهنجي مِٽيءَ سان مُحبت ۽ وَطن سان وابستگيءَ جي سُتي اسان ماڻهن کي سنڌ جي لطيف پنهنجي لازوال شاعريءَ ذريعي ئي ڏني آهي،جو اسان ماڻهو اڄ تائين سندس شاعريءَ جي هنن شاندار سِٽن تي پُختو ايمان رکندا اچون ٿا، ايءَ نه ماروئن ريت جيئن سيڻ مٽائين سُون تي. يا ڇُلي ڇَڏ مَ ڇپرين، ڏلي ڇَڏ مَ ڏيههُ، پسَيو وڻ وطن جا وڙڪيو اچيو ويهُه، سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري. سو اسان سنڌ واسي دُنيا جي ڪهڙي به خطي ۾ هُجون، پنهنجي مِٽيءَ سان مُحبت، پنهنجي ديس سان دل لڳيءَ جو درس ڪو اسان کان ئي سکي. اسان سنڌي ماڻهن وٽ ٻيو ڪُجهه هُجي نه هُجي پر وطن دوستيءَ وافر مقدار ۾ ملندي، ماڻهو اسان کي ڀلي سڄي جهان کان جُدا سمجهن، سُست سمجهن، ڪاهل ۽ ڪم چور سمجهن پر ڪو مارئي جهڙي مُحبِ وطن، بختاور جهڙي بهادر، شهيد بينظير ڀٽو جهڙي ڪا عظيم عورت ته پيدا ڪري ڏيکاري. اسان پنهنجون سموريون ڪوتاهيون تسليم ڪندي به اِها دعوا ڪيون ٿا ته سنڌي ماڻهن جي مُحبِ وطن ڪردار تي آڱر اُهو کڻي جنهن هيمون وانگيءَ ڦاهيءَ جي ڦندي کي چُميو هُجي، جنهن هوشوءَ وانگر ”مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جهڙو نعرو هڻي مٿي پڙ پُرزا ٿي ڏيکاريو هُجي، جنهن شهيد سُورهيه بادشاهه وانگر وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي جان نثار ڪئي هُجي، جنهن مخدوم بلاول ونگر گهاڻي ۾ هَڏ ته پيڙايا هجن پر ديس سان غداري نه ڪئي هُجي. جنهن سن جي سائين وانگر سڄي ڄمار بندي ٻيا قرار اسين لوچيون لوهه ۾ به وطن کي محبوب جئين مُقدس سمجهي سندس آجپي جي اوسيئڙي ۾ عُمر گهاري ڇڏي هُجي. مڃون ٿا ته انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ جي هِن تيز ترين دؤر۾ جديد دُنيا جي جُتيءَ ۾ اسان ماڻهن جو پير اچي ڪونه سگهندو، پر هيئن سِر تِريءَ تي رکي سنڌ وطن تان وارجي وڃڻ جو هُنر ٻي ڪنهن کي به حاصل ڪونهي ڪو. اسان وٽ اسان جي اِها ئي دولت آهي، اسان وٽ اِها ئي اسان جي ڪُل ڪائنات آهي، جيڪا اسان ماڻهن دل جي ٽجوڙين ۾ سانڍي رکي آهي.
سامعين! اوهان پاران اُماڻيل عيد واڌايون اسان جي اکين تي، موٽ ۾ اسان جي سموري سٿ پاران به ساڳي احساس ۽ جذبا اوهان سڀني سڄڻن لاءِ شال اوهان جي حياتيءَ جو هر ڏينهن عيد جو ڏينهن هُجي، هِي عيدون، تهوار ۽ ٻيا سمورا خوشين ۽ سَرهاين سان سرشار ڏهاڙا اوهان جي بُنيادي حقن ۾ شمار ٿين ٿا.، جن کي پُرجوش جذبي سان ڀَرپُور نموني ملهائڻ جو اوهان کي هر لحاظ کان حق حاصل آهي. پر هڪ عرض، هڪ التجاءِ ۽ هڪ وينتي ته اِهي سڀئي سَرهايون ونڊڻ ويلي، اِهي سڀئي خوشيون خرچڻ وقت اُنهن ماڻهن جو خاص طور تي خيال رکجو جن جي پيرن ۾ ڪا پُراڻي جُتي به ڪانهي، جن جا جسم نيئن وڳي کان واقف ناهن، جن جي جُوءِ مان اڃا تائين سُڃاين جو سِج لٿو ئي ناهي، جن جي جهُريل جهُڳين ۾ سُکن جا سِج اچڻ کان ائين ٽهندا آهن، جيئن تتر ڀڳوئين کان ڀڄندا آهن، ۽ اڻهوند جن جي اڱڻ تي اٺهي پهر اُکڙيءَ-ڪهاڙي اچي ٿي. جن جا خوشين کان خالي اڱڻ اُميدن جي عيد جهڙي چنڊ کان ائين وانجهيل آهن، جيئن روهيڙي جا رتا گُل خوشبوءَ کان خالي هُوندا آهن. جن جي جوکي جيون مان جُگنو جهڙي جواني جا پل ڀوترين جيئن ڀڙڪو ڏيئي اُڏامي ويندا آهن، جن جا رُڳو درد ئي دائمي دوست آهن، جن کي سدائين خُواهشن جي کڻت ۾ روز روڪڙي عذاب جون پُٺارڪون ئي پلئه پونديون آهن. جن جي سُڪل چپن تي سدائين ڦڪيءَ مُرڪ جا گُل مُرجهايل هُوندا آهن، جن جا خواب کير ڌارا جهڙا اڇا، اُجرا روز رديءَ ۾ وڪبا آهن ۽ جن جون هڙئي حسرتون حياتي جي روڊ تان اغوا ٿي ويون آهن، اوهان کي اُنهن ماڻهن جي پارت آهي، جن کان جاني جڳر ۽ سڀئي سهارا کسجي ويا آهن، جن جي هٿن مان هڙئي حيلا، وسيلا هليا ويا آهن ۽ جن جي مٿان ڪي هٿين، ڇائون ڪندڙ هٿ هٽي پري ٿِي ويا آهن، اوهان کي اُنهن مارُو ماڻهن جي پارت آهي، جن لئه ڀٽائي آڳاٽو فرمائي ويو آهي ته؛
جا عُمر! تو مُل عيدَ، سا اسان سوءِ ورتي سومرا!
ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
سِڪڻ ڪيا شهيد، مارُو جي ملير جا.
اُهي ڪهڙي عيد ڪندا .......... شمن ميرالي
سامعين! هڪڙي ڪم جي ڳالهه، جيڪا اسان ۽ اوهان جي غم جو ڪارڻ بڻيل آهي، دل ۾ اِها ڳالهه کوڙ ڏِهاڙن کان کُٽڪي رهي هُئي چاهيم پئي ته ڪنهن ڏهِاڙي اوهان جي ڳالهه اوهان سان اوربي ضرور. سو ڳالهه اِها آهي ته اسان شهري هُجون يا ٻهراڙيءَ جا پر اسان زندگيءَ جي ٻين بي پرواهين، لاتعلقين ۽ غير زميداراڻين روشن سان گڏ هڪ اِها به لاپرواهي ڪريون ٿا جو پنهنجي ٻارڙن جي ڪا سهي سار سنڀال نٿا لهون، سندن ڪو خيال ڪونه ٿا ڪريون، اِهو نٿا ڏسون ته اُهي گهر کان ٻاهر رهڻ دؤران ڪهڙين سرگرمين ۾ مشغول آهن، ڪهڙي صُحبت ۾ رهن ٿا، سندن، اخلاق، ۽ تربيت طرف اسان جي جيڪا عدم دلچسپي آهي، اُها اِنهن معصوم ٻارڙن کي سماج دشمنن جي وَر چاڙهي، بي راهه رويءَ جو شڪار بڻائي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ جيڪو نتيجو نڪري ٿو اُهو اسان سڀني جي آڏو آهي، اسان جا ٻار بُري سنگت اختيار ڪن ٿا، نشو واپرائن ٿا، چُوريون چڪاريون ڪن ٿا ۽ نيٺ پوءِ ڪِن دهشتگردن جي هٿ چڙهي وڃن ٿا.
مسئلو اِهو آهي ته اسان پنهنجي اولاد کي يا ته هيڪاندو پيار لاڏڪوڏ ڏيئي اُنهن کي بگاڙي ڇڏيون ٿا، ايستائين جو مُنهنجي ذاتي مُشاهدي ۾ اِها به ڳالهه آئي آهي ته اسان هٿ سان اُنهن کي تمام گهڻي خرچي ڏيئي خراب ڪندا آهيون بلڪِ مِٺيون پُڙيون جيڪي زهر آهن، اُهي هٿ سان وٺي اُنهن تي کين هيرائيندا آهيون ۽ پوءِ اُهي ٻارڙا اُنهن پُڙين جا ازخود عادي ٿي ويندا آهن. جيڪي اڳتي هلي اُنهن جي نڙِيءَ، وات ۽ گلي جي ڪينسر جو سبب به ٿي سگهن ٿيون ته سندن ساهه جي نلين ۾ڦاسي موت جو ڪارڻ به ٿي سگهن ٿيون. پر پاڻ ماڻهن کي ڪنهن ڳالهه جي پرواهه ڪونهي، پُڇبو ته ورندي ملندي ٻار آهن ڇا ڪريون؟ پنج ڏهه روز پُڙيون کاڌائون يا برف جارس گُلا جن تي ڳاڙهو سيڪرين هاريل هوندو آهي اُهي کاڌئون ته ڇا ٿي پوندو. ٿيندو اِهو جيڪو رب پاڪ کي منظور هوندو پر اوهان ۽ اسان جي اولاد لاءِ اِهي شيون ڪا نه ڪا مُصيبت ضرور کڻي اينديون. سو ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته نه رُڳو پنهنجي ٻارڙن جي اُٿي، ويٺي ۽ تربيت جو خاص خيال رکون بلڪِ سندن صحت توڻي صُحبت جو به اونو رکون ته جيئن اِنهن مستقبل جي معمارن جو آئيندو محفوظ ۽ سلامت رهي سگهي.
سامعين! سڄڻ جي سِڪ ۽ تن ۾ تنؤس مُتعلق عشق جو امام چئي ٿو ته تن ۾ تنؤس پرينءَ جي پيئان نه ڍاپان، جي سمنڊ مُنهن ڪيان ته سُرڪيائي نه ٿئي، بيشڪ! ڀٽائي گهوٽ سَئو فيصد سچ چيو آهي، ڇو ته سچي سِڪ ۽ رُڳو محبت ئي هڪ اهڙي شيءَ آهي، جنهن مان ڪڏهن به ماڻهو ڪَڪُ يا بيزار ڪونه ٿو ٿئي، بلڪِ مُحبت مان ڄڻ ته ماڻهوءَ جو ڍَؤ ئي نٿو ٿئي، ورنا! ٻيءَ هر شيءَ مان ماڻهو ورچيو وڃي، ۽ بيزار ٿيو پئي، پر سڄڻ جي سِڪ ۽ مُحبت ڪڏهن به مٿس بار نٿي بڻجي، اِها الڳ ڳالهه آهي ته مُحبت به ڪنهن پُورالي ندي جيان آهي، جيڪا وقت به وقت پنهنجا وهڪرا بدلائيندي رهي ٿي، گس بَدلجي وڃن ٿا، پر وهڪرو رَوان ۽ دَوان رهي ٿو، مگر اِهو رُڪجي نٿو، ماڻهو مَٽجي سگهي ٿو، پر مُحبت موجود رهي ٿي، سِڪ ۽ چاهت سلامت رهي ٿي، محبت ڪنهن ماڻهوءَ جي مَرڻ يا مُنهن مَٽڻ سان ڪڏهن به فنا ڪونه ٿي ٿئي، مُحبت جي حاصلات ته پَري جي ڳالهه آهي، پر رُڳو مُحبت ڀريون يادگيريون به ماڻهوءَ ۾ جُڳن تائين جيئڻ جو حوصلو وڌائي ڇڏين ٿيون، ۽ ڪنهن جي سچي سِڪ ۽ مُحبت ڀَري سار ۾ به ايتري سگهه آهي جو ماڻهو اُنهي آڌار سڄي ڄمار گهاري سگهي ٿو.
سر دا سائين ......... ديبا سحر
سامعين! انسان جا جيڪي به حواس آهن، اُنهن ۾ اکيون سڀني عضون جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکن ٿيون، يا ايئن کڻي چئجي ته اکيون اِنساني اندر جو آئينو آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي من جا سمورا مامرا ۽ وارتائون بيان ڪن ٿيون، ۽ هِن سنسار جو سمورو نظارو توڻي لقاءُ ماڻهو اِنهن اکين ذريعي ئي پَسي سگهي ٿو، هِن ڪائنات جي سموري سُونهن ۽ بد صورتي کان اِنسان جي سرير کي اهي اکيون ئي آگاهه ڪن ٿيون، ۽ اِنساني ڄاڻ جو سڀ کان مُکيه ذريعو به اِهي اکيون ئي آهن، جن وسيلي ماڻهو بُري ۽ ڀلي جي تميز ڪري سگهي ٿو. انسان جي اندر ۾ جيڪي جذبا اُڀرن ٿا اُنهن جي اظهار جو ذريعو به اکيون ئي آهن، ماڻهو ڀل ته خاموش هُجي پر سندس اکيون سڀڪُجهه ٻڌائي ڏينديون آهن، ۽ وڏي ڳالهه ته سڀ کان اڳ ۾ پيار تي چُغلي به اِهي اکيون ئي هڻنديون آهن، اکيون ڏوراپا به ڏينديون آهي ته الزام به هڻنديون آهن، اقرار به ڪنديون آهي ته انڪار به ڪنديون آهن، اکيون ڪڏهن عذاب ڏينديون آهن ته ڪڏهن وري آٿت ۽ آسرا بڻجي پونديون آهن، اکيون جيڪي ڪنهن لئه ڪُل ڪائنات هُونديون آهن، اُنهن جا انيڪ قسم، عجيب رنگ، ڍنگ ۽ ادائون آهن، ڪي حَيادار ۽ لڄادار اکيون آهن ته ڪي دغاباز ۽ چالاڪ اکيون آهن، ڪي جياپي جو نياپو ڏيندڙ آهن، ته ڪي ديدُن ڀريون دوناليون ۽ قاتل اکيون آهن ۽ اکيون جيڪي خوني نظرون رکن ٿيون، جن جون ادائون قهري قاتل آهن ۽ جن جي گهُورڻ جا گهاوَ گهائي وجهن ٿا، اهڙين اکين جي خوني وارداتن کي ڀٽائي گهوٽ هنئين بيان ڪري ٿو؛
اوقابيل! اکين ۾ توکي باري بانَ،
اُڀو اڳرايون ڪرين ماڳ هڻيو مَستانَ،
جانب! تون زيانَ، اکين سان ايڏا ڪرين.
ڏاڍا تير هڻي ٿو ......... اقرار وحيد
سامعينِ مُحترم! شاعرن جي سَرتاج ڀٽ ڌڻي بادشاهه جو سِرجيل هر سُر هُونئن ته حَسين ۽ لاجواب آهي، پر سندس سرجيل سُر مومل-راڻو، جيڪو رنج ۽ رُوسامي، فراق ۽ ڦوڙائي جو سدابهار سُر آهي، سو مومل جي ماڻي ۽ راڻي جي رُسامي جو هڪ اهڙو سوز وگُداز ڀريو داستان آهي، جيڪو ٻُڌڻ سان جيءَ جهوري ٿو ڇڏي ۽ سُتل چاڪ چوري ٿو ڇڏي، هِجر جو هڪ اهڙو سُر جنهن ۾ مُومل جي مجازي عشق جي ڪربناڪ ڪهاڻي سمايل آهي، هُوءَ راڻي جي راهه تڪيدي رهي ٿي، ڪاڪ ڪنڌيءَ جا ڪانگ اُڏائيندي رهي ٿي، ۽ سڄي رات ڏيئا ٻاري سندس اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ پير ڀَر بيٺي رهي ٿي، تان جو تارا غائب ٿي وڃن ٿا، نکٽن جي جوت جهَڪي ٿي وڃي ٿي، ڪَتيون ڪَرَ موڙي وڃن ٿيون، ويل ٽري وڃي ٿي، رات وِهامي وڃي ٿي، ۽ اکين جا ديپ وسامي وڃن ٿا، لَوڌي لڙي وڃن ٿا ۽ ڏيئن جيئن ٽمڪندڙ ستارا به اُجهامي وڃن ٿا، سُورج شاخون ڪڍي ٿو، پر رُسڻي راڻي جي ڪا ڪل ڪونهي ته ڪهڙي پار ڪرهو ڪاهي ويو، ڪهڙي جوُءَ ۾ وڃي ٿانيڪو ٿيو، يا ڍوليو ڪٿي وڃي قراريو.
راڻي جي جُدائي ۾ مومل ڏينهن ۾ ڏهه، ڏهه ڀرا مَري ۽ جيءَ ٿي، راڻي ڌاران رُڳو رُڃ ٿي ڀانئي، سَراپا سُڃ ٿي ڀانئي، جيڪو چوڏس چٽاڻو ڀاسندو هُئس، اُهو لُڊاڻو به هاڻ کيس کائڻ ٿو اچي، ويهڻ وِيههُ ٿو لڳيس، ڪا ساعِت سُڪون ڪونهيس، ڪو پل قرار ڪونهيس، مُومل مينڌري کانسواءِ نِسوري ناپاڪ ٿِي پئي آهي. سڀئي هار سينگار، هنڌ وِهاڻا، پلنگ ۽ پٿراڻيون راڻي بنا کيس ڏنگڻ ٿا لڳنس، راڻي جي رهاڻ بنا ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ڪا رونق ڪونهي، ڪنهن محفل ۾ ڪو مزو ڪونهي، ڪنول ڪُومائجي چُڪا آهن، وڻ ٻري ويا آهن، ڄڻ سڄي ڪاڪ ڪڙهي ويئي آهي، ۽ مومل جي چپن تي مُرڪ بجاءِ هِيءَ ميار ڪُٺل ڪُونج جيئن ڦٿڪي ۽ تڙپي رهي آهي.
راڻي رڻ ڪيو جيڏيون! جيءَ مُنهنجي سين،
مَنُ مينڌري وڍيو، ڌُٻي ڌڙ پيو،
بُجهان ٻَهر ويو، هَنئون، هنڌ نه هيڪڙي.
راڻا او راڻا ! .......... مظهر/ذوالفقار علي
سامعين! ڀٽائي جي سُر ڏهر جو هڪڙو بيت ۽ اُن جو پَس منظر ڪُجهه هيئن آهي ته؛
ڪير ڪريندي ريسَ آيل، سنگهارن سين،
جنين جي خميس، واريون واري ڇڏيون.
ڀٽائي هِن بيت ۾ فرمائي ٿو ته اي امڙ! اي جيجان! ڪير آهي جيڪو مُنهنجي مارُو ماڻهن سان، مُنهنجي ڌنارن سان ريس ڪري سگهي، ڪنهن جي جاءِ آهي، ڪنهن ۾ ايتري ٿومُ ۽ سگهه آهي ۽ ڪنهن ۾ قدرت ايتري مَڻيا رکي آهي جيڪو مارُو ماڻهن جي اِنهن ريتن، رسمن ۽ ڪمن ڪارن سان پهچي سگهي. اُهي ڌنار، اُهي سانگي، اُهي ڀاگيا جن جي هڪڙي خميس جي شام ۽ جمعي جي رات به پُوريون ڪريو ڇڏي. هِتي خميس مان مُراد ڀٽائي جي اُها ڪمال درجي جي مُشاهدي واري نِگاهه ۽ نظر آهي، جيڪا هُن مارُو ماڻهن جي وچ ۾ وڃي ماڻي يا حاصل ڪئي هُئي، اُن زماني ۾ مالوندا مارُو پنهنجو کير ڀٽارو وڪڻندا ڪو نه هُئا، بلڪِ هڪ ته پاڻ کائيندا هُئا، ٻيو چُوئي ڪري اُن مان گهر جو خرچ پکو ڪڍندا هُئا، ۽ اوڙي پاڙي جي اڌيڻن ۾ مُفت ورهائيندا هُئا، جيڪو به سندن وٿاڻ تي يا اڱڻ تي کير يا اَڇَ لئه ايندو هو اُن کي هٿين خالي وارڻ وڏو گُناهه سمجهندا هُئا، سندن اُنهي خاصيت ۽ گُڻ، جنهن جي پَسمنظر ۾ لطيف سرڪار هِي بيت چيو آهي ته اُن دؤر۾ سڀئي مالوندا مارُو هر خميس جي شام ۽ جمعي جي رات کير جي خيرات ڪندا هُئا ٻاجهر جي ڏاريءَ ۾ کيرڻي رڌي هر هفتي خلق کي کارائيندا هُئا، سنگهارن جي اُن سَخاوت جي ساراهه ۽ سندن فراخ دليءَ کي ڀٽائي مٿين بيت ۾ بيان ڪري امر ڪري ڇڏيو آهي پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اِها خوبي ۽ خاصيت هاڻ پاڻ ماڻهن منجهان ائين ختم ٿي ويئي آهي جيئن ٿر مان ڦوڳ، سو جيڪڏهن وقت مِلي ته ويهي اِن تي ويچار ضرور ڪجو.
سامعينِ مُحترم! صحراءِ ٿر کي قدرت ڪيترن ئي نعمتن سان نوازيو آهي، هڪ پاسي بئراجي ڀاڱن سان ٻکيل ڀٽون، ٻي طرف جَبلن سان جوڙ سندس فراخ سينو، وڏا ڏهر، رڻ ۽ رائيلا، هڪ طرف هٿ جي وِڄا يعني هُنر جي هاڪ، ٻي پاسي قدرتي عِنايت ٿيل قيمتي ڪوئلي جا ذخيرا، چائيناڪَلي ۽ گرينائٽ پٿر اُن کان علاوه، هرڻ جهڙو ناياب نسل ۽ مور جهڙو سدا مَلوڪ پکي پڻ هِن ئي خِطي جي خوبصورت جهنگلي جيوت آهن، ڳاٽن مٿي اڏيل ڳوٺ، رڻ ڪنڌيءَ تي راڄوڙا، وڏيون ڀِٽون ننڍيون وانڍين، اُونها کوهه ۽ ننڍيون ويريون هِن ئي سَرزمين جي سَونهن آهن ۽ هِن ئي جُوءِ جو جَلوه آهن، جتي وِک، وِک تي حيات هُجڻ جو احساس ڏياري ٿي، جتي زندگيءَ صَرفي جو ساهه کڻي ٿي پر پوءِ به ڀٽائي جي هِن بيت جو ڄڻ تفسير لڳي ٿي ته؛
هَلو هَلو ڪاڪ تڙين، جتي نيهَن اُڇَل،
نَڪا جهَل نَڪا پَل، سَڀڪا پَسي پرينءَ کي.
ڀٽائي جي بيتن جهڙي هِيءَ ڀُون پَسڻ لئه ڪنهن تي به ڪا ئي پابندي ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ”ڀَلي بُک ڀَرم جي شل نه وڃي شان“ هِتي جي رهاڪُن جي روايت آهي، اَمُن ۽ سلامتي هِن خطي جو عظيم اُهڃاڻ ۽ علامت آهي، اُنڪري ئي ته ماڻهو هتان مُحبتون ماڻين ٿا ۽ جڏهن به ڪي مينهنَ ڪَڻيون مُنهنجي مَڏوهر ڏيس تي پَون ٿيون ته اُهي هِن طرف ئي تاڻين ٿا. تازو ڪُجهه ڏينهن اڳ ٿر جي اُوچي ڏونگر جنهن کي سنڌي شاعريءَ ۾ عظمت جو اُهڃاڻ ڪري ڄاتو وڃي ٿو، اُنهي ڪارونجهر جبل تي جُهڙ جهاٽي ٿيو آهي، ڪارونجهر جي ڪنڌيءَ تي مينهن موٽ ڪئي آهي ته اُتان جي مارُو ماڻهن جي مُکن تي مُرڪون موٽي آيون آهن، ڇاڪاڻ جو ڪارونجهر جبل نه رُڳو وطن جي عظمت جو اُهڃاڻ آهي پر اِهو جبل اُتان جي عوام جي خوُشحالي جو ضامن پڻ آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو اُن جي ڪُک مان هر روز سَوا سير سُون پيدا ٿئي ٿو، يعني ايتري ڪمائي اُن جبل جي وڻن، ٽڻن، ميون توڻي ماکيءَ مان ماڻهو حاصل ڪن ٿا، ۽ هينئر ته اُتي وسڪارو ٿيو آهي، نه رُڳو ڪارونجهر جي سُونهن ۾ نِکار پيدا ٿي پَيو آهي پر اُتي جا منظر به ڏاڍا دلڪش ٿِي رهيا آهن، جن کي پَسڻ لئه ۽ مورن جا ٽهوڪا ٻُڌڻ لئه الاءِ ڪٿان، ڪٿان کان سَياح ڪَهي ايندا آهن. جن کي جبل جي اُچيءَ چوٽيءَ تي سير ڪندي شايد بادل راهي ڏسي ورتو آهي، اچو ته کائونس اُنهي منظر جا احوال وٺون.
ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي ................ بادل راهي
سامعين! هِن سَمي، هِن پل ۽ هِن وقت اوهان جيڪي مالوند مارُو ماڻهو آهيو اوهان جيڪي پورهيت آهيو ۽ اوهان جيڪي هاري آهيو، اُهي سڀئي هِن سانجههَ ويلا جي ٽاڻي سڄي ڏينهَن جي ڪم ڪار مان بيزار ٿي، جيب جڻاٿ پُٺيان ڌِڪا، ٿاٻا کائي، رُلي، دُڪانن، هوٽلن، روڊن، مِلن ۽ عمارتن تي مزدوري ڪري، پورهيو ڪري هاڻ جڏهن ٿڪجي، ٽُٽي، پنهنجي، پنهنجي آسڻ اجهي ۽ گهر پُهچي چُڪا آهيو ۽ رات جي سانت ۾ هِي جيڪي لمحا اوهان کي واندڪائي جا مِليا آهن، ڪي پل قرار لئه جُڙيا آهن ۽ ڪي گهڙيون سُڪون حاصل ڪرڻ لئه مُيسر ٿيون آهن ته اسان اوهان جي اِنهن ساعتن کي سَجايو ڪرڻ لئه ۽ اسان اوهان جي اِنهن پلن کي پُرلطف بنائڻ لئه ۽ اوهان جي وِندر ۽ وِروُنهَن لئه اهڙو وکر پاڻ سان گڏ آندو آهي، جيڪو اوهان جي ٿڪل ذهن ۽ اوهان جي ماندي مَن کي سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ کان فريش ڪري سگهي ٿو، اوهان جي دل ۽ دماغ تان تلخين، پريشانين، رنجشن ۽ غمن جا غُبار هٽائي اوهان جي مُکن تي مُرڪ سَجائي سگهي ٿو. اسان چاهيون ٿا ته اوهان زندگيءَ جي هَڻ، وَٺ مان جڏهن به بيزار ٿي، ڪڪ ٿي پئو تڏهن اسان ئي اوهان کي مايوسيءَ جي ميرانجهڙي مان اُداسيءَ جي اُلڪي مان ٻاهر ڪڍي، کن پل ئي سهي اوهان کي فُرصت جي اُجري احساس سان آشنا ڪريون، اوهان کي لذت ۽ خوشيءَ سان لُطف اندوز ڪريون، ۽ هڪ لمحي لاءِ ئي سهي، پر اوهان پنهنجا سمورا غم وساري ويهو ۽ جي اسان جي هِن معمولي ڪوشش سان اوهان جا سارا ٿڪ لهي وڃن ته ڄڻ اسان لک کٽيو ۽ اسان جي ڪمائي قبول پئي. اسان جو بُنيادي مقصد ئي اِهو آهي ته دُکي انسانن جي دلين تي ٿڌا ڇنڊا وجهون، جيئن سندن اُداس اکين ۾ جوت جَرڪي پوي ۽ سندن مايوس مُکن تي مُرڪ تري اچي. گهڙيءَ پل ئي سهي پر جي اوهان ذاتي پريشانين جي جنجهٽ مان نڪري حياتيءَ جي حُسناڪين ۽ زندگيءَ جي رنگينين ۾ پاڻ کي اُڏندي محسوس ڪريو بلڪِ پاڻ کي هوا کان به هلڪو محسوس ڪريو ته اِها ئي اسان جي سوڀ آهي. ڇاڪاڻ جو اسان ڄاڻون ٿا ته هيءَ سموري اِنسانيت جيڪا سڀڪُجهه هُوندي به پُرسڪون ناهي، جيڪا پُراُميد هُوندي به اُداس ۽ اُٻاڻڪي آهي، اُنهي دُکي اِنسانيت جي درَد وَندين دلين تي پيار ۽ مُحبت جا پها رکڻ ئي اسان جو اخلاقي ۽ اِنساني فرض آهي.