اُڃ اُجهي ئي ڪو نه ٿي
[/b]منهنجي پرڏيهي ادب مان ترجمو ٿيل چئن ڪهاڻين جي ڪتابن گوري گهاگهر ۽ گوندر، ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص، درد بڻيو دلربا ۽ روح جون رولاڪيون کان پوءِ هي چوٿون ڪتاب محبت ماريا ماڻهو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
ادب جي ذريعي اسان کي انسان جي زندگي جي اندر جي سونهن، اُن جي اُتم ۽ اعليٰ ڪارج ۽ منزل ۽ ٻين انيڪ پهلوئن جي چڱي پرسڌ پوي ٿي، جيڪي هونئن عام زندگي ۾ انسان جي نظرن کان اوجهل هجن ٿا.
ادب ۾ ترجمي جي افاديت ۽ اهميت کان قطعي انڪار ڪري نٿو سگهجي. ترجمي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته، اُهو تخليقي ادب جو پنهنجي اصل ٻولي مان، ٻي ٻولي ۾ نئون جنم آهي، جنهن جا خدوخال ۽ ويس وڳا، ڪنهن حد تائين ڀلي اصل تخليق کان مختلف هجن ٿا، پر اُنجو روح ۽ تاثر ساڳيو ئي هجي ٿو.
اٽالو ڪئلونو جو چوڻ آهي ته، ”بنا ترجمن جي، آئون صرف پنهنجي ملڪ جي سرحدن تائين محدود رهان ٿو، پر ترجمي نگار مون کي پوري دنيا سان متعارف ڪرائي ٿو“. اها ترجمي جي سگهه ئي آهي، جنهن جي ذريعي تخليق جي سونهن، سوڀيا ۽ آدرش، بنا پاسپورٽ جي انساني سرحدن کي اورانگهي، ٻي دنيا ۾ نه صرف داخل ٿئي ٿي، پر سموري ڌرتي تي جوڙيل سرحدن کي ملائي، فقط هڪ سچو ۽ حقيقي علائقو جوڙي ٿي، جنهن جي ذريعي نه صرف، انسانن جي درميان پيل وٿيون ختم ٿين ٿيون، پر اُن ۾ انساني اعليٰ قدر ۽ محبتون پڻ مڃتا ماڻين ٿيون.
ڪهاڻي کيتر ۾ انسان وٽ کوڙ سارا ڀلا ليکڪ آهن. ۽ ان ۾ ڪو شڪ به ناهي ته، ڪو اسان وٽ سٺين ۽ معياري ڪهاڻين جي ڪا کوٽ آهي. پر جيئن ته پنهنجي عقل کي ئي عقلِ ڪُل سمجهڻ عقلمندي ناهي، تيئن رڳو پنهنجي ئي ادب کي اعليٰ ادب سمجهڻ ۾ به ڪا عقلمندي ناهي. انهي لاءِ ضروري آهي ته، اسان نه صرف ٻاهريئين ادب جو مطالعو ڪريون، پر ان سان پنهنجي ادب کي ڀيٽي اڳتي وڌون. پرڏيهي ادب تائين هر اديب يا پڙهندڙن جي پهچ ٿي نٿي سگهي. ڇاڪاڻ جو اُن کي پڙهڻ لاءِ اُن ٻولي جي چاڻ هئڻ ضروري آهي، جيڪا هر عام و خاص لاءِ ممڪن ناهي. انهي ڪري اُهي ترجمائي آهن، جن جي ذريعي اسين دنيا جي مختلف ٻولين جي سرجندڙ ادب کي، هر ماڻهو جي پهچ تائين نه صرف آسان بنائي سگهون ٿا، بلڪه اُن جو پنهنجي ادب سان موازنو ڪري، ادبي کيتر ۾ وڌيڪ جلا ۽ جوت سان ڏات جا ڏيئا روشن ڪري سگهون ٿا.
پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن کي، پرڏيهي ادب سان روشناس ڪرائڻ جو مقصد اِهو آهي ته، جيئن اسين باقي دنيا جي ماڻهن جي لطيف جذبن، احساسن، خوشين، دردن ۽ وجود جي وارتائن کي نه صرف سمجهي سگهون، بلڪه گڏيل انساني اعليٰ قدرن ۽ محبتن جا مينار جوڙڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون.
گڏيل انساني قدر ۽ محبتن جا مينار جوڙڻ لاءِ لازمي آهي ته، اُن لاءِ ادب مان چونڊ به اعليٰ معيار جي هجي، مون ان لاءِ اسان جي ماحول ۽ سماج جي ثقافتي ۽ تهذيبي ورثن ۽ پس منظرن، لاڙن، روين، جذبن، خواهشن ۽ احساسن کي ڌيان ۾ رکي، ترجمي لاءِ ڪوشش ڪري اهڙي ادب جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪو اُنهن کي، شعور جي اُتاهين منزل ڏانهن اڳتي وٺي وڃي ۽ هو انسانذات جي آجپي ۽ آدرش جي ڪارج ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري سگهن.
پرڏيهي ادب مان چونڊ جي به پنهنجي ڀوڳنا آهي. ايئن جيئن بارش جي هزارين بوندن مان، ڪا هڪ بوند ئي سپ ۾ موتي سرجڻ جو ڪارڻ بنجي ٿي. تيئن اٽڪل ڏهه ٻارنهن ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ ڪا هڪ ئي ڪهاڻي چونڊجي اچي ٿي، جيڪا پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن جي روح جي رشتن کي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪارگر لڳي ٿي. انهي لحاظ کان اِهو ڪم ڄڻ جبل جي چوٽي سر ڪرڻ جيترو ٿڪائيندڙ ڪم آهي. پر جيئن جبل جي چوٽي سر ڪرڻ جي پويان، پنهنجو سحر آهي تيئن، ادب جي مطالعي جو به پنهنجو سحر آهي. ۽ نه فقط سحر پر هڪ اهڙي اُڃ، بلڪل موکي جي مٽن جيان، جن کي اوتي به متارا اڻ ڍاپيا ئي رهيا. هڪ اهڙي اُڃ جيڪا اُجهي ئي ڪا نه.
ڪهاڻي جي ترجمي جي چونڊ کانپوءِ، اُن جي فن، ٽيڪنڪ، ٻولي جي سونهن ۽ اصل ليکڪ جي خيال سان نباهه جو خيال رکڻو پوي ٿو. خصوصن ٻولي جي معاملي ۾ ته، انتهائي نفاست سان لفظن جو جڙاءُ ڪرڻو پوي ٿو، جيئن اصل ٻولي جي خوبصورتي ترجمي ۾، پنهنجي معنيٰ، مفهوم ۽ سونهن وڃائي نه ويهي رهي ۽ ساڳئي وقت اُن ۾ اوپرائپ به محسوس نه ٿئي، اُن کان سواءِ اصل ٻولي م ڪم آيل تشبيهن ۽ محاورن کي پڻ پنهنجي ٻولي سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ، باريڪ بيني سان چٽڻو پوي ٿو، جيئن اصل ليکڪ جي تخليقي پورهيئي سان ناانصافي نه ٿئي ۽ نه ئي اُن ۾ جهول يا بگاڙ محسوس ٿئي. صحيح معنيٰ ۾ سٺو ترجمو اُهو ئي آهي، جنهن ۾ اصل ليکڪ جي ڪهاڻي جو روح ۽ سرور ايئن محسوس ٿئي، ڄن اُها ڪا ڌارين ٻولي جي نه، پر اسان جي پنهنجي ٻولي جي تخيلق ٿيل ڪهاڻي آهي.
ڪهاڻي جي ان سموري فني ۽ فڪري بحث جي پس منظر ۾ منهنجو ڪيل ادبي پورهيو ڪٿي بيٺل آهي؟ ۽ ادب ۾ ڪهڙي جاءِ والاري ٿو؟ اُن تي توهان پنهنجي راءِ ڏيو. اها ئي اهم ليکبي، مجنو کي ته ليليٰ ڪڏهن به ڪاري نظر نه ايندي ۽ خصوصن پرڏيهي ادب مان ڪيل پنجن ڪتابن جي ترجمن کان پوءِ منهنجي ڪهڙي راءِ....؟
هونئن به ڪنهن جي ادبي قدڪاٺ ۽ حيثيت جو فيصلو نقاد، وقت ۽ تاريخ تي ئي ڇڏيو وڃي ته بهتر آهي. منهنجي خيال ۾ اُنهن کان وڌيڪ منصف ٻيو ڪير به ٿي نٿو سگهي.
ڀونءِ جو بندو
ڀوَن سنڌي
حيدرآباد
Email: bhawansindhi1@gmail.com