8
وري ويساک مُند آئي، پٽن پيرون پَڪا هُوندا،
مَنهين تي مُنهنجي ماروئن جا سِڱر سيڪيل سُڪا هوندا،
عُمر منهنجي اباڻن جون ڀلي پَر ۾ پُڇائون ڪر،
نه ڪي وڪيا، نه ڪي وڪبا، نه ڪي ڪنهن وٽ وِڪا هوندا.
جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا ........ صنم مارئي
سائين مُنهنجا! ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي بيوسي ته ڪا نه ٿي ماري پر اِنسان جي بي حِسي ضرور ماري وجهي ٿي، ۽ هُونئن به جيڪا شيءَ، جَيڪو ڪم اسان جي وس ۾ ناهي، اسان جي اختيار ۾ ڪونهي اُن جي ڪو اسان تي ميار ئَي ڪونه ڪندو، ڇو ته جيڪا شيءَ اسان جي پهچ کان پري آهي، اسان جي اثر رُسوخ ۾ ڪونهي، اُن لاءِ ته ماڻهو ايئن به چئي سگهي ٿو ته ”بيوس مَين بار ڇڏيا“ بَيوسي ڪو جُرم ڪونهي پر اها هڪڙي مجبوري آهي، جيڪا ڪڏهن به ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿي پرانسان ذات جي اُن بي حِسيءَ کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ ۽ ڪهڙي کاتي ۾ ڳڻائجي جَيڪا اسان پاڻ وس آهي. جنهن اسان جا ضمير ضربي ڇڏيا آهن، ماڻهوءَ جو جڏهن ضمير مُرده ٿِي ويندو آهي، تڏهن ئي بي حِسيءَ جو بُنياد پوندو آهي، ذاتي، اَنا، لالچ، خودغرضي ۽ لاغرضي ماڻهن جا من ميرا ڪري ڇڏيندي آهي، قَلب ڪِٽي ڪارا ڪري ڇڏيندي آهي، ذهن ۽ ضمير زنگي ڇڏيندي آهي، اهڙي حالت ۾ اسان جي اکين آڏو ڪنهن سان ظلم ۽ زيادتيءَ ٿئي، ڪنهن جي حَقن سان هٿ چُراند ٿئي پر پاڻ کي ڪائي ڪِسڪار ڪو نه هوندي، ڪنهن کي حق، سچ چوڻ، يا ڪنهن مظلوم جو ڀَرجهلو ٿِي بيهڻ بجاءِ اهڙا ڪُڇون جهڙي ڀت، بلڪِ ائين چوندي ڪا به هٻڪ محسوس ناهيون ڪندا ته اسان جو ڇا وڃي، يا مُرڳو مُجرماڻي ماٺ جي چادر اوڍي بي اونا ٿي سُمهي پوندا آهيون، ڪنهن جي جائز مدد ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا آهيون متان ڪو ناراض نه ٿي پوي اُنڪري ڪو مري ته ڇا، ڪو ٻري ته ڇا، ڪو ڳري ته ڇا يا ڪو نڌڻڪو ٿِي بي يارو مددگار سڄي رات سڙي ته ڇا، بقول ڀٽائي جي ”پاڙي ناهي پَروُڙَ ته ڪا رات رانجائي گُذري“. ڪو اڪيلي سر زندگيءَ جا عذاب ڀوڳي رهيو آهي ته اسان اُن کي اوڏا ڪو نه وينداسين، ڪنهن جي غم ۾ ڪا گهڙي گڏ گهارڻ، ڪنهن بيڪس ۽ لاچار ماڻهوءَ سان ٻه چار ٻول همدردي ۽ مُحبت جا ٻولڻ، ڪنهن جي ڏُک، سُک کي پنهنجو سمجهي اُن ۾ شريڪ ٿيڻ، ڪنهن حاجتمند، ڪنهن ضرورتمند جي ڪم اچڻ، ڪنهن فرد، ڪنهن فيملي جي غمن کي گهٽائڻ اسان کان ڪونه پُڄندو، هُونئن ڀتين تان ڀت اُڇلائڻ، ۽ پنهنجي حاتم طائي هُئڻ جا سڀئي ثبوت ڏيڻ لئه هر هنڌ ۽ هر وقت هڪيا تڪيا هوندا آهيون، اِها بي حَسيءَ جي انتها آهي، سچ پُڇو ته انسان ذات جي اهڙي بي حِسي هر حَساس دل ۾ دُک جا دُود دُکائي ٿي ۽ هر اَهل دل انسان پنهنجي بيوسيءَ ۽ پاڻ جهڙن ئي ماڻهن جي بي حِسيءَ تي انتهائي اذيت مان گُذري ٿو.
جي سامعين! يقينن هِن مهل تائين اوهان سڀئي ننڊ مان سُجاڳ ٿي چُڪا هُوندا. سواءِ اُنهن شاگردن جي، جن کي موڪلون آهن ۽ اُهي مُلازم به شايد اڃان سُتل هُجن جن کي اڄ آچر جي موڪل آهي، پر اُهي ماڻهو جيڪي مزدور طبقي سان وسطو رکن ٿا، يا جيڪي آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿ ڏهاڙي سُومرا، سي ڀلا ڪٿي ٿا سمهي سگهن؟ اُهي ته آڌي ڏيئي اُٿيا هُوندا ۽ هِن وقت تائين پنهنجي، پنهنجي ڪِرت کي لڳي ويا هُوندا، خاص طور تي عورتون ته وڏي اسر جو اُٿي پنهنجي گهر جي ساڃڻ کي لڳي وڃن ٿيون ۽ هينئر به ڪي عورتون رَڌڻي ۾ رُڌل هُونديون، يا اڃا کير ولوڙي رهيون هُونديون، ڪِنين هاڻ جنڊُ مَنڊيو هُوندو ته ڪي وري اُڍاڻي چُڪيون هونديون، ڪي گهڙا کڻي پاڻي ڀرڻ لئه کوهه تي پهتيون هونديون، ته ڪي وري هاڻ ئي وٿاڻ مان مال ڏُهي مُوٽيون هُونديون، مطلب ته مَرد پنهنجي پتيءَ جو ڪم پُورو ڪرڻ ۾ رُڌل هُوندا ۽ عورتون وري پنهنجي حصي جي حاج پُوري ڪرڻ ۾ لڳل هُونديون.
سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار ۽ ٿڪاوٽ کانپوءِ رات اِنسان کي ڪي پل قرار ۽ سُڪون سان سُمهڻ لئه مُهيا ڪئي ويئي آهي، ۽ ڏينهن جيڪو زندگيءَ جي رَوان دَوان هُئڻ جو داعي آهي، اُن جو آغاز ايئن ٿئي ٿو، جو هر جيوُ پنهنجي، پنهنجي اَجهي ۽ آشياني مان اُٿي لڳي وڃي ٿو خفي کي، پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لئه انساني حياتي جو رُوٽين وري بنهه الڳ آهي، اُهي سڀئي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن ٿا، جيئن عورتون گهرجي ساڃَڻ کان وٺي پاڻي ڀَرڻ، مال ميڙڻ، ٻنيءَ ٻاري ۾ مَردن جو هٿ وَنڊائڻ ۽ سُئي ڌاڳي جي ڪم تائين سمورا ڪم اُڪلائين ٿيون، شاگرد ڪتابن جون پُٺارڪون ڪُلهن تي کڻي پڙهڻ لاءِ اسڪول وڃن ٿا، مُلازم پيرين پيادا يا بَسن ۽ لارين تي لٽڪي پنهنجي، پنهنجي اداري يا آفيس ۾ پهچن ٿا، هاري هرڪاٺ کڻي وڃي کيت کيڙن ٿا، ليڏاڻ ڪڍن ٿا يا لابارو ڪن ٿا، مَزدور مِلن، ڪارخانن ۽ بٺن تي پُڄن ٿا ته اُنهن جي چمنين مان دُنهَن جون لاٽون نڪرڻ شروع ٿين ٿيون، ۽ چوپائي مال جي ڌنارن جي وري دُنيا ئي الڳ آهي، اُهي سج اُڀرڻ سان ئي وٿاڻ مان مال جا ولر ڪڍي، سانداري ڪُلهي تي رکي مال تنواري ٿيندا روانا آجي، اَجهور کي ۽ پوءِ اُتي مال جا مٽر، چڙا چنگ ۽ ڌنارن جون دلرُبايُون ڏسڻ وٽان هُونديون آهن، اهڙي ئي ڪنهن اُجري صبحءُ جي منظر ڪشيءَ هِن گيت ۾ به ٿيل آهي، اچو ته سرمد سنڌيءَ کان ٻُڌي ڏسون.
ماروئن ڇوڙيا مالڙا .......... سرمد سنڌي
سامعين! ٻهراڙي جي ماڻهن جي زندگي آهي ئي ائين جو اُهي وڏي اسر جو اُٿي وٿاڻ تي وڃي مال ميڙيندا، يا تڙ تي وڃي وارو واريندا ۽ عورتون وري کير ولوڙينديون يا جنڊ منڊينديون، وڌ ۾ وڌ اهي ئي ٻه ٽي ڪم آهن جيڪي ٻهراڙيءَ جي ماڻهو کي وڏي اسر جو اُٿي هر حال ۾ پورا ڪرڻا ٿا پون. پري شهري زندگي وري سُمهي رات جو دير سان ۽ اُٿي صبحءَ جو دير سان، شهرن ۾ سواءِ هوٽلن جي باقي دُڪان توڻي آفيسون سڀئي اٺين ڏهين کانپوءِ کُلن مگر ٻه اهڙا پورهيت اوهان کي شهر ۾ وڏي اسر جو اُٿي پنهنجي ڌنڌي ۾ مصروف نظر ايندا، سردي هُجي توڻي گرمي، برسات هُجي يا طوفان، اُنهن سڀني ڪيفيتن ۽ موسمن کان بي پرواهه بي نياز اُهي پورهيت پاڻ ڀل ته اٻَالا ۽ اُڀراڻا هُجن پر اسان ۽ اوهان لئه نه رُڳو سڄي جڳ جهان جون خبرون کڻي ايندا آهن، پر صُبح سويل اسان جي دل ۽ دماغ کي مختلف خوشبوئن سان مُعطر ڪري تازگيءَ ۽ فرحت بخشڻ لئه ڪيترن ئي قسمن جي گُلن جا هار پوُئي حاضر ٿيندا آهن. يعني هڪڙا اخباري هاڪر ۽ ٻيا گُل فروش. گُلن جا اُهي هار جيڪي اسان ماڻهو ٻه چار رُپين ۾ خريدڻ کانپوءِ دُڪانن تي يا گاڏي تي ڪٿي ٽنگي ڇڏيندا آهيون، اُنهن گُلن جي هارن ۾ اُنهن گُل فروشن جون اُهي اکيون به ٽُنبيل هُونديون آهن، جيڪي پاڻ گُل پائڻ جا خواب ڏسنديون آهن، اُنهن گُلن جي هارن ۾ اُنهن گُل فروشن جي ننڊ به ٽانڪيل هُوندي آهي، جيڪي سڄي رات جاڳي اُنهن گُلن کي ٽارين کان جُدا ڪري هار بڻائي اسان ۽ اوهان جي هٿن تائين پهچائيندا آهن. گُلن جي اُنهن هارن ۾ اُنهن گُل فروشن جي اُها آس ۽ اُميد به پُويل هُندي آهي ته صبحءَ سان اُهي گُل وڪڻي، اُنهن پئسن مان پنهنجي بُکئي پيٽ جو دوزخ ڀريندا. اُهي گُل جيڪي ٽارين ۾ ئي سُونهنَ ٿا، اُنهن کي اُهي مالهي، اُهي آرائين ۽ گُل فروش اسان ۽ اوهان جي عياشيءَ لاءِ آڻين ٿا، اسان اُنهن گُلن جا گجرا پنهنجي ٻانهُن ۾ ٻڌون ٿا، ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ وجهون ٿا، ڪنهنجي مٿان گُلن ورکا ڪريون ٿا، ڪنهن جي قبر تي وجهون ٿا ۽ ڪنهن جي آجيان لئه گُلن جا هار هٿن ۾ جهلي بيهون ٿا، بُلڪل ائين ئي جيئن شمن ميرالي چئي رهيو آهي.
گُل کپائي نه مالهي .......... شمن ميرالي
سائين مُنهنجا! اڄ اوڻويهين نومبر آهي ۽ اڄ سموري سنڌ ايڪتا يعني ٻڌيءَ جو ڏِهاڙو ملهائي رهي آهي، سنڌ جون سڀئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارا ۽ تنظيمون هِن اڄوڪي ڏينهن کي ثقافتي ڏينهن طور به ملهائي رهيون آهن، بيشڪ زندهه قومون پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ ثقافتي قدرن جي حفاظت ۽ ترقيءَ لئه سدائين سرگرم هونديون آهن. پنهنجي ڪلچر سان مُحبت جي اظهار جو هر ڪنهن کي حق آهي، اسان اوهان جي جذبن جو احترام ڪريون ٿا، بلڪِ اوهان جي هر خُوشي ۽ غم واري احساس جو نه رُڳو قدر ڪريون ٿا، پر هر سُٺي ۽ هاڪاري سوچ کي پروموٽيڊ به ڪيون ٿا. اسان کي به پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت سان اوترو ئي پيار آهي، جيترو ڪنهن مُحبِ وطن کي هُئڻ گهرجي. پر اسين ٿورڙو الڳ انداز سان سوچيون ٿا، ڇاڪاڻ جو اسان شيئن کي سائنسي انداز سان يعني جدلياتي ماديتِ موجب اُنهن جي ظاهري جوهر ۽ اندروني ڳرَ يا هيئتن موجب ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. تڏهن ئي چئون ٿا ته واقعي سنڌي ٽوپي اسان جو شان ۽ سُڃاڻپ آهي، پر اِهو ضروري ڪونهي ته سنڌي ٽوپي پائي ئي اسان پاڻ کي سچو سنڌي ثابت ڪريون ۽ اِهو به ضروري ناهي ته هر سنڌي ٽوپي پائيندڙ سنڌي ئي هُجي. ٽوپي ته ڪير به پائي سگهي ٿو، اِهو هڪ لباس جو قِسم آهي، جنهن کي وڻي سو وٺي پائي سگهي ٿو. ته پوءِ اِهو سنڌي ٽوپي پائڻ سان ئي سنڌي هُئڻ جو جيڪو معيار مُقرر ٿيل آهي سو اسان جي خيال ۾ اجايو آهي. ۽ اهم ڳالهه اِها آهي ته اِنهي سنڌي ٽوپي پاتل مٿي ۾ ضروري ڪونهي ته سنڌي دماغ به موجود هُجي، بنيادي ڳالهه آهي دل ۽ دماغ جي، اُنهن ۾ جيڪڏهن مُحبِ وطن سنڌي موجود آهي ته پوءِ اسان ۽ اوهان جي لباس کي دُنيا جي ڪابه طاقت نقصان رسائي نٿي سگهي، پر جيڪڏهن اسان جي مٿن ۾ سنڌي ٽوپي ته پاتل هوندي مگر اُنهن ۾ سنڌ موجود نه هوندي ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته پنهنجي ديس، ويس ۽ ڪلچر کي ڪير ٻيو بچائي نٿو سگهي.
ٺيڪ آهي سال ۾ هڪ دفعو ئي سهي، هڪ ٿيڻ جو بهانو مِلي ٿو، پنهنجي ديس ۽ ويس جا رنگ اُجاگر ڪرڻ جو موقعو مُيسر ٿئي ٿو. اسان ارها ناهيون ته اوهان هِن هيجاني ڪيفيت مان ڪي پل قرار حاصل ڪرڻ لئه پاڻ ۾ مِلو ٿا، خوش ٿِي کِلو ٿا. غمن کي گهٽائڻ لئه اِها هڪ موچاري مهل به غَنيمت آهي. پر اِهو نه وساريو ته پنهنجي صدين جي شاندار ثقافتي ورثي ۽ صُوفياني مزاج واري سنڌ اسان جي عملن مان جهڙوڪر اڻلڀ ٿيندي وڃي. اسان جيڪي مُحبتن جا سفير هُئاسين ۽ اسان جيڪي امن جا امين هُئاسين، اُهي رُڳو هڪ ڀيرو پنهنجي پنهنجي ڪردار جو ويهي ڇيد ڪري ڏسون ته اسان پنهنجي قدرن ۽ روايتن جا ڀرم رکيا آهن يا ڌڄيون اُڏايون آهن. هِي جيڪا ايڪتا جي ڳالهه ٿاڪريون ته اُن جي قول ۽ فعل ۾ به فرق ڇو آهي؟ ڏينهن جو نالو ايڪتا پر اُهو به هڪ ڏينهن بجاءِ ٻه ڏينهن يعني پاڻ ۾ به اتفاق ڪونهي، رُڳو ذاتي انائن جي ڪري، اِها ڪهڙي ايڪتا آهي جيڪا اسان سڀئي هڪڙي ڏينهن گڏجي نٿا ڪري سگهون ۽ ثقافتي ڏينهن يا ٻڌيءَ جا ڏينهن به سڄي سال ۾ فقط هڪڙي ئي ڏينهن تي هُئِڻ گهُرجن، ڇا باقي 364 ڏينهن غير ثقافتي، نِفاق ۽ ڦٽاڙي جا ملهائڻ گهُرجن؟ سچَ پُڇو ته آهي به ايئن ئي اسان جيڪي چوندا آهيون ڪندا بلڪل اُن جي اُبتڙ آهيون، اسين جهڙا اندران آهيون ٻاهريان وري ڪُجهه ٻيا هوندا آهيون. نتيجو جيڪو نڪري ٿو اِهو سڀني جي سامهون آهي، اسان جي آواز ۾ اسان جي اتحاد ۾ ڪو وزن ڪونهي، ڪا سگهه ڪونهي، اُن ڪري ڪير به ورنائڻ لئه تيار ڪونهي.
سامعين! پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ ڌرتيءَ سان مُحبت جو اظهار ڀلي ڪريو بلڪِ اُنهن جي بقا ۽ بحاليءَ لئه ڪنهن به قُرباني کان نه ڪيٻايو، پر پاڻ کي پنهنجي ڪردار کي بُلند ۽ بهتر بڻايو، پنهنجا رويا ۽ مزاج مُهذب بڻايو، پاڻ ۾ سَهپ ۽ قوتِ برداشت جو مادو پيدا ڪرڻ گهُرجي، پنهنجي ڪلچر سان پيار جائز آهي ته ٻين جي جذبن جو به قدر ڪرڻ گهُرجي، ٻين ٻولين، ٻين ثقافتي گروهن جي احساسن جو احترام ڪرڻ گهُرجي، خاص طور تي ٻولي ۽ ثقافت جي حوالي سان ته بنهه مُحتياط قسم جو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ بهتر ۽ مُهذب طريقو به اِهو آهي ته فرد هُجن يا قومون اُنهن کي اعتدال پسند هُئڻ گهرجي. هر ايڪي اتحاد ۽ ثقافت جي ڏينهن کي سيليبريٽ ڪرڻ گهُرجي پر اُنهي شوق جي شور ۾ انتهاپسند نه ٿيڻ گهُرجي، پنهنجي ثقافت سان پيار ٻين جي ٻولي ۽ ڪلچر سان نفرت جي صورت ۾ نه ڪرڻ گهُرجي، اِها انتهاپسندي آهي بلڪِ فاشزم آهي، سروٽي جو جواب سروٽي سان ڏيڻ واري روايت کي رد ڪري ڪا به ڳالهه منطق ۽ دليل سان مڃائڻ گهُرجي. روڊن تي اچي هِڪ ڏينهن لاءِ ٽوپيءَ ۽ اجرڪ جي نمائش ڪرڻ بجاءِ اسان پنهنجي حقيقي زندگيءَ ۾ پنهنجي ڪلچر يا ثقافت کي پروموٽيڊ ڪيون. اُن جي ترقي لئه عملي قدم کڻون. ورنا اسان جي اڻڄاڻائي ۽ اسان جي عدم دلچسپيءَ سبب، اسان جي تهذيب و تمدن، اسان جي تاريخ ۽ اسان جي ثقافت کي پهتل نقصان جا ڪي ٻيا نه پر اسان پاڻ ئي ذميوار آهيون ۽ جوابدار آهيون. بهرحال ڪا به قوم رُڳو ڪلچر جي ٿوڻين تي پنهنجي وجود جي ڇت برقرار رکي نٿي سگهي، عِلم، عقل، ساڃاهه، سرُت، همت، حوصلو، اخلاق، حَياءُ، لِحاظ، حُب، قرب، ڪهڪاءُ، ترس، طلب، ايمان، سچائي ۽ خلوص جي جذبن کان خالي ماڻهن جا ميڙ دُهل وڄي ۽ دوسو نچي وانگر تاڙيون وڄائي تماشبين بڻجي تماشا ڏسي شام جو ٽُوال ڇنڊي گهرن ڀيڙا ٿيندا ۽ پوءِ جڏهوڻا مينهن تڏهوڻا پاڻي. ڏينهن ڪهڙو به هُجي پر اُن جو ڪو مقصد، ڪو متن، ڪو منطق ته هُجي نه، هر سال هڪ ڏينهن ملهائي بنا نتيجي جي وري ٻارهن مهينا اُن جي ڪا پچار به نه ڪجي، ته هي هتامتر اسان ڪيو ڪنهن جي لاءِ ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ، اُن جو ڪو آئوٽ پُٽ، ڪو فائدو يا صاحب نے کھایا پیا کُچھ نہیں، گلاس توڑا دس رپیہ لے لو، وانگر رُڳو وقت جنهن ۾ اسان ماشاءِالله خود ڪفيل آهيون سو کپايوسين، خرچ ڪيوسين باقي الا الا خير صلاح.
سامعين! ڏيپلي تعلقي جي مشهور ڳوٺ سيڏيي کان اوڀر طرف سڏ پنڌ يعني هڪ ڪلو ميٽر جي مُفاصلي تي موجود آهي، لڪوسَر نالي سان هِڪڙي ٻني، ۽ اُن ٻَنيءَ جي وچمان هڪ واٽ لنگهي ٿي جيڪا وَٽِ ۽ ڪَنٺي جي ڳوٺن، لکميار، عالمسَر، هوٿيئر، گهڙسيئر ۽ روهيڙي کان ٿيندي اِنهي ٻنيءَ مان مٽي سنڌ جي بئراجي ڀاڱن طرف وڃي ٿي، اُنهي تمام پُراڻي واٽ جي اُوترين پاسي ۾ ۽ ٻنيءَ جي بُلڪل وچ ۾ هڪ بنهه ڊگهي ڪنڊي بيٺل آهي.
ٿرپارڪر ۾ شايد ئي ڪٿي، ڪنهن ٻئيءَ جاءِ تي ايڏي وڏي قد واري ڪنڊي موجود هُجي، اِن ڪنڊيءَ جي اُوچائي جي گواهي اُهي ماڻهو به ڏيندا، جيڪي وَٽِ ۽ ڪَنٺي جي ڳوٺن مان هر سال چيٽ جي مُند ۾ مال سانگي يا لائيءَ لاباري خاطر لڏا کڻي لاڙ طرف ايندي ويندي اُنهي ڪنڊيءَ جي ڀَر سان لنگهيا هُوندا.
هڪڙي اندازي موجب هن وقت اُنهي ڪنڊيءَ جي ڊيگهه 80 کان 90 فوٽن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ٿُڙ جي ويڪر 3 کان 5 فوٽن تائين ٿي سگهي ٿي، توڻي جو ٿر ۾ آيل شديد ترين زلزلي سندس ڪُجهه ڏار ڀڃي ڇڏيا آهن، پوءِ به اِها اوچي قد واري ڪَنڊي اڃا تائين پنهنجو وجود سلامت رکيو اچي. اِها ڪنڊي ڳوٺ سيڏيي جي هڪ هريجن هاري ٻاليئي جي ئي محنت ۽ مُحبت جو يادگار آهي. اِن ڪنڊي جي قدامت بابت ڪا به خبر ڪونهي، ڇاڪاڻ جو اِها ڪنڊي اسان واري نسل کان اڳ جي آهي. اسان جي اکين ته کيس ايئن ئي اُتاهين پَد تي پَسيو آهي.
هيڏا سارا طوفان، زلزلا ۽ برساتون آيون پر اِن ڪنڊيءَ جي اُوچي وڻ کي ڪو خاص نقصان ڏئي ڪو نه سگهيا. ٿر جي ڪافي ڳوٺن ۾ اِها ڪنڊي تمام گهڻي مشهور آهي. بلڪِ سيڏيي جي ڳوٺ جي سُڃاڻپ بڻجي چُڪي آهي جو اِهو ڳوٺ سڏجي ئي ڊگهيءَ ڪنڊيءَ واري ڳوٺ جي نالي سان ٿو. بهرحال! اِهو آهي ته قدرتي ڪمال، پر اُن ۾ محنت ۽ مُحبت اُنهي هريجن هاريءَ جي به وساري نٿي سگهجي، جيڪو هِي جهان ته ڇڏي چُڪو آهي پر سندس هٿن سان پنهنجي اولاد وانگي نپايل اِها ڪنڊيءَ سدائين سندس ياد تازي ڪندي رهندي ۽ ڏسڻ واري جو ڏُور کان پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي رهندي.
سامعين! ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان جي چوڻ تي عمل ڪري پنهنجي بُري عادت نٿو ڇڏي ته اُنهي جو اِهو مقصد ٿوروئي آهي ته تون پنهنجيءَ چڱيءَ عادت تان به هٿ کڻي وڃين. ڳالهه واقعي نه رُڳو سوچڻ جهڙي آهي، پر سمجهڻ ۽ اُنهي تي عمل ڪرڻ جهڙي پڻ آهي، سو ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي ڪا نيڪ صلاح ڏيو ٿا، ۽ ڪنهن کي ڪنهن بُري فعل کان روڪيو ٿا، پر جي اڳيون نٿو مُڙي ۽ اوهان جي ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ٿو ڇڏي ۽ اوهان جي ڳالهه کي ڪا اهميت نٿو ڏي ته پوءِ اوهان جو ردِ عمل ڇا هُوندو؟ يقينن جيڪڏهن اوهان حق تي هوندو، اوهان وٽ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لئه ڪو سگهارو دليل، ڪو مَنطق موجود هُوندو ته پوءِ ڀلي ڪو فوري طور اوهان کي ريسپانس نه به ڏي، پر اوهان جي وڃڻ کانپوءِ اُهو ماڻهو اڪيلائي ۾ ويهي اوهان جي ڳالهه تي ويچاريندو ضرور. پر هڪ ڳالهه ياد رکو ته اسان جيڪا صلاح ٻي کي ڏيون ٿا اول ته اُنهيءَ تي پاڻ عمل ڪريون، پوءِ ئي اسان جي ڳالهه وزنائتي ثابت ٿيندي، ورنا! قول ۽ فعل واري تضاد سبب اسان جي ڪيل ڳالهه، چيل ۽ لکيل ڳالهه بي اثر هُوندي. سو ٻي کي نصيحت ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان جو پنهنجو ڪردار مثالي هُئڻ گهرجي، اسان جا اِرادا اٽل هُئڻ گهرجن، ۽ اسان جو اُنهي ڳالهه تي پُختو ايمان هُئڻ گهرجي. هِتي آئون ڪنهن ساميءَ جو مثال ڏيندس ته هُو هر روز ڪنهن تلاءُ تي وهنجڻ ويندو هو اُتي اُن تلاءُ ۾ ڪو ڀٽون ٻُڏي رهيو هو ته ساميءَ اُن کي پنهنجي آڱر تي کڻي پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر هر ڀيري ڀٽون کيس ڏنگيو ٿي ۽ ڌڪ لڳڻ ڪري ڀٽون پاڻيءَ ۾ وري ڪِري پيو ٿي ايئن ساميءَ ڪيترا ئي ڀيرا ڪيو اوچتو ڪنهن شخص اهو سمورو لقاءُ ڏٺو تنهن کيس چيو ته اِهو ڇا ٿو ڪرين؟ هُو تو کي ڏنگي پيو پوءِ به تون کيس بچائين ٿو؟ تڏهن ساميءَ وراڻيو ته ڀٽونءَ جو ڪم آهي ئي ڏنگڻ ۽ اسان جو ڪم آهي بَچائڻ، هُو پنهنجي فطرت کان مجبور آهي ۽ اسين پنهنجيءَ فطرت کان مجبور آهيون. سو اسان کي به پنهنجي چڱائي واري فطرت تي ائين ئي اٽل هُئڻ گهُرجي. جيئن ساميءَ ڪيو هو.
سامعين! اڄ سڄي دُنيا عالَمي سطح تي مادري ٻوليءَ جو ڏِهاڙو ملهائي رهي آهي، مادر فارسي ٻوليءَ جو لفظ، جنهن جي معنيٰ آهي ماءَ. مادري ٻولي يعني ماءُ جي ٻولي. اُها ٻولي جيڪا ٻار کي پينگهي ۾ ئي لوليءَ جي صُورت ۾ مِٺيءَ ماءُ وٽان مِلي ٿي، اُها ٻولي جنهن ۾ جيجل ماءُ پنهنجي اولاد کي ڳالهائڻ سيکاري ٿي، يا جنهن ٻُوليءَ ۾ اسان ۽ اوهان خواب ڏسون ٿا، اُها ئي اسان ۽ اوهان جي مادري ٻولي آهي. توڻي جو اسان گهر ۾ پنهنجي مادري ٻولي ئي ڳالهايون ٿا، پر مجموعي طور اسان سڀئي سنڌ واسي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي مادر ٻوليءَ تسليم ڪريون ٿا. سنڌي ٻولي جنهن جي جهوليءَ ۾ ڪنهن ڪنجريءَ تي ٽاڪيل ٽِڪُن وانگر سندس ڪيئي لاکيڻا لهجا جڳمڳائي رهيا آهن، جيڪي سڀئي گڏجي کيس نه رڳو شاندار بڻائن ٿا، پر شاهڪار به بڻائن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جا اُهي سدا بهار لهجا ئي سندس جڙون ۽ بُنياد آهن. پوءِ اُهو اُترادي لهجو هُجي يا لاڙي لهجو، ٿري لهجو هُجي يا ڪڇي لهجو، پارڪري لهجو هُجي يا مارواڙي لهجو، ڍاٽڪي لهجو هُجي يا ميمڻڪي ۽ خواجڪي لهجو. سڀئي سُندر لهجا منجهس نه رُڳو حُسن ۽ نِکار پيدا ڪن ٿا، پر ساڳي وقت هِن ٻاجهاريءَ ٻوليءَ جا سياسي، سماجي، تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ۽ مُعاشي بُنياد به مضبوط ڪن ٿا. ٻولي دراصل رابطي جو ذريعو آهي، جيڪا معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جو ذريعو پڻ آهي. ٻين جي خيالن کان واقف ٿيڻ ۽ ٻين کي پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪرڻ جو واحد وسيلو ٻولي ئي آهي، پر پنهنجي ڳالهه ٻين کي سهي نموني سان سمجهائڻ ۽ ٻين جي ڳالهه کي سهي نموني سان سمجهڻ لاءِ مادري ٻولي ئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو تعليمي نصاب ۾ به مادري ٻوليءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪا ٻولي ٻار امڙ جي جهوليءَ ۾ سکيو آهي، اُن جي ذريعي تعليم حاصل ڪرڻ اُن ٻار جو بُنيادي حق آهي، اِهو اُن ڪري جو ٻار پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي مادري ٻوليءَ وسيلي آسانيءَ سان اُجاگر ڪري سگهندو. ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي نه رُڳو مادري زبان جي ترقي ۽ سُڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيون پر منجهس نون لفظن، نون اصطلاحن، ۽ نئين معلومات جي نون جهانن جا نوان ڪهڪشان آباد ڪريون ۽ اڏيون ته جيئن اسان جي ٻولي دُنيا جي سُڌريل ٻولين سان ٻيلي ٿي بيهي ۽ دؤر جديد جي تقاضائن سان هم آهنگ ٿي پنهنجو وجود سلامت رکي سگهي. اِها ئي پنهنجي ٻوليءَ سان سچائي آهي جيڪا لطيف جي ٻوليءَ کي لازوال بڻائي سگهي ٿي.
سامعين! ٻوليون تڏهين ئي ترقي ڪري سگهن ٿيون، جڏهن اُنهن جا معاشي، ثقافتي، سياسي، سماجي، جاگرافي، تهذيبي ۽ تاريخي بُنياد مضبوط هُوندا. جنهن ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ علم، ادب ۽ فن جو ذخيرو موجود هوندو. اُن ٻوليءَ جو دُنيا جي ڪا به طاقت وار وِنگو نٿي ڪري سگهي. نارائڻ شيام جي هنن سٽن ”الا! ائين مَ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هُئي، سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!“ جو مقصد اِهو هرگز ڪونهي ته اسان جي ٻوليءَ کي ڪو ٻين مان خطرو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي جيڪڏهن ڪو خطرو آهي يا ٿي سگهي ٿو ته اِهو اسان پاڻ مان ئي آهي. ڇاڪاڻ جو اسان جيڪا ڪاروباري ٻولي ڳالهايون ٿا، ڪمرشل ليئنگويج جيڪا اسان استعمال ڪريون ٿا، دُڪانداري کان وٺي واپار وڙي تائين ڪم ڪار کان وٺي ڌنڌي ڌاڙي تائين اسان سنڌي ٻولي ڳالهائڻ کي عيب ٿا سمجهون. پَري ڇو ٿا وڃو رُڳو هوٽلن تي وڃي سنڌي بيري کي چانهه يا مانيءَ جو چئي ڏسوس ته ڇا ٿو چوي. دودو دهه پتي لائو، چڪن برياني لائو، صاحب سي ساٺ رپيا لو، بسن ۾ چڙهي ڏسو ڪلينڊر يا ڪنڊيڪٽر سنڌي هُوندي به چوندو چلو اُستاد چلو، آگي بريڪ مارو، ڀائي جلدي ڪرو اُتر جائو، ريڙهي تي ويٺل ڪنهن مسڪين مزدور کي ٻُڌو دس رُپيي ۾ دو ڪلو آلو اور پانچ رپيي ۾ پياز ڪلو. موبائيل فون تي نوجوان نسل جا ميسيج پڙهي سگهو ٿا، گهڻن کي رومن ۾ يا اُردو سنڌي الفابيٽ ۾ سنڌي لکڻ يا پڙهڻ اچي ٿي. سنڌي اخبارن جي حالت ڏسو ڪيتريون چُڪون آهن اُتي ڇپجندڙ ٻوليءَ ۾ ايف، ايم ريڊيو ۽ ٽي، وي چينلن تي ميزباني ڪندڙن جي ٻُولي ٻُڌو، مونث کي مُذڪر ۽ مُذڪر کي مونث جي ڌم لايو ويٺا آهن، واحد ۽ جمع جي ڪا تميز ڪانهي، گرامر جو ڪو خيال ڪونهي. ڪيترا گهر آهن اهڙا جن ۾ شاهه جو رسالو موجود آهي يا پڙهيون وڃي ٿو، ڪيترا اُستاد اهڙا بچيا آهن جن کي ٻوليءَ جي اُچارن ۽ تلفظ سُڌاريندي ڏٺو هُجي، اوهان اسڪول، توڻي ٻين ادارن ۾ جتي ڏسو ٻولي جو ٻيڙو ٻُڏو پيو آهي، اگرچ، مگرچ، هتاڪِ، تاڪِ زباني جمع خرچ سان ٻوليءَ جو ٻيڙو پار ڪڏهن به ڪونه ٿيندو. جيستائين اسان خود فريبي، خوش فهمي ۽ احساس برتريءَ جي مرض ۾ مُبتلا رهنداسين، تيستائين ڪو ٻيو اچي اسان جي ٻوليءَ کي تريون هڻندو اِن غلط فهميءَ مان هاڻ نڪرڻ گُهرجي. عرب ڪي چريا ته ڪونه هُئا جيڪي پنهنجن ٻارن کي نج ٻولي سکڻ لاءِ ڳوٺن ۾ ڇڏي ايندا هُئا، اسان خود ڳوٺن ۾ هُوندي به پنهنجي مادري ٻولي جنهن ۾ ماءُ لولي ڏني اُن ۾ ڳالهائڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي اوپري ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ کي ئي وڏ ماڻهپي جي علامت ٿا سمجهون. اِها پنهنجي پاڻ سان ۽ پنهنجي وجود سان ويساهه گهاتي آهي.
ٻولي مُنهنجي ٻانڀڻياڻي ..................... لياقت