مختلف موضوع

خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا (ريڊيو - اسڪرپٽ)

هي ڪتاب خوبصورت شاعر، تخليقڪار ۽ ليکڪ امر ساهڙ جي ريڊيو اسڪرپٽ جو مجموعو آهي.
’خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا ‘ رڳو سنڌ جي ويجهڙ جي تاريخ تي دلي تبصرو ناهي پر انهن مهربان شخصيتن لاءِ لفظي مڃتا به ان ۾ سمويل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اُنهن ڏهاڙن جي ٿڌن ڪُوسن لمحن ۾ پاڻ پتوڙي، عالمَ ۽ عالمَ واسين لاءِ سرهي دعا جو سنديس ٿيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2526
  • 665
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا (ريڊيو - اسڪرپٽ)

10

 سامعين! چوپايو مال سنڌ جي ڳوٺن ۾ رِهائش پذير ماڻهن جو زراعت وانگر ذريعي مُعاش آهي ۽ سندن پيٽ گُذر جو واحد وسليو پڻ آهي، خاص طور تي ٿر جي مارُو ماڻهن لاءِ اِها چوڻي عام آهي ته اُنهن جي جياپي جو دارومدار آهي ئي ٿڻ ۽ ڪَڻ تي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو اُهي مال ڀٽاري کي اولاد جئين عزيز رکندا آهن. ۽ سندن سار سنڀال به اولاد وانگر ئي ڪندا آهن، ڇاڪاڻ جو اُنهي مال مان مارُو ماڻهو نه رُڳو کير ڏهي ان کي ڄمائي جهَڻ ولوڙي مکڻ لاهي گيهه ٺاهي اُن مان چوئي ڪن ٿا، پر پنهنجي پاليل مال جي ڦرن کي سانڍي سنڀالي وڏا ڪري وِڪڻي اُن مان چار ڏوڪڙ ڪمائي گهر جي چُلهه به گرم ڪن ٿا ته گندي ۽ ڪپڙو به خريد ڪن ٿا انهن مارُو ماڻهن جي ڪُل ڪائنات اِهو چوپايو مال ئي ته آهي جنهن کي سُکيو رکڻ خاطر نه رُڳو سدائين سانگ ۽ سفر ڪن ٿا، پر اُنهن لاءِ ڏک، ڏاکڙا به ڏسن ٿا ته سوين تڪليفون به برداشت ڪن ٿا ۽ اُنهي ڌڻ جي سانگي سدائين لڏا کڻي ساوَڪ پُٺيان ۽ ڪک ڪاني پُٺيان رُلندا رهن ٿا، جتي به ڪنهن جُوءِ ۾ ڪا کِنوڻَ کِنوندي ڏسن ٿا يا ڪٿي ڪا مينهن ڪڻي پئي ٿي ته اُتي مال مَتاعُ ڪاهي پُڄي وڃن ٿا، مالوند مارُو رات ڏينهن پنهنجي جيب جڻات جي خدمت چاڪريءَ ۾ ئي مصروف هُوندا آهن، گرمي هُجي يا سردي پر اُنهن کاهوڙين کي تتيءَ ٿڌيءَ پنهنجي مال جي اون ۽ اُلڪو، ڳڻتي ۽ ڳاراڻو ئي هُجي ٿو. مرد توڻي مايون آڌي ڏيئي اُٿن ٿا. سَئو پُرهه کوهن مان ڇڪي پاڻي ڪڍي پنهنجن پَسوئن کي پيارين ٿا، پر پاڻي ۽ گاهه جي گهٽتائي سبب يا ڏُڪار ۾ پنهنجا اباڻا اَجها ڇڏي، پنهنجا وٿاڻ وِلها ڪري، سنڌ جي بئراجي ڀاڱن ۾ وڃي ڪنهن وسطيدار، زميدار جي زمين تي، ڪنهن جاگيردار جي جُوءِ ۾ ٿانيڪا ٿيندا آهن، مطلب ته جتي سندن مال خوشحال هُوندو اُتي ئي وڃي عارضي اَجها اڏيندا آهن. پر جڏهن سندن سَيم ۾ ڪا ڇنڊ ڦُڙي پوندي ته پوءِ رات جي پيٽ ۾ مال ڀٽاري کي تنواري ڪندا اڳ ۾ ۽ پاڻ پويان لٺ ڪُلهي تي رکي ٿيندا روانا پنهنجي ماڳ ۽ مَڪان ڏانهن.
ٿر، ڪاڇو، ڪچو ۽ نارو سڀئي اهڙن ئي ڀاڳين ۽ مالونَد ماروئڙن جا مَسڪن آهن ۽ اهڙي ڪِرت ڪندڙ سڀئي جهانگئڙا مُرشد لطيف جي شاعريءَ جا نه رُڳو بُنيادي مُحرڪ آهن، پر سندس سدا ملوڪ شاعريءَ جا امر ڪردار به آهن، جن جي مال ڀٽاري سان بي پناهه مُحبت کان مُتاثر ٿِي، سنڌ جو سرتاج شاعر سُر سارنگ ۾ فرمائي ٿو ته؛
بَر وُٺا ٿَر وُٺا، وَٺيون ترايون،
پرههَ جو پٽن تي، ڪن وِلوڙا وايون،
مکڻ ڀَرين هٿڙا، سنگهاريون سايون،
ساري ڏُهن سامُهيون، ٻولِايون رايون،
ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سُونهَن پنهنجي.

 سامعين! واديءَ مهراڻ جو خوبصورت خطو ٿر، قدرتي حيرتن جو جذيرو ٿر، نه رُڳو ڪائناتي حُسن جو مظهر آهي پر لوڪ داستانن، لوڪ ادب، لوڪ موسيقي، هٿ جي هُنر، آثارِ قديما جي اُهڃاڻن، شاندار ثقافتي ورثي، مهمانوازي ۽ قدرتي نعمتن جي ڪري، سڄي دُنيا ۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪري چُڪو آهي، اِهو ئي سبب آهي جو سنڌي شاعريءَ توڻي نثر جو تمام وڏو حصو ٿر جي حوالي سان سِرجيل ٿو ڏسجي، خاص ڪري سنڌي شاعريءَ مان جيڪڏهن ٿر کي ڪڍي ڇڏجي ته اِها بنا ذائقي، بي لذت ۽ اَڌُوري رهجي ويندي. ڀٽائي کان وٺي اياز تائين سنڌ جو ڪو به اهڙو شاعر ڪونهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ ٿر، ٿر جو ڪلرڦُل ڪلچر ۽ ٿر جا مارو ماڻهو موجود نه هُجن. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ٿر جي ڀٽُن، ٿر جي ڏهرن، ٿر جي وڻن، ٿر جي پکين ۽ ٿر جي ويسَ کي استعاري طور استعمال ڪرڻ لازمي بڻجي پيو آهي، ۽ ائين چوڻ ۾ ڪو وِڌاءُ ڪونهي ته ٿر جي حُسن جو ذڪر ئي سنڌي شاعريءَ جي سُونهن ۾ نِکار آڻي ٿو. اهڙو ئي هڪڙو حُسناڪ غزل اسان اوهان کي ٻُڌرائڻ گهُرون ٿا. جنهن ۾ راشد مورائي صاحب ٿر جي ويسَ يعني چُني، ٿر جي واريءَ ۽ ٿر جي اُنهن ڀٽن جو ذڪر ڪيو آهي جن تي چوڏهين رات جو چنڊ چانڊوڪيءَ جا ڇَڄَ ڀَري ڇنڊيندو آهي. پر اُنهي کان اڳ ۾ اياز جون هِي حسين سٽون اوهان جي با ذوق سماعتن جي نظر؛
تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀَري ٿِي پئي،
ٿري سُونهن چَمڪا ڪري ٿِي پئي،
اُهو ڪانڌ ڪهڙو، اُنهيءَ کي ڏسون،
سُهاڳڻ ته ٻَهه، ٻَهه ٻَري ٿِي پئي.

 سامعين! گُذريل هَفتي هِن ئي پروگرام ۾ اسان اوهان سان وَچن ڪيو هو ته هاڻ آچر تي پروگرام اسلام عليڪُم مٺيءَ ۾ اسان اوهان کي ڪو نه ڪو اهڙو يادگار گيت ضرور ٻُڌارائينداسين جنهن پنهنجي دؤر۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي هُوندي، ۽ ڪلاسڪ حيثيت جو درجو اختيار ڪيو هُوندو، اهڙو ئي هڪڙو لاجواب لوڪ گيت آهي، جيڪو اڄ کان تقريبن 30 يا 35 سال پهرين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪيو ويو هو، ۽ جنهن پنهنجي وقت ۾ وڏي مڃتا ماڻي هُئي، خاص طور عورتن ۾ ته اِهو لوڪ گيت ڏاڍو مقبول ٿِيو هو، ڇاڪاڻ جو نه رُڳو اُنهي لوڪ گيت کي ڳائڻ واري خود هڪ زال زائفان آهي، پر اُنهي گيت جي ٻولن ۾ جيڪو دَرُد آهي ۽ ڪنهن ولر کان وڇڙيل ڪُونج جي ڪُرلاءُ جهڙي وڇوڙي جا ورلاپ سَمايل آهن، اُهي هر اُنهي عورت جي اندر جو آواز آهن، جيڪا پنهنجن پيارن کان پري آهي، پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيههَ کان ڏُور پرڻيل عورتون جڏهن ڪَزبانوءَ جي ڪوئل جهڙيءَ صدا ۾ پنهنجي ئي اندر جي آتم ڪٿا ٻڌُن ٿيون تڏهن سندن اکين جي آڪاس تي آڙنگ ۽ جهُڙ نيڻن ۾ لهيو اچي ٿو. لاڙ جي ڪَلراٺين پُوٺن تي جنم وٺندڙ مائي ڪَزبانوءَ جي آواز ۾ ڪيتري ڪشش ۽ قُرب آهي، اِهو اوهين اهِل دل ماڻهو ئي ٻُڌائي سِگهو ٿا، اسان جو ڪم آهي، اهڙا موسيقيءَ جا ناياب اِسَم ۽ لازوال گيت هٿ ڪري اوهان جي سُندر سَماعِتن تائين پهچائڻ، اوهان اِنهن شيئن کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا ۽ ڪهڙي موٽ ڏيو ٿا، اهِو اوهان جي خطن مان ئي معلوم ٿي سگهندو، في الحال اسان اوهان کي وٺي ٿا هَلون 30 يا 35 سال پوئتي موسيقيءَ جي دُنيا ۾ جتي ڪَزبانو پنهنجي مَڌُر آواز ۾ ڳائي رهي آهي هِي لافاني لوڪ گيت؛
”مُنهنجا جوڳي ڙي اباڻا ............... ڪزبانو“

 سامعين! ڪُجهه ڏينهن اڳ ۾ مون ڪنهن ٽي وي چينل تي سنڌ جي هڪڙي يگاني شاعر مُحمد خان مجيديءَ جو هڪڙو نظم لاڙ جي نوجوان راڳيءَ الهڏني خاصخيليءَ جي آواز ۾ ٻُڌو هو يقين ڄاڻو نظم پنهنجي فني توڻي فڪري اُڏام جي ڪري ۽ رِڌم توڻي روانيءَ جي ڪري، دل جي درياهه ۾ ايئن لٿو جو اڃا تائين مَن جو سمنڊ ماٺو ناهي ٿِيو. نظم ڇا هو بس لفظن جو هڪڙو سادو شاعراڻو خيال هو جنهن ۾ سنڌ جي سُونهن، سُندرتا ۽ سنڌ جي حُسن تي خوب لِکڻ جي هڪڙي خواهِش هُئي، هڪ اهڙي خواهِش جنهن ۾ سموري سنڌ ايئن جهومڻ لڳي ٿِي، جئن واهُوندي وَرڻ تي ڪينجهر جا ڪنول جهُولندا آهن. هڪ اهڙي خواهش جنهن ۾ ڪنهن سُندر سپني جهڙي سنڌ ساڀيان ماڻي ٿي. هڪ اهڙي خوبصورت خواهش جنهن ۾ سنڌ جي ڀُوري بدن تي کارڪ جي ڀرت جهڙيون خوشيون ڇڊيل آهن. هڪ اهڙي تمنا، هڪ اهڙي آرزو جيڪا هِن ڌرتيءَ کي جُڳن تائين جيئڻ جو حوصلو بخشي ٿِي، ۽ اُتساهه جا خواب اکين ۾ پوکڻ چاهي ٿِي، اِهو سڀڪجهه اُنهي عشق جو دين آهي جو ماڻهو لِکڻ گهُري ٿو، عشق جو اظهار ڪرڻ گهُري ٿو، لفظن ۾ ساهه وجهڻ گهُري ٿو، ۽ ماڻهو ڇا ٿو لِکڻ گهُري؟ اِهو هن نظم کي ٻُڌڻ کانپوءِ اوهان کي ازخود معلوم ٿِي ويندو، پر اُنهي کان اڳ ۾ موضوع سان ٺهڪندڙ چند سِٽون ياد اچن ٿيون، اُهي اوهان جي سُندر سماعتن جي نظر ڪندو هلان ٿو.
سنڌ مُنهنجي امان، سُونهن تُنهنجيءَ مٿان ڇا لکي ڇا لکان؟
هڪ قلم ۽ هڪڙو مان،ڪيئن پوري پوان ڇا لِکي ڇا لِکان.

لِکان ڪُجهه ته لِکان مان ........... الهڏنو خاصخيلي

 سامعين! اڄ اسان جي هندو برادريءَ جو هڪ اهم ۽ وڏو مذهبي تهوار هوليءَ جو ڏڻ پُڻ آهي، روهيڙي جي رتن گُلن جي هِن رنگين رُت ۾ هيءَ ڳاڙهن رنگن وارو رتول ڏينهن هندو ڀائرن ۽ ڀينرن جي حياتيءَ جو حسين ترين ڏينهن آهي. هڪڙي پاسي چيٽي مُند جي مَهڪ ڪڻڪ جي سونن سنگن جي سُرهاڻ ۽ سَر سراهٽ سان واسيل وايومنڊل، ٻي طرف هوليءَ جا حُلواڻ جهڙا رنگ حياتيءَ کي ويتر حُسناڪ بڻائين ٿا. هي رنگ، هي روپ، هي مُرڪن توڻي ٽهڪن جا مِڙئي تهوار، اِنساني زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ اَمن، مُحبت ۽ پيار واريءَ هِن سَر زمين سنڌ جي شاندار ثقافت جي لازوال روايت پڻ آهن. ڏينهن ڪهڙو به هُجي، تهوار ڪهڙو به هُجي پر جي اُهو مُحبت ۽ پنهنجائپ جي اُجري احساس کي اُجاگر ڪري ٿو ته اُن کي نه رُڳو ڀَرپُور نموني سان، سيليبريٽ ڪرڻ گهُرجي پر پُوري ڌام ڌوم سان ۽ جوش و خروش سان اُن ۾ حصو وٺڻ ۽ ملهائڻ جو هر ڪنهن کي حق حاصل آهي، پنهنجا ثقافتي، سماجي ۽ مذهبي ڏڻ ملهائڻ جي هر ڪنهن کي آزادي آهي. هِن سَمئي جڏهن اوهان سڀئي هوليءَ جي هِن حسين ڏڻ تي پنهنجن، پنهنجن گهرن ۾، پنهنجي مِٽن مائٽن ۾ موجود آهيو، هَڪيا آهيو ۽ سڀئي هڪٻئي جي خوشين ۾ هم شريڪ آهيو تڏهن اسان هِن پروگرام جي سموري سٿ پاران نه رُڳو اوهان سڀني کي هوليءَ جون واڌايون ڏيون ٿا پر اِها پرارٿنا ٿا ڪريون ته شال اوهان جي حياتي جو هر ڏينهن هوليءَ جهڙو هجي.

 سامعين! هاڻ هِي ستاوينهن ڊسمبر جي منحوس شام جڏهن به ايندي ته پاڻ سان گڏ سنڌ جي ڪربلا جي ياد ضرور آڻيندي. ڇاڪاڻ جو ستاوينهن ڊسمبر ٻه هزار ست جي ”شامِ غريبان“ هڪ اهڙي قيامت برپا ڪئي هُئي، جيڪا سنڌ وطن کان ڄڻ ته سرڪشيءَ جا سمورا حساب، ڪتاب، وياج سميت وصول ڪري ويئي هُئي ۽ هاڻ ستاوينهن ڊسمبر هِن دُکي ديس لئه ڄڻ ته دُک جو استعارو بڻجي ويئي آهي، هڪ اهڙو درد جنهن هِن ديس جي سڀني اهل دل ماڻهن جا اندر چيري ٻه اڌ ڪري وِڌا هُئا، ۽ سندن ساهُن جي رفتاري کي روڪي ڇڏيو هو، هِن ڀوريءَ ڀونءَ جي بدن تي اُڀريل انهي اُونهي زخم کي اُبرڻ لئه هِن سنڌ کي شايد وري ڪا ٻي بينظير ڄڻڻي پَوي. بي نظير جنهن جي هِنئين ۾ هٿ وجهي نپوڙيندڙ هاڃي ۽ سنڌ جي سڄيءَ ڄمار کان ڳري صدمي هِن ڌرتيءَ جي چيلهه ڄڻ ته چٻي ڪري وِڌي هُئي، اِنهي عظيم سانحي ۽ الميي کانپوءِ ڪهڙي دل هُئي، جنهن جي اندر ۾ هِن سنڌ جي شهيد راڻيءَ جي قبر کوٽيل ڪونه هُئي، يا ڪير هو جنهن پنهنجي دل ۾ هِن تاريخي ڏُک جي تعزيت وصول ڪرڻ لئه ڪو تڏو نه وِڇايو هو، هِن دُکي ديس جي ڌيءَ نماڻيءَ جو اِهو سُور صدين تائين هِن وطن جي جسم ۾ ڪنهن ڪُرندڙ ڦٽ جئين چڳندو رهندو. اُها بي نظير جيڪا پنهنجي مِزاج ۾ ايتري ته پولائيٽ ۽ پُرڪشش هُئي، جيتري هيءَ سنڌ آهي. اُنهي سنڌ جهڙي بينظير کي ڀلا ڪو وساري سگهي ٿو پر جي ڪو وساري ويٺو آهي ته اُن کي ذِي شان ساحل جي معرفت اِجهو اسان ٿا ٻُڌايون ته؛
وقت کے گُذرنے پر،
وہ جو بھول جائینگے،
بے نظیر کیسی تھی؟
ہم اُنہیں بتائینگے،
کہ بی نظیر دنیا میں،
زندگی کے ماتھے پر،
اِک لکیر جیسی تھی،
روز و شب کے زندان میں،
اِک اسیر جیسی تھی،
شھر کے غریبوں کی،
اِک امیر جیسی تھی،
جبر کی نگاھوں میں،
اِک تیر جیسی تھی،
بی نظیر بھٹو بس!
بی نظیر جیسی تھی۔

 سامعين! اڄ پهرين جُون آهي ۽ جيڪڏهن اوهان پنهنجي آسپاس رؤنما ٿيندڙ تبديلين، واقعن ۽ لقائن کان بخوبي واقف آهيو ته اوهان جي عِلم ۾ اِها ڳالهه اوس آئي هُوندي ته اڄوڪي ڏينهن کان وفاقي حڪومت پاڪستاني ٽائيم مُطابق گهڙين کي هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪري ڇڏيو آهي، يقينن هر تبديليءَ جي پويان ڪا نه ڪا مقصد جي ڳالهه ضرور ڪارفرما هوندي آهي. ڪانه ڪا ڀلائي، ڪا نه ڪا بهتري پنِهان هوندي آهي. پر ڇا ڪجي جو پاڻ ماڻهن تي ڪنهن به تبديليءَ جو اثر ايترو آساني سان ناهي ٿيندو. بلڪِ پاڻ ماڻهن کي تبديل ٿيڻ لئه اڃان زمانو گهُرجي. توڻي جو وقت جي تبديلي وڏي اهميت رکي ٿي، پر پاڻکي اُن جو احساس ئي ڪٿي آهي؟ زماني جي چئلجن کي قبولڻ ته پري جي ڳالهه پر پاڻ کي ته ڪنهن شيءَ جو پتو به تڏهن پوندو آهي، جڏهن پاڻي مٿي تان لنگهي ويندو آهي يا وٽ وِهامي وڃڻ کانپوءِ ئي هٿڙا هڻندا آهيون، سُڌريل دُنيا جا فرد پنهنجي هَر پل جو حساب ڪتاب رکندا آهن، ۽ پاڻ ماڻهن جي سالن جي اجائي گُذري ويل عرصي تي به اک ناهي ٻُڏندي، وقت جو ڦيٿو ڦِرندو رهي ٿو، زماني جا زاوِيا ۽ رنگ تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ اسان اُتي ئي آهيون، جتي اوهان ڇڏيون، نه زماني کي بدلائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون ۽ نه ئي وري پنهنجن مِزاجن توڻي روين ۾ ڪا تِر جيتري به تبديلي ٿا چاهيون. ايئن ٿو لڳي ڄڻ پڙ ڪڍي بيهي رهيا آهيون، مجال جو ڪا وِک وٿِري کڻون. بلڪِ پاڻ کي حالتن جي حوالي ڪري ويٺا مقدر کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏينداسين. اسان ته اڃان مُدي خارج رسمن ۽ رواجن جا رَسائي ناهِن، ڇنايا ته پوءِ جڳ جي جُتيءَ ۾ پير پائڻ لاءِ ته پاڻ ماڻهن کي اڃان ڪيئي جُڳ گهرجن. ها ايئن ضرور آهي ته اسان هر شيءَ کي حسرت مان ڏسي نه رُڳو حيران پر پريشان به ٿيندا آهيون ته هيِ ڪهڙي ڪُن ۾ ڪرايو ويو آهي اسان کي؟ اسان جيڪي ڪا به تمنا، ڪا به آرزو ڪونهي وانگر حياتي گهارڻ جا هيراڪ ۽ عادي ٿي ويا آهيون. اُهي هِن هڻ پٽ واري هَتامتر ۽ هَچروڙ ۾ مُنجهي مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي رهندا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان زماني سازي ۽ ڌنڌوڙي دُنيا کان ڪوهين ڏور ڀڄندڙ اُها عجيب و غريب مخلوق آهيون، جيڪا رُڳو دلنوازي جي ئي دستور کي مڃي ٿي ۽ اُنهي جي موٽ ۾ ملندڙ غمن کي به گُناهن جيئن لوڪ کان لِڪائي ڪٽڻ نه جهڙو وقت ڪٽيون ٿا ۽ چئون ٿا ته اِها به ڪا عِنايت آهي.

 سامعين! موجوده سرڪار بجليءَ جي بُحران تي قابو پائڻ لئه هڪ سُٺو قدم اِهو کنيو آهي، جو پاڪستاني گهڙين کي هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪري ڇڏيو آهي، چوڻ وارا چَئي سگهن ٿا ته هڪ ڪلاڪ گهڙيون اڳتي ڪرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو! فرق ته هڪ سيڪنڊ ۽ منٽ جو به گهڻو ڪُجهه تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. سو هِي ته وري به سڄو سارو ڪلاڪ آهي ۽ ڪلاڪ ۾ ماڻهو ڇا، ڇا نٿو ڪري سگهي. مثال طور هِن کان اڳ ۾ صُبح جا اٺ ٿيڻ تائين سِجُ ڪَپار تي چڙهي ايندو هو ۽ هوڏانهن رات جا اٺ ٿيڻ تائين مُنهن مير ٿي ويندي هُئي، ٿيندو ڇا هو جو صُبحءَ جي ڪلاڪ ڏيڍ واري سِجَ جي روشنيءَ مان اسان ڪو به فائدو وٺي ڪونه سگهندا هُئاسين ۽ هيڏانهن رات جا اٺ دير سان ٿيڻ ڪري اسان کي بجلي جو استعمال ڪرڻو پوندو هو. پر هاڻ جڏهن گهڙين کي هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪيو ويو آهي تڏهن رات جا اَٺ سج لهڻ مهل ٿيندا ۽ اِن طرح اسان هڪ ڪلاڪ ڏينهن جي روشنيءَ مان فائدو حاصل ڪري سگهنداسين، هوڏانهن اُنهاري جي صبح جا اَٺ جيڪي مٿي سِج اچڻ کانپوءِ ٿيندا هُئا، سي هاڻ جلدي ٿيندا ۽ اسان جا دُڪان، ڪارخانا، آفيسون ۽ ٻيا ادارا سويل کُلندا نتيجي طور نه رُڳو ايئرڪنڊيشنر ۽ پنکن جو اجايو استعمال گهٽبو بلڪِ سويل آفيسون ۽ دُڪان کُلڻ ڪري شام جو جلدي بند ٿينديون. نتيجي طور سڄي مُلڪ ۾ هڪ ڪلاڪ جي بجلي بچت ٿيندي، جيڪا هِن بجليءَ جي شديد بُحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وڏي وَٿ ثابت ٿي سگهي ٿي، پر شرط اِهو آهي ته اِن ڏس ۾ عوام کي نه رُڳو سرڪار سان سهڪار ڪرڻ گهُرجي، بلڪِ سرڪار جي کنيل تعميري قدمن تي پُوريءَ ايمانداريءَ سان عمل به ڪرڻ گهُرجي. ڪوشش ڪري گهرن، دُڪانن، آفيسن توڻي ڪارخانن ۾ جنريٽرن ۽ ايئر ڪنڊيشنرن جو گهٽ استعمال ڪرڻ گهُرجي، وڏي پاور وارن بلبن بجاءِ اينرجي سيورن جو استعمال ڪرڻ گُهرجي، وڌ کان وڌ سِج جي روشنيءَ مان فائدو حاصل ڪرڻ گهُرجي، اِن طرح اسان پاڻ نه رُڳو لوڊشيڊنگ جي آزار کان بچي سگهنداسين، بلڪِ مُلڪ جي ترقي لاءِ بجلي جي بچت به ڪري سگهنداسين.
غريباڻو ڪَکائون گهر .................... رزاق جميل

 سامعين! ڪو زمانو هو جو وڏي اسر جو جيئن ئي ڪڪڙ دس ڏيندا هُئا ته سڀئي گهرن جون عورتون اُٿي جنڊ جوٽينديون هُيون، کير وِلوڙينديون هُيون، مال ميڙينديون هُيون يا کوهن تان پاڻي ڀرڻ وينديون هُيون. مرد اسر جو اُٿي عبادت ڪندا هُئا ۽ پوءِ پنهنجي، پنهنجي ڪم سانگي ڍڪيءَ رات هيٺ روانا ٿي ويندا هُئا، مال جي گهورپ پويان، ٻنيءَ ٻاري ڏانهن يا ڪنهن ٻي ڪم ڪار سان، اسر جو اُٿي سمورا ڪم اُڪلائڻ ڄڻ ته اُن وقت جي عورتن توڻي مردن جي عبادت هُئي جيڪا هُو وڏي شوق سان ادا ڪرڻ سپوٽائي ۽ سڀاڳ جي علامت سمجهندا هُئا، وقت، وقت جي ڳالهه آهي جو هاڻ نه اُهي اصيل ڪُڪُڙ رهيا آهن، جيڪي اسر جو اُٿي خَلقِ خُدا کي سُجاڳ ڪندا هُئا، بلڪِ اُنهن اصيل ڪُڪُڙن جي جاءِ هاڻ جهرلو ۽ ٽرڙن ڪُڪُڙن والاري آهي، جن کي نه لٿي جي خبر نه اُڀري جي، جيڏي مهل ڏس ڪُڪڙو ڪُو لڳي پيئي آهي. نه اُهي عورتون رهيون جيڪي محنت، مزدوري ۽ پورهئي کي پنهنجو مرڪ سمجهنديون هُيون، نه اهي مهَيڙا جنڊ رهيا جيڪي ٽويو ٽويو، اڌ ڪلاڪ اندر پيهي اُڍاڻي ڇڏيندا هُئا، نه وري اُهي کير ڀٽارا آهن جن کي ڄارائي وڏين ڪُنين ۾ وجهي اسر جو ولوڙيو ويندو هو، کير وڪجي ويا، جنڊ ڦِٽي ويا، مال به خير ڪا ڪي وڃي بچيا آهن، پاڻي ڀرڻ واريون اُهي پاڻياريون ئي لڏي ويون، عورتن کان ڀَرڻ ۽ سِبڻ ويو، مردن کان هر هلائڻ ۽ مزدوري ڪرڻ جي ستيا ڇڏائي ويئي. هاڻ پٽي، سٽي پوري ڪري سڀئي سُتا پيا آهن ڳُرن واريو سج ڪپار تي اچي تيستائين زوري ڪنهن جي مُنهن تا ڇڪي رلي لاهي ته واهه نه ته ٿيو خير. اڳي سڀئي عورتون ۽ مرد گڏجي رت ولوڙيندا هُئا تڏهن ئي ڀت رڌيندا هُئا ۽ هاڻ جهڙا مرد هڏ حرام تهڙيون عورتون، نڪو گهٽتائي گهوٽ ۾ آهي، نڪي ڪمي ڪُنوار ۾ مطلب ته ليکو سڀني پاسن لال لڳو پيو آهي.
 سامعين! مُحترم ڪوثر ٻُرڙو نه رُڳو هڪ بهترين براڊڪاسٽر آهي، پر ساڳئي وقت هُو هڪ خوبصورت ڪوي پڻ آهي، هُونئن ته سندس ذات جا ڪيئي حُسناڪ پهلو آهي ۽ هر روپ ۾ هُو ڀرپور هوندو آهي. پر جڏهن هو شاعراڻي سفر تي نِڱو هو ته نهايت ئي نفيس رچنائون سندس آجيان لئه اُڀ-کُڙين اوسيئڙي ۾ هُيون ۽ پوءِ سندس ڏات جي ڏارن تي لال ليارن جهڙيون ڪيئي ڪڪوريل ڪويتائون ٽڙي پکڙي پيون هُيون، جن کي جڏهن به هِن پنهنجي فن ۽ فڪر جا فيروزي ويس وڳاؤ پهرائي ڪاڳرن جي ڪئنواس تي اوتيو هو ته اُهي سڄي سنڌ ۾ سندس سُڃاڻپ بڻجي پيون هيون.
ڏات وندن جي هِن ڏيهه ۾ هي هڪ اهڙو محبوب ماڻهو آهي جنهن جي جهڙي شاعريءَ ۾ سادگي جي ملوڪيت موجود آهي، اهڙو ئي هي پاڻ به سٻاجهو شخص آهي ۽ سندس شاعريءَ جو بنهه سادو لهجو ۽ عام فهم فڪر عوامي جذبن جي ڀَرپُور عڪاسي ڪرڻ جي اهليت به رکي ٿو. ڪوثر دلين جي ديس مان ڌڪاريل پيار توڻي سنڌ جي اُگهاڙي آڪاس هيٺيان خانه بندوش خلق جي هيجاني حياتيءَ جو اکين ڏٺو گواهه آهي. هِن پنهنجي زندهه ضمير ۽ قلم جي ڪُنواريءَ نوڪ تي ڪڏهن به ڪُر نِش جو ڪٽ چڙهڻ ناهي ڏِنو. ڪوثر ٻُرڙو توڻي جو پاپي پيٽ جي دوزخ جي دُونهيءَ دُکائڻ لئه سرڪاري مُلازم يعني پروڊيوسر آهي. پر وطن دوستي هِن جو وڙ رهي آهي، هُو جنهن پنهنجي اُجرين اکين ۾ سدائين سنڌ جي شاندار آئيندي جا سُندر سپنا سانڍي رکيا آهن. اُن جي اُجري اڇڙي ٿر جي واري جهڙي حسين شاعريءَ تي ڪو به هٿ ٺوڪيو اثر ڪونهي، سنڌ جي سُرمئي سينڌ جهڙا سانورا خيال ۽ پنهنجي ئي جُوءِ جا جيئرا جاڳندا ڪردار جن ۾ لفاظي جو لُڙ، نڪو موضوعن ۾ مصنوعي مِلاوٽ، نه ئي پر اين خيالن ۾ خُردبُرد ۽ نه ئي ڪنهن شاعراڻي صِنف جي هِئيت سان هٿ چُراند يا، هيرا ڦيري، پر زندگيءَ جا هڙ ئي رنگ ۽ رعنايون سندس جياپي جي نياپي جهڙي شاعري ۾ ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿيون. آئون سندس شاعريءَ تي ڪا به راءِ ٿاڦڻ نٿو چاهيان ڇاڪاڻ جو هِن جي باشعور پاٺڪن جا نقادي نيڻ ئي سندس شاعري تي راءِ زنيٰ ڪرڻ جا مجاز آهن ته ڪوثر هاڻوڪيءَ کُڙ کُٻيتن جهڙي ٽهي ۾ ڪو مانُ، ڪا مڃتا لهڻين يا کيس ڪنهن ٻي کيتر ۾ خيما کوڙڻ گهُرجن.
تون منهنجو صنم آهين، مان تنهنجو ................................... برڪت ڀٽ

 سامعين! سنڌ جي سَرتاج شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي سدا بهار شاعريءَ جو هڪ سڄو سارو سُر ڪِينجهر ڍنڍ جي حوالي سان ڳايو آهي، جنهن جي هر سِٽ ۾ ڪِينجهر ڍنڍ جي ڪنڌين تي ٽِڙيل ڪنول جي گُلن، ڪِينجهر ڪنارن جي حَسين نظارن، ملاحُن جي مَڪڙين، مِياڻين جي مَڏن، مُهاڻين جي مذڪورن ۽ سَمي ڄام جي سُونهن، شناسيءَ جو ذڪر ائين جَرڪي رهيو آهي، جيئن ٻانڌڻيءَ ٻِٽَ تي سِلڪ جي سائي پَٽوري هِرک تي هُرمِچيءَ جو ڀريل ڀرت، ڳاڙهي حُلواڻ يا تَسر تي ڇَڊيل کارڪ ۽ کٽيءَ جي رڱيل کُنهبيءَ اجرڪ تي، سَنهيءَ سُئيءَ سان ڀريل ذاتيلي کيل جَرڪندي آهي. لفظ ڪِينجهر نهايت ئي با وقار، با معنيٰ ۽ رُومينٽڪ لفظ آهي، جيڪو نُوريءَ جهڙيءَ نِماڻيءَ عورت جي نياز و نِوڙت ۽ تخت ڌڻي تماچي جي تڪين واري رُومانوي داستان سان مُنسلڪ آهي، هِي لفظ ڪِينجهر ڍنڍ جي حوالي ۽ مُناسبت سان ئي مقبول يا مشهور ٿيو آهي. لاڙ واري علائقي ۾ ڪِينجهر لفظ جي معنيٰ عام طور گهڻائي يا فراواني ئي وَرتي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو ڪِينجهر ڍنڍ جي پاڻيءَ جو پالوٽ، پکيڙ ۽ اٿاهه گهرائي، اِنهي ڳالهه جي ثبوت لئه سگهارو دليل آهي. لڄادار لطيف جڏهن لاڙ جي هِن لاکيڻيءَ ڍنڍ جي اِها آتم ڪٿا خلقِ خُدا کان ٻُڌي تڏهن تماچيءَ جا تنبو ۽ تڪيا ۽ نُوريءَ جي نگريءَ کي پسڻ ۽ اُنهي عظيم عِشقيا داستان کي پنهنجي سدا ملوڪ شاعريءَ ۾ ايامن تائين امر ڪرڻ لاءِ شاهه عِنايت شهيد جهوڪ واري جي جُوءِ مان وڃي نِڪتو، پيرين پيادو پنڌ سوين ميل سفر ڪري اچي ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ڪي پل قراريو ۽ پوءِ مُرشد لطيف هِن مجازي مُحبت جي دلرُبا داستان کي، اُها معنيٰ بخشي جنهن کيس رهندي دنيا تائين جيئندان ڏيئي ڇڏيو.
اُها ڪينجهر جيڪا اُتر لڳڻ سان هندوري جي شڪل اختيار ڪري ٿي، واهُوندي وَرڻ سان کٿوري ٿئي ٿي، اُها ڪينجهر اُنهي رومانوي قصي جي سَرزمين آهي، جنهن کي ڀٽائي گهوٽ سُر ڪاموڏ جي نالي سان ڪَڙهيائون وِيهٽ ڪاري مينا پڙو پهرائي اُلهي، ڪُلهي عاج جي ٻانهين، ڪاڳڙن سان ڪنجري ۽ ٻانڌڻي ٻِٽَ اوڍائي ڪاڇبي جي ڪنهن ڪامِڻيءَ جهڙي بڻائي ڇڏيو آهي.
ڍنڍون ته ٻيون به کوڙ آهن، پر ڪينجهر ڍنڍ جي اُتامري اهميت فقط اُنهي عشقيه داستان جي ڪري ئي آهي، اُها ڪينجهر جنهن جي ڪنڌيءَ تي ڪڏهن ”ديارِدل داستانِ مُحبت ۽ پيغامِ لطف“ جو خالق ۽ عاشقِ سنڌ به ڪهي آيو هو، جنهن تماچيءَ جي تڙ تي بيهي چيو هو ته ”ڪنهن لاءِ تڪين ٿو ڪنڌيءَ تي، ٻي ٻيڙي مُور نه اچڻي آ، جي تون به اچين او وڻجارا! تو کي به اُڪاري وينداسين“ ۽ ساڳي ڪينجهر تي اُهو شيخ اياز به آيو هو جنهن چيو هو ته ”اي ڪينجهر! تُنهنجي ڪنڌيءَ تي، ڪو ئي ته تماچي اچڻو آ، ۽ نورا پائي نُوريءَ کي، ٿي لهرون، لهرون نچڻو آ“ ۽ ها! اُن ئي اڪڙن تي ڦهليل ڪنهن پيالي نما ڪينجهر ڍنڍ کي لاکيڻي لطيف نُوري ڄام تماچيءَ جي رُومانوي داستان ۾ ڳائي لازوال بڻائي ڇڏيو آهي.
ڀٽائي هِن ڍنڍ جي حُسن، هِن ڍنڍَ جي ڪَنولن، ڪِنارن، ڪنڌين، بندرن، وڻن، تڙن، تڪين، مَلاحُن، مُهاڻن، مَڪڙين، ٻيڙين، مڇين، ونجهن، رَڇن، سڙهن، جَر ۽ مَڃر سميت هر چيز کي ڌنئوري ڏينهن جهڙو دُوام بخشي ڇڏيو آهي، نُوريءَ جي نهٺائي، سچائي ۽ سادگيءَ کي شاهه سائين سُر ڪاموڏ ۾ ائين اُجاري اڇو ڪيو آهي، جئين وُٺي کانپوءِ وڻ ۽ وليون ڌوپي اڇيون اُجريون ٿي پَونديون آهن، ڪينجهر جو موضوع نِهايت ئي وسيع ۽ ويڪرو آهي، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر ائين ئي اُٻيڙ آهي،جيئن ڪينجهر جو پاڻي، ڪينجهر جي ڪنولن توڻي ڪينجهر جي ڪِنارن جي نِرمل نظارن جي ڪٿ ڪرڻ يا اُنهن کي ڪنهن ٻيءَ شيءَ سان ڀيٽڻ جي ڀيڻي آهي ئي ڪانه! ڇاڪاڻ جو ڪينجهر خود هڪڙو ثقافتي ايڪو آهي، ۽ زندگيءَ جي شاهراه جو هڪڙو پُختو پيچرو پڻ آهي، ڪينجهر نه رُڳو مُهاڻن کي مڇيءَ بدلي ماني ڳڀو مُيسر ڪري ڏي ٿي، پر اُها الاءِ ڪٿان ڪَهي ايندڙ پرڏيهي پنڇين جي پناهه گاهه به آهي، توڻي جو هاڻ شيرا نيڻ شڪارين جا آڙين جي آجيءَ اُڏام کي ڌڪي سندن زندگيءَ جا پَرَ زخمي ڪري رهيا آهن، پر پوءِ به ڪينجهر جون اُهي ڪنڌيون، جتي سَريلن ۽ سُفيدن جا ڊگها وڻ آئي، وئي کي ٿڌا ڇانِورا آڇين ٿا، جتي جڳ سڄي مان مايوس موٽندڙ دُکي دليون ڪي پل قرار پائين ٿيون، ۽ نوُريءَ جي مَزار مٿي مُحبتن جا وَچن وَرجائين ٿيون، جتي ڪيئي بي چين رُوحَ ڀٽڪيل مُسافر وانگر رين بسيرا ڪن ٿا، جتي ڪيئي اُداس اکيون، جتي ڪيئي نِراس نِگاهون ڪنول جا نيرا گُل پسڻ خاطر پوپٽن وانگر پَري، پَري کان ڪهي اينديون آهن، اُها عظيم ڪينجهر ڍنڍ جتي کِکيءَ هاڻيون کِکيون مُهاڻيون سمي ڄام سُلطان وٽ اگهامي وڃن ٿيون، اُهي تڙ جتي تماچيءَ تنبو کوڙي تڪيا بڻايا، اُهي ماڳ جتي ڄارو ڄام ڪُلهي تي رکي مُهاڻيءَ سان گڏجي مڇيون ماريندو هو ۽ گندريءَ سان گڏ ڪي گهڙيون گهارڻ ايندو هو، اُنهي ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي نُوريءَ پنهنجي نِوِڙت واري صفت سبب سمي جو سُلطاني سُهاڳ ماڻيو، جنهنڪري لطيف سرڪار پنهنجي لافاني ڪلام ۾ ڪينجهر ڍنڍ کي هميشه، هميشه لاءِ حياتي بخشي ڇڏي،
پکا، پَکارِيو، ڄامُ تماچي آيو،
گُوندر لاهيو گَندَريون! آتڻ اُجاريو،
ڪينجهر قراريو، سَمي سام بخشي.

اي ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي ............ الهڏنو خاصخيلي

 سامعين! هِي جيڪي حياتيءَ جون سڀئي آسائشون ۽ عياشون اسان کي حاصل آهن، اُنهن جا خالق اُهي پورهيت هٿ آهن، جن لاءِ شاعرن وٽ ته ”سون ساريکا هٿڙا“ جهڙا لاجواب لفظ وڏي معنيٰ رکن ٿا، پر جيڪا زميني سچائي آهي، اُها اُن جي اُبتڙ نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ جو اسان جڏهن ٽين دُنيا جي پيڙهيل پورهيت طبقي جي حالتِ زار ڏسون ٿا، تڏهن سچ پُڇو ته هينئن تي هٿوڙا لڳن ٿا، اُنهن عظيم پورهيتن پنهنجي هٿ جي هُنر سان هِن جهان کي الائي ڪٿي کان ڪٿي پُڄائي ڇڏيو آهي، پر سندن نه سُورن ۾ ڪا ڪمي آئي آهي، ۽ نه ئي سندن معاشي حالت سُڌري آهي، اڄ به اُهي ئي هيڻا حال، اُهي ئي اڻ ڳڻيا عذاب، اذيتون ۽ درد. ٻن ويلن جي مانيءَ لئه مجبور، پريشان ۽ پشيمان، پيرين اُڀراڻا ۽ انگ اُگهاڙا، ڪيئي مسڪين مزدور ۽ پورهيت اوهان ۽ اسان جي آس پاس رهن ٿا، سڄو ڏينهن ۽ رات لوڙين ٿا، رت ولوڙين ٿا پوءِ به ڀت رڌي نٿا سگهن، سندن معصوم ٻارڙا اسڪول وڃڻ بدران کڏين، گيئرچن، دُڪانن، بٺين، هوٽلن ۽ وڏيرن جي واڙن تي ونگارون وهندي، وهندي پنهنجي گُل جهڙي ڪچڙي وهي ڪُومائي ڇڏين ٿا، پر پوءِ به سندن پورهيت مائٽن جي پاندي پُوري ڪانه ٿِي ٿئي، ۽ اُهي هيٺ ڇڪين ٿا ته مٿي ڪانه ٿي پُڄي، ٻئين لئه حياتيءَ جي هر آسائش پيئدا ڪندڙ پورهيت پاڻ زندگيءَ جي هر سهوليت کان محروم آهن، ائين ڇو آهي؟ جو جيڪي رات ڏينهن رت ٿين اُنهن جي گهرن ۾ لولي لُوڻ ڪونهي، ۽ جيڪي اي سي بنگلن ۾ آرامي آهن، ۽ ڪو ڪم ڪار به ڪونه ٿا ڪن، پوءِ به اُنهن وٽ عيش و عشرت جو سمورو سامان موجود آهي؟ اِهو سڄو ڪمال اُن طبقاطي نظام جو آهي، جيڪو ڪڏهن جاگيرداراڻي روپ ۾ ته ڪڏهن سرمائيداراڻي شڪل ۾ پورهيت طبقي جو استحصال ڪري رهيو آهي، ۽ اِها سڄي خرابي اِن طبقاطي نظام جي آهي، ڇو ته اِن نظام جي ذريعي سموري دولت ۽ سڀئي وسيلا اُنهن چند جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي مُٺ ۾ مُقيد ٿي وڃن ٿا، مٿان وري مُصيبت اِها آهي جو اسان جا سمورا سياسي نظام اهڙن پورهيت دشمن استحصالي نظامن کي نه رُڳو هٿي ڏيئي رهيا آهن پر اُنهن جا ٻانهن، ٻيلي ۽ ڀرَجهلا به ٿي بيٺل آهن ۽ کين هر سهوليت ڏيئي مچائي مواڙ ڪري رهيا آهن، نتيجي طور اِهي استحصالي طبقا پورهيت عوام جو ڄؤرن وانگي رت چوسي رهيا آهن، ذرا غور ڪريو، ذرو ويهي ويچاريو ته اُهي پورهيت، جن سڄي ڄمار محنت مزدوري ڪئي، پورهيو ڪيو، روڊن تي ڪڪرا ڪُٽيا، بٺن جي باهين ۾ جليا، مِلن ۽ ڪارخانن ۾ ڪڙهي ڪمايو، اُنهن جي انگ تي ڪو ڍنگ وارو ڪپڙو ڪونهي، اُنهن جي اولاد کي ڪڏهن ڪائي سڻڀي ماني نصيب ڪا نه ٿي ٿئي، پر اُنهن هَڏ حرام طبقن جا هر دؤر۾ وارا نيارا آهن، ۽ کائن ڪو پُڇڻ ۽ آکڻ وارو ڪونهي ته جيڪي ڪمائن ٿا اونهن وٽ ڪا شيءَ ڪونهي، ۽ اوهان جيڪي هٿ، هٿ تي ڌري ويٺا آهيو اُهي ايڏي بي شُمار دولت ڪٿان ٿا آڻيو؟ پر ڪير پُڇي ڇو ته اُهي هِن اسان جي سياسي نظام جو نه رُڳو حصو آهن پر ٿوڻيون ۽ ٿنڀا پڻ آهن، سو جيستائين پورهيت طبقو پاڻ پنهنجي تقدير تبديل ڪرڻ لئه اُٿي کڙو نه ٿيندو، تيستائين سندن هِن هِيڻيءَ حالت کي ڪو ئي ٻيو شايد ئي تبديل ڪري سگهي.

 سامعين! پاڻ ماڻهو اُن اَمن پَسند ۽ مُهذب قوم جا فرد آهيون، جنهن جي عظيم شاعرن ۽ صُوفين سدائين عالمي اَمُن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، پاڻ ته اُن عظيم مِٽيءَ جا مارُو ماڻهو آهيون، جتي جي ڏاهن ڏات ڌڻين هميشه اِنساني آدرشن ۽ قدرن جو پرچار ڪيو آهي. پاڻ ته ڄام نندي جي اُن ننگريءَ جا رِهواسي آهيون، جيڪو صُبح شام پنهنجي گهوڙن جي پُٺيءَ تي هٿ ڦيري چوندو هو ته خدا نه ڪري جو ڪو اهڙو اڀاڳو ڏينهن اچي جو آئون اوهان جي پُٺيءَ تي سُوار ٿي ڪنهن بي گُناهه جو ناحَق خون وهايان، سو پاڻ پنهنجي اُنهن هٿن سان، جن هٿن ۾ رُڳو امُن ۽ مُحبت جا ساوا ۽ نيرا جهنڊا جهولندي سُونهَن ٿا، ڪيئن ٿا ڪنهن جي زندگيءَ جا ڏِيئا اُجهائي سگهون، پاڻ ماڻهن ته سدائين پيار ۽ سلامتيءَ جا پيغام پکيڙيا آهن، ۽ اُهي هُنرمند هٿ جيڪي رُڳو هرِک تي هُرمچ جو ڀرت ڀَرڻ ڄاڻن ٿا، يا جيڪي سون ساريکا هٿڙا رُڳو نيهن جا نيرا لفافا ۽ عشق جا اڇا ڪبوتر اُڏائڻ جا عادي آهن، جيڪي هٿ رُڳو اُڻڻ ۽ ڳنڍڻ سِکيا آهن، سي ڇنڻ وارا ڪيئن ٿا ٿي سگهن. پاڻ ته ڇنڻ مور ناهي سکيو بلڪِ پاڻ ته اُنهن ڳنڍيندڙن مان آهيون جن سدائين مِڙي ميٺ ٿي گام سڀ گڏ ڪيا آهن. اسان ته اَمُن ۽ مُحبتن جا امين ۽ سفير آهيون، سو ڀلا پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪنهن جي اُميدن ڀَري چمن کي ڪيئن ٿا تيلي ڏيئي سگهون، اسان ڪنهن جي حياتيءَ سان هٿ چُراند ڪيئن ٿا ڪري سگهون، ڪنهن جي مُک تان مُرڪ کسڻ، ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ، ڪنهن جي عزتِ نفس مجروح ڪرڻ اسان ماڻهن جو مَرڪ ناهي، اسان ته سدائين جياپي جو نياپو ڏيندڙ اِنسان دوست، مُحبِ وطن ۽ جهموريت جا سڀ کان وڏا حامي ۽ علمبردار آهيون.
اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو................ منظور سخيراڻي

 سامعين! ڪافي ڏِهاڙا اڳ ۾ هڪ لِسنر دوست سان واٽ ويندي ڪٿي مُکا- ميلو ٿيو هو، اُن مهربان دوست وٽ مَيارن جون ڄڻ ته ڀريون ٻڌل هُيون. جيڪي هُن پنهنجي دل جي ٽُوال مان ڇوڙي ڪنهن ڪپڙي جي ٿان جيئن مون اڳيان کولي رکيون هُيون. هُونئن ته اسان جا هي لِسنر دوست جيڪي سدائين اسان جون مِڙئي مَدايون معاف ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪي سڀئي ڍِلايون ڍَڪي ڇڏيندا آهن، جيڪي اسان جي مَداين جي ڪَل هُوندي به ڪڏهن ڪوسا ناهن ٿيندا، سي جڏهن به ڪٿي ملندا آهن ته ڀَريل ڀاڪُرن جيترو پيار ڏيندا آهن ۽ ڪو ڏوراپو ڏيڻ بجاءِ هميشه چوندا آهن ته ”مِڙئي ميارون مون ڏي هوتن ڏي هڪ به نه!. پر اُنهي ڏينهن جنهن سٻاجهي سڄڻ ڏوراپو ڏنو، ۽ جيڪا ميار ڏِنئين، اُن سچ پُڇو ته جيءُ جهوري وِڌو، ڇاڪاڻ جو هُن جي ڏوراپي ۾ ڪا گِلا ڪانه هُئي، ڪا ڪاوڙ ڪانه هُئي، هُن جي ميار ۾ هڪڙي هُجت هُئي، هڪڙي معصوم خواهش هُئي، هڪڙي التجاءِ ۽ هڪڙي وينتي هُئي، هُن نڪين پنهنجو نالو نشر ڪرڻ جي ڪا شڪايت ڪئي، نه ڪنهن ڪلام جي فرمائش ڪئي ۽ نه ئي وري پروگرام ۾ پنهنجو مواد شامل ڪرڻ لاءِ ڪو زور ڀريو. هُنَ رُڳو اِهو چيو: ته ”امر! ڏُڪار جي ڏُکن تي ڇو نٿو ڳالهائين؟ ميگها رُت کي ريجهائڻ لاءِ ڪو پروگرام ڇو نٿو ڪرين؟ اسان جي اَهنجن ۽ عذابن کان اڻڄاڻ ڇو آهين؟!
بنهه ساڌڙي ۽ سٻاجهڙي مِزاج واري اُن معصوم ٿرواسيءَ کي ڀلا ڪير سمجهائي ته؛ مينهُن ڪو محبوب ته ڪونهي جنهن کي روئي ريجهايون، ۽ نه ئي وري بادلن جي بَرسڻ جا هڙئي حق ۽ واسطا اسان وٽ محفوظ آهن، جو کين سڄو ڏينهن ۽ رات ٿرين جي ٿاڪ مٿان بيهاري بَرسايون. اِهي بادل ته بي سمجهه آهن، جيڪي آس، نراس ۾ ٿر جون اکيون ٿوهر بڻائي وڃي سَمُونڊن تي وَسن ٿا. اِنهن بي جان ۽ بي حس بادلن کي اوهان جي اُڃ جي ڀلا ڪهڙي ڪل؟ موسمن ۽ مُندَن کي اوهان جي ڏک، ڏُرت جي ڪهڙي ڄاڻ ته ڪا رات رنجائي به گذري ٿي ۽ اُڀ کي ڪهڙي خبر ته سندس اولي ۾ ڪنهن جو ميت سُتو پيو آهي.
ها اسان اوهان جي ڏکن کان اوس آگاهه آهيون، اسان اوهان جي حالتِ زار کان ڪيئن ٿا اکيون ٻُوٽي سگهون؟ ڇاڪاڻ جو اسان به ته اوهان منجهان ئي آهيون، بلڪِ اسان به اُنهي ڏُڪار جا شڪار آهيون، جنهن ڪال اوهان جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. ها اسان ئي ڄاڻون ٿا ته دؤر ڪهڙو به هُجي پر اوهان جي قسمت بدلجڻ کان نابري واري پڙ ڪڍي بيهي رهي آهي..
اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان کي مانيءَ جي بُک ڪا نه ٿي ماري، پر رَوين جو ڏُڪار اوهان کي ڏاري ٿو وجهي. پر اسان مان اڃان رت دانگيءَ تي ورڻ وارو احساس ويو ڪونهي، اُن ڪري اسان اوهان جي ڏُک، سُک کا ڪَن لاٽار ڪري يا مُنهن موڙي نٿا سگهون. اسان ڄاڻون ٿا ته حالتون اوهان جي حق ۾ ڪڏهن به ڪونه رهيون آهن. اوهان ڏُک، ڏُڪار ۽ بُک بدحاليءَ جي ڀيانڪ قيد ۾ ڪيئن ٿا ڪٽيو؟ اِهو سڀڪُجهه اسين ڄاڻون ٿا، اسين ڄاڻون ٿا ته، جڏهن اوهان جون آسائتيون اکيون اُڀ ۾ ڪا تِتِر کرڙي ناهن پَسي سگهنديون رات جو چنڊ کي ڪو پڙ ناهِن ڏسنديون، سج لٿي جو شفق ۾ سايون مُوگهون ناهن پسنديون. تڏهن ڪيئن نه اُٻاڻڪيون ٿي اُجهامي وينديون آهن، اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته اوهان جون اداس اکيون سڄو ڏينهن ڪاڙهي ۾ ڪڙهڻ کان پوءِ جڏهن شام جو اُتر پار کان ڪا ٻَڪراڙ کِنوڻ پسي ناهن سگهنديون تڏهن ڪيئن نه خود آگم بڻجي جُهڙنيڻئون نه لهي جهڙيون ٿي پونديون آهن. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان جي سُڪل آواڙي مان جڏهن واري اُڏامي اوهان جي اکين ۾ پوندي آهي ۽ اوهان جو اڃايل مال تڙ تان تسيارو موٽندو آهي تڏهن اوهان جو اندر اڌ ٿي پوندو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان جي ڪُلهي ۾ پيل سُڪل سانداري پاڻيءَ جي هڪ ڦُڙي لاءِ ڪيئن ڦٿڪي ٿي ۽ اسان اِهو به ڄاڻون ٿا ته اوهان جنهن اَڪَ جي پُڙي ۾ ڏاچي ڏُهندا هُئا. هيل اُنهن اَڪن ۾ پُڙو به ڪونهي، ۽ اُنهي ڏاچيءَ کي به وِهڪي وَرَهيه ٿيا، جنهن مان ڏُڌ ڏُهي اوهان پنهنجن ٻچڙن جي بُک اُجهائيندا هُئا، ۽ هاڻ جڏهن اوهان ڇِڪي مان خالي ڏاٻورو ڪڍي اُنهن اڳيان رکو ٿا تڏهن اُنهن جون سُوالي نِگاهون هزارين حَسرتن جا لُڙڪ لاڙين ٿيون ۽ جن کي جهَڻ ڏٺي به ڪيئي ڏينهن ٿيا، اُنهن جي ڪنهن به سُوال جو جواب نه ڏيئي سگهڻ جي ڏک ۾ اوهان ايئن ڏري پئو ٿا جيئن زلزلي ۾ زمين ڏري هُئي.
اسان ڄاڻون ٿا هاڻ ڪنڊين ۾ سائي سَک ۽ پِتر به ڪو نه ٿي لڳي، جيڪا لاهي اوهان پنهنجي جئيار جي مُنهن ۾ ڏيئي سگهو، اسان اوهان جي اُنهي درد کان به آشنا آهيون، جڏهن آکاڙ آڌيٽجي وڃي ۽ مُند ڪنهن بي وفا محبوب جيئن مُنهن موڙي وڃي تڏهن اوهان جي ڪيفيت ڪهڙي هُوندي آهي. اسان کي معلوم آهي ته اوهان بيئراجي ڀاڱن ۾ پنهنجن ڍڳين لاءِ هڙ ۾ ڪُجهه نه هُئڻ ڪري گهرواريءَ جا ڳهه ڳٽا گِروي رکي جيڪا پَراڙ ورتي هُئي اُها پَراڙ به هاڻ پُوري ٿي چُڪي آهي ۽ اسان کي پتو آهي ته اوهان جا ڍور جنهن ڍوري ۾ چَرندا هُئا، اُهي کيٽ کيڙجي وڃڻ کانپوءِ اُتي اُڀي جي به آنٽ نه هئڻ ڪري اوهان ڪنهن ٻني تي لٺ جي ٽيڪ تي بيهي اکين ۾ رات ڪيئن ٿا ڪٽيو؟ اسان کي خبر آهي ته اوها پيٽ کان گُنجائي جنهن پُونهن کي پاليو ٿا، اُها پُونهَن جڏهن پڙيءَ ۾ پنج سئو رپيا به نٿي ڪري تڏهن ڄڻ ته اوهان جي سَرير جي سِلڪ ۾ ڪا ڀُرٽ جي سِري چُڀي پوي ٿي. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان هِن سال به خدا نه خواسته قحط ڪڙڪڻ جي ڪري پنهنجي جُواڻ ڌيءَ کي اُٿيارڻ واري خواب پوري نه ٿيڻ جي خوف سبب روز اڌ رات جو ڇرڪ ڀري اُٿي پئو ٿا. اسان کي عِلم آهي ته اوهان پنهنجي مڙهيءَ ماءُ جي پاءُ ناس، پوڙهي پيءَ لاءِ پَنَ جي ٻيڙين جي جُهوڙي، دادلي ڌيءَ لاءِ وال پوتيءَ جو، اُڀراڻي سڪيلڌي پُٽ لاءِ ربڙَ جي جُتي ۽ زال جي ڳوٺڻ لاءِ ڪپڙي جو اڌ وال نه آڻي سگهڻ جي عذاب کي ڪيئن ٿا ڀوڳيو....!! اسان اِهو به ڄاڻون ٿا ته اوهان پنهنجي اولاد کي ٻَري ۾ ٻَرندو ڏسي به سندن لاءِ ڪا ڪال پول دوا جي شيشي به آڻڻ جي سگهه نٿا رکو، تڏهن ايئن ٽُٽي ٽُڪر ٿي پئو ٿا، جيئن ڪو ٺِڪر جو ٺانءَ فرش تي ڪري ڀڄي ڀور ٿي پوندو آهي.
اسان اوهان جي اُن اذيت کان به آگاهه آهيون، جيڪا اوهان اُن وقت ڀوڳيو ٿا جڏهن پورو ڪرايو نه هُئڻ ڪري اوهان کي رستي ۾ ڌڪي لاريءَ مان لاٿو وڃي ٿو، اسان اوهان جي اُن درد کان به ڀليءَ ڀت واقف آهيون، جڏهن اوهان پيٽ تي پٿر رکي به پنهنجي پُٽ کي پڙهايو ٿا، پر هُو نوڪري نه ملڻ ڪري وڃي روڊ تي ڪڪرا ڪُٽي ٿو، ۽ اِها پيڙا اوهان کي ايئن نِپوڙي ٿي جيئن ڪو کُٽي ڪوري ڪپڙي کي ڌوئڻ کانپوءِ نِپوڙيندو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان ڪنهن بيت المال جي آفيس يا عُشر زڪوات جي دفتر اندر هڪ قسط حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي عُمر جي آخري قسط به ادا ڪري ڇڏيو ٿا. پر وَري سَري ڪُجهه ڪونه ٿو. اوهان ڪنهن نادرا جي آفيس ٻاهران سرديءَ توڻي گرميءَ ۾ بيهي سڄي ڄمار گهاري ڇڏيندا آهيو، پر ڪارڊ ٺهي ڪونه جُڙندو آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان ڪنهن يوٽيلٽي اسٽور اڳيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهي انتظار ته ڪندا آهيون، پر پوءِ به کنڊ جي ڪلي ۽ گيهه جي سير کان محروم رهجي وڃو ٿا. ها اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان جي سڄي آڪهه نه رُڳو ڪنهن سڻڀي ٽُڪر کان سدائين محروم رهي آهي، پر ڪنهن نئين وڳي کان به واقف ڪونهي. اسان کي خبر آهي ته خوشي ۽ خريد اوهان جي پهچ کان پري آهي. پر پوءِ به اوهان جيڪي دل جا درياهه آهيو، سي سدائين توڪل جي تُرهي تي ترو ٿا، اوهان اُميد جو دامن هٿان نٿا ڇڏيو، اُن ڪري اوهان جو وِڄُن جي ورڻ ۾ اڃا به پُختو ايمان آهي، اوهان کي ويساهه آهي ته هِي ڏک جا ڏينهن جيڪي جَر تي ڦوٽي جيئن آهن سي گذري ويندا ۽ هي غمن جون گهٽائون ماڪ جي ڏونگرن وانگي نيٺ ته ناس ٿي وينديون. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان هر حال ۾ جيئڻ جي هُنر جا گُر ڄاڻو ٿا، اوهان جي اِنهي جُرئت، هِمت، حوصلي، عظمت، ايمان، صبر ۽ شڪر کي سُرخ سلام...!!

****