هُن پار
[/b]
گيگم ايرڪ ڪوڏر زمين تي رکي ۽ هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو. پوري ڪائنات تي ڪوهيڙو ڇانيل هو. هو زمين تي وڇايل گاهه جي چادر تي ويهي رهيو ۽ ڪوهيڙي کي هٽائڻ لاءِ هن پنهنجون اکيون مهٽيون. اکيون کلڻ تي هن موت جي فرشتي کي پنهنجي سامهون پاتو. سندس هڪڙي هٿ ۾ بيدمشڪ جي سائي ٽاري ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏانٽو هو. ۽ سندس پيرن جي چوگرد ڪوهيڙو ڦهليل هو. سندس پاڇو باغ ڏانهن کلندڙ دروازي تي پئجي رهيو هو.
”گيگم هليا....“
آواز مان ائين محسوس ٿي ٿيو ڄڻ اهو پاتال مان اچي رهيو هجي. گيگم کي محسوس ٿيو ته هن موت جي فرشتي کي اڳي به ڏٺو هو. پر ڪٿي؟ بائبل جي مقدس ڪتاب ۾؟ يا شايد خواب ۾؟ هن کي ياد نه پيو. هن کي پگهر وهي هليو. هن پڪاريو.
”ساتنڪ! ورسينڪ! سئرن!“
ڪمري ڏانهن وڌندڙ پنهنجي نهرن جي قدمن جي آواز تي هن چيو، ”ڇا تون ٿوري دير رکي نٿو اچي سگهين؟“
”نه“، جواب آيو. ”اُتي ٽيوٽي تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي.“ عورتون پاڇي کي ڏسي ڏڪي ويون. کن پل ۾ پاڇوگم ٿي ويو. توڙي جو وڻن ٽڻن ۽ ٻي آسپاس ڪوهيڙو ڇانيل رهيو.
”ڪنهن کي سڏي وٺو، ته جيئن هو مون کي مٿي وٺي هلڻ لاءِ توهان جي مدد ڪن. منهنجون گهڙيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ هي دنيا ڇڏي وڃي رهيو آهيان.“
عورتون هراسجي ويون. سئرن پار ڪڍي رئڻ لڳي. ساتنڪ زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي ”ڪانگ آءٌ تنهنجي زبان ڇڪي ٻاهر ڪڍنديس!“
اُهي پاڙيسرين کي وٺي آيون ۽ گيگم ايرڪ کي سهارو ڏيئي ماڙي تي وٺي ويون. اُهو ماڻهو جنهن ڪافي ملڪ لتاڙيا هئا، هينئر بي سهاري ليٽيو پيو هو. هن جون اکيون بند ٿي ويون هيون. هڪڙي حد آهي جنهن تي ماڻهو جڏهن پهچي ٿو ته پويان نهاري ٿو. هو ڇا ٿو ڏسي؟ هن پوئتان ڇا ڇڏيو هو.
دنيا ۾ ڪيڏي نه غير يقيني آهي! زندگي جي هڻ هڻان مان جڏهن فرصت ملي ٿي ۽ اُنهن فرصت جي گهڙين ۾ جڏهن دل خوشيون ماڻڻ چاهي ٿي، جڏهن ڊگهن ۽ لتاڙيل رستن جي دز جوتن مان ڪڍي من وڻ جي ڇانو ۾ آرام ڪرڻ چاهي ٿو، ته باغ جو دروازو زور سان چيچاٽ ڪري کلي ٿو ۽ ڪوئي سڏي ٿو، ”هليا گيگم“
”ساتنڪ! ورسينڪ! سئرن!“
هن جي ننڍي ننهن سئرن هن جي ڀرسان ويهي لڙڪ ڳاڙهي رهي هئي ۽ سوچي رهي هئي، ”ڪاش آءٌ پهاڙن تان ڪري مران! آءٌ هن ڀيانڪ دنيا ۾ گيگم ايرڪ کان سواءِ زنده رهڻ نٿي چاهيان.“
۽ پوءِ پنهنجي ڊپ کي مٽائڻ لاءِ هن جي دماغ ۾ خيال جنم وٺن ٿا، سمبت جلد گهر موٽي ايندو.... منهنجو مڙس سمبت جنهن کي ڀڀڪيلا ڪپڙا پهريل هوندا، پگهر ۾ شل ۽ وين جي اُڏايل مٽي سان ڀڀوت چهرو، منهنجي پويان آرا جبل ٿي بيهندو... گيگم ايرڪ چوي ٿو ”آءٌ هي دنيا ڇڏي وڃي رهيو آهيان.“ پر اسان مان ڪير هن دنيا ۾ سدائين لاءِ رهندو؟ پر هتي پيار سدائين رهندو ۽ ماڻهو سدائين رهندا. آءٌ سمبت کي هڪڙي انداز سان پيار ڪريان ٿي ۽ گيگم ٻئي انداز سان. اسان. کي پوڙهي کي قبر ۾ لاهيندي ڪيڏو نه افسوس ٿيندو. هو ڪڪرن ۾ مٿي کڄي ويندو ۽ هن جي مٿان لوئي ڍڪجي ويندي.
”نه.“ هن ڏک مان رڙ ڪئي. ”هو اسان کي ڇڏي نٿو سگهي!“
ساتنڪ هن جي وڏي ننهن ڪمري ۾ دلو کڻي داخل ٿي. هوءِ پهرئين وانگي، ”ڪانگ آءٌ تنهنجي زبان ڇڪي ٻاهر ڪڍنديس!،“ چوڻ واري هئي جو هن جي وچٽ ننهن ورسينڪ اندر داخل ٿي.
اُهي ٻيئي پلنگ جي پاسي کان ويهي رهيون ۽ اُن شخص ڏي نهارڻ لڳيون جنهن جي زندگي جي ويرهاڻ لهي رهي هئي.
هن جا پٽ کچاتر، سرگس ۽ سمبت تڙ تڪڙ ۾ دروازو زور سان کوليندا داخل ٿيا. سندن قدمن جي کڙڪي تي پوڙهي گيگم پنهنجون اکيون کوليون ۽ چيو، ”ٻارڙن کي وٺي اچڻ لاءِ ڪنهن کي موڪليو“. اُنهن جو پاڙيسري گريسون ٻارڙن کي وٺڻ ويو. جلد ئي گيگم ايرڪ جا پوٽا ۽ پوٽيون جن جا هٿ مس ۾ ڀريل هئا، اندر داخل ٿيا. اُهي پنهنجي ڏاڏي جي چوگرد ٿي ويٺا. هن اُنهن ڏي گهڻي دير لاءِ نهاريو، جيئن هر ڪو ئي آخري گهڙي ۾ ڪندو آهي. تنهن کان پوءِ هن پنهنجي پٽن ڏي نهاريندي چيو، ”آءٌ نٿو چاهيان ته توهين ڊاڪٽر ڏانهن وڃو. جيڪڏهن توهين ائين ڪندا ته آءٌ سڪون سان مري نه سگهندس.“
باغ مان آهن ۽ ڪنجهڻ جا آواز اچي رهيا هئا. جتي پوڙهين عورتن موت جي بوءِ سونگهي ورتي هئي، اچي گڏ ٿيون هيون.
”باغ مان پوڙهين ڏانئڻين کي ٻاهر ڪڍو! آءٌ هتي آسپاس روڄ راڙو ڏسڻ نٿو چاهيان.“ گيگم ايرڪ چيو.
سڀ ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اُٿيا. گيگم دروازي جي بند ٿيڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب جي قدمن جو نرم آواز ٻڌو. هن جي دنيا جي دولت، هن جي ڪائنات جا ڪردار ايئن ڏاڪڻ لهي رهيا هئا جيئن ذرو به آواز نه ٿئي.
”ساتنڪ! ورسينڪ! سئرن! پردا ورايو روشني منهنجي اکين کي ڏکي ٿي لڳي. آءٌ سمهڻ چاهيان ٿو. مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو جڏهن ضرورت پيئي اوهان کي سڏي لاهيندس.“
پر گيگم ايرڪ سمهڻ ڪو نه ٿي چاهيو. هن پنهنجي ڇاتي تي ٻانهون ورايون ۽ اکيون بند ڪيون. هو انهي حد کي ڇهي رهيو هو، جتي پهچي هر ڪو پوئتي نهارڻ بند ڪري ٿو ڇڏي.
جڏهن ماڻهو کي پنهنجي موت جي سڌ پئجي وڃي ٿي، تڏهن هو چاهي ٿو ته دل کولي ڳالهائي، پنهنجا ڏوهه مڃي ۽ دنيا وارن اڳيان پنهنجي آخري خواهش جو اظهار ڪري. پر گيگم جي خواهش به عجيب هئي، اها ته هن پوئتي ڏسڻ ٿي چاهيو. هڪ دفعو وري هن انهن رستن کي ڏسڻ چاهيو ٿي، جن تي هن سفر ڪيو هو. هو اُنهن پوڙهن مان نه هو، جيڪي سڄو ڏينهن ويهي پنهنجن پوين کي ماضي ۾ ٿيل قتلام ۽ ناانصافين بابت ٻڌائيندا هئا. گيگم پڻ وان علائقي مان هو ۽ هن اُهي قتلام ۽ ناانصافيون پنهنجن اکين سان ڏٺيون هيون. هو يتيم ڪيو ويو هو ۽ پريشانيون ۽ مصيبتون کيس پنهنجي اباڻي ڌرتي کان ڪوهين ڏور وٺي ويون هيون. هن لڳاتار محنت ڪئي. هن کي محنت ۽ پورهئي مان فرصت ئي ڪا نه ٿي ملي جو هو ماڻهن سان ويهي پنهنجو حال اوري ۽ سورسلي سگهي. هن بي انت هوندي به ننڍڙي ڏيکائي ڏيندڙ دنيا جو هڪ ڪنڊ کان وٺي ٻي ڪنڊ تائين سفر ڪيو هو. هو جتي به ويو، هن پنهنجا ڏک خاموشي ۾ دفن ڪري ڇڏيا. هن کي ڏکن ايترو ته ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو هو، جو هو جيڪڏهن اُنهن کي وان ندي ۾ اُڇلي ها، ته به اُهي مهي جيان ولوڙجي ڪنارن تائين اچي پهچن ها.
هتي ميگري ۾ وان علائقي جا ڪافي ماڻهو هئا. گڪساپ، ميسروپ، شموان..... سڀني کي پنهنجين ذميوارين جو احساس هو. هو خلقت کي پوءِ اُها متاثر ٿئي نه ٿئي، چوندا هئا، ”آءٌ صحيح معنيٰ ۾ وان علائقي جو ڄائو آهيان!“ گيگم ايرڪ جي خيال ۾ هن جو پيءُ کچا ترايرڪ وان جو هڪ سچار ماڻهو هو. هن ڪهاڙي کنئي ۽ خوني ترڪن تي ڪاهي پيو جن جي هٿن ۾ بندوقون ۽ خنجر هئا. هن ٽن ڄڻن کي ماري وڌو ۽ چوٿين تي اکروٽ جي وڻ هيٺان حملو ڪرڻ تي ئي هو، جو هن کي گولي لڳي ۽ پوءِ ترڪ اندر گهر ۾ گهڙيا ۽ پوءِ......
پوءِ اُنهن کچا ترايرڪ جي ڌيئن الماس ۽ فيروز تي حملو ڪيو جن کي سندن پيءُ باغ م وڏين مٽي جي نادين ۾ لڪائي ڇڏيو هو. اُنهن ڇوڪرين کي وارن کان گهلي کلي ميدان ۾ آندو. گيگم جيڪو سڪل وڻ جي پويان لڪل هو اُن واقعي جو چشم ديد گواهه هو. پهرين دنيا هن جي اڳيان ڪاري ٿي ويئي ۽ پوءِ ڳاڙهي. هن کي اهو سڀ ڪجهه ياد آيو جيڪو اُتي ٿي گذريو. هو اکروٽ جي وڻ ڏي وڌيو. پنهنجي پيءُ جي ڪهاڙي کنيائين ۽ پهرئين ڌڪ ۾ حملو ڪري هڪڙي خوني کي ماريائين ۽ پوءِ تيزي سان اڳتي وڌي ٻئي قاتل کي گهر جي ڏاڪڻ تي ماريائين ۽ اڄ جي ڪوهيڙي جيان، وقت جي ڊگهي چادر وراڪجي اُن واقعي کي ڍڪي ڇڏيو.
”آءٌ هيلتائين ڪيئن زنده رهيس؟“ هن حيرت مان زور سان ڳالهايو. جيتوڻيڪ هن جيون اکيون بند هيون تڏهن به هن کي محسوس ٿيو ته سندس نهرون هن ڏي نهاري رهيون هيون.
۽ پوءِ ڊگها رستا شروع ٿيا. وان ندي جي ڪناري رهندڙ کچاتر جو پٽ گيگم جانڊاهي الشمدس ڏانهن روانو ٿيو ۽ اُن کان پوءِ يورپ ۽ اُتان آمريڪا ڏانهن. هن پهرين هڪ هاڪر ۽ پوءِ ڀنگي جو ڌنڌو ڪيو. هن ڪيتريون ئي اوجاڳي سان ڀرپور راتيون گذاريون، بک ۾ ،ٿڌ ۾، بلبن جي هيٺان، پارڪ جي بينچن تي؟ هو ڪنهن به جاءِ يا شئي کي پياري وان سان ڀيٽي نٿي سگهيو. هتي جو آسمان، ڌرتي، پاڻي، وڻ، چنڊ ۽ نه ئي تارا هو پنهنجي وان سان مقابلي ۾ آڻي ٿي سگهيو. سڀني ۾ هڪ ڪرب هو. هن کي باسيو ته اهي سڀيئي ماڻهو جا تخليق ٿيل هئا نه ڪه قدرت جا. هن کي آمريڪا ۾ مليون ته فقط ٺوڪرون ۽ بدنصيبون، هن وري پنهنجو سفر جاري رکيو. جيڪڏهن ڪنهن هن کان پڇيو ٿي ته، ”گيگم تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ ته هن اُن جو هڪ ئي جواب ڏنو ٿي ”اُن جو ڪو فرق نٿو پوي، ڇو جو مان وان واپس وڃي نٿو سگهان.“
۽ هڪ ڏينهن هو پريشيا پهتو.
ڪازون جو شهر هن جي دماغ ۾ اڄ به شيشي جيان شفاف ۽ چٽو نظر اچڻ لڳو. بهڻ جي وڻن جو سرڙاٽ، پهاڙن جي وچان وهندڙ آبشارن جو شور، تڏن جي چرچر ۽ چڪي جو آواز ،اڄ به هن جي ڪنن ۾ گونجيو ٿي. ۽ هڪ بهار جي برساتي رات ۾ جپسي ڇوڪري ٽيوٽي، ڊڄڻي هرڻي جيان هن جي خالي دل ۾ داخل ٿي ۽ هن جي ٽن پٽن کچاتر، سرگس ۽ سمبت جي ماءُ بنجي ويئي.
ناقابل بيان خوبصورت يادن جي تري اچڻ تي گيگم جي چهري تي سدا بهار مُرڪ ڦهلجي ويئي. ٽيهه سال گذري ويا ۽ انهن ٽيهن سالن ۾ هن جي اڳيان ٽيوٽي ايترو صاف ۽ واضح نظر نه آئي هئي جيترو اڄ اچي رهي هئي.
هن جي حافظي هن کي ماضي جو هڪ وڌيڪ چهبڪ هنيو. هن کي اُهو ڏينهن ياد آيو، جڏهن هن پنهنجا بچايل ڇهه سو تومانس هڪ ڦٽل چڪي جي مالڪ کي هٿ ۾ ٿمائيندي چيو، ”هاڻ تون وڃين سگهين ٿو.“
چڪي جو مالڪ جو نالو رسول هو چڪي جي پاسي کان ٿي ويهي رهيو. ڇاڪاڻ جو چڪي، جيڪا هن جي ڪل ڪائنات هئي ڇڏڻ نٿي چاهي.
گيگم جيڪو هاڻ هن جي ڪائنات جو مالڪ بڻيو هو وٽس ويو ۽ پڇيو، ”منهنجا ڀاءُ رسول هاڻ تون ڪيڏانهن ويندين؟.“
رسول خاموش هو. هو شايد سوچي رهيو هو ”اُن جو فرق نٿو پوي ڇو جو اهو طئه آهي ته هاڻ آءٌ چڪي تي رهي نٿو سگهان.“ گيگم ايرڪ اکيون کوليون ۽ هن کي اُهو سڀ ڪجهه جو پهرين ڏٺو هئائين اُن مان ڪجهه به نظر نه آيس. نه ڇت هئي نه پردا ۽ نه ئي دروازي کان ٻاهر ماڻهو خاموش بيٺل هئا. اوچتو ئي هن رڙ ڪئي. ”منهنجا ڀاءُ رسول! جيڪڏهن آءٌ وان نه وڃان ها ته ڪيڏانهن وڃان ها؟“
عورت ڪمري ۾ ڌوڪي آئي. سئرن جيڪا پنهنجي جذبن کي روڪي نٿي سگهي، رڙين کي روڪڻ لاءِ آڱريون مهٽڻ لڳي. سرگس دري جي ڀرسان پنهنجي زال ورسينڪ ۽ کچاتر جو رستو روڪيو بيٺو هو.
”هن کي کڻي وڃ،“ گيگم پنهنجي وڏي ننهن ساتنڪ کي چيو، جيڪا ڏاڙهون جو رس کڻي آئي هئي. هن پنهنجو دلو بالڪوني ۾ رکيو ۽ نتيجي ڪڍڻ واري انداز ۾ چيو، ”تون سمجهين ٿو ته آءُ هتي موجود سڀني مان خراب آهيان.“
”ساتنڪ!“ هن جي مڙس کچا تر کيس تنبيهه ڪئي. هوءِ پنهنجن گوڏن تي مڪون هڻي هن کي چوڻ واري هئي ”آءٌ گيگم ايرڪ کان پوءِ سڀني کان گهر ۾ وڏي آهيان!“ پر کچاتر جي مداخلت تي هن غصي مان اکيون لال ڪندي چيو: ”آءٌ تنهنجي زبان ڇڪي ٻاهر ڪڍنديس.“
ورسينڪ سئرن کي ڏاڪڻ لهڻ ۾ مدد ڪئي. ساتنڪ اُنهن جي پويان ويئي. ٽيئي عورتون کوهه جي ڀرسان ويهي رهيون. تڪليف پهچائيندڙ پوسل ۽ مايوسي پيدا ڪندڙ خاموشي، ٽنهي کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ تي مجبور ڪيو. جيتوڻيڪ هر ڪنهن جي پنهنجي زندگي هئي. پر پوءِ به اُهي ٽيئي پاڻ ۾ ڏيراڻيون هيون ۽ دنيا جي ڪا به طاقت اُنهن جي وچ ۾ ويڇو وجهي نٿي سگهي. اُنهن جا ور پڻ اُنهن جي ويجهو ٿي ويٺا ۽ خاموشي سان سگريٽ جا ڪش هڻن لڳا. آسمان بلڪل نيرو هو ۽ اُن ۾ ڪبوتر اُڏامي رهيا هئا. باغ جي ڀرسان لوڙهي کان لنگهندڙ واٽهڙو، جنهن جو پاڇولو لوڙهي تي پئجي رهيو هو، اِهو معلوم ٿيڻ تي ته هن گهر ۾ هڪ ماڻهو زندگي جا آخري ساهه کڻي رهيو آهي، ڇا سوچيندو هوندو.؟
ٽيوٽي هن وٽ آئي هئي. هنجون اکيون خوشي مان کلي ويون. هن ڏانهس وڃايل هرڻي جيان نهاريو. اُهي پاڻ ۾ وان جي ڳوٺاڻن وانگر مليا ۽ بلڪل خاموش هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا. ايئن ٿي لڳو ته سندن خاموش لڙڪ، دنيا جي گوڙ ۽ فساد کي وهائي ويندا.
اِها بهار جي هڪ برساتي رات هئي. ڪنهن چڪي جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي. ”ڪير ٿي سگهيو ٿي؟“
”ڪير آهي؟“ گيگم رڙ ڪئي. جيڪڏهن تون خراب نيت سان آيو آهين ته هليو وڃ!“
ڪو به جواب نه آيو پر ٺڪ ٺڪ اڃان به ٿي رهي هئي. در حقيقت ڪوئي دروازي کي ايترو ته زور سان ڌڪ هڻي رهيو هو، جو اُهو ڀڄي به سگهيو ٿي. گيگم پنهنجي ڪهاڙي کنئي ۽ دروازو کوليو. ٻاهر ڪو به بدمعاش ماڻهو بيٺل ڪو نه هو. پر بارش ۾ پسيل جپسي ڇوڪري بيٺي هئي. هنجيون اکيون سايون هيون ۽ ٻنهي ڀرن جي وچ ۾ سائو نشان ۽ بت تي سائو وڳو پهريل هوس. هوءِ اندر ڊوڙي. هن هڪ هٿ دل تي دٻائي رکيو هو ۽ ٻئي هٿ سان اوندهه ڏي اشارو ٿي ڪيو. پريئين ڀر ترڪ بلو چوگن ۾ ويٺل هئا. اُنهن مان هڪڙي رڙ ڪئي. ”او جانڊاهي! ڇوڪري کي ٻاهر ڪڍ نه ته اسين تنهنجو گهر اُجاڙي ڇڏينداسين!.“
گيگم کي من ۾ آيو ته هو هنن کي ورندي ڏي ته ”توهان ڀل ڪوشش ڪري ڏسو! ڪتئو! آءٌ توهان کي سڃاڻان ٿو. آءٌ وان جو رهواسي آهيان. مون توهان کي پنهنجو گهر اُجاڙيندي سڃاڻي ورتو هو. توهان ئي کچا تر ايرڪ کي ماريو ۽ منهنجين ڀيڻن کي جهنڊن کان جهلي گهليو هو.“
”پر ڇا هو اِهو سڀ ڪجهه چئي سگهيو ٿي؟“
هن پنهنجي ڪهاڙي هوا ۾ لهرائي ۽ رڙ ڪري چيو، ”توهان منهنجي گهر ڏي ميري اک کڻي نهاري ته ڏيکاريو، آءٌ توهان جو اهڙو حشر ڪندس جو توهان جا وڏا به قبر مان ڇرڪ ڀري اُٿي ايندا.“
پريئين ڀر ويٺل سپاهين پاڻ ۾ سس پس ڪئي ۽ پوءِ اُنهن مان هڪڙي هڪل ڪري چيو، ”او جانڊاهي اسان توکي ڏسي رهنداسين.“
سائو لباس پهريل ۽ ٻنهي ڀرن جي وچان سائي نشان واري جپسي ڇوڪري ڊپ هارين اکين سان ڀت کي چهٽيو بيٺي رهي. گيگم هن ڏي چتائي نهاريو ڄڻ کيس پنهنجين اکين تي اعتبار ئي نه ايندو هجي. اُن کان پوءِ هن دربند ڪيو ۽ پنهنجي قميص کي ڳنڍ ڏيندي چيو، ”ڇوڪري ڊڄ نه، آرام سان ٿي ويهه، ڪير به توکي نقصان نه رسائيندو. تون ڪٿان جي آهين؟“
ڇوڪري پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ پنهنجن چپن کي جنبش ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ڪجهه نه لڳايو.
”شايد هوءِ ڊپ وچان نٿي ڳالهائي؟“ هن خيال ڪيو. ساڳئي وقت چڪي ۾ ڇرڇر جو آواز ماحول ۾ سر پکيڙڻ لڳو. بيد مشڪ کي بارش پسائي ڇڏيو هو ۽ ايئن لڳو ٿي ته پرهه نه ٿيندي. ڇوڪري کي اُتي ئي گهري ننڍ وٺي ويئي. گيگم هن کي ڀاڪر ۾ کنيو ۽ کٽ تي ليٽائي ڇڏيو. هن چاهيو ته هو سندس آلو لباس بدلائي پر هو شرم وچان ايئن نه ڪري سگهيو. اُن جي بدران هن پنهنجو گرم ڪمبل ڇوڪري مٿان پائي ڇڏيو.
هن کي هڪ ڏينهن اڳ چيئرمين سان ڪيل گڏجاڻي ياد نه پئي ۽ نه ئي اُهو ڪجهه جيڪي هن اُتي ڳالهايو. هن کي اهو به ياد نه آيو ته اِهو ڪنهن چيو ته، ”تون ڪيڏي مهل باغ ڏسڻ ويندين؟“
پر گيگم کي اُها برساتي رات ۽ هن جي ننڍي گهر ۾ چٽجي ويل منظر اڄ به ياد پيو ٿي.
بهار جي پرهه نيٺ ڦٽي.... رات جو ڪڪر پنهنجا آخري ڦڙا به وسائي گم ٿي ويا. گيگم باغ ۾ ويو. هن پهرين لمندڙ بيد مشڪ ڏانهن نهاريو جيڪو بارش ۾ ڀنل ڇوري جيان لڳو ٿي، ۽ پوءِ پنهنجي دنيا ڏانهن جنهن تي هن جا ڇهه سو تومان خرچ ٿيا هئا. ۽ پوءِ هن وان بابت سوچيو.
”کچا ترايرڪ“!. گيگم ڏاڍيان ڳالهايو. ”توکي گهر ۾ هڪڙي سٺي بندوق رکڻ گهربي هئي نه ڪه ڪهاڙي ۽ شراب!“
جپسي ڇوڪري ندي ڪناري هلي رهي هئي.
”گڊ مارننگ ڀاءُ جانڊاهي.“ هن وٽس ويجهو ايندي چيو، ”هنن سوئرن کان منهنجي ڌي کي بچائڻ لاءِ آءٌ نهايت شڪر گذار آهيان.“
”ڇا هوءِ تنهنجي ڌي آهي؟“
”ها منهنجي اڪيلي ڌي“ عورت ڏکهاري لهجي ۾ چيو. ”هوءِ ڳالهائي ۽ ٻڌي نٿي سگهي.“
”ڇا هن کي پيءُ ڪونهي؟“
”هو جڏهن کان ڏکڻ ويو وري واپس نه موٽيو.“
گيگم ٿوري دير لاءِ سوچيو ۽ پوءِ پڇيو، ”ڀلا توهين هتي ڪيئن آيا؟“
”آءٌ پنهنجي ڌي لاءِ آئي آهيان. هاڻ اسين پنهنجي ڪئمپ پٽي ڏکڻ وڃي رهيا آهيون.“
”ڇاجي لاءِ؟“
”ڪم ڪرڻ لاءِ. هينئر ڏوڏي جي لاباري جي منڌ آهي ۽ اسان جپسين لاءِ هتي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.“
”تنهنجي ڌي جو نالو ڇا آهي؟“
”ٽيوٽي.“
اُن وقت چڪي جو دروازو کليو. هوءِ پنهنجي ماءُ کي ڏسي ديوار جي ڀر بيهه رهي. هن هڪ هٿ سان دل کي دٻائي رکيو هو ۽ ٻيو هٿ غصي مان لوڏي ڄڻ چئي رهي هجي ”نه! نه!“
هن جي ماءُ ساڻس ڳالهايو پر هن پنهنجو هٿ وري هوا ۾ لهرايو.
”هوءِ توسان هلڻ نٿي چاهي.“
”آءٌ اِهو ڏسان پيئي. پر آءٌ ڇا ڪريان؟ ڪتا هن جي تاڙ ۾ آهن. جيڪڏهن هنن سوئرن پنهنجون اکيون هن تي کنيون ته اهي هن جون آخري گهڙيو هونديون.“
”آءٌ هنن کي ٽيوٽي جي ويجهو به اچڻ نه ڏيندس. آءٌ هنن جي کل لاهي ڇڏيندس.“ گيگم ڪاوڙ مان چيو. ”هن کي هتي رهائي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي ڪوئي ريڊار ملي وڃي، جيڪو هن سان شادي ڪري وٺي. هي ڏاڍي خوبصورت آهي.“
عورت وري ڏکهاري لهجي ۾ مرڪيو“ ڪير ٻوڙي ۽ گونگي زال رکڻ پسند ڪندو؟“ هن رومال سان پنهنجا لڙڪ اُگهيا ۽ اُٿڻ لڳي.
”ترس.“ گيگم رڙ ڪئي. هن پنهنجو ٻٽون کوليون ۽ هن کي ڪجهه پئسا ڏيندي چيو ”هي توکي ضرورت جي وقت ڪم ايندا.“
”نه ڀاءُ مهرباني. مون وٽ ڪافي پئسا آهن.“
هوءِ ڪجهه قدم اڳتي ويئي ۽ وري پوئتي موٽي. هن آڱر مان فيروزي ٻڙي واري منڊي لاٿي ”جي خدا ڪري ۽ ٽيوٽي جي شادي ٿئي ته هن کي هي منڊي ڏجانءِ ۽ جيڪڏهن مري وڃي ته هن جي قبر ۾ رکجانءِ.“
گيگم کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇو عورت سان گڏ ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ لڳو ۽ خيالن ۾ گم ٿي ويو. اُهي جڏهن بيدمشڪ جي وڻ وٽ پهتا ته هو بيهه رهيو ۽ پٿر تي ٿي ويٺو. جپسي عورت اکين کان اوجهل ٿي ويئي. هو گهڻي دير تائين اُتي ويٺو رهيو ۽ ڪئين خيال هن جي ذهن ۾ ڦرڻ لڳا. اهي خيال خدا طرفان ٺاهيل هن نامڪمل دنيا بابت هئا، جنهن ۾ اسين رهون ٿا. هن جي ذهن ۾ خيال سئنيما جي اسڪرين تي هڪ ٻئي جي پويان تبديل ٿيندڙ سلائڊن جيان نروار ٿي رهيا هئا. ”اسان کي ڇو ٿو ڏوهه ڏنو وڃي؟ اسان جا گهر ڇو ٿا جلايا وڃن؟ ڇو اسان جي عورتن جي عصمت دري ڪئي وڃي ٿي؟ اسان جا ماڻهو ڇو ٿا ماريا وڃن؟ اسان سڄي دنيا ۾ ڇو دربدر ڪيا وڃون ٿا؟ ڇو سج جي ڪرڻن جهڙي سهڻي ٽيوٽي گونگي ۽ ٻوڙي ٿي ڄمي ٿي؟ ڇو جپسي هي جوان کيت ۽ باغ ڇڏي لڏين ٿا؟ ۽ هي بيدمشڪ ۽ بهڻ جا مست هوائن جا جهولا ڇڏي تپندڙ سج ۾ ڏوڏي کي چونڊڻ لاءِ ڏکڻ ڏي اُسهن ٿا؟ ڇا اِها بدمعاشي ڪونهي؟ ۽ جيڪڏهن ڪو حقيقت پسند آهي ته ٻڌاءِ؟ هن دنيا جي تخليق جو ڇا اِهو مقصد آهي؟“
”اهو ٺيڪ ته ناهي!“
هن جا پٽ آواز تي ڊوڙندا اندر آيا. سئرن پنهنجا هٿ ڪرتي سان اُگهندي داخل ٿي.
”اهو ٺيڪ ته ناهي!“ گيگم ايرڪ چيو، ”هن ۾ سبزباغ آهن، بهڻ جا وڻ آهن... بارش ۾ پسيل بيدمشڪ... کچا تر!“ هن رڙ ڪئي.
”آءٌ ويٺو آهيان بابا.“
”هر ڪو هليو وڃي. آءُ سمهڻ ٿو چاهيان.“
سئرن اڪيلي روم مان وڃڻ جي همت نه ساري سگهي. هن دل ئي دل ۾ ڪنواري مريم جو پانڌ پڪڙيو ۽ ٻاڏايو، ”ڪنواري مريم گيگم ايرڪ کي موت کان بچاءِ هن کي اڃان ٿوري حياتي ڏي.“
گيگم وري پنهنجي دنيا ۾ موٽي آيو. جڏهن هو چڪي تان واپس موٽيو ته هن ڏٺو باغ کي پاڻي ڏنو پيو هو. پوءِ...... راتيون بهارن جي جهونڪن سان مهڪي اُٿيون، روشنيون چڪي ۽ بهڻ جي وڻن مٿان پهرو ڏيڻ لڳيون ۽ اٽي جي ذرڙن مان ليئا پائيندڙ ٽيوٽي جون سايون اکيون خوبصورتي جو جادو ڄمائڻ لڳيون ۽ جيڪڏهن هو سائي ٽوپي پائي پهاڙن تي ٽهلي ٿي، ته پيار اُن کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ پنهنجون ٻانهون ڦهلايون ٿي.
ترڪ ڀرواري ڪناري تي وري ظاهر ٿيا. اُنهن مان هڪڙي رڙ ڪئي ”اوجانڊاهي! بهتر ٿيندو ته اسان کي ڇوڪري واپس ڪر نه ته توکي ڪهي ڇڏينداسين.“
اهو پرڀات جو وقت هو ۽ سنهي ڦڙڦڙ پئجي رهي هئي. ڪجهه هارين ويجهي ڳوٺ کان اناج آندو هو. گيگم بارش ۾ بيٺو رهيو ۽ بلو پتلون پهريل ترڪن ڏي گهوريندو رهيو.
”اچو!“ هن رڙ ڪئي. ”آءٌ توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو.“ اُنهن هارين مان هڪڙو پوڙهو هو. اُن جي حليئي ۽ بيهڪ مان گيگم اندازو لڳايو ته هو وان جو ٿي سگهيو ٿي. شايد ان ڪري جو هو سڪل ڪاٺي جيان هو ۽ مسلسل پوئتان پي نهاريائين. ”ماڻهو پوئتي ڇو ٿا نهارين؟ شايد خدا جي زمين گول هئڻ ڪري؟ ۽ ان ۾ ڪو شڪ به ڪونهي ته جيڪڏهن توهان مسلسل پوئتان نهاريندئو ته سفر ختم ٿيڻ تي فقط پاڻ کي ئي ڏسي سگهندئو.“
جيتوڻيڪ پوڙهو ماڻهو نه ئي آرمينين هو ۽ نه ئي وان جو رهواسي. هو ته ٻين هارين سان گڏ پنهنجو ان چڪي تي کڻي آيو هو. هو وڻ جي هيٺان ٿي ويٺو. ڪجهه تماڪ تري تي مهٽي پائپ ۾ پاتائين ۽ مزي سان پائپ دکائي دونهان ڪڍڻ لڳو.
”توهين ڪهڙي سبب ماڻهن ڏانهن ڇتن ڪتن وانگي نهاريو ٿا؟“ هن پريئين ڀر بيٺل سپاهين ڏانهن نهاريندي رڙ ڪئي، ”ڪتئو ڇو توهين پاڻ ۽ پنهنجي خاندان جي مسئلن ڏي ڌيان نٿا ڏيو؟“
ترڪ سپاهي وات ڦاڙي ٽهڪ ڏيندا رهيا. گيگم چڪي ڏي نهاريندو رهيو. ٽيوٽي چڪي ڀرسان ويٺي رهي.“ مون کي خبر ناهي ته هاڻ رسول ڪٿي آهي؟ جنهن مون کي پنهنجي چت چور ڪائنات فقط ڇهه سئو تومانن ۾ وڪرو ڪئي. وري به هو ڪيڏو نه خوش نصيب آهي جو هو هن دنيا ۾ اڪيلو ناهي.“ گيگم جيئن ئي پوڙهي هاري جي چهري ۾ نهاريو هن کي وري خيال آيو، ”وري به هو ڪيڏو نه خوش نصيب آهي جو هو هن دنيا ۾ اڪيلو ناهي. ساڻ رسول آهي، پوڙهو هاري آهي جنهن پري کان اناج آندو آهي ۽ ساين اکين واري ڇوڪري ٽيوٽي آهي جيڪا دنيا جو آواز اندر جي پاتال مان ٻڌي ٿي.“
بهار ختم ٿي چڪي هئي. بادام جي وڻن پنهنجو جوڀن لٽائي ڇڏيو هو. گيگم چڪي جي ڇت تي ستو پيو هو. هڪ ڏينهن هن کي ننڍ نه آئي. تارا آسمان ۾ هڪ ٻئي کي اکيون ڀڃڻ لڳا، ڏور ڪناري تي ڪوئي ڳائي رهيو هو.
”آءٌ اهو رستو ڪڏهن ڳولي لهندس جيڪو منهنجي گهر تائين وڃي ٿو.“
اُن ڏينهن هر شئي شيشي جيان شفاف ۽ روشن هئي. گيگم ندي تي ويو ۽ وهنجيو. چڪي تي اچي هن پنهنجي ڪاري پتلون ۽ اڇي قميص کنئي. هن مڇن ۽ مٿي جي وارن کي گلاب جي پاڻي سان ڌوتو ۽ ٽيوٽي کي چيو، ”هل ته شهر هلون. اسان کي ڪنهن سان ملڻو آهي.“
اُهي ٻيئي پيدل نڪتا ۽ سونهري وڻن جي پاسن کان ٿيندا ڪاغذوان پهتا، جولاءِ جو سج مٽي هاڻن پنن مان ليئا پائي رهيو هو ۽ هوا اُنهن جي خوشبو کي دور تائين ڦهلائي رهي هئي.
گيگم ٽيوٽي کي حاجي حبيب جي دڪان تي وٺي ويو ۽ رسيپشن تي ويٺل عورت کي چيو ته، ”جڏهن آءٌ هن کي وٺڻ اچان ته هوءِ بلڪل تيار هجي.“
اُن کان پوءِ هو ڪاگرامن خان جي شراب خاني ۾ ويو. گيگم ٻن بوتلن جو آرڊر ڏنو. هن هڪڙي اُتي ئي پيتي اُن کان پوءِ هن سڀني کي خدا حافظ چيو ۽ در ڏانهن منهن ڪري اُٿيو. هن پائپ دکايو. آسمان ڪيڏو نه صاف هو.
ٽيوٽي سائو وڳو پهريو هو. هن جا وارڪنگي ٿيل هئا ۽ ڪلهن تائين لڙڪي رهيا هئا. هن کي سائو چپل پاتل هو. هوءِ گلاب جي پاڻي سان وهنجي هئي ۽ چهري تي گلاب جي خوشبوءِ سان ڀرپور پائوڊر هنيو هئائين. گيگم پنهنجو کيسو کولي اُن مان سڪو ڪڍي ٽيبل تي اُڇلايو.
هاڻ هو ٻيئي گڏوگڏ هلي رهيا هئا. گيگم ٽيوٽي کي چرچ جي ٻاهران بيهه سندس انتظار ڪرڻ جو اشارو ڪيو.
جڏهن عبادت پوري ٿي چڪي. گيگم هو وانس پادري جي ويجهو آيو. ”تون خدا جي گهر ۾ دير سان پهتو آهين.“ پادري ائين چوندي ڏاڙهي تي هٿ ڦيريو. ”آءٌ ته توکي معاف ڪري سگهان ٿو پر لارڊ نه.“
”خدا رحمدل آهي.“ گيگم اهو چوندي هيڏي هوڏي نهاريو. چرچ مان هاڻ عبادت گذار وڃي چڪا هئا. نائب پادري ميڻ بتيون لائي رهيا هئا.
”آءٌ سمجهان ٿو ته تون ڪنهن ڪم سان آيو آهين!؟ ڪهڙو ڪم آهي؟“
گيگم پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ نرمائي واري لهجي مان چيو ”آءٌ چرچ ۾ شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.“
”اهو نيڪ ڪم آهي. اڃان اُن جو وقت به آهي. ڇا تون ڪاگرامن جي ڌي سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو؟“
”نه فادرۡ.“
”ته پوءِ رکئٽيو جي ڀيڻ سان!؟“
”نه! هوءِ عيسائي ناهي پر هوءِ جپسي ڇوڪري آهي. مون هن کي شينهن جي وات مان کسيو آهي ۽ هاڻ آءٌ هن سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.“
فادر هو وانس ڄڻ ٻوڙو بنجي ويو.
”ملر گيگم تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟“
”مذهب؟“
”تنهنجي قوميت ڪهڙي آهي.“ فادر هو وانس رڙ ڪئي.
”آءٌ آرمينين آهيان. آءٌ عيسائي آهيان ۽ وان جو رهواسي.“
”ڇا دنيا ۾ ڪا عيسائي ڇوڪري توکي نظر ۾ نه آئي جنهن سان تون شادين ڪرين؟“
گيگم ميڻ بتي مان اُٿندڙ دونهون ڏٺو جيڪو ور وڪڙ کائي سنهي ڪالم وٽان مٿي اُڀري رهيو هو. هن پٺيرو ئي چرچ کان ٻاهر قدم رکيو ۽ تڪڙو روڊ تي نڪري آيو. هن ٽيوٽي ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ چرچ جي اوچي ديوارون ڏانهن .
”فادر هو وانس سٺو ماڻهو ناهي“ هن سو چيو، ”پر ان جو اِهو مطلب ڪونهي ته چرچ صحيح ڪونهي.“
”هل ته هلون“.
هڪ دفعو وري سونهري وڻن جو پاسو وٺي هو ٻيئي هلڻ لڳا. جولاءِ جو سج آسمان ۾ مٿي چڙهي آيو هو ۽ زمين تي پاڇولا ۽ گرمي پيدا ڪري رهيو هو. رستو ايئن لڳو ته ڄڻ اهو گيگم جي ڳرن قدمن هيٺان لتاڙ جي دفن ٿي ويندو.
”جڏهن پهاڙن مٿان رات جي چادر پرڙا ڦهلائيندي ته اسين پهچي وينداسين.“ هن سوچيو.
جنهن مهل هو پهتا ته سنجها پهاڙن تي ريڙهيون پائي رهي هئي. گيگم پهاڙن جي چوٽي ڏي نهاريو. هن کي لڳو ته پهاڙن جي لاهين تي ٻيرن جي وڻن ۾ ڪيئن هرڻ ڀٽڪي پنهنجي مائرن کي ڳوليندا هوندا.
ندي ڪاري ٿيندي ويئي. سنجها جي ٿڌڙي هير بيدمشڪ ۽ بهڻ جي وڻن کي ڄڻ وهنجاري هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي آندو.
”هل ته ڇت تي هلون.“ گيگم ٽيوٽي کي چيو، ”اڄ اناج ناهي ڀل ته چڪي ساهي پٽي.“
اُهي ٻيئي ڇت تي ويا. گيگم پنهنجو ٿيلهو کولي اُن مان فيروزي ٻڙي واري سوني منڊي ڪڍي. ٽيوٽي منڊي پاتي ۽ پنهنجو سر گيگم جي ڇاتي تي رکيو. ”آءٌ تنهنجي آهيان.“ ٻوڙي ۽ گونگي جپسي ڇوڪري اُن زبان ۾ ڳالهايو، جنهن کي دنيا دل جي زبان ڪوٺي ٿي.
اُگهاڙو چنڊ پهاڙن جي مٿان اُڀري بهڻ جي ڊگهن وڻن هيٺان لڪي ويو.
خدا جي مرضي سان کچاتر 1931ع ۾ ڄائو. گيگم بائبل جي اندريئين صفحي ۾ لکيو ۽ پوءِ هن ٽي دفعا پنهنجي پٽ کي صليب جو نشان لڳايو.
سرگس 1933ع ۾ ڄائو.
سمبت 1935ع ۾ ڄائو.
خدا جي مرضي سان منهنجي دل جي قانون واري زال ٽيوٽي هن دنيا کي 1936 ۾ ڇڏيو. ڪو به پادري، هن جي لاءِ آخري رسمون ادا ڪرڻ نه آيو. مون پنهنجي پٽن سان گڏجي هن کي سومر تي دفن ڪيو.
1939ع جي اونهاري ۾ آءٌ پنهنجن ٻارڙن کي ڪاغذوان خريداري لاءِ وٺي ويس. جڏهن واپس ٿياسين ته پنهنجي چڪي تباهه ٿيل ڏٺيسين. اهو ڪم بلو پتلون پاتل ترڪن جو ڪيل هو.
مون رسول کي تهران ۾ ڏٺو. هو شراب ۾ ڌت هو ۽ پيالي ۾ اکيون کپائي شايد پنهنجي چڪي بابت سوچي رهيو هو. مون هن کي پنج تومان ڏنا ۽ چيو ”منهنجا بدنصيب ڀاءُ آءٌ پنهنجي ٻارن کي وٺي اباڻي ڌرتي ڏانهن وڃي رهيو آهيان.“
جولاءِ 1946ع ۾ اسان پنهنجي پياري وطن آرمينيا پهتاسين. جيئن ته صفحي ۾ وڌيڪ جڳهه ڪا نه بچي هئي تنهنڪري هن پنهنجي اولاد جي شادين ۽ پوٽن پوٽين جي ڄمڻ جون تاريخون ڪنڊن پاسن کان لکيون ۽ جڏهن پورو صفحو ڀرجي ويو ته هن وڌيڪ داخلا رکڻ بند ڪئي.
”کچاتر جا پٽ گيگم! تنهنجي ياد ڪرڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.“
گيگم ايرڪ سوچيو. ”تو دنيا جي هر ڏس جو سفر ڪيو ۽ ڪنهن کي به نه رنجايو. تو ٻوڙي ۽ گونگي جپسي ڇوڪري سان شادي ڪئي ۽ هن سان زندگي جا ڇهه سال گڏ گذاريا ۽ فادر هو وانس، جيڪو هڪ خراب ماڻهو هو (خدا جي هن روح کي سڪون بخشي) جي مطابق جي اسان جي شادي خدا جي احڪامن کان انحراف جو نتيجو هئي ته پوءِ خدا اسان تي ڪيئن مهربان ٿئي ها!؟ ۽ اسان کي ٽي خوبصورت نهرون ٽي پٽ ۽ پنج پوٽا پوٽيون ڇو عطا ڪري ها؟“
”فادر هو وانس ڇا اِهو سڀ ڪجهه ڪافي ناهي؟“
گيگم ايرڪ پنهنجون اکيون کوليون ۽ هڪ دفعو وري دري جي پردي پويان موت جي فرشتي کي بيٺل ڏٺائين. هن جي هڪ هٿ ۾ سائي بيدمشڪ جي ٽاري هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏانٽو هو.
”گيگم آءٌ اچي ويو آهيان.“
”مون پنهنجو فرض پورو ڪيو.“ گيگم چيو ”جيئن کچاتر ايرڪ ڪيو. ”جيڪڏهن تون چوين ٿو ته هن دنيا جي پويان ٽيوٽي منهنجو انتظار پئي ڪري ته آءُ ضرور هلندس. پر مون کي خبر ناهي ته منهنجي بدقسمت ڀاءُ رسول جو ڇا ٿيو؟ ۽ مون کي اِهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو هن وشال ۽ عظيم دنيا ۾ الائجي ڇو رسول پارن ماڻهن لاءِ جڳهه نٿا پيدا ڪن.“
گيگم پنهنجون اکيون زور سان بند ڪيون. لڙڪ هن جي ڳلن تي ڪريا.
مئي جي هڪ روشن ڏينهن ۾ هن جي اباڻي وطن آرمينيا جي شهر ميرگي ۾ هن جا پٽ، نهرون ۽ پوٽا پوٽيون ميڙڪيو ويٺا هئا. کچاتر جو پٽ گيگم ايرڪ وهاڻي تي ليٽيل هو.
***