5
سامعين! ٽيوهين آڪٽومبر تي سنڌ جي هڪ اهڙي صُوفي راڳيءَ جي ورسي هُئي، جيڪو گيڙو ڪپڙا پائي مٿي تي پيلي رنگ جو پٽڪو ٻڌي ڳچيءَ ۾ مڻڪن واري ڪٺمال پائي هڪڙي مخصوص انداز سان ايئن ڳائيندو هو جو سموريءَ محفل تي سڪتو طاري ڪري ڇڏيندو هو. هُن پنهنجي ڄَمار جا اڻ ڳڻيا سال سُر ۽ سنگيت کي ارپيا، سُرن جي شيوا ڪئي، راڳ جي رياضت به عبادت جيئن ادا ڪئي، سندس آواز ۾ جيڪو سوزِ و گُداز هو، اُهو دردمند دلين جي چڪندڙ ۽ ڪُرندڙ ڦٽن تي ڄڻ ته پها رکندو هو. صوفياڻو ۽ عارفاڻو راڳ ئي هُن جي سُڃاڻپ هُيا. جن کيس شهرتن جي بُلندين تي پڄايو، صُوفي راڳيءَ سهُراب فقير پنهنجي لافاني فن ذريعي نه رُڳو ملڪي سطح تي مڃتا ماڻي، ڪيترائي اَنعام ۽ ايوارڊ به حاصل ڪيا. پر کيس موسيقيءَ جي مڃتا طور عالمي اعزازن سان به نوازيو ويو. ايڏي وڏي پايي جي راڳي هوندي به ايتري پذيرائي مِلڻ باوجود به هُن ۾ نه هَٺ هو نه ئي سندس ڪنڌ ۾ ڪامڳيءَ جي ڪلي کُتل هُئي، بلڪِ هُو ته سراپا سادگيءَ جي سُونهن جو مُجسمو لڳندو هو، جيڪو نِوڙت، نِهٺائي ۽ هر ڪنهن سان هٿ جوڙ ڪندي نظر ايندو هو، هُو جتي به ويو اُتي سنڌ جي صُوفياڻي مزاج جي نُماندگي ڪندو رهيو، موج ۽ مستيءَ سان ڀرپُور سندس الستي آواز جڏهن به ڪٿي ڪنهن درگاهه، ڪنهن محفل ۾ ڪنهن اڱڻ ۽ اوتاري تي گُونجندو هو ته هيءَ سڄي سنڌ پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي مَحوِ رقص بڻجي پوندي هُئي، طبلي نواز حمل فقير جي گهر ۾ 1934ع ۾ ٽالپر وڏا ضلعي خيرپُور ميرس ۾ جنم وٺندڙ سُهراب فقير نه رُڳو سنڌ جي درگاهن، صُوفي فقيرن جي اوتارن ۽ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو هو، پر هو هڪ سماج سُڌارڪ ۽ مگتو فقير هُئڻ ناتي راڄن، ڀاڳن جي روح جو راڻو به هو، هُو هِن سَمِي جسماني طرح اسان جي وچ ۾ ڪونهي، پر جيڪي ماڻهن جي من-اوتارن ۽ جيءَ جي جهوڪن ۾ ٿاڪ هڻي وهندا آهن، پنهنجي ادا ڪيل لازوال ڪردار جي ڪري خلق خدا جي خدمتن عيوض اِنساني دلين جا پلاٽ والاريندا آهن، اُهي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ به ديس جي دلين ۾ ڌڙڪنن جيان ۽ رڳُن ۾ رت جيئن گردش ڪندا رهندا آهن. هُو حياتيءَ جي راند ته هِارائي ويو پرپنهنجي گيڙو رنگ گيتن سان گڏ صُوفي شاعرن جي درگاهُن، ديس جي دلين، اڱڻن ۽ اوتارن ۾ رهندي دنيا تائين جيئندو ئي رهندو.
جنهن دل پيتا عشق دا جام....... سهراب فقير
سامعين! سنڌ ۾ اهڙا ڪيئي فنڪار يعني گُلوڪار يا گُلوڪارائون ٿي گُذريا آهن، جيڪي نه رُڳو پنهنجي وقت جا ناميارا راڳي هُئا پر ساڳي وقت اُهي سُٺا شاعر پڻ هُئا، جيئن حُسين بخش خادم، جيجي زرينه بلوچ، بيدل مسرُور، موٽڻ شاهه، سينگار علي سليم ۽ ماسٽر چندُر سميت کوڙ سارا اهڙا راڳي ٿي گُذريا آهن، يا حال حيات آهن. جيڪي ڳائڻ سان گڏ شاعري به ڪندا هُئا، اهڙن ئي لوڪ پسند گُلوڪارن مان هڪڙو مَست اَلست، صُوفي منش، ملنگ ۽ قلندري رنگ ۽ مِزاج رکندڙ سنڌ جو بلڪِ برصغير جو يگانو ۽ فقير فنڪار هو ماسٽر چندرُ، سنڌ وطن جو هِي سدا بهار راڳي نه رُڳو راڳ جي رُڳن تي هٿ رکي اُنهن سان ماڻهن جا مَن موهيندو هو، پر تمام گهٽ ماڻهن کي اِها خبر هُوندي ته اسان جو هِي اربيلو گُلوڪار شاعر به ڏاڍو خوبصورت هُوندو هو. عوامي رنگ ۾ رچي شاعري ڪرڻ ۽ وري اُها ڳائي سڄي سنڌ ۾ پاڻ مڃرائيندڙ ماسٽر چندرُ عجيب قسم جو هڪڙو حسين راڳي هو، ۽ چون ٿا ته هُن جي ڳائڻ ۽ وڄائڻ جا انداز ئي الڳ ۽ انوکا هُوندا هُئا، هُو ڇا ڪندو هو جو صُبح ۽ شام جو هارمُونيم ڪنڌ ۾ لڙڪائي ڳوٺ جي گلين ۾ جڏهن ڳائيندو هو تڏهن ماڻهن جا ميڙ گهٽين ۾ گڏ ٿي ويندا هُئا ۽ گهر جي ڇتين تي چڙهي به کيس ٻُڌندا هُئا ۽ دل کولي پڙتي ئي داد ڏيندا هُئا. سنڌ جي هِن سدا ملوڪ راڳيءَ بابت قادر جوڻيجي ڪٿي لِکيو آهي ته ماسٽر چندُر جو موت ٻه ڀيرا ٿيو هو. هڪ تڏهن جڏهن هُن کي پنهنجي اَباڻي ڳوٺ ٺاري شاهه جيڪو ضلعي نوشهري فيروز ۾ هو، اُن مان ورهاڱي وقت ڌِڪي ڌار ڪيو پي ويو تڏهن هُن جو روحاني موت ٿيو هو. ڇو جو چندُر چوندو هو ته آئون پنهنجو رُوح سنڌ ۾ ڇڏي آيو آهيان ۽ خالي جسم جو پڃرو کڻي انڊيا ۾ آهيان، ۽ ٻيو موت سندس تڏهن ٿيو جڏهن سندس بدن جي وطن مان پساهه جو پکي پرواز ڪري ويو هو. ماسٽر چندر منفرد اِن ڪري آهي جو هُو جيڪي ڪلام جوڙيندو هو اُنهن کي ڌنون ڏيئي پاڻ ئي ڳائيندو هو، ۽ سندس اُهي ڪلام ايڏا ته مقبول ٿيا جو اڄ تائين هند ۽ سنڌ جا ڪيئي فنڪار سندس ڪلام ڳائي پاڻ مڃرائي رهيا آهن ۽ سندس اها به خوبي هُئي جو تمام گهڻي عزت ۽ شهرت مِلڻ کانپوءِ به سندس شخصيت ۾ غذب جو ٺهراءُ ۽ نهٺائي موجود رهي، جيڪا مرڻ تائين سندس جيون ۾ مُنڊيءَ تي مينا جي جڙاءُ جيئن جرڪندي رهي.
ڪنهن کي سُور ........... ماسٽر چندر
سامعين! سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو هِي سدا بهار بيت شايد چيل ئي اهڙن عظيم هستين لاءِ آهي، جن جي وڃڻ کانپوءِ واقعي ويڙها ويران ٿي ويندا آهن، ۽ اوتارا اُجڙي ويندا آهن، ڀٽائي رپئي مان سورنهن آنا سچ چيو آهي ته؛
اَڄُ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مَڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي وَيا
واقعي! اَڄُ اُهي اوطاقون ۽ آستانا اُجڙيل ۽ ويران آهن، جِتي آواز ننگر جو هڪ عظيم آرٽسٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻ، شنهشاهه سُگهڙ ۽ دلير داناهُه سائين صالح مُحمد شاهه عُرف ڏاڏو فتح خان موجود هوندو هو، جتي علم، ادب سگهڙائپ ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار ڏاڏو فتح خان پنهنجي وينجهار وجود جي سدا سائي وڻ مان ڪيئي نصيحت آميز نُقطا ۽ گهري معنيٰ رکندڙ گُفتا ايئن ڇاڻيندو هو، جيئن ڄيٺ جي مُند ۾ ڪنهن ڄار مان پڪل پيرون ڇڻندا آهن. هُو هڪ اهڙو اِدارو هو، جنهن جي هر ٻول مان، سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ ائين جهلڪا ڏيندي هُئي، جيئن گهنگهور گهٽائن مان وِڄُ واراڪا ڏيندي آهي، هُو جنهن جي سنڌوءَ جهڙي ڪُشادي سَرير ۾ هيءَ ڪنهن صُوفيءَ جي دل جهڙي سدا ملوڪ سنڌ ڌڙڪندي هُئي. هُو هِن دلرُبا ديس جو هڪ اهڙو ڪلاسيڪل ڪردار هو، جنهن جي هر عمل مان اٻوجهه عوام جو آواز اُڏارون ڪندو هو، هُو جيڪو سنڌ جي ڪِرڙ ڪانڊيري جي زبان هو، اُهو عظيم ڪلاڪار هن ئي مهيني جي آغاز ۾ ٻه سالون اڳ پاڻ سڀني کي وڇوڙي جو ڏُهاڳ ڏيئي هِن دارالفنا مان دارالبقا ڏي ڪُوچ ڪري ويو هو. اُهو ڏاهو ڏات ڌڻي پاڻ ته پنهنجي وچ ۾ اڄ موجود ڪونهي، پر سندس فن ۽ امر آواز، جنهن تي ڪڏهن به ڪا پَن ڇڻ جي رُت اچي ڪانه ٿي سگهي ۽ جنهن کي ڪڏهن به ڪو موت مات ڏيئي نٿو سگهي، بلڪِ سندس اِهو امر آواز سدائين ساڻ هُئڻ جو اُجرو احساس ارپيندو رهندو ۽ سندس سُرهي سار ياد ڏياريندو رهندو.
سامعين! اَڄُ چوٿين سيپٽمبر آهي ۽ اڄوڪي تاريخ تي اڄ کان ست سال اڳ يعني چار سيپٽمبر 2002ع تي ٿر ۽ سنڌ جي هڪ اهڙي گُلوڪارا اسان ۽ اوهان کان وڇڙي هُئي، يعني هِن ئي بڊي جي بي ڀروسيءَ مُند ۾ هُن هِن ديس جي هوائن ۾هٿ لوڏي اسان ۽ اوهان سڀني کي الوداع ڪئي هُئي، هُو جيڪا نه رُڳو صداءِ صحرا ٿي اُڀري هُئي پر اُن سدا حيات گائيڪا جي گلي ۾ هن سموريءَ سنڌ جو سوز ۽ گُداز ڀريل هو، ۽ سندس ڪوئل جهڙي ڪنٺ ۾ ڄڻ ته سڄي ديس جو دُک، درد سمايل هو، فِن موسيقيءَ جا ماهر ڀل ته کيس سُر، گُر ۽ لئي کان اڻڄاڻ ڪوٺين پر هُوءَ عوام الناس جي دلين تي ايئن راڄ ڪندي هُئي يا رهي ٿي، جيئن اُمه ڪلثوم مصري ماڻهن جي هنئين تي حُڪمراني ڪندي رهي ٿي. گُنگهرو وارن واري ٻهراڙيءَ جي هڪ اَهڙي سادي سُوڌي نيگَري، جنهن جو اصل نالو حڪيمان هو، سا ويراواهه ويجهو پنهنجو اباڻي ڳوٺ کارسر مان، پنهنجي ماءَ ستان ۽ پيءُ ناٿي سان ڀيڙي لاڙ لڏي هُئي تڏهن کيس خبر ڪونه هُئي ته هڪ ڏينهن هُو فن جي دنيا ۾ فوزيه سومرو جي نالي سان ڄاتي، سُڃاتي ويندي. پر قدرت مٿس مهربان ٿي فوزيه سومرو اُستاد غلام حُسين ڪليريءَ کان نه رُڳو راڳ جي سکيا ورتي پر سندس ئي معرفت ريڊيو حيدرآباد تي پهتي، نصير مرزا جي نظر شناسيءَ جڏهن سندس ڪلام رڪارڊ ڪري سنڌ جي هوائن حوالي ڪيا تڏهن فوزيه سومرو پنهنجي پُرسوز آواز ۽ لوڪ ڌُنن سان موسيقيءَ جي ميدان ۾ وڻ وڄائي ڏيکاريا ۽ اُهي جن جي هِن ڇوڪريءَ جي آواز تي اک ئي ڪانه ٻُڏندي هُئي، تن نه رڳو پوئتي مُڙي نِهاريو پر هِن جي حسين آواز کي ڪنائڻ جو ڪوشش به ڪئي. بهرحال ڪُجهه به هُجي، فوزيه سُومرو خلقِ خدا ۽ عاشق مِزاج اِنسانن جي دلين جا اُهي ديبل بندر فتح ڪري ڏيکاريا جيڪي وقت جو ڪو به ولي عهد فتح ڪري نه سگهيو، هُن سُرن مالها ۾ شاعريءَ جا موتي ڪو نه پوُيا هُيا ڄڻ سنڌ جي سادن ۽ سٻاجهڙن ماڻهن جا من سِبي ڇڏيا هُئا، جيڪي اڄ به سندس سدا بهار آواز سُڻڻ کانپوءِ ايئن تڙپي پوندا آهن، جيئن مينهوڳي ۾ مور جو ٽهڪو ٻڌي ڪنهن پڃري ۾ قيد ڪائي ڊِيل لُڇڻ لڳندي آهي، توڻي جو هُوءَ هِن وقت اسان وٽ پاڻ ته موجود ڪونهي، پر سندس امر آواز اسان وٽ ۽ اسان سان گڏ آهي، سو اسان سندس ستين ورسيءَ تي اڄ کيس ساريون ٿا متان هُوءَ ميار نه ڏي.
منهنجون ڳالهيون ساريندين............ فوزيه سومرو
سامعين! اڄ چوٿين جُولاءِ آهي، ۽ اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي هڪ اهڙي ليجنڊري گُلوڪار جي ڏهين ورسي آهي، جنهن کي سموريءَ سنڌ جا ماڻهو علڻ فقير جي نالي سان چڱي طرح سُڃاڻن ٿا. علڻ فقير جنهن ضلعي دادوءَ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ آمري ۾ جنم ورتو ۽ ڄامشوري جي پٿريلي سَرزمين تي پنهنجي گهر جي آڳُر ۾ اڄ کان ڏهه سال اڳ وڃي آرامي ٿيو. علڻ فقير، جنهن پنهنجي الڳ ٿلڳ آواز ۽ انداز سان آغاز ڪيو، ريل گاڏين جي دٻن ۾ چڙهي ڳائڻ، نچڻ ذريعي ماڻهن جي مَن ۽ نظر کي پاڻ ڏانهن مُتوجهه ڪرڻ واري علڻ فقير پنهنجي انوکي آواز ۽ انداز سان، هڪ مُنفرد گائيڪ جي نه رُڳو حيثيت ماڻي، پر پنهنجي مڌر آواز ۽ اسٽائيل سان سڄي دُنيا جي ماڻهن جون دليون کٽيون. علڻ فقير نه رُڳو ڀٽائي جون وايون پنهنجي نئين نڪور رنگ ۽ ڍنگ سان ڳايون، پر عارفاڻي رنگ ۾ رَچي، گُم ٿي، غائب ٿي، مست اَلست علڻ فقير ڀوڳ، چرچن ذريعي مايوس مُکن تي مُرڪن جا گُلاب به ٽيڙيا ته سوين دلين جا درد، گهڙيءَ پل ئي سهي پر دُور ڪرڻ جو هُنر ڄاڻيندڙ هڪ اهڙو فنڪار هو، جيڪو تنبورو هٿ ۾ کڻي اَجرڪ جو پٽڪو ٻَڌي جنهن ۾ مورجي ڪلنگيءَ جهڙي ڇُڳي جو ڇَٽ يا تُرو، سورهن والن واري گهاٽي گهيريدار سُٿڻ پائي جڏهن نچي ڳائيندو هو تڏهن محفل ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ڪي پل وساري ويهندا هُئا ۽ ڪُجهه لمحن لاءِ آزاد فضائن ۾ اُڏامڻ لڳندا هُئا. سندس اهڙي دلربا انداز ۽ آواز کي هيءَ سنڌ صدين تائين وساري نه سگهندي. هُو سنڌ جو هڪ اهڙو گُلوڪار هو جيڪو جتي به ويو اُتي پنهنجي مخصوص اسٽائيل سبب سنڌ جي سُڃاڻپ پيدا ڪري آيو. شاهه لطيف کان اياز تائين جن به شاعرن کي علڻ فقير ڳايو اُنهن کي لاجواب بلڪِ لازوال ڪري ويو. هُن سنڌ ۾ پنهنجي ڇاپ ڇڏي آهي، هڪ اهڙي ڌار سُڃاڻپ جو اڄڪلهه کوڙ سارا گُلوڪار سندس نقل ڪرڻ، ۽ سندس انداز ۾ڳائڻ تي مجبور آهن. علڻ فقير جو پُٽ ۽ ڀاءُ به ساڳئي رنگ ۾ ڳائن پيا. پر علڻ جو الڳ مقام هو ۽ آهي. بهرحال هلڻو ته هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن ضرور آهي، حياتي جو انت اڻٽر ۽ اٽل آهي. بقا رُڳو ڪردار کي آهي، ۽ مُنهنجي خيال ۾ هڪ اهڙو فنڪار جنهن جي گلي ۾ ميران جي سُرندي جا سڀئي سُراچي ساهي پٽين يا ڀٽائي ۽ ڀڳت ڪبير جا بيت اچي اک ڀيڙي ڪن، اُهي فنڪار ڪڏنهن موت هٿان مات ٿي نٿا سگهن.
عشق اسان وٽ آيو.......... علڻ فقير
سامعين! اڄوڪي ڏينهن تي سموريءَ دنيا پنهنجي پيارن کي گُلن جا تحفا آڇي رهي آهي، ۽ اسا سنڌ واسي به دُنيا سان مُحبت جي اظهار ۾ پوئتي رهي نٿا سگهون، اسان صُوفين جي سَرزمين جا وارث آهيون سو پيار، مُحبت ۽ سُونهن سُندرتا جو ڪو به ڏِڻ اسان سيليبريٽ نه ڪريون اِهو ٿي نٿو سگهي. اسان گُلن جا تحفا به ڏيڻ ڄاڻون ٿا، اسان مُحبتن جا سمورا ڏِڻ ملهائن به ڄاڻون ٿا. اسان کي خبر آهي ته اڄ سڄيءَ دُنيا جا عاشق پنهنجي پيارن کي گُلن جا تحفا، مُحبت ناما ۽ عشق ناما آڇيندا، پر اسان سدائين اِن ڳالهه جا قائل رهيا آهيون ته اسان جي مُحبت ورهايل آهي ڌرتيءَ ۽ سَرتيءَ سان. سو اڄ اسان جتي پنهنجي ڪنهن پياري کي ڪو مُحبت ڀريو ميسيج اُماڻينداسين، کيس گُلن جو تحفو ڏينداسين، اُتي پنهنجي محبوب ڌرتيءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گُلن ۽ وڻن جا ٻوٽا پوکي هڪ نئين روايت کي جنم ڏيئي رهيا آهيون. اسان هن اڄوڪي ڏينهن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان مُحبت جي اظهار طور مالهائي رهيا آهيون، اسان جيڪي ماحول دوست ۽ مُحبِ وطن آهيون، اُهي سڀئي اڄوڪي ڏينهن تي اِهو وچن ورجايون ٿا ته اسان مان هر فرد اڄوڪي ڏينهن تي هڪ، هڪ ٻوٽو پنهنجي ڌرتيءَ جي سيني تي پوکي ساڻس بي لوث مُحبت جو ڀَرپُور اظهار ڪندو، نه رُڳو ٻُوٽا پوکينداسين بلڪِ اُنهن جي ائين سار سنڀال لهنداسين جيئن پنهنجي اولاد جي لهندا آهيون. پنهنجي، پنهنجي گهر جي آڳُر، اوطاق جي اڱڻ، اسڪول، اسپتال، مدرسي، مسجد ۽ مندر جي اڳيان، ڪنهن ٻنيءَ جي بند، ڪنڌيءَ تي، رستن جي ڪنارن تي، ندين ۽ واهن جي ڪپرن تي هڪ، هڪ ٻوٽو هرڪو پوکيندو ته سنڌ جي سُونهن ۾ واڌارو ايندو ۽ هِن خطي، هِن ڌرتيءَ جي فطري حُسن ۾ اڃان به اُها دلڪشي پيدا ٿي پوندي جيڪا سڄيءَ دُنيا جو ڌيان ڇڪائيندي. هِن ڌرتيءَ جي سيني تي گهاٽا ۽ ڊگها وڻ اُنهن تي ويٺل رنگبرنگي پکين جا وَلر، ٻنين ۾ گُلن جون ٻاريون ۽ اُنهن سان ڀرندڙ ڀؤنر، جهنگ ۾ مَور، سها، تتِر، هَرَڻ، تلور، ڇيڪ چرندڙ ڇيلڙا، کُوهن تي کيچليون ڪندڙ پاڻياريون، وَؤنڻ چُونڊيندڙ لاهياريون، پِيهَن تي جهارَ هلڪيندڙ جوانيون، سينڍ ۾ مارئي سُڻائيندڙ ڌنار ئي هِن ڌرتي جو جيون آهن، جواني آهن ۽ حياتي آهن، شال سنڌ جي سُونهن جا سمورا رنگ سدائين چٽا رهن ۽ سندس مُرڪون ڪڏهن به ميريون نه ٿين بقول اياز جي ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي، ڪڏهن موڙ تنهن جا نه مُرجهائجن.
برکا رُت مهڪايا گُل.......... فياض ميرالي
سامعين! اڄ ايڪٽيهين ڊسمبر آهي، يعني سال ٻه هزار يارهن جو آخري سج به اُلهي چُڪو. وقت جي وڻ مان پيلي پَن جيئن ڇڻي پيل هيلوڪي سال جي ڪُل ڄمار 365 ڏينهن آهي، پاڻ کي پڪ سان اِنهي ڳالهه جي ڪا ڳڻ ڳوت ڪونهي ته هيڏا سارا پل، ڏينهن، هفتا ۽ مهينا ائين اک ڇنڀ ۾ ڪيئن گُذريا هوندا، وقت کي بيدرديءَ سان ڀيلڻ ۽ اُن جي اجائي زيان جو پاڻ کي احساس فقط اُن وقت ئي ٿيندو آهي جڏهن پاڻي مٿي تان لنگهي ويندو آهي يا وَٽ وِهامي ويندي آهي پوءِ ئي هٿ هڻندا آهيون، دُنيا پنهنجي هر پل جو حساب ڪتاب رکندي آهي ۽ پاڻ جي سالن جي گُذري ويل عرصي تي به اک ناهي ٻُڏندي، زماني جي مرضي رُڪي يا روانو ٿي وڃي، پر پاڻ پنهنجي لاکيڻي لوڏ ڪو نه ڇڏينداسون پوءِ ڌنئور ڌائي ته ڌائي وڃي، اسان نه زماني کي بدلائڻ جي ڪا ڪوشش ڪنداسين ۽ نه ئي پنهنجي طرزِ حيات ۾ ڪا تِرَ جيتري تبديلي آڻينداسين، سڀڪُجهه سهڻ، برداشت ڪرڻ کانپوءِ به ڪِنجهڻ يا ڪُرڪُڻ پاڻ کان ڪونه پُڄندو. اسان پنهنجي اُٿي، ويٺي جو ئي احتساب ڪرڻ کان ڪيٻايون ٿا، سو سالن جي گُذري ويل گهڙين جو ڪير ويهي پوتاميل ڪري، ڪير ويهي اِها مٿاڪُٽ ڪري ته هِن عيسوي سال اسان کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو، ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪم اسان اُڪيلايا ۽ گهڻا غم اسان جي پُکي ۾ پيا. هُونئن به اسان ماڻهن جو حافظو ڏاڍو ڪمزور آهي، پاڻ سان ٿيل زندگيءَ جي هر مذاق کي اسان جلدي وساري ويهندا آهيون ۽ پاڻ سان ٿيل هر سِتم جو سُور سَهڻ جي سگهه ئي اسان جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، ڀلا ٻيو ڪجي به ڇا؟ جيڪڏهن سُورن کي سندرو نه ٻڌرائبو، جي ڏُکن ۽ ڏولاون کي پُٺيءَ نه چاڙهبو ته هيءَ ڪَٺن حياتي ڪيئن ڪٽي سگهبي، غم ۽ گوندر جيڪي اسان ماڻهن وٽ وٿاڻين آهن، اُنهن کي وساري نه ڇڏيون ته هُوند هِن بي مُهابي معاشري ۾ جيءَ ڪيئن سگهون ها. ها اِهو ئي اعليٰ ظرف آهي اسان ماڻهن جو، جيڪي پاڻ سان ٿيل وقت جي سڀني ويساهه گهاتين کي اُن ڪري سهون ٿا ته تاريخ اسان سان ضرور انصاف ڪندي، ڇاڪاڻ جو اسان اِنساني عظمتن جي تعظيم ۾ سدائين سِرَ جُهڪايا آهن، اسان اِنسان جي عزتِ نفس جو احترام ڪيو آهي، اسان ٻين جي حقن سان هٿ چُراند کي حرام سمجهيو آهي، اسان هر قسم جي اِنساني تشدد، پوءِ اهِو ذهني ٽارچر جي صورت ۾ هُجي يا جسماني تشدد جي شڪل ۾ هُجي، گهرن ۾ عورتن تي ٿئي يا ٿاڻن تي بي ڏوهي انسانن مٿان ٿئي، اسان انساني توهين ۽ تذليل وارن سمورن روين کي رد ڪيو آهي، ننديو آهي ۽ سدائين سچ ۽ سُونهن جي وڪالت ڪئي آهي ۽ جهالت جي خلاف جهد ڪئي آهي.
سامعين! ڳالهه هلي پي سال ٻه هزار يارهن جي، ته هِن هيلوڪي سال به پاڻ ماڻهن سان ڪي چڱا پير ناهن ڀريا، نه رُڳو سال ٻه هزار يارهن اسان کان اديب، شاعر، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ وڇوڙيا آهن، پر هيلوڪي سال ته برساتي ٻوڏ جي صورت ۾ جيڪا جُٺ اسان ماڻهن سان ڪئي آهي. اُن اذيت ناڪ ڪهاڻي جي هر سٽ ساهه مُٺ ۾ سوگهو ڪري ڏيکاريو آهي، هيلوڪي سال جتي رهجي ويل منظر جي خالق ۽ سنڌ جي بي باڪ ليکڪ طارق عالم ابڙي جي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهايو اُتي، جديد سنڌي نظم جي شهزادي شاعر حسن درس جي جيون جو ڪچو گهڙو حيدرآباد جي روڊن تي حياتي جي هٿن مان ڪيرائي ڀڃي ڀور ڪري وِڌو هو، حسن درس جيڪو اڄ به سنڌ جي سيني ۾ ڪنهن گهوڙيسوار وانگر گهُمي رهيو آهي، سندس شاعريءَ جا سِراڙا ۽ ڪويتا جي ڪُميت جي ٽاپولي اڄ به اسان جي اندر ۾ هُن جي موجودگيءَ جو احساس ڏياري ٿي، پر 16 جون جڏهن به ايندي تڏهن سنڌي شاعريءَ جي چنڊ گِرهڻ جو درد ڀڳي هڏ جيئن ڏکندو رهندو، وساري ته اسان مادِر جهموريت مُحترم نصرت ڀُٽو کي به نٿا سگهو جيڪا هِن ئي سال اسان کان وڇڙي ويئي آهي، وسارڻ ته اِهو به وس ۾ ناهي جو هِن سال جڏهن اڻ مُندائتي مينهن سنڌ وطن جي ڏاکڻين اڌ جا نه رُڳو اجها اُجاڙيا، جُهڳاجَهڻ ڪيا، پر سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جون هڙئي آسُون، اُميدون ۽ اُمنگون سَم نالن جي پاڻيءَ سان گڏجي غوطا ڏيئي ٻوڙي ماريون ۽ تاريون ته رُڳو هٿين خالي ڪُجهه حياتيون جيڪي اڃا تائين واهن جي ڪنارن، دڙن ۽ ڀٽن مٿي بي گهر هُئڻ جو عذاب ڀوڳي رهيون آهن. پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي دربدر ٿيڻ، سڄي ڄمار جي چُونڊي ميڙي لهرن ۾ لوڙهڻ، ۽ پوءِ کُليل آسمان هيٺيان ويهي هِن اُتر جي چؤڙ سياري ۾ ڪنهن واهر جي آسري ۾ عُمر جا ڏينهن آڱرين تي ڳڻڻ جي ڳڻتي ۽ ڳاراڻو ڪو اهلِ دل اِنسان ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، پنهنجي ڀَري تُري گهر، ڳوٺ، اڱڻ ۽ اَجهي مان ايئن نڪرڻ جو بقول شيام جي الائي ڪهڙي گهڙيءَ شيام ان مان نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. وساري ته هيلوڪي وسڪاري کي به ڪيئن ٿو سگهجي، جنهن وَٺي واڻي ڏُڪار جي ڪهاوت کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو، يا بقول ڀٽائي جي ”ڏکي توءِ ڏُڪار، توڻي وسن مينهڙا“ جهڙي صورتحال کي جنم ڏنو آهي، هيڏي برسات وَسڻ کانپوءِ به نه گاهه، نه فصل ٿيڻ به هيلوڪي سال جي عِنايت آهي، بهرحال سال ٻه هزار يارهن پنهنجي هڙ ۾ جو ڪُجهه هو اُهو ونڊي ورهائي ڪُجهه ئي ڪلاڪن پُڄاڻان ماضيءَ جي تاريخ جو حصو ٿي ويندو پر ڏِسڻو اِهو آهي ته سال ٻه هزار ٻارهن پنهنجي جهول ۾ اسان لئه ڇا ٿو آڻي.
سامعين! جيڪڏهن اوهان جي ڪتابن سان ڪا دوستي آهي ته پوءِ اوهان يقينن دُنيا جا سڀ کان وڏا دولتمند شخص آهيو، ڇاڪاڻ جو ڪتاب اوهان جي دماغ جون بند دريون کولي ڇڏي ٿو، ۽ اوهان سڄي دُنيا جو ديدار گهر ويٺي اُن ڪتاب ذريعي ڪري سگهو ٿا، ۽ جڏهن اوهان جو ڪو به ساٿ يا سهارو نه هُوندو تڏهن به ڪتاب اوهان سان همسريءَ جي هام هڻي سگهي ٿو. ڪتاب اوهان ۽ اسان کي علم، عقل ۽ ڏاهپ جا ڪيئي نوان جهان ڏيکاري سگهي ٿو. ڪتاب اسان ۽ اوهان جي طرزِ حيات ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو، جيئڻ جا نوان گس ۽ گهاڙيٽا، نوان رنگ ۽ ڍنگ رُونما ڪري سگهي ٿو، پر شرط اِهو آهي ته ڪتابن سان اسان دوستي رکي اُنهن جو اندر جي اکين سان اڀياس ڪريون، پوءِ اسان پاڻ ئي پنهنجي پاڻ ۾ فرق محسوس ڪنداسين، ۽ ڪا نواڻ ڪو نِرٻاڻ اسان جي روائتي زندگيءَ جا تيور ئي تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ وڏي ڳالهه اِها ته ڪتاب اسان کان طلبيندو فقط هڪ ئي ڀيرو، هڪ موبائيل فون جي ڪارڊ جيتري قيمت ۽ موٽ ۾ سڄي حياتي اُهو ڪتاب نه رُڳو اسان جو ساٿ ڏيندو پر عِلم ۽ آگهي ذريعي اسان جي ذهن کي زرخيز به ڪندو ته اڪيلائي جي احساس کان به اسان کي آجپو ڏياريندو. بس اوهان رُڳو هر مهيني هڪڙو ڪتاب خريد ڪري پڙهو، پُرجهيو ۽ پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه اوهان جي اندر مان عِلم، ڏاهپ ۽ روشنيءَ جون رنگين دُنيائون ٿيون دريافت ٿين! بهرحال ڪتاب اوهان کي سڀ کان پهرين پنهنجو پاڻکي ۽ پوءِ پنهنجي رب کي سُڃاڻڻ جي ساڃاهه عطا ڪندو، اوهان کي پُر اعتماد بنائيندو، اوهان کي اِنساني آدرشن ۽ قدرن جو شعور ڏيندو. اوهان جي شخصيت جي تعمير ڪندو، اوهان جي ڪردار ۾ نِکار پيدا ڪندو، ڪتاب اوهان ۾ قوتِ برداشت، سهپ ۽ رواداريءَ جو مادو پيدا ڪندو. ڪتاب اوهان ۾ رحم دلي، اِنسان دوستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جو جذبو بيدار ڪندو، ڪتاب اوهان کي هٿ، هٿ تي ڌري ويهڻ بجاءِ اُٿي رائو ريلڻ لئه اُتساهيندو، ڪتاب اوهان کي هَلڻ، هَڪلڻ مانجهيان ايءُ مَرڪ جو سبق سيکاريندو. ڪتاب اوهان ۾ همت، حوصلو ۽ جُرئت پيئدا ڪندو، اوهان ۾ نظرياتي پُختگي پيدا ڪندو، ڪتاب اوهان جي ارادي ۾ مضبوطي پيئدا ڪندو ۽ اوهان ڀٽائي جي هِن بيت تي عمل ڪرڻ لئه ازخُود آماده ٿي ويندا ته ”تتيءَ، ٿَڌيءَ ڪاهه، ڪانهِي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو“.
جي هانوَ نه هارين ......... قمر سومرو
سائين مُنهنجا! هڪڙي مُند، هڪڙي سيزن شادين جي به هلندڙ آهي، ڪا رات ڪو ڏينهن اهڙو خالي ڪونهي جنهن ۾ ڪو ڪاڄ، ڪو ڀت نه هجي، بلڪِ ڏينهن ۾ ڏهه، ڏهه ڀت، هر ڳوٺ، هر شهر جتي ڏس ديڳ دَم تي آهي، ڀت اڳي به ٿيندا هُئا، وِهانءُ وڌاڻا اڳي به هوندا هُئا پر ههِڙي ڀلا ڀلي ڪونه هُئي، اڳي ڀت پوءِ ٿيندو هو تاريخ اڳ چٽي ڪبي هُئي، هاڻ ڀت اڳ ۾ٿئي ٿو ۽ تاريخ چٽيءَ ٿئي ڪو نه ٿي... اڳي گهوٽ لاءِ ڪُنوار هٿ ڪبي هُئي، مڱڻي ٿيندي هُئي، پوتي وجهبي هُئي پوءِ ڏينهن چٽا ٿيندا هُئا ۽ هاڻ گهوٽ ۽ ڪَنُوار جي هُجڻ وارو لازمي شرط به ختم ڪيو ويو آهي بلڪِ اِها پابندي ڪونهي ته ڪوئي ڀت ڪرڻ وقت گهوٽ موجود هُجي، گهوٽ مسواڙ تي مارڪيٽ مان آڻي ٻه ٽي ڪلاڪ گُڏو ڪري ويهاري به ڪاڄ ڪري سگهجي ٿو، اڳي ڪنهن وٽان ڪا ڍڳيءَ يا ٻڪريءَ ڏوجهي ڪاهي کير پيئبو هو ۽ هاڻ ڪنهن مِٽ مائٽ، ڪنهن دوست کان ڪو ڇوڪرو ڏوجهو هٿ ڪري ڪارڊ ڇپرائي طُهر يا شاديءَ جو ڀت ڪري چار ڏوڪڙ ڪمائي وري امانت مالڪن کي موٽائي ڏيئي سگهجي ٿي. اهڙا به تجربا ۽ لقاءُ اکين ڏِٺا اٿئون. جو 60 سالن جو همراه جنهن جا 15، 20 ڪاڄ ٿي چُڪا آهن پر همراهه اڃا ستوجتو يعني ڪنوارو آهي ۽ ايئن به ٿئي ٿو جو ڪنهن ڇوڪري جي طُهر جو ڀت ڏهه پندرنهن دفعا ٿيو آهي ۽ ائين به ٿي رهيو آهي ته جنهن نه پاڻ شادي ڪئي نه اولاد نه اوقاد پوءِ به هر سال سندس ڪنهن نه ڪنهن فرضي پُٽ جو ڀت ضرور ٿئي ٿو، ڀلا ڀت ڪرڻ ۾ هَرج به ڪهڙو؟ ٻه ٽي گُل شامياني جا هٿ ڪري ٻه ٽي ڪناتون کوڙي ديڳ ڀت جي لاهي خلق جا کيسا ڪتري سگهجن ٿا، نڪو گهوٽ، نڪو ڪُنوار جو نڪاح جون ڪارکون وِرهائڻيون پون، ميندي موڙ ۽ ڏيج پوت ڪرڻا پون، نه ساٽ نه سُوڻ نه لاڳ ڏيڻا پون ٿا نه ڃاڃياري ۽ لپئي جي ديڳ لاهڻي پوي ٿي، الا الا خير صلاح! اِن ۾ اوهان ارها ڇو ٿيا آهيو؟ ميان! موڙ ميندي جي گهور کان ڇُٽا، ونواهه، موڙو، هار هڙئي شرط ختم رُڳو ڇني ۾ وڃي ڀت جو ڀور کائي جيڪا چار ڪوري خُدا جوڙي ڏيئي، مُڇن کي هٿ هڻي موٽي اچو. مُنهنجي خيال ۾ هاڻ اِها ڳالهه اوهان سڀني جي دماغ ۾ ويٺي هوندي ته اڳي ۽ اڄوڪي زماني جي ڀت ۾ ڪَهڙو فرق آهي، بس هِن جديد زماني ۾ اِها آساني پيدا ڪئي ويئي آهي ۽ هڪڙو لاجواب پئڪيج مِليو آهي پاڻ واري موجوده سماج کي ته اُهو جڏهن چاهي ڪو به ڪاڄ ڪري سگهي ٿو، بنا گهوٽ ۽ ڪُنوار جي هڪڙي ڇوڪري کي اٺ دفعا طُهرائي سگهي ٿو، نڪو پُڇا، نڪو ڳاڇا، بلڪِ ڪو به ٽيڪس لاڳو ڪونهي ڪيئن آهي نه ڪم خرچ بالانشين نسخو آزمائي ڏسو. اڃان به وقت پيو آهي.
سائين! اسا وٽ ڪي ڪردار اهڙا به آهن جن سان اسان ۽ اوهان جو سڄو ڏينهن واسطو رهي ٿو. مثال طور لاري، بس يا ٽيڪسي وارو، هوٽل وارو ۽ حجام يعني نائي. هِي اُهي ڪردار آهن جن جو سماج جي تقريبن هر قسم جي فرد سان واسطو ۽ رابطو رهي ٿو. اُن ڪري گهڻن ماڻهن سان مِلڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڪري هِنن ڪردارن جا مِزاج ۽ موڊ به عجيب قسم جا هُوندا آهن. سياست کان وٺي سماجيات تائين، اقتصاديات کان وٺي ادب تائين، عشق کان وٺي برهه جي بيماريءَ تائين، سڀئي نُسخا سڀئي حڪمتون، سڀئي حل هِنن همرائن جي ڄڻ ته کيسي ۾ هميشه هڪيون تڪيون هُونديون آهن. اوهان ڳالهايو يا نه، ڪا ڳالهه پُڇو يا نه، هر ڳالهه جو آعاز به هُو پاڻ ڪندا ۽ انجام به پاڻ ئي ڪندا. اگر گَهران صبحءَ جو سُٺي موڊ سان آيا ته گراهڪ کي اُهي، اُهي سُت سُريون سُڻائيندا جو وڃي ٿيا ست خير، دُنياِ جهان جي هر موضوع تي ايئن ٻٽاڪ هڻندا جو وڏن وڏن ٽي وي، اينڪرن جا وات بند ٿي ويندا، ڳالهه کي ڪٿان به کڻن، ڪٿي ڦِٽي ڪن اِهو سندن صوابديدي اختيار آهي، اوهان اُن ۾ ڪا به مُداخلت ڪرڻ جا مَجاز ناهيو، اگر ڪنهن اڻواقف بحث ڪيو ته همراهه پاڻيءَ مان نڪري ويندا. نوَ کي نوڪوٽ وانگر ڀلي ته سندن هر ڳالهه ڇسي ۽ سطحي هُجي پر هو پنهنجي ڳالهه کي مُنڊيءَ تي ٽڪ وانگر مڃائڻ جا ماهر آهن، منطق يا دليل ڪهڙي بلا جو نالو آهي، اُن سان هِنن جو ڇا؟ ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي وانگر عجيب و غريب تاويلون ۽ تبصرا ڪندا، اوهان جا ڪن ۽ مٿي کي کائي کپائي ڇڏين ته به مَجال آهي جو ڪا اُڦ ڪري سگهو. بس اوهان جي عافيت اِن ۾ آهي ته خاموشيءَ سان وڃي ويهو اوهان کي چانهه به ملندي، دنيا جهان جا حوال به ملندا 20 روپين ۾ ڀلا ايترو ڪُجهه ٻيو اوهان کي ڪير ڏيندو، شل نه هِنن همرائن جو ڪنهن ڳالهه تان موڊ خراب ٿئي پوءِ ته رب ڏي پناهه. پوءِ ڇا ٿا چون اِهو ٻُڌڻ لاءِ هليا وڃو ڪنهن هوٽل، ڪنهن ٽيڪسي يا نائي جي دُڪان ۾ هڪڙي لحاظ کان اِهي سڀئي ڪردار هر فن مولا به آهن، سڄي ڄمار جا تجربا بنا ڪنهن فيءَ جي اوهان ۽ اسان سان شيئر ڪرڻ وقت حاتم طائي کي پُڙين تي پُڙ ماريندا. پنهنجو ڪمائن، پنهنجو کائِن ٿا، ڪنهن تي بار ٿيڻ، ڪنهن آڏو هٿ ٽنگڻ هِنن لئه گار آهي. سنگت ساٿ لئه سر جون سَٽون ڏيندا، جائز ناجائز مهل تي ڪنڌ ڪونه ڪڍائيندا. قئينچي، اسٽرينگ ۽ اسٽووَ سان گڏ پنهنجي زبان ۽ ذهن جو خرچ به دل کولي ڪندا، ڪنهن تي ڪاوڙ يا ته گِلا به گلا کولي ڪندا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته گهڻن جا راز به هِنن جي هيئن ۾ سانڍيل آهن، سوشل نه ڪنهن جي ڦِٽي جو هِنن همرائن سان ڦٽائي ٻُوهي ۾ پئي.