3
سامعين! کِلڻ ۽ رُوئڻ ماڻهوءَ جي فطري جبلت ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا، پر پاڻمُرادو ڪو ائبنارمل اِنسان ئي کِلندو يا رُوئيندو آهي، ورنا ماڻهو کِلندو فقط تڏهن آهي جڏهن کيس ڪائي خوشخبري مِلندي آهي يا کيس ڪا خوشي نصيب ٿيندي آهي، ڪا اهڙي سَرهائي جيڪا ماڻهو کي مُرڪڻ تي مجبور ڪري ۽ وڏا، وڏا ٽِهڪ ڏيڻ تي مجبور ڪري. ماڻهو روئيندو تڏهن آهي جڏهن کيس ڪوئي اَهنجُ، ايذاءُ پهچائي، ڪو دُک ڪا تڪليف پنهنجي يا پرائي کان پهچي ته اِنسان جي اندر جي آڪاس تي آگم جا آثار ظاهر ٿيندا آهن ماڻهو جو من رَڄُ ٿي روئيندو تڏهن آهي جڏهن کيس ڪنهن ساهه کان ويجهي ماڻهو جو سوز، سُورمن جي موهه کي مُرجهائيندو آهي، اکيون آرا ۽ نيڻن ۾ جُهڙ ڪنهن جي جُدائي جي جهوري آڻيندو آهي يا ذاتي زندگي جو ڪو الميو ئي ماڻهو کي مايوس، اُداس ۽ پوءِ ڳوڙها ڳاڙڻ يا اوڇينگارون ڏيئي روئڻ تي مجبورڪندو آهي، پر ڪڏهن، ڪڏهن ماڻهو کي ڪا اوچتي خوشيءَ جي خبر به لُڙڪَن لاڙڻ تي مجبور ڪندي آهي، غمي يا خوشيءَ ٻنهي ڪيفيت ۾ اکين مان لُڙڪ لڙڻ فطري عمل آهي، پر جيئن چوندا آهن ته روئڻ ۽ کِلڻ ٻئي هِنئين کان هيٺ آهن، سو سواءِ ڪنهن ڏُک سُور جي، ڪنهن اذيت، ڪنهن ايذاءُ جي اجايو ڪير ٿو هنجون هاري، جيڪي ماڻهو هزارين غم هن جهانِ پناهه جا پنهنجي پُٺن تي پُٺارڪن جيئن کڻي به کِلندا رهن ٿا، غمن کي گُناهه جيئن لوڪان لِڪايو به لکا ڪونه ٿا ڏين، هر ڏُک، سُک کي جهولي پائي جهلين ٿا، پَر ڪنهن سان ڪا شڪايت نٿا ڪن، ڪنهن سان ڪا گِلا نٿا ڪن، پنهنجي زندگي جي هر اوڇي مذاق کي برداشت ڪرڻ جو ڪمال جو حوصلو ۽ همَت رکن ٿا، پنهنجي يا پرائي پر هر درد سان دل لڳيءَ جيئن نِڀائن ٿا، سُور پرائي ساٿ جا نڀائي به ڪڏهن ڪا ٻڙڪ ٻاهر نٿا ڪڍن، اهڙا ماڻهو، اکين ۾ آب آڻي عام کي ڏيکارڻ بجاءِ اندر ۾ اٺئي پهر پيا وِڄکندا ۽ وِنجهلندا آهن. سندن من جي آسمان تي سدائين سانوڻ مينهن پيا وسندا، سَندن جيءَ جا جهروڪا، نيڻن جي نيري اُڀ تي ڀُورا، ناسي بادل بڻجي ڀرجي ايندا ۽ ويندا آهن پر ڳوڙهن کي پيئڻ ۽ لُڙڪن تي ضبط جو هنر ڪو هنن درد وندن دلين کان ئي سکي. ظاهر ۾ سُڪل ٺوٺ نيڻن وارا ماڻهو اندر ۾ اوڇينگارون ڏيئي روئيندا آهن ۽ خلق اڳيان اُن ڪيفيت کي لِڪائڻ لئه کِلندي نظر ايندا آهن ۽ پاڻ پڄري ٻين جي مُکن تي مُرڪون آڻڻ وارا ئي عظيم اِنسان هوندا آهن.
تُنهنجي کلڻ تان ................. ديبا سحر
سامعين! ڪو زمانو هو جو، اسان جي سنڌي سماج خاص طور تي ٿر ۾ ٿيندڙ شادين ۾ تمام گهڻو رومانس هُوندو هو. شاديءَ جا ڏينهن چٽا ٿِيا، تاريخ ٻڌي يا مَنهين کوڙ ڏِني ته نه رُڳو اُنهي گهر، پاڙي، ڳوٺ، پر اوسي پاسي جي عزيزن ۽ قريبن ۾ به خُوشيءَ جي هڪڙي لهر ڇائنجي ويندي هُئي. ڏينهن چٽا ٿيڻ کانپوءِ سڄي ڳوٺ جون ڏسيون (عورتون) رات جو گهوٽ يا ڪنوار جي گهر گڏ ٿِي سڄو مهينو ڳيچ ڳائينديون هُيون. اُٺن تي لاڙ مان ايري چانور ڀري اچڻ لاءِ قطار ويندي هُئي ته به لاڏن ۽ سهرن جي جهَڪور پئي پوندي هُئي. ڇَنا کوڙائبا هُئا ته به گيت، ڪاٺيون جهورائبيون هُيون ته به سهرا، اٽالڙو ڀڃي اچبو هو ته به ڳيچ ڳارائبا هُئا. ڪوٺي جي رلي سِبرائبي هُئي يا ٻانڌڻي ٻٽ ٽؤنرائبي هُئي ته به ڳل تي هٿ رکي هر ڪا عورت ڳيت ڳائيندي هُئي. چَريون کوٽرائبيون هُيون ته به لاڏا، پخالن ۾ پاڻي ڀَرائبو هو، چَلهو ٺهرائِبو هو ته به سهرا، ونواهه، گهڙي، سرگس، پِڙو، ڄانڃيارو، تورڻ، موڙ، ميندي، نکيٽي، مطلب ته هر ريت ۽ رسم ۾ ايتري ته ڪشش ۽ قُرب سمايل هو جو هر ننڍو توڻي وڏو، مائي توڻي مِيون جهَليو جهَل ڪا نه ڏيندو هو. مهينن کا وٺي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي شوق جي تياري ڪبي هُئي، ڪپڙا سِبرائبا هُئا، نه ته به ڪنهن کان ڏوجها کڻي پهري به شاديءَ ۾ ٽاٽ ٿِي وڃي لهبو هو، عورتون پَرايا، پنهنجا ڳهه ڳٽا پائي وڃي ڀت ڀيڙيون ٿينديون هُيون، مرد ماڻهو بوسڪي جا پٽڪا ٻڌي وڃي ڇني جي ڪُنڊ جهليندا هُئا. ڇا ته چارم هو، دلچسپي هوندي هُئي، هر ڪو پنهنجي حصي جي ڪم کي نِهايت ئي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيندو هو. ورهين کانپوءِ وڇڙيلن کي مِلڻ جو موقعو نصيب ٿيندو هو. ڀوڳ، چرچا، مذاق، فوٽاڻا، جهيمڻ، روڙ پُون، هڪڙا هوندا هُئا ويهان وَتو، ٻيا هُوندا هُئا منجهه – مُهاليا ڪي سگريا شريڪ ٿيندا هُئا ته ڪي وري ڇڙا ڇانڊ، امير، غريب شاديءَ ۾ سڀئي هڪ ئي ڦيليءَ ۾ کچ کائيندا ۽ هڪ ئي ڇَل ۾ پاڻي پيئندا هُئا، حجام، مڱڻهار، موچي، ميگهواڙ، ڪُنڀار سڀئي اُن ڏهاڙي تي آسي وصول ڪرڻ ايندا هُئا. آهتپي وارن جا وارا نيارا به سال ۾ فقط شاديءَ ۾ ئي ٿيندا هُئا، ڪاڄ خيرن سان نبريو هر ڪو ڪوري ڏيئي چار کارڪون کڻي وِرو (ڀت) وڌائي پنهنجي، پنهنجي ماڳ موٽي ويندو هو. پر اڄڪلهه جي شادين مان اُهي سڀئي خوشيون ختم، سڀيئي لطف لاپتا، سڀئي سَرهايون گُم، سڀئي شوق ۽ شاديءَ جي حُسن جا هڙئي رنگ غائب آهن. ڏوڪڙن تي ڀت اڳي کان به ڀلو ملندو پر اُهي مُحبتون اُهي مزا موڪلائي ويا، نه سِڪ نه ڇِڪ نه اُڪنڊ نه اُڪير ڪنهن به شاديءَ ۾ شريڪ ٿِيو ڪنهن به ويهانءُ ۾ وڃو اوهان کي لڳندو ئي ڪو نه ته هِتي ڪا شادي آهي ڄڻ ڪي عاشورا آهن يا ڪنهن محرم جو ڏهو آهي جنهن تي نذر و نياز وَنڊيو ۽ ورهايو پيو وڃي. سو اچو ته پنهنجي شاندار ثقافتي روايتُن جا اُهي سمورا رنگ، اُهي سموريون مُحبتون ڀُنگ ڀَري به موٽائي اچون، آزاد ڪرائي اچون، جيڪي ”جديديت“ يا ”مُلايت“ جي آڙ ۾ اسان کان اغوا ڪيون ويون آهن.
سائين مُنهنجا! موسمن وانگر ماڻهوءَ جي ڄمار به مُختلف مرحلن مان گذري ٿي، هڪڙي عُمر اِها آهي، جڏهن اِنسان هِن دُنيا ۾ اک کولي ٿو، اک کولڻ سان ئي پهرين زيادتي ساڻس اِها ٿئي ٿي جو کيس ماءُ جي ناڙي مان ڪٽي الڳ ڪيو وڃي ٿو، هُو اُن وقت به احتجاج ڪري ٿو، ٻي نا انصافي اُن وقت ٿئي ٿي، جڏهن کائونس زبردستي ماءُ جي ٿڃُ ڇڏرائي وڃي ٿي، هُو اُن وقت به شديد احتجاج ڪري ٿو، پر ڇا ڪجي جو، اُها فطري فِنامِنا آهي ۽ قدرت جي قانون اڳيان ڪا به ڪاريگري ڪو نه ٿي هلي ۽ جڏهن ٻارڙو ڪُجهه وڏڙو ٿئي ٿو ته کيس ماءُ جي هنج مان اُٿاري وقت وٽائونس، گڏيون، ٻاٽا ۽ بلور ڦُري سندس هٿن ۾ سليٽ، ڪتاب يا پانو ۽ ڏاٽو ڏيئي اسڪول، ڪارخاني يا ٻنيءَ ڏانهن اُماڻي ڇڏي ٿو. گُڏين جا گهر جوڙڻ، اِٽي ڏَڪر راند رمڻ، پنهنجن هڪجيڏن، هڪجيڏين سان انگل آرا ڪرڻ جي حسرت هر ٻار جي من ۾ ائين ئي اڌوري رهجي وڃي ٿي ۽ هُو وقت کان اڳ ۾ ئي جوان ٿي وڃي ٿو. ته کوڙ ساريون سماجي ذميواريون سندس وجود سان وڳي وانگر ويڙهجي وڃن ٿيون، ۽ هِن جي جيون جهول ۾ رُڳو ٻيهر ٻار ٿيڻ جي خُواهش ئي ريڙهيون پائيندي رهي ٿي. ٻالڪپڻ جون حدون اُڪري هُو جڏهن جواني جي جڙي گهوڙي تي رقيب ۾ پير پائي ٿو ته سندس هٿ تِرين جي لڪيرن ۽ اکين جي آکيرن مان پوپٽ پڪڙڻ، گُل پٽڻ، ڀينگاريون جهلڻ ۽ مَٽڪُو راند رمڻ جا سمورا سپنا ڀوترين جيئن ڀڙڪو ڏئي اُڏري وڃن ٿا ۽ ماڻهوءَ جي من. ننگر جي تصور ۾ ڪُجهه يادگيرين جا ڪچا رنگ ئي رهجي وڃن ٿا. جيڪي کيس هر سَمئي يادِ ماضي بڻجي مَن ۾ مُٺ وِجهي ائين نپوڙين ٿا، جيئن ڪو رنگريز ڪوري ڪپڙي کي رڱڻ کانپوءِ نپوڙيندو آهي. ماڻهو عُمر جي ڪهڙي به ڏاڪي تي هُجي، ٻاروتڻ جا اُهي ٻاجهارا ڏينهن ۽ اُنهن ڏينهن جون رنگين يادون پاڇي وانگر سندس پيڇو ناهن ڇڏينديون، امڙ وٽان اَنُ کڻي، اُهو ڪنهن هٽ تي ڏيئي اُتان ريوڙيون ۽ نقل وٺي کيسا ڀَري کائِڻ، ڪُريون ڀُڳائي ڪُرٽڻ يا ڪوڪڙ کائيندي ڪَڪِڙيون ڏاٺ ڏيڻ بنا ڳڙڪائڻ، ڄارين جي ٽارين يا نِمَن جي لامُن ۾ لوڏون ٻڌي لُڏڻ، ڀٽنُ جي چَوٽين تان گهڙن سان گڏ گِڙگڻ وارا دل لُڀائيندڙ لمحا، ڀلا ڪو بندو پنهنجي ذهن جي سليٽ تان مِٽائي يا ميساري سگهيو آهي؟ پر وقت وڏو بي رحم بادشاهه آهي، جيڪو هوريان، هوريان اِنسان کان اهِي حسين پل چورائي ويندو آهي. عُمر جي وڌڻ کانپوءِ ماڻهو پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي محسوس ڪندو آهي، آواز انداز، اُٿي ويٺي، جسماني نِکار سان گڏ ذهني بلوغت طرف تيزي سان روانگي، ماڻهوءَ جي سوچن جا محور ۽ مرڪز به تبديلي جي عمل مان گذرندا آهن، اندر ۾ اُٿل، پُٿل ۽ ڀڃ ڍاهه شروع ٿي ويندي آهي، ويٺي ويٺي اُداس ٿيڻ، بي چين ۽ بي قرار ٿيڻ، ڪنهن شيءَ جي ڪمي، ڪا کوٽ، ڪنهن جي اڻهوند جو احساس، ڪنهن سان مِلڻ جي خُواهش، ڪا عجيب آرزو، ڪا تمنا، ڪو پرايو به پنهنجو لڳڻ، ڪڏهن ڪنهن جي سار سان سڄو سرير سَرهو ٿيڻ ۽ دنيا جا سمورا رنگ ڪنهن هڪ هستيءَ جي حُسن، ڪنهن هڪ مُهانڊي جي مُرڪ ۾ مِڙي، سَموئجي سندر لڳڻ، هِيءَ عُمر جي اِها حد آهي، جتي الهڙَ جواني جنم وٺندي آهي، هڪ اهڙي اڙل وڇيري جهڙي عُمر، جنهن ۾ ماڻهو سڄي دُنيا کان بي نياز رُڳو ڪنهن هڪ فرد جي فِڪر، ڦوڙائي، فراق ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ سڄو ڏينهن سستي سگريٽ جيئن سڙندو آهي ته رات جو وهاڻي تي پنهنجي نيڻن جا نيرا خواب لُڙڪن جي روپ ۾ لوڙهي دل جو بار هلڪو ڪندو آهي. پر افسوس جو اِها مست جواني، جيڪا ماڻهوءَ جي مِزاج، موڊ ۽ طبعيت جا سڀئي تيور تبديل ڪري ڇڏيندي آهي، سا به گهڻو عرصو ساٿ نڀائي ناهي سگهندي، ۽ حياتي جي هِن حسين موڙ تي، هٿ ڇنڊي، واٽُون وَنڊي بيهندي آهي، تتر جي تيز اُڏار وانگر جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا مهمان هوندو آهي، ماڻهوءَ سان هِن موڙ تي عُمر ٺڳي ڪندي آهي ۽ ماڻهو اياز کان هِي سِٽون اُڌاريون کڻي اَحتجاج ڪندو آهي ته؛
سُونَ جهڙي جواني اسان کان وٺي،
وار چاندي ڪيئي، عُمرَ! ايڏي ٺڳي!
سامعين! نه ڄاڻ ڇو ڪُجهه عرصي کان جيءَ جي جُهوناڳڙهه ۾ ڪو ٻارڻ هو، جيڪو ٻَريو پئي پر ٺريو موُر نٿي... ۽ شاهه سائين جي سُر سامُونڊي جا سڀئي سوز و گداز هڙني حواسن تي حاوي هُئا، سَرير جي سنڌي وڏي سُمنڊ ۾ سُر سامُونڊي پُوري شدت سان بي چين ۽ بي قرار هو، شايد ڪنهن وڻڄاري جي وڃڻ جي ويل هُئي، جيڪو سِڙهه سنڀالي ساڄا ڪري ڪنهن پَراهين پار اُسهڻ جي آخري تيارين ۾ مصروف هو.. هيڏانهن وري جيءَ سان هيءَ سٽ جهيڙيندي رهي ته؛ ڪري ڪندينءَ ڪوهه، واڪا ويندن پويان، وڃڻ وارا ته هليا ويندا آهن پر سندن سارَ جي اوڏاڻن اُٺن کي ڪير مُنهن ڏي. جن کي نه وقت بادشاهه نوَ نيئريا پنڌ رهن پيد هڻي ٿو سگهي ۽ نه ئي سندن سِڪ جي فيِل مست اُٺ کي ڪا سيلهي يا ڪو ئي تر لڳائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه آهي.
ڪچيءَ نموريءَ کان به ڪڙي جُدائي جي اهڙي گهڙي، مظهر لغاريءَ جي هيءَ سٽ ”ٽِڙڻ جا ڏينهن هُئا اسين ڇڻيا آهيون“ بڻجي جيءَ کي جهٻي ڏي ٿي ته ماڻهوءَ جي وجود جو وينگي جهڙو وڻ سيڏيي واريءَ ڊگهيءَ ڪنڊيءَ جي ڪنهن ڏار جيئن ڦهڪو ڪري اَچيو پٽ پوي ٿو. هِيءُ ڪُمهلي ۽ ڪٺور گهڙيءَ جو گهاءُ، هِي فراق ۽ ڦوڙائي جو ڦٽ، جيڪو رُوح جي اڇڙي ٿر تي ٿوهر بڻجي ڦٽو آهي ته اندر جا سڀئي اُڀراڻا احساس زخمي ٿي پيا آهن. هيءَ ڪربناڪ ڪُرلاءُ جهڙي ڪُوڪ، هي غمِ حسينيءَ جهڙي پُرسوز صدا من جي مِٺيءَ مان موهن ڀڳت جي تنبوري جي تند تي تپي ٿي ”لوڪ سُتو ننڊون ڪري مُئي تي مچڙاٻرن“ ته ماڻهو کي شام غريبان جهڙيون گهٽائون گهيريو وجهن.... ڪنهن کان ايئن اچانڪ وڇڙي وڃڻ جو احساس، ڪا شيءَ هٿ مان ڪري پوڻ جهڙي ڪيفيت، حياتيءَ جي هڙ موڙي وڃائجي وڃڻ يا سڀ ڪُجهه کسجڻ جو خوف ماڻهوءَ جي من ۾ ڇپلي هڻي ويهي ٿو رهي. ڪنهن بي گُري بلا جيئن ويچار جي هرواٽ تي ٿارو هڻي ويهي ٿو رهي. ڀلا ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان ڪو ته رشتو يا ناتو ضرور آهي، جيڪو کيس بي چين ڪري ٿو، ۽ هينئڙو اوٺي وڳ جيئن بي جپو ٿي پوي ٿو ۽ اهڙيءَ اُگريءَ ويل بي چئي دل، جيڪا دنيا جا دستور مڃي ئي نٿي ۽ جنهن کي هِن جهانِ پناهه جا سڀئي سائنسي، معاشي، متظق ۽ سمورا سماجي فلسفا قطعي سمجهه ۾ ڪو نه ٿا اچن، سا ڀٽائي جي سُر سامونڊي جون هِي سِٽون سُڻي جهڄي ۽ جهُري پوي ٿي؛
مَون اُڀي تڙ هيٺ، پرين پڳهه ڇوڙيا،
ڪا مُونهين ۾ ڏيٺ، نه ته سڄڻ سٻاجها گهڻا.
يا وري هيءَ سِٽ هِنئن ۾ هٿُ وجهي ويهي ٿي رهي ته؛ هُو ٿا پَلاڻين، هينئون مُنهنجو هِتي ٿو هڻيو ٿئي!!..... ته ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿيندو آهي، کيس ائين لڳندو آهي ڄڻ سندس مڇيءَ جهڙو مَنُ شاهه سائين جي هر سٽ ۾ ڪُنڍيءَ ۾ ڦاٿل ڪرڙيءَ وانگر ڦٿڪي ۽ تڙپي رهيو آهي.. ماڻهو جيڪو هُونئن ته ڪاري مٿي جو ڌڻي ڏاڍو آهي پر سندس اختيار ۾ آهي ئي ڇا؟ نه جيئڻ چاهي تئين جيئڻ وسَ ۾ ۽ نه ئي وري کيس مرضيءَ سان مرڻ جو حق حاصل بقول حسن درس جي، ”ڇڏي ڏيو ته ماڻهو مَزي سان مَرنَ“ مزي سان مرڻ رَڄُ ٿي روئڻ ۽ خوش ٿي کِلڻ جي حقن کان محروم ماڻهوءَ جون جن سان ٻٽيهه دليون هُجن ۽ جن کي ڏُور کان ايندي ڏسڻ لاءِ اکيون ڪنهن اکڙيي جيئن ڀٽن تي بيٺل هُجن، اُهي جيڪڏهن اوچتو سَجيلي ساٿ جي ٻک مان هٿ ڇنائي هليا وڃن ته پوءِ ماڻهو ويچارو مٽيءَ جي ڪچي گهڙي جهڙو زماني جي تار درياهه مان ترڻ کان اڳ ۾ ڀُريو ڀُور ٿيو پوي... اهڙي حالت ۾ خيال جي هر کٽ تي فقط درد جو جبر ئي ڀاڳوٺي ٺوڪي ويٺل اُن اڻ ڪوٺي ۽ ڪرياتي مز مان جهڙو ڀاسندو آهي، جيڪو اچڻ ۾ ته ڪنهن آمر جيئن اوير ناهي ڪندو پر وڃڻ بجاءِ اڻ ڄاڻايل مدي تائين اندر جي اوتاري ۾ آري تي ويهي رهندو آهي ۽ پويان رهجي وينديون آهن ڪنهن جي ساٿ جون سُرمئي ۽ سانوريون سارون، نيريون ۽ ناسي يادگيريون، جيڪي ماڻهوءَ جي من-آڱرين ۾ ائين مُقيد ٿي وينديون آهن، جيئن ڪنهن وڏ – ڀاڳي وينگس جي هٿ – آڱرين ۾ مُنڊيون، ڇلا ۽ ورڻا. باقي سڀڪجهه ڀيلاڙ ٿي ويندو آهي ۽ ڪو اهڙو ڪُلهو به ناهي بچندو، جنهن تي ڪنڌ لاڙي روئجي ۽ ڏک سموري ڌوئجي.
دل چوي ٿي روئجي............... منظور سخيراڻي
سامعين! جهُڏي گدام کان ڏهاڪو ڪلو ميٽر اولهه طرف هيمونءَ جي تاريخي تلاءُ ڀرسان هڪ ڳوٺ آهي ڌڻي بخش پتافيءَ جو، اُنهي ڳوٺ ۾ 50 سال اڳ يعني 1958ع ڌاري اسماعيل پتافيءَ جي گهر ۾ هڪ حسين ٻالڪ اکيون کوليون هُيون اُن سمئي ته ڪنهن کي به ڪل ڪا نه هُئي ته ڪو اِهو سُهڻو نينگر سُڀاڻي سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر به ٿيندو. پر رب پاڪ جي جوڙ پنهنجي آهي، هُو جنهن کي چاهي اُن کي شهرتن جي بُلندين تي پهچائي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي اُن کي ذلتن جي تري ۾ ڦٽو ڪري ڇڏي ۽ خُدا کي شايد اِهو ئي منظور هو جو هُن اُنهي ٻالڪ کي 11 سالن جي ڄمار ۾ ئي شاعراڻيءَ ڏات سان نوازيو، سنڌ جي رپ ڪهاڻيڪار قادر جُوڻيجي وٽ پرائمري پڙهندي هُن کي شاعريءَ جي لگار لڳي. هِن جي ائين اچانڪ اُداس ٿيڻ ۽ ويٺي، ويٺي خيالن جي واديءَ ۾ وڃائجي وڃڻ واري ڪيفيت کي قادر جوڻيجي ڪنهن آڙيڪاپ شڪاريءَ وانگي پَريند سان ئي پَروڙي ورتو هو، پر جيئن ته هُو پاڻ به هڪ ليکڪ هو، سو سندس مزاج ۾ شاعريءَ جا سڀئي عنصر موجود ڏسي کيس ڇوٽ ڇڏي ڏنائين ته همراهه ڀلي آزاد فضائن ۾ اُڏامي ۽ اهڙي طرح هُو نيار حُسين مان ڦري نياز پتافي بڻجي پيو، شايد اِهو 1970ع کان 1980 وارو زمانو هو، جڏهن جلال چانڊيي ڪيسٽ جي دنيا ۾ ڌوم مچائي ڇڏي هُئي، ۽ هُن کي شهرتن جا کنڀ به جلال جي ڳايل سندس ئي ڪلام اڄوڪي رات رهي پَئو کانپوءِ ئي لڳا هُئا ۽ پوءِ سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو راڳي هُجي جنهن جي چپن تي نياز جا ٻُول نه ٻُريا هُجن. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو به اُنهي ڪلام يعني اڄوڪي رات رهي پَئو جي عُنوان سان ئي آهي. تازو ڊسمبر ۾ سندس ٻيو شعري مجموعو ”چنڊ پرين ۽ پاڇولا“ اميشا اڪيڊمي نئين ڪوٽ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس مشهور ڳايل ڪلامن کان علاوه نئين نِڪور شاعري پڻ شامل آهي، جيڪڏهن جيب اوهان کي اجازت ڏئي ته ”چنڊ پرين ۽ پاڇولا“ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب اٿئو!
بهرحال! نياز باقائدي ته ڪنهن کان به شاعريءَ جي سِکيا ڪونه ورتي پر پوءِ به سنڌ جي ڪن ڪُنهه مشق شاعرن کان رهنمائي ضرور حاصل ڪيائين، پر اهم ڳالهه اِها آهي ته نياز پنهنجي اندروني رِڌِمَ آڌار ئي هِيءَ سموري شاعري سِرجي آهي ۽ اِن ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءَ ڪونهي ته نياز جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻيون تشبيهون، استعارا ۽ جيڪي به ترڪيبون استعمال ٿيل آهن، اُهي سڀئي هِن پنهنجيءَ مِٽيءَ ۽ اُن جي نج سنڌي ماحول مان کنيون آهن، ۽ وڏي ڳالهه ته اُهي ايتريون ته ساديون ۽ سٻاجهيون آهن جو عام ماڻهو به سندس تشبيهه جي تهه تائين پُهچيو وڃي. سندس شاعريءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اِها آهي ته اُها رِڌِمَ ۽ روانيءَ سان ڀَرپُور آهي، منجهس نغمگي ۽ تَرنم به ڪنهن تيز نديءَ جي تِک تنوار جيئن آهي، اهِو ان ڪري به آهي جو نه رُڳو نيار سُٺي شاعري ڪري سگهي ٿو، پر هُو سٺو ڳائي به سگهي ٿو، اهِا ئي ته نياز جي نرالي انفراديت آهي جو قدرت کيس خوبصورت آواز ۽ گُداز ڀَريو ڳلو پڻ ڏنو آهي، جيڪڏهن مُنهنجي ڳالهه تي اڃا به اعتبار نٿو اچي ته اوهان پاڻ ئي سندس آواز ۾ هِي ڪلام ٻُڌي ڏسو پر اُن کان پهرين، سندس هڪ اهڙو بيت، جيڪو ايتري ته ڪلاسِڪ حيثيت اختيار ڪري چُڪو آهي جو اڪثر ماڻهو سندس اُنهي بيت کي ڀٽائي جو بيت سمجهندا آهن.
سور ٻُڌائون سندرا، ڏُک ڏنائون ڏيجَ،
سي ڪيئن سُمهن سيجَ، سنگت جن جي سُورن سا
¬¬¬¬¬
اڄ وري اکڙين ...............نياز پتافي
سامعين! سنڌ ملوڪ گُلوڪار مُحترم وسند ٿريءَ تيرهين فيبروري 1980ع تي رڻ ڪنڌيءَ جي هڪ ڳوٺ ڌرم ويريءَ ۾ چاچي نانجي مل جي گهر ۾ جنم ورتو. مسڪين ۽ پورهيت گهراڻي مان هُئڻ جي باوجود هِن پنج درجا پرائمري جا پاس ڪرڻ کانپوءِ سيڪنڊري تعليم هاءِ اسڪول مِٺيءَ مان حاصل ڪئي، اِنٽر ۽ گريجويشن ڊگري ڪاليج مِٺيءَ مان حاصل ڪري هليو ويو حيدرآباد، جتان اياز لطيف پليجي جهڙي نامياري قانوندان کان وڪالت سکيائين ۽ هِن وقت پاڻ وڪالت جهڙي معزز پيشي سان مُنسلڪ ٿي، مِٺِيءَ ۾ ئي مسڪين جهان خان کوسي وانگر پنهنجي دُکي ديس جي خلق جي خدمت ڪري رهيو آهي، توڻي جو هِن جي پوري خاندان ۾ ڪو راڳي ڪونهي، پر قدرت کيس ٻين کوڙ سارين خوبين سان گڏ خوبصورت آواز به عطا ڪيو آهي ۽ ڪنهن ٿي ڄاتو ته هاءِ اسڪول مٺيءَ جي هاسٽل مان شوقيا ڳائڻ جي شروعات ڪندڙ ٻهراڙيءَ جي هِن ساڌڙي ۽ سٻاجهڙي ٻالڪ جي ڪَنٺ مان هن دلبر جهڙي ديس جو درد ائين فُٽي نڪرندو جيئن ڪنهن شاهي شاوَر مان پاڻيءَ جو ڦوهارو ڦُٽي نڪرندو آهي، ۽ هن نوجوان گلوڪار تاراچند ڀٽ شاهه واري کان سُر ۽ گُر سکڻ کان پوءِ نئينءَ سنڌ جو نئون ٻيجل بڻجي تند تپائي ڏيکارڻ جو ڏانءُ هٿ ڪري ورتو آهي، ۽ ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته هن نئين صديءَ جي نئين نڪور تُور جي هيءَ هڪ اهڙا صدا آهي، جيڪا جُڳن کي جاڳائي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هُو جڏهن به ڪنهن اسٽيج تي اچي پنهنجي گرجدار ۽ گنڀير آواز ۾ سنڌ جي ڪنهن انقلابي شاعر جو ڪو نظم پنهنجي مُنفرد ۽ مخصوص انداز سان ڳائيندو آهي تڏهن سموري سنڌ سِرُ تريءَ تي رکڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. هن جي انفراديت اِها آهي جو هُو ٻين ڳائڻن وانگر نه ته عام روائتي شاعري ڳائي ٿو، ۽ نه ئي هُو ڪو ڪمرشل فنڪار آهي، بلڪِ هي هڪ اهڙو آدرشي ۽ انقلابي گُلوڪار آهي، جنهن رُڳو پنهنجي ڌرتيءَ جي دُکن ۽ عوام جي اهنجن کي ئي ڳايو آهي، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هيل تائين سندس هڪ ئي ڪيسٽ اچي سگهي آهي، پوءِ به هِن پُراڻِي دؤر ۽ نئين عهد جي آميزش سان پنهنجي آواز توڻي انداز کي نيهن جي اُن نيهائين ۾ ناکِيو آهي، جتان هُو يقيناۡ رچي راس ٿي نڪرندو، ڇاڪاڻ ته ڏات جي مهاديوي مٿس ڏاڍي مهربان آهي ۽ مٿس سُرن – ورکا وڏ ڦُڙي جيئن وَسي رهي آهي، بهرحال پاڻ سڀني جي پرارٿنا آهي ته خالقِ ڪائنات اڃا به هِن جي ڪلا کي جِلا، جمال ۽ جُوالا بخشي ۽ سندس سُر – منڊل ميگها رُت بڻجي هِن دَردَوندي ديس مٿان سدائين ڪڪر ڇانوَ ڪندا رهن ۽ شال هِيءُ سڄڻ شيخ اياز جي سپني جهڙيءَ سنڌ جي تاريخ جي چيخ بڻجي نه رُڳو سَڏَ وَراڻي ڏي، پر ويڙهيچن سان ڪيل وَچن کي وفا جو پاڻي به ڏيئي ڏيکاري.
هيلوڪو وري آءُ .................... وسند ٿري
سامعينِ مُحترم! حَسن نوشاد، جنهن جو سڄو نالو آهي مُحمد حسن، تخلص نوشاد اٿس ۽ ذات مڱڻهار آهي. سندس ولد مُحترم جو نالو مصري فقير آهي ۽ سندس جنم ضلعي ٿرپارڪر جي مشهور ڳوٺ چارڻ هور ۾ 29 سيپٽمبر 1971ع ۾ ٿيو. جڏهن پاڪ ڀارت جنگ جاري هُئي. تڏهن هِن اسان جي شاعر دوست هِن دنيا ۾ اکيون کوليون. مئٽرڪ تائين تعليم هِن پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، انٽر سائنس عُمرڪوٽ مان ڪيائين. ايم-اي سنڌي ادب ۾ ڪرڻ کانپوءِ هِن دوست بي ايڊ اولڊ ڪئمپس ڄامشوري مان ڪئي، پيشي جي لحاظ کان پاڻ هن وقت هاءِ اسڪول چارڻ هور ۾ ئي ايڇ.ايس.ٽي آهن.
ٿر ۾ اڪثر ڏُڪارن جي ڪري حَسن پنهنجي مائٽن سان گڏ گهڻو ڪري سنڌ جي بئراجي ڀاڱي يعني مُهراڻي جي ڳوٺ گُلزار خليل ۾ رهيو آهي. ٿر جا ڏُڪار ۽ سُڪار ۽ سنڌ وطن جا سَرسبز نظارا هِن جي نِگاهُن ۾ شاعريءَ جا کيپ ۽ خُمار اوتيندا رهيا. مٿان مڱڻهار جو ٻار سو، سُر ۽ گُر سندس شاعريءَ ۾ رِڌم پيدا ڪندا رهيا ۽ هي باقاعدي شاعريءَ جي ڪهڪشان ۾ 1994ع ڌاري جلوه افروز ٿيو. شروع شروع ۾ شاعريءَ جي اصلاح سائين عطا سرهنديءَ کا ورتائين، پر هاڻ اپڻي گهوٽي ٿو، ۽ بقول سندس ته حيدرآباد جي هوائن ۽ ڄامشوري جي نِگاهُن ۽ ادائن مُنهنجي شاعريءَ کي نئون موڙ ۽ نئون رنگ ڏنو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو مُنهنجي شاعريءَ ۾ اکين جو ذڪر تمام گهڻو مِلي ٿو. بهرحال اسان جو هي دلبر دوست ۽ سٻاجهو ۽ سيبتو شاعر جيستائين مون ٻُڌو ۽ ڏِٺو آهي ته انتهائي مُخلص، مُحبتي ۽ سدائين مُرڪن جو وکر ورهائيندي نظر ايندو آهي. حيدرآباد ريڊيو تي نصير مرزا هِن جو غزل نيڻ نشيلا تڙپائن ٿا، شفيع فقير جي آواز ۾ رڪارڊ ڪري کيس سڄي سنڌ ۾ مُتعارف ڪرايو. اُن کانپوءِ ڪافي فنڪارن کيس ڳايو آهي ۽ هو کوڙ رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو به رهي ٿو. پنهنجي ٽهيءَ ۾ ٿورو ئي سهي پر سُٺو ۽ سُهڻو لکندڙ اسان جو هي نوجوان شاعر جيڪڏهن شاعراڻي عشق جي مشق جاري رکيو ايندو ته هڪ ڏينهن سنڌي شاعريءَ جي اڱڻ ۽ اوٽي تي مَروي جي ٻُوٽي جيئن پنهنجي مُنفرد مَهڪ سان سڄي ماحول کي معطر ڪري ضرور ڏيکاريندو.
نيڻ نشيلا................. شفيع فقير
سامعين! ٻه مئي 1987ع تي مِٺي شهر جي مڱڻهار پاڙي ۾ الهه بچائي مڱڻهار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ رجب فقير سنڌي موسيقيءَ جي کيتر ۾ کِڙيل هڪ اهڙو نئون نڪور گُل آهي، جنهن جي فنڪاراڻي وجود جو واسُ هوريان، هوريان اسان سڀني اهِل دل ماڻهن جي من-ننگر کي واسي رهيو آهي. رجب فقير جنهن کي سُر ته سندس ڏاڏي مُراد فقير جهڙي مهان راڳيءَ کان ورثي ۾ مليا، پر هِن نئو خيزگُلوڪار گُر سنڌ جي سُريلي راڳيءَ اُستاد شفيع فقير کان سِکڻ شروع ڪيا آهن. مـڱڻهار جو ٻار، مُراد فقير جو پوٽو ۽ شفيع فقير جو شاگرد، اهي سڀئي شيون ۽ اِهي سمورا گُڻ جڏهن پاڻ ۾ مليا تڏهن هِن نئو آميز نينگر جي نئين نڪور آواز دلين جي درن تي دستڪ ڏني. بنهه مُختصر عرصي ۾ هن نوجوان گُلوڪار پنهنجي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ فوڪ رنگ سان ۽ الڳ، ٿلڳ انداز اپنائڻ سان گهڻن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ضرور ڇڪايو آهي. انٽر تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن وقت رجب فقير هڪ خانگي اسڪول ۾ بطور ميوزڪ ٽيچر، نيئن نسل کي ترنم ۾ ترانا ۽ رِڌم تي رقص ڪرڻ سيکاري رهيو آهي. رجب فقير ريڊيو پاڪستان مِٺيءَ تي نوجوانن جي پروگرام اُڏام ۾ پڻ ڪمپيئرنگ ڪري چُڪو آهي. بسنت بهار راڳ کي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪندڙ رجب فقير ڀڳت ڪبير، شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ اُستاد بُخاري کان وٺي نئين ٽهي جي کوڙ سارن شاعرن کي ڳائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي. رجب فقير نه رُڳو معياري شاعري ڳائي ٿو، پر وڏي ڳالهه ته اُنهن ڪلامن جون ڌُنون به پاڻ ئي ڪمپورز ڪري ٿو. ريڊيو مٺيءَ کان وٺي راڄن، ڀاڳن ۽ پي.ٽي.وي تائين پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪندڙ رجب فقير کي گُلابي رنگ، اُستاد امانت علي ۽ حيدرآباد جون هوائون ڏاڍيون وڻنديون آهن. بهرحال اسان جي پنهنجي هِن نوجُوان دوست جيڪڏهن راڳ جو رياض جاري رکيو ۽ پنهنجو نرالو رنگ نِروار ڪيو ته نه رُڳو مُراد فقير کي مُرڪائيندو، بلڪِ سُر-سنسار ۾ به پاڻ موکي ۽ ملهائي ڏيکاريندو. توڻي جو اڃان هِن جي ابتدا آهي ۽ هي دوست سُرن جي سَرزمين تي نيون، نيون وکون کڻي رهيو آهي، پر مائٽاڻيءَ اَڍَ ۽ شفيع فقير جي شاگرديءَ هِن جي وِکُن ۾ جيڪو رِڌُم ۽ رواني پئدا ڪئي آهي ۽ هيءَ جنهن شانائتي سليقي سان سُرن سان همسفر ٿيو آهي اِهو ڏسي آئون سندس روشن فني مُستقبل جي اڳڪٿي ڪندي ڪا به هٻڪ محسوس ڪرڻ بجاءِ هيئن چوندي فخر محسوس ڪريان ٿو ته؛ ”اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي، متان ايئن سمجهين ته مُئا مور سارا“.
تنها پيارا رهجي وياسين................ رجب فقير