ڀولڙي جا ڪرتب
شهر جي ڏکڻ ۾ هڪ جانورن جو باغ هو. اُهو ڪو ايڏو وڏو نه هو. اُن ۾ هڪ چيتو، ٻه واڳون، ٽي نانگ، هڪ اُٺ پکي ۽ هڪ چٻارا ڪڍندڙ جانور يا سادن لفظن ۾ کڻي ڀولڙي چئجي، رکيل هئي. اُن کان سواءِ اُن ۾ خسيس ۽ عام قسم جا پکي، مڇيون، ڏيڏر ۽ ٻيا جانورن جي دنيا جا، ڪجهه غير ضروري ۽ بي عقل جانور پڻ رکيل هئا.
ٻي عظيم جنگ ۾، جڏهن فاشسٽ هن شهر تي حملا ڪري رهيا هئا، ته هڪ بم سڌو اچي جانورن جي باغ ۾ ڪريو، جنهن اُن تفريگاهه کي تباهه ڪري ڇڏيو. ٽي نانگ موقعي تي ئي مري ويا ۽ شايد انهي دردناڪ موت جي دپ سبب اُٺ پکي به مري ويو. ٻين جانورن کي بظاهر ڪو نقصان ته ڪو نه ٿيو، پر اُهي ڌماڪي جي خوف سبب ڊپ ۾ وڪوڙجي ويا.
انهن سڀني جانورن ۾ سڀ کان زياده، اسان جي ڀولڙي متاثر ٿي ۽ ڊڄي ويئي. زوردار ڌماڪي هن جي پڃري جي هڪ ڀت کي، پاڙ کان ئي اُڏائي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ اسان جي ڀولڙي کي، پڃري کان ٻاهر باغ جي رستي تي اُڇلي ڇڏيو.
هوءِ ڌماڪي جي زوردار دٻاءُ سبب زمين تي ته اچي ڪري، پر هڪ عام ماڻهو جيان گهڻو وقت اُن تي ليٽي نٿي سگهي. جيئن جنگي حالتن ۾ ڌماڪن ٿيڻ جي صورت ۾ فوجي ماڻهن کي پاڻ بچائڻ لاءِ زمين تي ليٽڻ جون هدايتون ڏيندا آهن. اُن جي برعڪس اسان جي ڀولڙي، ٽپو ڏيئي وڻ تي چڙهي ويئي. اُتان ٽپو ڏئي جهنگلي تي چڙهي وئي ۽ جهنگلي تان وري روڊ تي، هوءِ پاڳلن جيان ڊوڙندي ۽ ٽپندي رهي.
۽ هوءِ ڊوڙندي ۽ ٽپندي شايد سوچي رهي هئي، ”اوه! هو جيڪڏهن هتي به بم اُڇليندا ته مون کي سندن اها حرڪت قطعي پسند ناهي.“ هوءِ پنهنجي پوري سگهه سان رستن تي ڊوڙي رهي هئي.
هوءِ سڄي شهر کي لتاڙيندي، هاڻ شهر کان ٻاهر هاءِ وي تي ڊوڙي رهي هئي. ڀولڙي جيئن ته انسان نه آهي. هُن کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو سڀ ڪجهه ڇو ۽ ڇاجي لاءِ ٿي رهيو آهي، ۽ نه ئي هن کي ان شهر ۾ رهڻ جو ڪو خاص مطلب يا مقصد نظر اچي ٿو.
هوءِ ڀڄندي ۽ ڊڪندي رهي، ۽ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پئي ۽ وڻ تي چڙهي وئي، هن پنهنجي بک جي باهه کي وسائڻ، ۽ پنهنجي وڃايل سگهه کي موٽائڻ لاءِ، ڪجهه مکيون ۽ ٻيا جيت کاڌا ۽ اُنهي ئي وڻ جي ٽاري تي، جنهن تي هوءِ ويٺي هئي، هن کي ننڍ اچي وئي.
اُن وقت هڪ فوجي گاڏي هاءِ وي تان گذري رهي هئي. فوجي جي نظر وڻ تي ستل ڀولڙي تي پئي. هن کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي. هن خاموشي سان وڻ تي چڙهي، پنهنجو ڪوٽ اُن مٿان اُڇلي جهلي ورتو ۽ پنهنجي گاڏي ۾ وجهندي سوچيو.
”اهو بهتر ٿيندو ته هو اُن کي پنهنجن دوستن مان ڪنهن هڪ جي حوالي ڪري بجاءِ ان جي، جو هوءِ هتي بک، ٿڌ ۽ ٻين مصيبتن جو شڪار ٿي وڃي“.
اهو سوچيندي هو گاڏي ۾ ڀولڙي کي ساڻ کڻي روانو ٿيو. هو بورسوف شهر پهتو. هو پنهنجا ڪم ڪار اُڪلائڻ لاءِ گاڏي مان لٿو، ۽ ويندي ويندي ڀولڙي کي چيائين:
”ڊارلنگ! منهنجو هتي ويهي انتظار ڪر، آئون جلدي موٽي اچان ٿو“.
پر اسان جي ڀولڙي ڪٿي ٿي انتظار ڪري؟ هوءِ گاڏي جي ڀڳل شيشي مان، ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪتي ۽ گهٽين ۾ گهمڻ لڳي.
هوءِ ڪنهن حسين دلربا وانگي ڪيڏي مهل آهستي، ته ڪيڏي مهل ٺينگ ٽپا ڏيئي ته وري ڪيڏي مهل پنهنجو پڇ هوا ۾ لهرائي، گهٽين ۾ هيڏي هوڏي گهمڻ ڦرڻ لڳي. ماڻهن کي هن جي ادائن تي ڏاڍو لطف محسوس ٿيو. اُنهن مان هر ڪنهن چاهيو ٿي ته، هو کيس پڪڙي وٺي. پر اهو ڪم ايترو آسان نه هو. هوءِ ڦڙتيلي هئي ۽ پنهنجن چئن پيرن تي تيز ڊوڙي سگهي ٿي. بيشڪ اُهي هن کي پڪڙي نٿي سگهيا، پر اُهي هن کي بنا عقل واري ڊوڙ ۾ ٿڪائي ضرور سگهيا ٿي.
هوءِ ڊوڙي ڊوڙي هاڻ ٿڪجي پئي هئي، ۽ هاڻ هن کي بک به اچي ڏاڍو ستايو هو. پر شهر ۾ هن کي ڪٿي کاڌو ملي سگهيو ٿي؟ گهٽين ۾ هن جي کائڻ جهڙي ڪا به شئي نه هئي. هوءِ پنهنجي پڇ سان، ڪنهن هوٽل يا سماجي ڀلائي جي اداري ۾ وڃي نٿي سگهي. ٻيو ته هن وٽ پئسا به نه هئا ۽ نه ئي ڪو رعايتي ٽوڪن يا راشن ڪارڊ هو. هوءِ ڪافي ڊنل هئي. هن جي حالت بلڪل هڪ ڀيانڪ سپني جهڙي ٿي چڪي هئي.
آخرڪار هوءِ هڪڙي سپر اسٽور ۾ گهڙي وئي. هن پنهنجي حواسن تي زور ڏيندي سوچيو: ”هتي کائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ملي ويندو“. هن صحيح سوچيو هو. اُتي سيلز گرل گراهڪن کي سبزيون، گجر، بيٽ، چڪندر ۽ ٻيو سامان ڏئي رهيو هيون.
هن اسٽور ۾ ماڻهن جي ڊگهي قطار ڏٺي. هوءِ اُن قطار ۾ ته بيهه نٿي سگهي. ۽ نه ئي ماڻهن کي ڌڪا ڏئي، ڪائونٽر جي اڳيان پهچي سگهي ٿي. هوءِ فقط گراهڪن جي مٿن (سرن) تان ٽپا ڏئي، سيلز گرل تائين پهچي سگهي ٿي. ۽ اسان جي ڀولڙي ايئن ئي ڪيو. هوءِ ماڻهن جي مٿن تان ٽپندي ڪائونٽر تي پهتي. هن نه ئي گجرن جي ڪلو جو اگهه پڇيو، بس جهپو هڻي گجر وات ۾ وڌا ۽ ڦڙتي سان ڀڄندي، دڪان مان ٻاهر نڪري وئي. هوءِ پنهنجي خريداري مان مطمئن هئي. ڇو ته هڪ ڀولڙي ڪڏهن به اهو سمجهي نٿي سگهي ته، ايئن ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿئي ٿو؟ ۽ بنا کاڌي جي هئڻ ۾ ڪهڙي عقل مندي آهي؟
بيشڪ اسٽور ۾ هل هنگامو مچي ويو. ماڻهو رڙيون ڪرڻ لڳا. سيلز گرل جيڪا اُن وقت گوگڙو توري رهي هئي، پريشان ٿي وئي، ۽ اهو فطري به هو. اوهان يقيني طور ڊپ م وٺجي ويندا، جيڪڏهن توهان جي سامهون هڪ عام گراهڪ جي بدران، هڪ وارن سان ڳتيل پڇ لوڏيندڙ گراهڪ، اوچتو ظاهر ٿئي ۽ خريد ڪيل شئي جا پئسا به نه ڏي.
ماڻهو ڀولڙي جي پويان گهٽي ۾ ڊوڙڻ لڳا. هوءِ ڊوڙندي به رهي ۽ گجر به کائيندي رهي هن کي اِهو سمجهه ۾ نٿي آيو ته هي سڀ ڪجهه ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿي رهيو هو.
هن جي پويان ٻار ۽ وري اُنهن جي پويان نوجوان ڊوڙي رهيا هئا ۽ اُنهن جي پويان پوليس وارو سيٽي وڄائيندو ڊوڙي رهيو هو.
اوچتو ئي اوچتو الاهجي ڪٿان هڪ ڪتو ظاهر ٿيو ۽ ڀولڙي جو پيڇو ڪرڻ لڳو. هو ڀولڙي جي پويان نه صرف ڊوڙندي ڀونڪڻ لڳو، پر سنجيده ڪوشش به ڪرڻ لڳو، ته جيئن هو کيس چڪ هڻي پڪڙي وٺي.
اسان جي ڀولڙي تيز دوڙڻ لڳي، هوءِ ڊوڙندي ڊوڙندي شايد سوچڻ لڳي ”اوه! اِهو ڪيڏو نه خراب ٿيو جو مون جانورن جي باغ کي ڇڏيو. پڃري ۾ زنده رهڻ ڪيترو نه آسان ۽ بهتر هو. آئون يقيني طور تي واپس جانورن جي باغ وڃڻ چاهينديس، جيئن ئي اُهو مون کي نظر آيو.“
تنهن ڪري هوءِ پنهنجي پوري توانائي سان ڊوڙڻ لڳي، پر ڪتي هن جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ ذري گهٽ هن کي پڪڙڻ لاءِ ويجهو پهچي ويو.
هاڻي اسان جي ڀولڙي جان بچائڻ لاءِ هڪ جهنگلي تي چڙهي ويئي. ۽ جيئن ئي ڪتي ٽپو ڏيئي هن کي ٽنگ کان پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ته اسان جي ڀولڙي هن تي پنهنجي پوري سگهه سان گجرن جو وسڪارو لاهي ڏنو، جن سان ڪتي جو نڪ رتورت ٿي پيو ۽ هو سورمان رڙيون ڪندو واپس پنهنجي ٻر ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو: ”شهر واسيو! آئون پنهنجي گهر ۾ ڪر آرام ۽ سڪون سان ويٺو هجان ها، جي توهان وانگر ڀولڙي کي پڪڙڻ لاءِ نه نڪران ها، ۽ نه ئي مون سان اهڙو اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي ها.“
حاصل مطلب ڪتو واپس ڀڄي ويو ۽ اسان جي ڀولڙي ٽپو ڏيئي هڪ گهر جي اڱڻ ۾ پهچي ويئي.
اڱڻ ۾ اُن وقت هڪ ڇوڪرو جنهن جو نالو ايلوشا پوپوف هو، ڪاٺيون ڦوڙي رهيو هو. ڪاٺيون ڦوڙيندي هن جي نظر ڀولڙي تي پيئي هن کي ڀولڙي ڏاڍي پسند آئي. هن پنهنجي زندگي جي حسين خوابن ۾ سدائين چاهيو هو ته، هن وٽ هڪ ڀولڙي هئڻ گهرجي. ۽ هاڻ اُها هن جي سامهون هئي. ايلوشا پنهنجو جيڪٽ لاٿو ۽ ڀولڙي مٿان اُڇلي، اُن کي پڪڙي ورتو، جيڪا اُن وقت ڏاڪڻ جي هيٺان ويٺل هئي.
ڇوڪرو ڀولڙي کي گهر کڻي آيو. اُن کي کاڌو کارايائين، چائي پياريئين ۽ اسان جي ڀولڙي ان خدمت تي ڏاڍو خوش ٿي. پر هن جي خوشي گهڻي وقت تائين قائم رهي نه سگهي. ڇاڪاڻ جو ايلوشا جي ڏاڏي، هن کي ڏسندي ئي ناراضگي جو اظهار ڪيو.
هن ڀولڙي تي نه صرف غصي جو اظهار ڪيو، بلڪه اُن تي حملو ڪرڻ به چاهيو. اهو انهي ڪري جو جڏهن هو چانهه پي رهيا هئا ته، ڇوڪري جي ڏاڏي جيئن ئي پنهنجي چٻاڙيل مصري پليٽ ۾ رکي، ته ڀولڙي جهپو هڻي مصري کڻي لاٿي ۽ پنهنجي وات ۾ وجهي ڇڏي. ظاهر آهي، ڀولڙي انسان ته ناهي. ماڻهو جيڪڏهن ڪا شئي کڻڻ چاهيندو ته هو قطعي ڏاڏي جي اکين جي سامهون نه کڻندو. پر اها حقيقت آهي ته، ڀولڙي هي سڀ ڪجهه ڏاڏي جي موجودگي ۾ ڪيو ۽ ذري گهٽ هن جي اکين ۾ لڙڪ آڻي ڇڏيا.
ڏاڏي چيو: ”اهو انتهائي نامناسب ٿيندو ته، هڪ پڇ وارو جانور اسان سان گهر ۾ گڏ رهي. هن مون کي پنهنجي غير انساني حرڪتن ۽ شبيهه سان ڊيڄاري ڇڏيو. هوءِ مون تي اوندهه ۾ حملو ڪندي، هوءِ منهنجي مصري کائي ويندي. آئون ڀولڙي جي نسل سان گڏ اپارٽمينٽ ۾ رهڻ کان قطعي انڪار ڪريان ٿي. اسان مان ڪنهن هڪ کي جانورن جي باغ م هئڻ گهرجي. ڇا آئون جانورن جي باغ ۾ وڃان؟ نه، بهتر آهي ته هوءِ اُتي وڃي ۽ آئون پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ رهان.“
ايلوشا پنهنجي ڏاڏي کي چيو: ”نه ڏاڏي تون جانورن جي باغ ۾ نه وڃ. آئون پڪ ٿو ڏيان ته هاڻي ڀولڙي تنهنجي ڪا به شئي نه کائيندي. آئون هن کي انسانن جيان بنائيندس. آئون هن کي چمچي سان کائڻ سيکاريندس ۽ ڪوپ ۾ چانهه پيارڻ سيکاريندس. جيتريقدر ٽپا ڏيڻ جو تعلق آهي ته، آئون هن کي ڇت ۾ لٽڪندڙ ليمپ تي چڙهڻ کان منع ڪري نٿو سگهان. بيشڪ هوءِ اُن تان تنهنجي مٿي تي ٽپو ڏيئي سگهي ٿي. پر اُن ۾ ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي. ڇاڪاڻ ته اِها ڀولڙي ئي آهي جنهن کي آفريڪا ۾ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين ٽپا ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.“
ٻئي ڏينهن ايلوشا اسڪول ويو ۽ ويندي ويندي پنهنجي ڏاڏي کي ڀولڙي جي پارت ڪندو ويو. پر هن جي ڏاڏي اُن تي ڌيان نه ڏنو. هن سوچيو: ”هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا آئون هڪ راڪاس جي سارسنڀال ڪريان؟“ اُن جي اسبابن تي سوچيندي ڏاڏي کي آرام ڪرسي ۾ ننڍي اچي ويئي.
۽ پوءِ اسان جي ڀولڙي بال جيان گدندي کليل دري مان ٻاهر نڪري رستن تي هلڻ لڳي. ڪنهن کي به هن جي ٻاهر نڪرڻ جي سببن جي خبر نه هئي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ پسار ڪرڻ نڪتي هجي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ اڳي وانگر ڪنهن اسٽور مان بنا پئسن جي ڪجهه خريد ڪرڻ چاهيندي هجي.
اُن وقت هڪ ڪمزور پوڙهو گئورلش گهٽي مان گذري رهيو هو. هو اُن وقت اسٽيم باٿ لاءِ وڃي رهيو هو ۽ هن جي هٿ ۾ هڪ ننڍي ٽوڪري هئي، جنهن ۾ صابڻ ۽ انڊرويئر پيل هو.
هن ڀولڙي کي ڏٺو ۽ هن کي پهرين نظر ۾ پنهنجين اکين تي يقين ئي نه آيو ته، ڪو هو واقعي ڀولڙي کي ئي ڏسي رهيو آهي، هن کي خيال ۾ آيو ته جنهن مهل کان هن بيئر جو پيالو پيتو آهي، هن کي مختلف شڪيلون ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون.
تنهن ڪري هن وري تجسس مان ڀولڙي کي چتائي ڏٺو، ۽ هوءِ به هن کي غور سان ڏسي رهي هئي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ سوچيندي هجي: ”هي ڪهڙي قسم جو ڪانگن ۽ ٻين پکين کي ڊيڄارڻ لاءِ کيتن ۾ لڳل بوتو (گڏو) آهي، جنهن جي هڪڙي هٿ ۾ ٽوڪري آهي؟.“
۽ هاڻ گئورلش کي سورنهن آنا پڪ ٿي ته، اِها سچ پچ ۾ ئي ڀولڙي هئي نه ڪه خيالن ۾ ايندڙ ڀولڙي ۽ پوءِ هن سوچيو: ”جيڪڏهن آئون سچ پچ مان هن کي پڪڙي وٺان، ۽ پوءِ هن کي مارڪيٽ ۾ کڻي وڃان، ۽ پوءِ هن کي 100 روبل ۾ وڪڻي وٺان. ۽ پوءِ آئون اُنهن پئسن مان 10 دٻا بيئر جا وٺان“. انهن خيالن کي دماغ ۾ آڻيندي، گئورلش ڀولڙي کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي ”ڪٽي.... ڪٽي.... ڪٽي! هيڏانهن اچ... هليا ڪٽي.....!.“
پر نه -هن کي خبر هئي ته هوءِ ٻلي ناهي جو سندس ٻچڪار تي هلي اچي. پوڙهو گئورلش سمجهي نٿي سگهيو ته، هو کيس ڪهڙي ٻولي ۾ سڏي. ۽ پوءِ هن کي اندازو ٿي ويو ته، هوءِ جانورن جي دنيا جي، وڌ ۾ وڌ اعليٰ مخلوق هئي. تنهن ڪري هن پنهنجي کيسي مان کنڊ جو ڳنڍو ڪڍيو ۽ ڀولڙي کي ڏيکاريندي چيو: ”پياري ڀولڙي ڇا تون هي کنڊ جو ڳنڍو کائڻ پسند ڪنديئين؟.“
هن چيو: ”ٺيڪ آهي جيڪڏهن تون چوين ٿو ته آئون کانءُ ٿي....“ ڀولڙي اِهو چوڻ چاهيو ٿي پر چئي نٿي سگهي. ڇو جو هن کي اها خبر نه هئي ته ڪيئن ڳالهائجي. قصو مختصر هوءِ هن جي اڳيان وڌي آئي ۽ جهپو هڻي کنڊ جو ڳنڍو پنهنجي وات ۾ وجهي کائڻ شروع ڪيو.
گئورلش هن کي پڪڙي ورتو، ۽ ٽوڪري ۾ وڌو. ٽوڪري هلڪي هلڪي گرم ۽ اندر سوڙهي هئي. ۽ اسان جي ڀولڙي اُن مان ٽپو ڏئي ٻاهر نٿي اچي سگهي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ سوچيندي هجي: ”هتي ڪيڏو نه مزو ۽ آرام آهي.“
گئورلش سوچيو ته هو کيس پهرين گهر وٺي وڃي. پر پوءِ هن سوچيو ته، جي هو گهر ويو ته واپس ڪو نه موٽي سگهندو. انهي ڪري هو ڀولڙي سان گڏ، وهنجڻ لاءِ حمام جي طرف روانو ٿيو ۽ سوچيو: ”آئون پاڻ سان گڏ هن کي به وهنجاريندس. ۽ پوءِ هو صاف سٿري ۽ پياري لڳندي. ۽ پوءِ آئون هن کي ٽائي پارائيندس ۽ پوءِ مون کي مارڪيٽ ۾ ان جا پئسه به سٺا ملي ويندا.“
تنهن ڪري هو ڀولڙي سان گڏ حمام تي آيو ۽ هن سان گڏ وهنجڻ شروع ڪيو.
اسٽيم باٿ ۾ پاڻي گرم هو، جيئن آفريڪا ۾ هوندو آهي، ۽ اسان جي ڀولڙي کي اهڙي گرم پاڻي واري ماحول ۾ ڏاڍو مزو آيو. پر اهو خوش گوار ماحول گهڻو وقت برقرار رهي نه سگهيو. گئورلش هن جي بدن تي صابڻ هنيو ۽ ٿوري گجي هن جي وات ۾ هلي ويئي، جيئن ته اُن جو سٺو ذائقو نه هو. پر ايئن به نه هو ته، هوءِ اُن جي ڪري روئڻ شروع ڪري، يا رانڀوٽا پائڻ شروع ڪري ۽ وهنجڻ کان انڪار ڪري. بهرحال اسان جي ڀولڙي اُن کي ٿڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ اُن ڪوشش ۾ صابڻ جي گجي هن جي اکين ۾ هلي ويئي. ان صورتحال ۾ اسان جي ڀولڙي پاڳل ٿي پئي. هن گئورلش کي آڱر ۾ چڪ هنيو ۽ هن جي هٿن مان ڇڏائي اسٽيم باٿ مان ايئن ٽپو ڏنو جيئن ڪو ڀڳوڙو فوجي، جنگ جي ميدان مان تيزي سان فرار ٿيندو آهي.
هوءِ ڀڄندي اُن ڪمري ۾ پهتي، جتي ماڻهو ڪپڙا بدلائي رهيا هئا. هن کي اوچتو ڏسي سڀ ڊڄي ويا. ڪنهن کي به هوش نه رهيو ته، اِها ڪا ڀولڙي هئي. هنن کي لڳو ته اها ڪا گول شئي هئي، جنهن جي مٿان اڇو فوم لڳل هو. هوءِ ٽپو ڏئي صوفه تائين پهتي. اُتان ٽپو ڏئي آتشدان تي چڙهي وئي ۽ وري اُتان ٽپو ڏئي ماڻهن جي ڪلهن تي ڇلانگون لڳائڻ شروع ڪيون ۽ وري اُتان ٽپندي واپس آتشدان تي وڃي ويٺي.
خوف مان حراسجي ويل گراهڪ رڙيون ڪندا حمام مان ڀڄڻ لڳا ۽ اسان جي ڀولڙي پڻ ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳي. هيٺ ڪئشيئر جو ڪائونٽر هو ۽ پاسي ۾ هڪ ننڍڙي دري هئي. ڀولڙي دري مان ٽپو ڏيندي سوچڻ لڳي: ”اُتي هن کي شايد وڌيڪ سڪون ملي سگهندو ۽ اُتي شايد گهڻو هل هنگامو ۽ ماڻهن جي ڌڪ ڌڪان به نه هوندي“. پر اُتي بوٿ ۾ هڪ ٿلهي ڪيشيئر عورت ويٺي هئي جنهن هن کي ڏسندي ئي ڊوڙپاتي ۽ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.
”مدد ڪريو! مدد ڪريو! شايد منهنجي بوٿ ۾ بم ڦاٽو آهي. مون کي ساهه ۾ منجهه ختم ڪرڻ جا ڦڙا پياريو.“
اسان جي ڀولڙي انهن رڙين مان بيزار ٿي پئي. هوءِ ٽپو ڏئي بوٿ مان نڪري آئي ۽ وري رستن تي هلڻ لڳي.
هوءِ رستن تي ڊوڙي ۽ ٽپي رهي هئي. هن جو پورو جسم آلو هو ۽ صابڻ جي گجي سان ڀريل هو ۽ ماڻهو هن جي پويان لڳل هئا. سڀني کان اڳيان اڳيان ٻارڙا هئا، اُنهن جي پويان نوجوان ۽ پويان هڪ پوليس وارو ۽ بلڪل اُن جي پويان پوڙهو گئورلش جيڪو انڊرويئر ۾ هو ۽ بوٽ هن جي هٿ ۾ هو.
اوچتو ئي اوچتو الاهجي ڪٿان اُهو ئي ساڳيو ڪتو، جيڪو ڪالهه هن جي پويان لڳو هو، ٽپ ڏئي رستي تي ظاهر ٿيو. اُن کي ڏسي اسان جي ڀولڙي سوچيو: ”ٺيڪ آهي شهر واسيو! هاڻي منهنجي موڪلائڻ جو وقت اچي ويو آهي.“
پر هينئر ڪتي هن جو پيڇو نه ڪيو. ڪتي فقط ڀولڙي کي ڊوڙندي ڏٺو. هن کي پنهنجي نڪ ۾ ڏاڍو سور محسوس ٿيو ۽ واپس موٽي ويو. شايد اهو سوچيندي ته: ”مون وٽ اضافي نڪ ڪونهي جو آئون ڀولڙي جو پيڇو ڪريان“. جيتوڻيڪ هو پوئتي ضرور موٽيو، پر هن تي ڪاوڙ مان ايئن ڀونڪيو ڄڻ ته چوندو هجي: ”ڀڄي وڃ! پر اِهو نه وسارجانءِ ته آئون هتي ئي آهيان.“
اُن وقت اسان جو ڇوڪرو ايلوشا پوپوف اسڪول مان موٽي رهيو هو. هو گهر ۾ پنهنجي پياري ننڍڙي ڀولڙي کي نه ڏسي، پاڻ کي ڏاڍو ڏکارو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هن جي اکين مان لڙڪ ڳڙهي پيا. ۽ سوچڻ لڳو: ”هاڻ شايد هو پنهنجي ننڍڙي پياري ۽ محبوب ڀولڙي کي وري ڏسي نه سگهندو.“
۽ اهو سوچيندي هو بستري مان اُٿيو ۽ انتهائي ڏکويل محسوس ڪندي رستي تي نڪري آيو. هو پريشان پريشان رستي تي هلڻ لڳو، ته اوچتو هن کي ماڻهو ڊوڙندا نظر آيا. هن پهرين نظر ۾ اهو ڪو نه سوچيو ته، ڪو ماڻهو هن جي ڀولڙي جي پويان ئي ڊوڙي رهيا هئا. هن سوچيو ته شايد اُهي خطري جي سائرن وڄڻ سبب ڊوڙي رهيا هئا. پر پوءِ هن جي نظر ڀولڙي تي پيئي جيڪا ڪافي آلي ۽ گجي سان ڀريل هئي. هو ڊوڙي اُن جي ويجهو ويو ۽ هن کي ٻانهو ورائي اهڙي ريت ڀاڪر ۾ ڀريائين، جيئن ڪو ٻيو کائنس اُها کسي نه وڃي. سڀ ماڻهو بيهه رهيا. هنن ڇوڪري جي چوگرد گهيرو ٺاهي ورتو.
ميڙ مان اسان جي پوڙهي گئورلش، پنهنجي زخمي آڱر سڀني کي ڏيکاريندي چيو: ”شهريو! هن ڇوڪري کي جيڪو منهنجي ڀولڙي کي ڀاڪر ۾ جهليو بيٺو آهي کڻي وڃڻ نه ڏيو. آئون سڀاڻي اُن کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ ويندس. هي منهنجي ڀولڙي آهي. جنهن منهنجي اڱر کي چڪ به پاتو آهي. هر ڪو ڏسي پڪ ڪري وٺي ڏسو هي منهنجي سڄيل آڱر ۽ اهو اُن جو ثبوت آهي ته آئون بلڪل سچ ڳالهائي رهيو آهيان.“
ڇوڪري ايلوشا چيو: ”نه هي ڀولڙي هن جي ناهي. هي ڀولڙي منهنجي آهي. توهان خود ئي ڏسو. هوءِ ڪيئن نه پنهنجي مرضي سان منهنجي ٻانهن ۾ آئي ۽ ڪيڏي نه پرسڪون ۽ خوش ويٺي آهي. اهو ان جو ثبوت آهي ته، آئون جيڪو چوان پيو اُهو ئي سچ آهي.“
پر هاڻي هڪ ٻيو ماڻهو ميڙ ۾ ڌوڪيندو اڳيان آيو. اُهو ئي ساڳيو فوجي، جنهن ڀولڙي کي پڪڙي گاڏي ۾ وڌو هو، رڙڪندي چيو: ”نه هي ڀولڙي توهان ٻنهي جي ڪونهي. پر هي فقط منهنجي ڀولڙي آهي، ڇاڪاڻ جو مون هن کي هتي آندو هو. پر جيئن ته آئون وري ڊيوٽي تي واپس وڃي رهيو آهيان، تنهن ڪري آئون ڀولڙي کي اُن ڇوڪري کي ڏيڻ چاهيندس، جيڪو پيار مان هن کي ڀاڪر ۾ ڀري ويٺو آهي، نه ڪه اُن شخص کي جيڪو بي رحمي سان هن کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ چاهي ٿو، فقط ان لاءِ ته جيئن هو بيئر جون بوتلون خريد ڪري سگهي. ڀولڙي تي فقط ۽ فقط ڇوڪري جو حق آهي.“
۽ پوءِ ميڙ ۾ موجود سڀني ماڻهن تاڙيون وڄايون ۽ ايلوشا خوشي مان نه ماپندي، ڀولڙي کي ڀاڪر ۾ اڃان به مضبوط ڀريو ۽ نچندو ڪڏندو گهر وٺي آيو.
گئورلش پنهنجي زخمي آڱري سان واپس حمام ڏانهن وهنجڻ لاءِ هليو ويو.
۽ ان کان پوءِ اسان جي ڀولڙي ڇوڪري ايلوشا پوپوف سان گڏ رهڻ لڳي. هوءِ اُن سان هن وقت به گڏ رهي ٿي. ويجهڙائي ۾ آئون بورسوف شهر ويس ۽ هاسيڪار ايلوشا جي گهر اِهو ڏسڻ لاءِ ويس ته، هوءِ ڪيئن ساڻس گڏ گذاري رهي آهي. اوه! هوءِ هن سان تمام سٺي ۽ بهتر نموني گڏ رهي ٿي. هاڻ هوءِ ڀڄي نه ٿي وڃي. هاڻ هوءِ تمام گهڻو فرمانبردار بنجي چڪي آهي. پنهنجو نڪ رومال سان صاف ڪري ٿي ۽ ٻين ماڻهن کان مصري جي تڙ ڦري نٿي کائي. تنهن ڪري هاڻ ڇوڪري جي ڏاڏي به هن مان ڏاڍي خوش آهي. هوءِ هاڻ هنتي غصو ڪو نه ٿي ڪري ۽ نه ئي هن کي واپس جانورن جي باغ ۾ موڪلڻ چاهي ٿي.
جڏهن آئون ايلوشا جي ڪمري ۾ داخل ٿيس، ته هوءِ ٽيبل تي ويٺي هئي. هوءِ ڪيشيئر جيان خاص انداز سان ويٺل هئي. جيئن فلمن ۾ نظر ايندو آهي ۽ چمچي سان ڪڻڪ جو ڏارو کائي رهي هئي.
ايلوشا مون کي چيو، ”مون پنهنجي ڀولڙي جي انسانن جيان تربيت ڪئي آهي ۽ هاڻي نه صرف ٻارڙا پر وڏا به هن کي ڏسي هن جي خوش اخلاقي ۽ ماڻهپي جو اثر وٺندا آهن، ۽ ٻين کي هن جو مثال ڏيندا آهن.“
***