9
”راس آئي نه ............. شمن ميرالي“
سامعينِ محترم! ماءُ جنهن کي خالقِ ڪائنات هِن دُنيا ۾ سڀ کان اول ۽ سڀ کان مٿانهون درجو عطا ڪيو آهي، مانُ ۽ مرَتبو بخشيو آهي، اُنهي ماءُ جي بي پناهه ۽ بي لوث محبت جي ڪٿ ڪرڻ، اُنهي ماءُ جي ممتا جي ماپ، تورڪرڻ لاءِ اڃا تائين ته دُنيا ۾ ڪوبه اوزار ايجاد ناهي ٿيو، هِن عظيم هستيءَ کي جيڪا عزت ۽ عظمت ڌڻيءَ تعاليٰ ڏني آهي، اُن جي مُقدس رِشتي جي تقدس کي ايترو ته بُلند، ايترو ته اُجرو ڪيو اٿس جو اُنهي عظيم رُتبي ۽ رشتي جي اَڇائي توڻي اُوچائي اِنساني عقل جي ڦٽ پٽيءَ سان ڪَڇڻ کان تمام گهڻو مٿانهين آهي. جنهن ماءُ جي پاڪيزه پيرن هيٺيان جنت جي بشارت ملِي ٿي، اُنهي امڙ جي قدمن ۾ هر اِنسان سِر بسجود ٿيڻ لئه بي تاب هُوندو آهي، اِنسان ته وري به اشرف المخلوقات آهي، پر پکي پکڻ، جيت جَڻو توڻي جانور کي به پنهنجيءَ ماءَ سان بي پناهه مُحبت هُوندي آهي، اُهي به پنهنجي ماءُ جي مُقدس رشتي جي سُرت ۽ ساڃاهه رکن ٿا، ماءُ هِن ڪائنات جي هر اِنسان توڻي حيوان لاءِ هڪ اهڙي خُدائي نعمت آهي جنهن جي نِجُ خلوص ۾ ڪا به کوٽ ناهي هُوندي، جنهن جي مُحبت ۾ ڪا به مصنوعيت ڪونهي، ۽ جنهن جي مُحبت ڪنهن به مطلب جي مُحتاج ڪونهي، ڪنهن به غرض جي غلام ڪونهي، اُها مِٺي ماءُ جنهن جي جنم ڏيڻ سان ئي هن ڪائنات جي هُجڻ جو جواز جُڙي ٿو، بلڪِ ائين کڻي چئجي ته هيءَ ڪائنات حسين آهي ئي تڏهن، جڏهن اُن ۾ ماءُ جهڙِي مهان هستي موجود آهي، هِن ڪائنات جي تخليقار ماءُ جي پيار ۾ ڪيتري پنهنجائپ آهي ۽ ڪيتري ڪشش آهي اِهو وڃي اُنهي شخص کان پُڇو جنهن کي سندس جيجل ماءُ ڇٺي رات ڇورو ڪري ويئي هُوندي ۽ اُن عورت کان پُڇو جنهن جي امڙ سندس اکين تي اکيو ٻڌڻ کان اڳم ئي الله کي پياري ٿي چُڪي هُوندي. هِن دُنيا ۾ هڪ ماءُ ئي ته اُها عظيم هستي آهي، جنهن وٽ ڏُکويل انسان پنهنجا ڏُک سور کڻي وڃي اوريندو آهي، خاص طور تي هر زال زائفان پنهنجي پيڙاءُ، پنهنجي ڀوڳنا ۽ درد جي هر دانهن پنهنجيءَ ماءُ کي ئي ڏيندي آهي، ڇاڪاڻ جو ماءُ ئي اُهال حال محرم ۽ همدرد آهي جتان ئي اولاد کي آٿت ۽ اُتساهه ملندو آهي، سڀئي سُورن واريون پنهنجيءَ، پنهنجي ماءُ سان ئي سوُر پچار ڪنديون آهن ۽ ڀٽائي گهوٽ جي شاعريءَ ۾ به ماءُ جو ڪردار ايترو ته عظيم ۽ اُتاهون آهي جو اُنهي جو مثال مِلڻ ڏاڍو مُشڪل آهي، شاهه سائين جي رسالي جا ڪيئي سُرَ ماءُ جي ذڪر سان مُنور ٿيل آهن، لطيف جي رسالي جي هر سُورمي پنهنجي مَن جا مامِرا کڻي سدائين پنهنجي ماءُ سان ئي مُخاطب ٿِي آهي؛
ماءُ! وِهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پنهنجي،
جيڪو ڏنئي ڏيج ۾، سو سڀوئي سنڀار،
وڃان ٿي وڻڪار، ڏِٺم پيرُ پُنهونءَ جا.
منهنجي جيجل ماءُ ................. شمن ميرالي
سامعين! جڏهن ڪو اوهان کان رنجُ ٿي رُسي ڪوهين ڏور هليو ويندو آهي، تڏهن ئي اوهان کي اُن ماڻهوءَ جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي ۽ سندس کوٽ شدت سان ستائڻ لڳندي آهي، اوهان جو جيءَ، جُهونا ڳڙهه جُهرڻ لڳندو، اوهان بي چين ۽ بي قرار ٿي پوندا آهيو، هِن اُردو شعر جئين ته؛
جیﱡ نہین لگتا، اس بھرے دُنیا میں،
جانے کس چیز کی کمی ہے ابھی۔
۽ اِها ڪمي، اِها کوٽ اوهان کي مُڪمل ٿين ڪانه ڏيندي، اوهان پاڻ کي اڻپورو ۽ اڌورو محسوس ڪندا آهيو ۽ اوهان ڀَريءَ بزم ۾ به پاڻ کي اڪيلو ڀائيندا آهيو، اندر جي اُن تنهائي جو ڪارڻ رُوح جي اُن رُڃ جهڙي سُڃ جو سبب اُهو ماڻهو، اُهو وجود ۽ اُها هستيءَ آهي، جيڪا اوهان کان رُسي رنج ٿي، ڏُور هلي ويئي آهي ۽ هاڻ اُن پُڄاڻان هيءَ ڪُل ڪائنات اوهان کي ٻُسي لڳي رهي آهي. هر چيز بيڪار ۽ بي لُطف لڳي ٿي، ڪو مزو ڪونهي، ڪو موهه ڪونهي ۽ اوهان جو مَنُ ماندو ٿئي ٿو، اوهان پاڻ کي اگها ۽ بيمار محسوس ڪريو ٿا پر اوهان جي اِن درد جي دوا فقط دلبر جو ديدار آهي بقول ڀٽائي جي ته؛
وَيـڄَ مَ ڏي ٻُـڪي الا! چـڱي مَ ٿـيان،
پرين مان اچي، ڪَر لاهُو ٿين ڪڏهين.
ڇاڪاڻ جو دوست جو ديکڻ ۽ مُحب جو مِلڻ ئي اوهان کي جيئڻ لئه اُتساهي ٿو، هڪڙي آس، هڪڙي اُميد اوهان کي ڄڻ ته آڪسيجن فراهم ڪري ٿي ۽ اهڙا ماڻهو جيڪي جياپي جو ڪارڻ آهن ۽ جن لئه دڳن ۾ ديدون وڇايل هُجن ٿيون بلڪِ اُهي ماڻهو جيڪي دل کي وڻن اُنهن جو مِلڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي بقول رنگريز جي؛
شهرِ جفا ۾ آ دلدار جي ڳولا، پيار جي ڳولا،
دل کي جو وڻي، تنهن جو مِلڻ وڏي ڳالهه آ.
سامعين! ماڻهوءَ جو مَن ڪڏهن، ڪڏهن بي چين ۽ بي جَپو ٿي پوندو آهي، اڻ ٿانيڪو هوندو آهي، اندر ۾ ڪا اُڻ تُڻ هُوندي آهي، ڪا اڻ ڪهي ڳالهڙي هُوندي آهي جيڪا ڳولا جي رڻ ۾ روليندي آهي، اندر ۾ سوچن جا گهروندڙا ڊهڻ ۽ ٺهڻ جو عمل جاري هوندو آهي، ماڻهو پنهنجي من جا مامرا رات جو سمهڻ وقت وهاڻي هيٺ رکي سُمهندو آهي ۽ صُبح سويل اُهي سڀئي ائين ڳڻي کڻندو آهي جيئن ڪو فقير سڄي ڏينهن جي ڪمائي کانپوءِ ڪنهن فوٽ پاٿ تي ڪشتي مان هاريل ريزگاري جا سِڪا ساري کڻندو آهي. ڇاڪاڻ جو ماڻهو چاهي ٿو ته سندس حصي جا ڏُک ڪنهن ٻي جي هٿ نه چڙهن. سندس پتيءَ جا رنج و الم ڪنهن ٻي وٽ رهجي نه وڃن ۽ اهي سندس غمن جي ائين پرگهور لهي به سگهن الائي نه جئين هُو پاڻ پنهنجي غريب غمن جي سار سنڀال لهندو آهي. ڪِن ماڻهن کي پنهنجا عذاب به اولاد جيئن عزيز ۽ سڪيلڌا هوندا آهن، ڪي ماڻهو وري خوشين جي هُجوم ۾ به خوش ناهن هوندا. جن جي دردن سان دوستيءَ هُوندي آهي. اُهي پاڻ ٻري به ٻين کي سُهائي ڏيندا آهن، اُهي غمن گوندرن کي سهڻ جو به ڪمال درجي جو ڏانءُ رکندا آهن، اُهي جُهرن ٿا، جهڄن ٿا، لُڇن ٿا، ڦٿڪن ٿا، تڙپن ٿا، پر ڪُڇن يا ڪُرڪن نٿا، ڪو ردعِمل نٿا ڏيکارين، ڪا ٻڙڪ ٻاهر نٿا ڪڍن، اُهي اذيتن مان لذت ۽ لطف ماڻين ٿا. اُهي سُورن کي سندرا ٻڌرائڻ جي هُنر سان هٿياربند هوندا آهن. پر هِن ٿور گُجي زماني ۾ سهڻ ته وڏي ڳالهه آهي، هِتي ٽڪي جي مُفادن لئه سالن جي واسطن جي واڙ ڀلاڙ ڪندي دير ئي ڪونه ڪندا، اڇي کير جهڙي اُجري مُحبت جي هِرک تي حرص ۽ حوس جا بَد نُماع داغ ڪندي دير ئي ڪونه ڪندا ۽ ياري دوستيءَ جي ليکي تان ليڪو ڦيرائيندي به ڪا دير لڳندي ڇا؟
سامعين! جڏهن شعوري يا لاشعوري طور تي ڪو اوهان جي اعتماد، ڀَروسي ۽ اعتبار کي ڇيهو رسائي ٿو، ته دوستي توڻي ڪنهن به رشتي يا وسطي ۾ جيڪو ٻنڌڻ ٿئي ٿو، اُهو ويساهه ۽ وشواش ختم ٿي، ٽُٽي ۽ ڇڄي ڇيهون، ڇيهون ٿي پوي ٿو ۽ دل جي دُنيا اُجڙي ڀنڀور وانگي ڀڙو بڻجي برباد ٿي وڃي ٿي. بلڪِ دل ٽُٽي پوي ٿي، يقينن دل ڪو شيشي جو آئينو يا گلاس ڪونهي جيڪو هٿ مان ڪري ٽُٽي ٽُڪر ٿي پوي ۽ نه ئي دل ڪو مِٽيءَ جو ٿانو آهي جيڪو پٽ تي ڪِري پُرزا ٿي پوي يا جُهري وڃي. پر ڀَروسو ڀليجڻ کانپوءِ ويساهه کڄي وڃڻ کانپوءِ دل ۾ شڪ، وهم ۽ گُمان پيئدا ٿي پوندو آهي ۽ يقين ڄاڻو ته جنهن دل ۾ شڪ جا شڪاري باز اچي بسيرو ڪندا آهن اُنهي دل جي درخت تان ڀَروسي ۽ اعتماد جا اُجرا ڳيرا اُڏامي ويندا آهن ۽ جنهن جوءِ مان وشواس جا وڻ ئي وڍجي وڃن اُتي پيار جا پنڇي رهي رهندا ڪيترو. مُحبت احساسن کان خالي پڃري ۾ قيد نٿي ڪري سگهجي بي رُوح بدن جي وطن ۾ مُحبت ائين آهي جيئن روهيڙي جا رتا گُل خوشبوءَ کان خالي. جيڪڏهن چاهه مان ويساهه هليو وڃي، پيار مان اعتبار هليو وڃي، ته پويان پاڇي ٻُڙي بچي ٿي، جڏهن رابطن جا ريشمي ڌاڳا ڇڄي پَون، جڏهن اعتماد جا آئينا ڀڄي ڀُور ڀور ٿي پون، تڏهن فقط هڪڙي واٽ بچي ٿي، اُها اِها آهي ته اُها جڳهه، اُها جَوءِ، اُهو ماڳ، اُهو مڪان، اُها سِيم، اُهو اَجهور ڇڏي هليو وڃجي، بلڪِ اُن ماڻهوءَ جي دل جي دُنيا ما ئي نڪري هليو وڃجي، ڇو ته ڪنهن جي اک جو ڪٽر ٿيڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن وديسيءَ پکيءَ ونگر پري ڏُور اُڏري هليو وڃجي، هُن کان ڏور هليو وڃبو، هاڻ ضرور هليو وڃبو.
سامعين! ڪڏهن، ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو ڪي ڪي ماڻهو ڪِن پيارن ماڻهن جو قدر ناهن ڪندا، پنهنجي جهوليءَ ۾ پيل پُر خلوص مُحبتن کي سنڀالي ناهن سگهندا، اُن پيار جي سار ناهن لهي سگهندا، جيڪو پيار سندن جياپي لئه نياپي وانگر هُوندو آهي، جيڪو پيار سندن جيون ۾ رنگ ڀريندو آهي، اُن مُحبت جي کين ڪا ساڃاهه ۽ ڪا سُڃاڻپ ناهي هُوندي يا ايئن کڻي چئجي ته به ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته پنهنجي دروازي تي دستڪ ڏيندڙ مُحبت کي ڪو مـڱتو سمجهي موٽائي ڇڏيندا آهن. اهڙي مُحبت جيڪا هِن قحط الرجال دؤر۾ ڪنهن پاگل جي خواب وانگر سندن جهوليءَ ۾ چنڊ بڻجي جهُولي اُن بي لوث مُحبت کي به بي رُخيءَ جي ڀُرٽن سان زخمي ڪري وجهندا آهن ۽ نتيجي طور اُهي ماڻهو بي پناهه پيار کان محروم ٿي ويندا آهن ۽ ڄڻ ته دُنيا جي سڀ کان امُلهه چيز وڃائي وِلها ٿي ويهندا آهن ۽ اِهو سڀڪجهه هوش بدران جوش ۾ اچي ڪيو ويندو آهي، ۽ يقين ڄاڻو ته جيڪي فيصلا جذباتي ۽ ڪاوڙ واريءَ ڪيفيت ۾ ڪيا ويندا آهن، اُهي نه رُڳو غلط ثابت ٿيندا آهن، پر ڏاڍا مهانگا به پوندا آهن. ڇو ته ڪاشيءَ هٿن مان هلي وڃڻ کانپوءِ ماڻهو رُڳو هٿ مهٽيندو ئي رهي ٿو ۽ پوءِ کيس پڇتاءُ ڏينڀو بڻجي ڏنگيندو رهي ٿو، پر پوءِ به اِهو نٿو سوچي ته سندس بيرُخي، لاپرواهي ۽ لاغرضي سندس سڀڪُجهه ئي اُجاڙڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي، پر ڇا ڪجي جو ماڻهو مُحبت جي مڳيءَ ۾ انڌ جي گهوڙي تي سُوار هوندو آهي، سو ڪٿي ٿو پوئتي مُڙي نِهاري، ائين ڇو ٿو ٿئي ڪا خبر ڪونهي پر ٿيندو رهي ٿو ۽ ٿيندو رهيو آهي اڄ نه پر آڳاٽي زماني کان يعني اِنساني ارتقا سان گڏ اِهو عمل به جاري و ساري آهي.
سامعين! اکين جا به انيڪ رنگ ۽ روپ آهن، ڪي ڪجل بنا ڪاريون اکيون، ته ڪي سُرمي بنا سانوريون اکيون، ڪي انگوري اکيون ته ڪي ڪڪوريل ڪنگوءَ جهڙيون ڪِرمچي رنگ اکيون، ڪي صحرا جي سَرزمين جهڙيون سَڌائيتون ۽ آسائيتون اکيون، ته ڪي سَمندر جهڙيون گهريون اکيون، ڪي وولگا ڍنڍ جهڙيون وڏيون اکيون ته ڪي نيلي آسمان جهڙيون نيريون اکيون، ڪي بلوري اکيون ته ڪي چيرويون اکيون، ڪي ڪاڇي ڪٽورا اکيون، ڪي گول اکيون ته ڪي ٽِڪُنڊيون اکيون، ڪي ٿر جي ڀٽن جهڙيون ڀُوريون اکيون، ته ڪي روهِيڙي جي رتن گُلن جهڙيون رتيون اکيون، ڪي مُندائتي مينهن جهڙيون ميگهه ملهار اکيون، ڪي ڪڪر ڪارونڀار اکيون، ته ڪي آگم جا آثار اکيون، ڪي سدا سانوڻ اکيون ته ڪي ڪارو ڏُڪار اکيون، ڪي معصوم اکيون، ته ڪي محبوب اکيون، ڪي پاڻيءَ ۾ ترندڙ ڪنهن چنڊ جي اُجري عڪس جهڙيون اکيون ته ڪي وري لوڪ رقص جهڙيون اکيون. ڪي ڀٽائي جي بيتن جهڙيون اکيون ته ڪي اياز جي گيڙو ويس غزلن جهڙيون اکيون، ڪي ڪينجهر ۾ ترندڙ ڪنولن جهڙيون اکيون، ڪي نهٺا نيڻ ڀرينءَ جا ائين جيئن رڻ ۾ رات ٺري جهڙيون اکيون، ته ڪي وري اُس ۾ تپندڙ ڌرتيءَ جهڙيون اکيون، ڪي سچل جي گهڙوليءَ جهڙيون اکيون، ته ڪي پيار جي پروليءَ جهڙيون اکيون، اکين جا انيڪ قِسم آهن ۽ انيڪ انداز پڻ، پر جن اکين ۾ پيار پَلجي ٿو ۽ نيهن نپجي ٿو، اُنهن اکين جون ادائون ئي الڳ آهن ۽ سندن ڏِسڻ جا ڏانوءَ ئي پنهنجا آهن، جيڪي اکيون رُکيون ئي رڻ ڪن ٿيون، سي نه رُڳو عجب جهڙيون عادتون ڌارين ٿيون، پر سُور پرائي ساٿ جا به وڃيو وِهائن ٿيون. اهڙيون اکيون جن ۾ الائي ڪيترن جا ٻئي جهان ٻُڏن ۽ ترن ٿا، سي نه رُڳو قتلام ڪنديون آهن، پر جئيدان به بخشينديون آهن، اهڙيون اکيون جن جي ٽرمِنلاجي ئي پنهنجي هُجي، جيڪي ڪنهن به سائيٽيفڪ نظريي، ڪنهن به جدلياتي وصف ۽ ڪنهن به سائنسي اصول کي اورانگهي پرين پَسي اچن، جيڪي سرحدون جا سڀئي ليڪا لتاڙي دوست ديکڻ وڃڻ، جيڪي منظر جا ڊگها سفر کن پل ۾ طئي ڪنديون آهن، اهڙين اکين کي نه ته ڪنهن ويزا جي ضرورت هُوندي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن هٿرادو هار سينگار جي بقول ڀٽائي جي؛
ڀنڀيون هَڏ مَ ڀير، کڻ سُبتيون سُپرين،
تو جي چاهه چلايون، تِن وِڌو جيءَ سين ويرُ،
ڪجل اکين ۾ ڦيرُ، تنهنجي رُکين ئي رڻ ڪيو
ناسي اکڙين وارا .............برڪت ڀٽ
سامعين! زندگيءَ ۾ اوهان جي آڏو ڀل ته ڪيڏي به وڏي مُصيبت ڇو نه اچي پر اوهان کي همت ۽ حوصلي جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گُهرجي. ڇو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن مُصيبت يا پريشانيءَ کان گهٻرائي اُن کي مُنهن ڏيڻ بدران همت هاري ويهندوءَ ته اُهو معاملو اوهان جي حَواسن تي حاوي ٿي ويندو، پر جيڪڏهن اوهان هِمت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندوءَ ته اِنهن مسئلن کي آسانيءَ سان مُنهن ڏيئي سگهو ٿا، اُصل ۾ اِها همت ۽ حوصلو ئي آهي جنهن ذريعي اِنسان پنهنجي رستي ۾ آڏو ايندڙ هر رُڪاوٽ کي حل ڪري سگهي ٿو. پر جي اسان هروڀرون مايوس ٿي همت هاري ويهنداسين ته اُن مان وَرندو ڪُجهه به ڪونه، اُن ڪري بهتر اِهو آهي ته هر مصيبت کي مُنهن ڏجي ۽ مقابلو ڪجي. اِنساني زندگيءَ ۾ ڏکن، سُکن جو اچڻ فطري عمل آهي ۽ اِهي مايوسيون ۽ پريشانيون هر ماڻهوءَ جي حياتي ۾ اچن ٿيون. پر مَزو اِن ڳالهه ۾ آهي ته ماڻهوءَ اهڙي ڪَٺن ۽ ڏُکيءَ صورحال کي مُڙس ٿي مُنهن ڏي، انتهائي تدبر ۽ ڏاهپ سان مُشڪلاتن جو مقابلو ڪري. وقتي طور آڏو آيل مُختلف قسم جي پريشانين سبب ماڻهو گهٻرائجي ضرور وڃي ٿو پر جي ماڻهو ۾ وِل پاور آهي منجهس اخلاقي جُرئت آهي ته هُو ڀٽائي جي هِن بيت کي بيان ڪري سگهي ٿو ته آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿئين. دُنيا ۾ جن به ماڻهن وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن، اُنهن جي جيون-ڪٿا جي ڪتاب جو هر ورق اسان لئه اهڙن مثالن سان ڀَريو پيو آهي. اُنهن ماڻهن جي همت، حوصلي ۽ جُرئت کي ڏسي، پڙهي ۽ ٻُڌي اسان به اُنهن جي تجربن مان ڪُجهه پرائي سگهون ٿا، ڪا هڙ حاصل ڪري سگهون ٿا، اُنهن آدرشيءَ اِنسانن جي ڪارنامن جي پيروي ڪري، اسان به پنهنجي راهه ۾ ايندڙ هر رُڪاوٽ ۽ هر مُشڪل کي عقل، فهم، تدبر هِمت ۽ حوصلي سان حل ڪري سگهون ٿا ۽ هر مُصيبت کي مات ڏيئي سگهون ٿا، پر شرط اِهو آهي ته اسان پير پَساري ويهڻ بجاءِ رائو ريليون ۽ هي جيڪو هٿن ۾ ڪشڪول آهي، اِهو اُڇلائي ڦِٽو ڪري منزل جي ڳولا ۽ جُستجو ۾جُنبي وڃون، بُلڪل ائين جيئن اُستاد سوڍي جوڳيءَ، باوجود جوڳي فقير هُئڻ جي، هٿن ۾ ڪشڪول کڻڻ بدران هِيءَ سَين هَنيي آهي ته؛
”ڇا جي لئه هٿ ۾ ڪشڪول ...... سوڍو جوڳي“.
سامعين! ٿر جي مُهڙ واري شهر نئون ڪوٽ کان اتر-اولهه طرف سڏ پنڌ تي هڪ ڳوٺ آهي، سنڌ جي سادات گهراڻي جو ڳوٺ، روشن علي شاهه ۽ اُتي ئي پنهنجي قديم ماڙيءَ ۾ موجود آهي، سنڌ جو هڪ اهڙو سگهارو شاعر، جيڪو نه رُڳو سيداڻي شان و شوڪت مان ۽ مَريادا سان زندگي گُذاري ٿو پر راڄنيتي ۽ ڀلا رش هَستيءَ جي حيثيت سان انسانيت جو به وڏو علمبردار آهي. هُو جنهن جو حَسب نسب ميئن شاهه عنايت رضوي سان وڃي ملي ٿو. اُنهي سدا بهار شاعر جي گهڻ رُخي شخصيت جا ايترا ته انيڪ انوکا اَڇوتا ۽ رنگ برنگي پهلو آهن، جو هر هڪ تي هڪ الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو سندس صحتمندي ۽ ڊگهي ڄمار جو اصرار اهو آهي ته هُو سدائين خالص کاڌو کائي ٿو. پنج وقت پابندي سان نماز پڙهي ٿو ۽ اٻوجهه ٿري عوام، لاڙ توڻي تر جي مسڪين ماڻهن جي ڪم اچڻ کي عبادت سمجهي ادا ڪندو رهي ٿو.
سائين عباس علي جنهن جي چوڌاري سرينهن ۽ سُورج مُکي جا سَر سبز کيٽ آهن جنهن جي اکين اڳيان ڪنهن صوفيءَ جي ڪُشاديءَ دل جهڙو هيڏو سارو ٿر ۽ اُنهي جا من موهيندڙ منظر آهن. اُنهي ٻهڳڻي شاعر جي شاعريءَ جي جَلون، جهرمر، جوت ۽ جَرڪَ جي ڪَٿ ڪو ڪويسر ئي ڪري سگهي ٿو باقي مون جهڙي مسڪين جي ڪهڙي مجال جو هڪ پُوري دؤر جي دلرُبا شاعر ۽ اعليٰ پايي جي اهِل دل ڪويءَ جي ڪويتائن جي ڪَڇَ – وهٽ ڪري سگهان، سنڌي شاعريءَ جي اُنهن ڪلاسيڪل صنفن کي، جيڪي جديد شاعريءَ مان اڻلڀ ٿي ويون آهن. اُنهن کي وري جيارڻ لاءِ سائين عباس علي شاهه جا ٿورا ٿر ۾ واري ٿوري تيهان ئي گهڻيرا، ٿورا ته سندس ادبي توڻي حقيقي اولاد اياز رضوي جا پڻ جهن رت ولوڙي ڀَتُ ڪيو تڏهن ئي ههڙو شاندار ڪتاب ”در نه مٽجي دوست جو“ سنڌي ادب جي موڪري ماٿي تي ڪنهن تلڪَ وانگر تجليون ڪري رهيون آهن.
پيار جتي ملندو ............ شمن ميرالي
سامَعين! ڪو زمانو هو جو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ماڻهن جي دلين سان گڏ ڌڙڪندو هو، ڇاڪاڻ جو هڪ طرف ڏاڏي فتح خان جي ڏاهپ هُوندي هُئي جيڪا ماُڻهن کي نه رُڳو مايوسين مان ٻاهر ڪڍڻ جو هُنر ڄاڻيندي هُئي، پر ساڳي وقت سندس سُگهڙائپ عوام الناس لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ پڻ هُئي، ٻي طرف وري سنڌ جا اُهي راڳي ۽ فنڪار هُئا، جيڪي عام فهم شاعري، لوڪ ڌُنن ۽ مصريءَ جي تڙن جهڙي مِٺي ۽ سُريلي آواز وسيلي سڄيءَ سنڌ جي دلين تي راڄ ڪندا هُئا. مُنهنجي خيال ۾ اهو 1970ع کان 1980ع وارو ڏهاڪو هو، جڏهن ريڊيو حيدرآباد تي جلال چانڊيي، قاسم اوٺي، چاڪر چانڊيي، ڦوٽي زرداري، مائي ڀاڳي، موسيٰ حُسين سَمي، مُحمد رحيم سومري، مُحمد ابراهيم، عبدالله پنوهر، زرينه بلوچ، زينت صديقي، رُوبينا قريشي، انور وسطڙي، ڪزبانو ۽ نُوربانو جي هاڪ هُوندي هُئي، اُنهن فنڪارن ڪلاسيڪل حيثيت اختيار اُن ڪري ڪئي آهي جو هُنن نه رُڳو راڳداريءَ ۾ رچي پوءِ رُوح سان ڳايو، پر اُن وقت جي موسيقارن جون لاجواب محنتون به ساڻن سنگ، سنگ رهيون، تڏهن ئي ته اُنهن گيتن امرتا ماڻي آهي ۽ اُهي انمول گيت اهڙا ته سدابهار سانگ آهن، جن تي ڪڏهن به ڪا پَن ڇَڻ رُت اچي نٿي سگهي. لاڙ جي لاڏلي شهر تلهار سان تعلق رکندڙ مائي نُور بانو به اهڙن ئي عظيم ڪلاڪارن مان هڪ هُئي، جنهن جيڪي ڪُجهه به ڳايو سو لاجواب ڳايو، هُن جي آواز ۾ جيڪا اُداسي هُئي، جيڪو درد سمايل هو اِهو ڪو ئي اهِل دل ماڻهوءَ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ اُنهن اهِل دِل ماڻهن لاءِ اسان السلاعليڪُم مٺيءَ ۾ هر هفتي هڪ يادگار گيت ڪنهن نه ڪنهن سدا بهار آواز ۾ ضرور پلي ڪنداسين، ۽ هِن وقت جيڪو ڪلام اسان اوهان کي ٻُڌرائڻ گهُرون ٿا. اُنهي ۾ ڏوهيڙا ڏنا آهن، اُستاد مُحمد جمن ۽ آواز آهي نُور بانوءَ جو.
”سنگهاريون ڇو نه ................ نور بانو“
سامعين! تعليم اِنسان ذات جو مُقدس ۽ مُعتبر حق آهي، ڇو جو قومن جي بقا ۽ وقار جو دارومدار عِلم تي ئي آهي، هاريپي کان وٺي سائنس جا سمورا جهان ۽ جنتون عِلم وسيلي ئي اڏيا ويا آهن، علم سمجهه، ساڃاهه ۽ سوجهري جو اُهو معراج آهي، جتان ماڻهو نبين ۽ پيغمبرن جي رُتبي تي رسن ٿا، دُنيا جا سمورا ڀلا رش ۽ ڏاها ماڻهو علم وسيلي ئي سُڃاتا وڃن ٿا، پر اُنهي علم جي اسان وٽ ڪيتري اهميت آهي، اسان پنهنجي اولاد، اسان پنهنجي گُلن جهڙن ٻارڙن کي پڙهائڻ، اُنهن جي صحت ۽ تعليم جو ڪيترو خيال رکون ٿا، جيڪي اسان جو آئيندو آهن، جيڪي اسان جي مُستقبل جا معمار آهن، اُنهن سان اسان جو سُلوڪ ڪهڙو آهي ۽ دُنيا پنهنجي آئيندي جي اڏيندڙن لاءِ ڇا ڇا نه ٿي ڪري، اُن بابت هِتي آئون رُڳو هڪڙو مثال ڏيان ٿو، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سُتل ضمير کي سُجاڳ ڪري وجهي.
سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمي ماهر ادي رشيده بلوچ آمريڪا مان ڪا ٽريننگ ڪري موٽي ته کائونس ڪنهن رسالي واري هڪ انٽرويو ۾ پُڇيو ته، هِتي ۽ هُتي جي تعليمي نظام ۾ ڪو خاص فرق محسوس ڪيو؟ اديءَ ٻڌايو ته هِتي ۽ هُتي جي تعليمي نظام ۾ وڏو فرق آهي، پر اُتي جنهن ڳالهه مونکي متاثر ڪيو سا اِها هُئي ته جيڪڏهن اُتي گهر ته ڇڏيو پر هاسٽل ۾ رهندڙ شاگرد به صُبحءَ جو ناشتي تي ٿر جي ڀورڙي تِتر جي فرمائش ڪري ته اُها هر حال ۾ پُوري ڪئي ويندي پوءِ چاهي اُن تي ڪيترو به خرچ ڇو نه اچي، ڇاڪاڻ جو اُهي ٻارن جي جسماني، رُوحاني، ذهني ۽ نفسياتي نشونُما جو خاص خيال رکن ٿا، اُن ڪري اُهي صُبح سويل ٻارن کي ناراض ڪرڻ بجاءِ خوش ڪري اسڪول موڪلين ٿا، ته جيئن اُهي پنهنجي پڙهائي ۾ خُوشيءَ سان دلچسپي وٺن ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين ۽ ڇا اسان جو سُلوڪ به پنهنجي ٻارڙن ۽ شاگردن سان اهڙو ئي آهي؟اُنهي سوال جو جواب هرڪو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي حاصل ڪري سگهي ٿو. هينئر ٻُڌون ٿا مشتاق ٽڳڙ کي جيڪو پنهنجي ماءُ سان هيئن مخاطب آهي.
او امان ، او امان .................... مشتاق ٽڳڙ
سامعين! انگريزي ٻوليءِ جي مشهور اديب برناڊشا کان ڪنهن صحافيءَ انٽرويو ڪندي پُڇيو ته؛ اوهان جي وڏيءَ عُمر جو راز ڪهڙو آهي؟ هُن وراڻيو ته آئون هميشه پنهنجو مٿو ٿڌو ۽ پير گرم رکندو آهيان. خير اِها ڳالهه اخبار ۾ اُنهي صحافيءَ شايع ڪئي، جنهن کي ڪو نسخو ناياب سمجهي ماڻهن پنهنجي عُمر وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو، اُنهن ڇا ڪيو جو مٿي تي برف رکي ۽ پنهنجا پير باهه تي سيڪڻ شروع ڪيا. نتيجي طور سڄي شهر جي ماڻهن ۾ نمونيا وڌڻ لڳي ته اُهي سخت احتجاجي جلوس جي صُورت ۾ برناڊشا جي در تي وڃي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. نيٺ برناڊشا پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪري ماڻهن کي سمجهايو ته؛ مٿو ٿڌو رکڻ مان مُنهنجي مُراد اِها آهي ته آئون ڪاوڙ ڪڏهن به ناهيان ڪندو ۽ پير گرم رکڻ مان مُنهنجو مطلب اِهو آهي ته آئون هميشه پيادل پنڌ هلندو آهيان. اُن کانپوءِ ئي اِها ڳالهه وڃي ماڻهن جي مٿي ۾ ويٺي ته ڪاوڙ ۽ غصو نه ڪرڻ سان ئي ماڻهو جو دماغ ٿڌو رهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڪاوڙ نه رُڳو انسان کي اجائي تيش ۾ اچي غلط ڪم ۽ اڻ سُهائيندڙ عمل ڪرائي ٿي، بلڪِ خود ماڻهوءَ جي پنهنجي صحت لاءِ به انتهائي هاڃيڪار آهي، ڇو ته ڪاوڙ سان ذهن ۾ ڪشيدگي پيدا ٿئي ٿي، تناءُ وڌي ٿو، دماغ تي ۽ دل تي پريشر وڌي وڃڻ ڪري ماڻهو هاءِ بلڊپريشر ۽ دل جي مرض ۾ مُبتلا ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري سدائين ڪوشش اِها ڪجي ته سهپ ۽ درگُذر جو پاڻ ۾ مادو پئدا ڪجي. قوت برداشت ئي ماڻهو کي خوشگوار مزاج توڻي ماحول بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. سو صبر، ڌيرج ۽ ٿڌيءَ دل سان سوچي سمجهي پوءِ ئي ڪو قدم کڻو، ڪنهن جي اڻوڻندڙ ڳالهه يا واقعي تي جذباتي ٿيڻ يا ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ مُسڪرائي فراخ دليءَ سان مسئلن کي مُنهن ڏيو ۽ محبت ۽ پيار سان ئي اُنهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، اِهو ئي مُهذب دنيا جو دستور آهي، اِهو ئي انسانيت جو منشور آهي بقول ڀٽائي جي؛
هُو چونئي تون مَ چؤ، واتان وارائي،
اگ اڳرائي ڪري خطا سو ئي کائي،
پانڌ ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينڪي.
سامعين! گُذريل هفتي ڪنهن ادبي پروگرام ۾ شرڪت سانگي اَمراڻي جي گڍ وڃڻ ٿيو، ۽ جيڪڏهن عُمرڪوٽ وڃجي به سَهي پر جي روحل واءِ جي نگريءَ ۾ رهندڙ سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر حليم باغيءَ جي ڀُونءَ تان ڀيرو نه ڀڃجي ته ڄڻ سموريءَ سنڌ تان ڀيرو ڀڃي ڇڏيو، سو اسان جي ٽه مُورتيءَ يعني مون، ڀارومل اَمراڻي ۽ فراق هاليپوٽي، حاجي ساند جي سنگ ۾ روحل واءِ کي وڃي ڏٺو، ڄڻ سڄيءَ سنڌ جو ديدار نصيب ٿيو. حليم باغيءَ جنهن جا نظم ظلم ۽ ڏاڍ جي ستم ظريفيءَ سان سينا سُپر ڪري سڀ ڄَمار وڙهيا آهن، سچ پُڇو ته اُنهي سنڌ جي سادي سٻاجهي شاعر جي هڏن مُٺ هاٺي ۽ جهُريل جسم ڏسي، اسان جا جيءَ به جُهري پيا، توڻي جو هِن وقت حليم جي صحت ته سُڌرندڙ آهي، پر سندس ڏيل ڏکويل ڏسي، اسان کي پنهنجي بي قدريءَ تي افسوس ٿيو. اسان ماڻهو ۽ اسان جا ادارا پنهنجي ننڍي قد کي اُوچو ڏيکارڻ لئه ڇا، ڇا نٿا ڪيون، پر اسان پنهنجي شاعرن ۽ ڏات ڌڻين کي ائين بي يارو مددگار ڇڏي ڏنا آهن، لاڙڪاڻي جي شاعر سعيد ميمڻ جيئن حليم باغي به اسان ۽ اسان جي علمي، ادبي ادارن جي، بيرُخيءَ ۽ بي حسيءَ جو شڪار آهي، اسان ٻيو ته ڪُجهه نٿا ڏيئي سگهون پر دُعائن جا هٿ اُڀا ڪري کيس دُعائون ڏيئي سگهون ٿا ته خُدا وَند ڪريم سنڌ جي هِن سُريلي شاعر کي ڊگهي ڄمار عطا ڪري ته جيئن هُو سنڌ کي هِيءَ ميار ڪڏهن به نه ڏي ته ”جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پو مُنهنجي تو کان دوُري آ“.
اڙي شهر جانان! ....................... شفيع فقير