جواري
هو هڪ جواري هو. ماڻهو هن کي سام جي نالي سان سڏيندا هئا. هڪ دفعي سندس ملاقات شيطان سان ٿي ويئي. اُن ملاقات جي نتيجي ۾ دنيا مان ڏوهن جو تعداد ڪافي گهٽجي ويو. ڏوهن جي تعداد گهٽجڻ جي پويان ڪهڙا سبب ڪار فرما هئا؟ اُنهن تي ڪير به روشني وجهي نه پيو سگهي. سام ۽ شيطان جي وچ ۾ ٽي شرط لڳل هئا. بدقسمتي سان شيطان ٽيئي شرط هارائي ويٺو.
ٽيهن ورهين جو سام جنهن جو قد ڇهه فٽ هو. گهنڊيدار وار ۽ چهري مان بدمعاش نظر آيو ٿي. واقعي، حقيقت به اِهائي هئي. هو ننڍپڻ کان ئي جوا جو عادي هو. جيڪي به کيس هٿ چڙهندو هو، داءُ تي لڳائي ڇڏيندو هو. جواري هئڻ جي باوجود به هو اهڙيون اٽڪلون ڪندو هو جنهن ۾ جيتڻ جا نوي سيڪڙو امڪان هجن. هو کٽڻ جي اهميت جو تمام گهڻو قائل هو.
شانن نالي خوبصورت ڇوڪري هن جي محبوبه هئي. بدقسمتي سان هن کي جوا کان سخت نفرت هئي. هن چاهيو ٿي ته سام جوا ڪرڻ ڇڏي ڏي. شروع شروع ۾ هن جو خيال هو ته سام هن لاءِ جوا کان توبهه ڪري ويندو ۽ سام اهڙو واعدو به ڪيو هو، پر هو واعدو پاڙي نه سگهيو. هو جيستائين جوا نه ڪري، آرام نه اچيس. جوا هن لاءِ ايئن ضروري بنجي چڪي هئي جيئن جاندار لاءِ کاڌو. جيئن ڪو ساهوارو کاڌي بنا زندهه نٿو رهي سگهي تيئن هو جوا بغير سڪون ماڻي نٿي سگهيو. نتيجو اِهو نڪتو جو سندس محبوبه هڪ ڏينهن کيس سندس ڏنل منڊي واپس ڪري ڇڏي. اها منڊي محبت جي يادگار هئي. سام پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري نٿي سگهيو، تنهن ڪري هن انتهائي پيڙا مان نه چاهيندي به منڊي واپس وٺي ڇڏي. شانن لڙڪ هاريندي هلي ويئي. سام ڪافي دير تائين خيالن ۾ غلطان رهيو ۽ ڏک وچان منڊي کي جانچيندو رهيو. جڏهن اوندهه وڌڻ لڳي ۽ سموري ماحول تي اوندهه جي چادر ڦهلجي ويئي، هو اُٿيو ۽ دٻيل دٻيل قدمن سان هلڻ لڳو جوا جي اڏي طرف.
جڏهن هو تاڙ جي وڻ جي ڀرسان لنگهي رهيو هو ته هن کي محسوس ٿيو ته، ڄڻ وڻ مان ڪو ئي پاڇو جدا ٿيو ۽ سندس سامهون ديوار بڻجي بيهه رهيو. سام هن ڏي چتائي ڏٺو. هڪڙو ماڻهو سندس سامهون بيٺو هو. هو لباس مان خوش پوش لڳو ٿي. مٿي تي ڪاري ٽوپي پاتل هئس ۽ چپن تي هڪ پرڪشش مرڪ. هن نرم ۽ مٺي آواز ۾ سام کي کيڪاريو. سام هن تي اکيون کپائي ڇڏيون ۽ ذهن تي زور ڏيئي، هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پاڇولي جو ٽڪ ٻڌي بيهه رهڻ هن لاءِ حيرت ڪن هو.
”سام“. هن ڳالهايو ”آءٌ شرط لڳائڻ لاءِ تيار آهيان ته تو مون کي ڪونهي سڃاتو؟“
سام هن کي چتائي ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ پنهنجي وجدان تي ڀروسو ڪري مضبوط لهجي ۾ چيو، ”منهنجي کيسي ۾ سئو ڊالر آهن تون اُنهن کي داءُ تي لڳل سمجهه. آءٌ ٻڌائي سگهان ٿو ته تون ڪير آهين.“
”منظور آهي.“ هن پاڻ تي اعتماد ڪندي چيو.
”منهنجو خيال آهي ته تون شيطان آهين.“ سام بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو. سام جو وجدان، پرکڻ ۾ غلط نه نڪتو. هو واقعي شيطان هو.
ڪافي وقت کان سام شيطان جو ذڪر ٻڌندو آيو هو. جيئن ته شيطان پاڻ به مشهور جواري هو ۽ اڄ هو سام جون صلاحيتون پرکڻ لاءِ آيل هو. سندس چهري تي سام جي جواب سان غصو اُڀريو. سام کائنس پهريون شرط کٽي چڪو هو. ڪجهه دير رکي وري شيطان ڳالهايو.
”ٿي سگهي ٿو ته آءٌ شيطان نه هجان؟ تنهنجا سئو ڊالر مون تي ٿيا. پر مون وٽ اڃان به ڪافي رقم آهي. اُها سڄي رقم تنهنجي ٿي جيڪڏهن تون ثابت ڪري ڏيکارين ته آءٌ واقعي شيطان آهيان!؟“
شيطان اِها ساڳي شرط پهرين به ڪيترن ماڻهن سان رکي هئي ۽ اُهي سڀ جا سڀ اها شرط هارائي ويا هئا. پر سام ٻي قسم جو ماڻهو هو.
”مون کي منظور آهي.“ سام پنهنجي هٿ ۾ جهليل بيد جولڪڻ هوا ۾ هلائيندي چيو. ”آءٌ هن بيد جي لڪڻ سان توکي ماريندس. جيڪڏهن تون هڪ عام ماڻهو هوندين ته مارکائي ويندين. پر جيڪڏهن تون واقعي شيطان آهين ته مار ڪو نه کائيندين، ڇاڪاڻ جو مان ڄاڻان ٿو ته شيطان انسان کان مار کائڻ ڪڏهن به پسند نه ڪندو.“
سام هن ڏانهن زور سان بيد جو لڪڻ اُلاريو. نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو نڪرڻ گهربو هو. شيطان ٽپو ڏيئي هن کان لڪڻ کسي ورتو ۽ وڻ تي چڙهي ويو. هن جي بدن مان سلفر جي بوءِ اچي رهي هئي. هن غصي مان رڙ ڪندي چيو،
”بس ٺيڪ آهي. تو کٽي ورتو. پر اڃان به هڪ شرط باقي آهي.“ سام ٻڌو هو ته، شيطان جڏهن به ڪنهن انسان وٽ ايندو آهي ته اُن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي شرطون کٽڻيون پونديون آهن. شيطان ٿورڙو سهي، وري ڳالهايو.
”هن ڀيري آءٌ هڪ راند کيڏيندس. آءٌ شرط ٿو لڳايان ته تون هن ڀيري ڪو نه کٽيندين. ياد رک ته توکي کٽڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو جو تو جي هي شرط هارائي ته تنهنجي حياتي منهنجي وس هوندي.“
سام وٽ جند ڇڏائڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو به ڪو نه هو. راند ته هن کي هر حالت ۾ کيڏڻي ئي هئي.
”منظور آهي.“ سام چيو، ”پر هن ڀيري شرط جي نوعيت آءٌ طئه ڪندس. ڇو جو پهرين ۽ ٻي شرط جي نوعيت تو طئه ڪئي هئي.“
شيطان پهرين ته منجهي پيو، پر پوءِ سام جي ڳالهه مڃي ورتائين. ”ٺيڪ آهي.“
”آءٌ شرط لڳايان ٿو.“ سام شيطان ڏانهن کلي نهاريندي چيو. ”تون اِهو نٿو چاهين ته آءٌ هن ڀيري به توکان شرط کٽيان.“
شيطان جي وات مان اُلا نڪرڻ لڳا هئا. سام هن جي اندر جي ڳالهه چئي ورتي هئي ۽ اهڙي طرح شيطان هي شرط به هارائي ويٺو هو.
”اڄوڪي رات کان تنهنجي لاءِ بدنصيبي جي شروعات ٿئي ٿي.“ شيطان ڪاوڙ وچان چيو، ”هاڻ تون زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن کان ڪا به بازي کٽي نه سگهندين. منهنجون غيبي قوتون تنهنجي سوڀ ۾ هميشه ديوار بنيون رهنديون.“ اهو چئي هو سام جي نظرن کان اوجهل ٿي ويو.
سام ڪجهه گهڙين تائين خالي خالي نظرن سان آسمان ڏي نهارڻ لڳو ۽ جڏهن هن جا حواس درست ٿيا ته هو سوچڻ لڳو. ”آءٌ به عجيب ماڻهو آهيان. بيٺي بيٺي خواب ڏسي رهيو آهيان.“ واپسي ۾ هن ٻئي ڏينهن تي ٿيندڙ راند جا ٽڪيٽ خريد ڪيا ۽ گهر موٽي آيو.
صبح جو هن کي پنهنجي رٺل محبوبه شانن کان سواءِ ڪجهه ياد نه هو. انهي ئي پريشاني جي حالت ۾ هو وهنجيو، ڪپڙا تبديل ڪيائين ۽ ناشتو ڪري ريس ڪورس گرائونڊ پهچي ويو. اڄ هن کي شرط لڳائڻ لاءِ ڪافي سوچڻو پيو. اڄ نه ڄاڻ ڪهڙي سبب وجدان سندس همٿ افزائي ۽ رهنمائي ڪو نه ٿي ڪئي. گهوڙن جي چونڊ ۾ به هن کي ڪافي اوکائي محسوس ٿي رهي هئي.
ريس شروع ٿي ۽ هو اُن ۾ گم ٿي ويو. ٿوري ئي ساعت ۾ هن جو چونڊيل گهوڙو ٻين کان 10 وال کن اڳيان نڪري ويو. سام اطمينان جو ساهه کنيو. پر اوچتو ئي هڪ عجيب سانحو پيش آيو. سام جو گهوڙو جيتڻ جي نشان کان فقط 10 وال اوريان آٿڙجي پيو، جنهن ڪري سندس رفتار گهٽجي ويئي ۽ هڪ ٻيو گهوڙو هن کان اڳتي نڪري جيتڻ جي نشان تائين پهچي ويو. سام پنهنجو ٽڪيٽ مروٽي هوا ۾ اُڇلي ڇڏيو.
پر هو اڃان مايوس ڪو نه ٿيو هو. ريس جا ڇهه مقابلا اڃان باقي هئا ۽ هن جي کيسي ۾ اڃان به ڪافي پئسا موجود هئا. ٻي ريس ۾ به هن جو گهوڙو ڪافي اڳتي هو. مگر نه ڄاڻ ڇو هن جو لغام ٽٽي پيو ۽ بازي هارائي ويو.
ٽين ريس ۾ به سام کي ناڪام جو منهن ڏسڻو پيو. گهوڙو بي قابو ٿي ويو ۽ بازي هارائي ويو. سام گهٻرائجي ويو!.
چوٿين ريس ۾ هو پر اُميد هو. مگر اُميد زياده دير تائين قائم نه رهي. هن جو گهوڙو جيتڻ جي نشان وٽ آٿڙجي ڪري پيو ۽ وري اُٿي نه سگهيو.
اهي واقعا واقعي ڪافي حيرت ۾ وجهندڙ هئا. سام جيڪو به گهوڙو چونڊيو ٿي اُنجي شامت ٿي آئي. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن کي پنهنجي ناسن ۾ سلفر جي بوءِ محسوس ٿي.
پنجين ريس ۾ هن ننڍي قيمت وارو ٽڪيٽ ورتو. هن ريس جو به سٺو نتيجو نه نڪتو. هن جو چونڊيل گهوڙو تمام پوئتي رهجي ويو.
ڇهين ريس شروع ٿيڻ کان اڳ سام سوچيندو رهيو. هن جو کيسو تقريبن خالي ٿي چڪو هو. باقي بچيل رقم هن نهايت خبرداري سان داءُ تي لڳائڻ جو سوچيو. هن ڪو به ٽڪيٽ نه ورتو. هن پنهنجي هڪ گهري دوست کي هٿ ڪيو. ان سان سندس ڪافي گهرا واسطا هئا. ريس شروع ٿي ته سام هن جي ڀرسان بيهه رهيو. گهوڙا جهڳٽي جي شڪل ۾ پول جي طرف وڌي رهيا هئا. سام پنهنجي دوست کي مخاطب ٿيو. ”آءٌ هڪ ڊالر جي بدلي ڏهه ڊالر داءُ تي لڳايان ٿو. ستون نمبر گهوڙو کٽي نٿو سگهي.“
سام جي دوست حيرت مان ڏانهس نهاريو. ستون نمبر گهوڙو ڪافي پوئتي هو. اُن جي کٽڻ جو سوال ئي ڪو نه ٿي پيدا ٿيو. سام پنهنجي دوست کي ٻڏتر ۾ ڏسي چيو، ”سوچين ڇا ٿو؟ ٻڌاءِ. هاڻ ڏهن جي بجاءِ ويهه ڊالر لڳا.“
هن جي دوست کي ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي سگهيو ٿي. هن چيو، ”مون کي منظور آهي.“ اڃان هن جي وات مان اِهي لفظ نڪتا ئي مس جو ستين نمبر گهوڙي کي ڄڻ پر لڳي ويا. هن وچون فاصلو بجلي جي رفتار جيان طئه ڪيو. ماڻهن کي گهوڙي جي برق رفتاري حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. اِهو جيتڻ جي نشان تي پهچندڙ پهريون گهوڙو قرار ڏنو ويو.
سام خاموشي مان ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽ پنهنجي دوست کي ويهه ڊالر ادا ڪيا. هن جي دوست کائنس انهي احمقانه شرط بابت پڇڻ چاهيو. پر سام سوالن جوابن جي موڊ ۾ ڪو نه هو. هو هڪ خالي پيل جڳهه تي وڃي ويٺو. هاڻ هن کي ڪو به شڪ نه هو ته ڪو ڪلهه پيش آيل واقعو صحيح ڪو نه هو. هن سوچيو ته شيطان پنهنجي شڪست جو انتقام وٺڻ تي لهي آيو هو.
سام جو گذر سفر جوا تي هو. جيڪڏهن هو لڳاتار ايئن هارائيندو رهيو ته متان هن کي هميشه جي لاءِ جوا ڇڏڻي پئجي وڃي. سام کي اها ڳالهه قطعي پسند نه هئي.
آخري ريس شروع ٿيڻ کان اڳ سام پنهنجا کيسا ڏٺا. گهر تائين پهچڻ جو ڪرايو ڪڍڻ کان پوءِ وٽس چاليهه ڊالر پاڇي ٿيا ٿي. هن ڪجهه دير تائين حالتن جو جائزو ورتو ۽ پوءِ آخري ريس جي لاءِ ٻن ٻن ڊالرن جا ست ٽڪيٽ خريد ڪيا. اهي ست ئي ٽڪيٽ اُنهن ستن گهوڙن لاءِ هئا جيڪي ريس ۾ حصو وٺي رهيا هئا. سام پنهنجي سيٽ تي وڃي سڪون سان ويٺو ۽ سوچڻ لڳو، هاڻي ڏسان ته شيطان مون کي کٽڻ کان ڪيئن ٿو روڪي سگهي؟ آخر ستن گهوڙن مان ڪو ته جيتيندو ئي....
اڃان ٿوري دير ئي نه گذري جو زور سان مٽي جو طوفان اُٿيو ۽ گرائونڊ ۾ لڳل شاميانو اچي پٽ پيو. جيڪڏهن سئيس گهوڙن کي بروقت نه جهلين ها ته هوند شامياني ۾ وچڙي ڪري پون ها. ظاهر آهي ته هن ريس جو ڪو به نتيجو نه نڪتو. ماڻهن کي سندن خريد ڪيل ٽڪيٽن جي قيمت واپس ڪئي وئي.
اها ڳالهه طئه ٿي چڪي هئي ته شيطان سام کي ڪنهن به شرط ۾ سوڀارو ڏسڻ ڪو نه ٿي چاهيو. هاڻ سام لاءِ ڪاميابي جو ڪو به رستو نه هو. پر هن اڃان به جوا تان هٿ نه کنيو. هو مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو ته ڪهڙي به طريقي سان بازي کٽي سگهي. پر هن کي سدائين ناڪامي ئي پلئه پئجي رهي هئي.پر هڪ ڳالهه سا ضرور ٿي هئي ته هن شيطان کي به پريشان ڪري ڇڏيو هو.
سام ۽ شيطان جي ملاقات کان ٻه هفتا پوءِ جو ذڪر آهي. ٻنپهرن جو وقت هو. شيطان پنهنجي نائب کي تجربي گاهه ۾ پاڻ وٽ گهرايو. ان تجربي گاهه ۾ هو نوان نوان گناهه متعارف ڪرائڻ لاءِ تجربا ڪندو هو. نائب حاضر ٿيو ته شيطان پڇيو.
”مون توکي سام جي باري ۾ جيڪي هدايتون ڏنيون هيون اُنهن تي عمل ٿي رهيو آهي. يا نه؟“
”جي حضور.“
”ته هن هيلتائين ڪنهن به شرط ۾ کٽيو ته ناهي؟“
”جي بلڪل نه“. نائب وراڻيو.
”ڇا هو ڀينگيو ٿي چڪو آهي؟“
”جي ها، تقريبن ايئن ٿي چڪو آهي.“
”ته ڇا هو جلدئي خودڪشي ڪري پنهنجو روح اسان جي حوالي ڪندو.؟“
”نه حضور!“ نائب ڊڄندي ڊڄندي وراڻيو، ”هو نالائق اڃان پاڻ مان مايوس ڪو نه ٿيو آهي.“
”هون!؟“ شيطان جي وات مان گهگ وهڻ لڳي.
”هن جي اها جرئت؟“
”حضور!“ نائب مٿو ٽيڪي جواب ڏنو. ”هو بلڪل مطمئن آهي ۽ عجيب و غريب منصوبا ٺاهي جيتڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. نتيجن منهنجي بهترين ورڪرن کي، پنهنجون ٻيون سڀ ذميواريون هڪ پاسي رکي چوويهه ڪلاڪ سام جي نگراني ڪرڻي پئجي رهي آهي. جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو ته ڪجهه عرض ڪريان.“
شيطان ها ڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
نائب چيو ”ٽي ڏينهن اڳ سام پنهنجي دوست سان شرط رکي ته اڄ ٻنپهرن کان اڳ بارش نه پوندي. توهان يقين ڪريو ته هن اِها شرط ٻنپهرن کان فقط ٻه ٽي سيڪنڊ اڳي رکي. هاڻ سام جي ڳالهه کي غلط ڪرڻ لاءِ ٻنپهرن کان پهرين بارش هئڻ ضروري هئي. مجبورن مون کي تقريبن ٻه سو اٺ ڍينڊڙا شيطان گڏ ڪرڻ پيا. مون انهن کي حڪم ڪيو ته ڪيئن به ڪري سمنڊ مان پاڻي جا بخار مٿي پهچايو، ته جيئن ٻنپهرن کان اڳي بارش پوي. حضور! اوهين ڄاڻو ٿا ته اِهو ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هو. وقت تمام گهٽ هو. پر مون کي اهو چوندي خوشي ٿي ٿئي ته اسين ان مشن ۾ ڪامياب وياسين.“ هن ٿوري دير لاءِ ساهه کنيو ۽ وري ڳالهايو، ”اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي. سام مسلسل هارائڻ سبب ريس جي گهوڙن تي هڪ عجيب و غريب ۽ منجهائيندڙ شرط لڳائي. ڪجهه نه پڇو. بدمعاش سام مختلف گهوڙن لاءِ مختلف دعوائون ڪيون. فلاڻو گهوڙو فلاڻو نمبر ايندو ۽ فلاڻو گهوڙو فلاڻو نمبر.... اها شرط ايڏي ته منجهيل هئي جو اسان جا بهترين دماغ به منجهي پيا. اُنهن مون سان آخري وقت ۾ رابطو قائم ڪيو ۽ پڇيو ته هاڻ ڇا ڪجي؟ سام هڪ شرط اها به لڳائي هئي ته هي ريس توڙ تائين ختم نه ٿيندي. هاڻ منهنجي سامهون فقط هڪ ئي رستو هو ته سڀ گهوڙا هڪ هنڌ پهچائي راند ختم ڪرايان. توهان خود سمجهي سگهو ٿا ته اِهو ڪم ڪيترو نه منجهيل ۽ ڏکيو هو. توهان کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اسان کي اجازت ڏيو ته اسين آئينده سام جا معمولي شرط نظرانداز ڪندا ڪريون. نت اسين ڪنهن به مصيبت ۾ ڦاسي سگهون ٿا.“
شيطان آڳ جي اُلن جهڙين اکين سان هن ڏانهن گهوريو. ”قطعي نه.“ هو گر جيو ”آءٌ پنهنجي لفظن تي قائم رهندس. هو ڪڏهن به ڪائي شرط نه کٽي. توهين هن جي چوڪسي جاري رکو.“
سام تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ گهيرجي چڪو هو. هن جا کيسا خالي ٿي رهيا هئا. هن جي گذر جا وسيلا سڀ ختم ٿي رهيا هئا. بينڪ اڪائونٽ ۾ پئسو به نه بچيو هو. شانن به هن سان ملڻ صفا بند ڪري ڇڏيو هو. سام جي حالت تمام خراب ٿي چڪي هئي. پر هو اُنهن ماڻهن منجهان ڪو نه هو، جيڪي ڪنهن مصيبت يا ڏکئي وقت ۾ گهڻو وقت پريشان رهندا آهن.
هو هڪ ريسٽورانٽ ۾ ويو. اتفاق سان هن کي شانن جو هڪ مائٽ ملي ويو. هن جو نالو ٽم هو. ٽم هن کي پاڻ ڏي سڏيو. ٻيئي پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا. ٽم هن کي ٻڌايو ته شانن جڏهن کان ساڻس تعلقات ٽوڙيا آهن تڏهن کان اُداس رهڻ لڳي آهي. اها ڳالهه سام لاءِ اُميد افزا هئي. هن سوچيو ممڪن آهي ته آءٌ جي ٻيهر ڪوشش ڪريان ته شانن مون کي قبول ڪري وٺي!، هن پنهنجو خيال ٽم تي ظاهر ڪيو. ٽم ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”تون جيستائين جوا کيڏڻ بند نه ڪندين تيستائين هوءِ راضي ڪو نه ٿيندي.“
”جيڪڏهن هن کي پڪ ٿي وڃي ته آءٌ ڪنهن به شرط ۾ ڪامياب ڪو نه ٿو وڃان ڇا هوءِ پوءِ به راضي ڪو نه ٿيندي؟“
”هتي ڪاميابي يا ناڪامي جو ڪهڙو سوال؟ جوا بهرحال جوا آهي“. ٽم ڪنڌ لوڏيندي وراڻيو. ”خير ڇڏ انهن ڳالهين کي ٻاهر بارش پيئي وسي. تنهنجو ڇا خيال آهي هي بارش ڪيستائين جاري رهندي؟“
”سڄو ڏينهن وسندي رهندي“. سام بي دلي مان چيو ”۽ رات جو به اُن مان جان ڪو نه ڇٽندي. آءٌ جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهيان سچ چئي رهيو آهيان. پر ٽم! آءٌ جيڪڏهن چاهيان ته بارش فقط پنجن منٽن ۾ روڪي سگهان ٿو.“
ٽم کان کل نڪري ويئي. ”ڀلا آءٌ به ته ڏسان.“
”ڏسندين؟“ سام اعتماد سان چيو.
”هي ڪهڙو مذاق آهي؟“ ٽم دلچسپي مان چيو ”ته پوءِ لڳائي شرط هڪ ڊالر جي تون اها شرط لڳائي ته بارش پنجن منٽن اندر بند ٿي ويندي. آءٌ چوندس ته هي بارش هاڻي جو هاڻي بند ٿيندي.“
ٽم اکين جا ڇپر جهڪائي ڇڏيا. سام وري ڳالهايو، ”منهنجا دوست مون کي پڪ آهي ته آءٌ هي شرط هارائي ويندس ۽ منهنجي لاءِ اهو ضروري ٿي پوندو ته آءٌ توکي هڪ ڊالر ادا ڪريان. جي تون سنگت ۾ مون کي ماني کارائڻ جو ذمو پاڻ تي کڻي ته شرط لڳائڻ لاءِ تيار آهيان.“
ٽم بنا ڪنهن هٻڪ جي شرط لڳائي. شرط جو نتيجو اهو ئي نڪتو جو نڪرڻو هو. فقط پنجن منٽن ۾ بادل ٽڙي پکڙي ويا ۽ سج چمڪڻ لڳو.
ٽم حيرت وچان سام ڏانهن ڏٺو. ”اڙي هي ته عجيب ڳالهه ٿي ويئي!“ هن جي چهري تي ڪئين رنگ اُڀرڻ لڳا. ”اهو ته واقعي ڪمال ٿي پيو. جيڪڏهن تنهنجي خواهش جي مطابق هر واري ايئن ٿيڻ لڳي ته تون ته هزارين ڊالر ڪمائي سگهين ٿو.“
سام ڇرڪ ڀريو ”ڇا چيئي؟ ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو!؟“ هن گهٻراهٽ مان ڳالهايو. ”آءٌ چاهيان ته طوفان آڻي سگهان ٿو ۽ جڏهن چاهيان ته اُن کي ٽاري به سگهان ٿو. مون کي صرف ڪنهن سان شرط لڳائڻي پوندي آءٌ جيڪا به شرط لڳائيندس نتيجو اُنجي اُبتڙ نڪرندو. اها آهي اصل حقيقت جيڪا منهنجي لاءِ عذاب ۽ تباهي جو ڪارڻ بنجي چڪي آهي.“
”ٺيڪ آهي! پر هي عذاب نازل ڪرڻ وارو ڪير آهي؟“ ٽم حيرت مان پڇيو.
سام ٽم کي ڪن ۾ سندس نالو ٻڌايو. ٽم جون اکيون حيرت مان ڦهلجي ويون. سام چيو ”منهنجي ويجهو اچي هڪڙو وڏو ساهه کڻي سونگهه.“
ٽم وڏو ساهه کڻي سونگهيو. ”سلفر جي بوءِ ٿي محسوس ٿئي.“
سام اطمينان مان ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي. ”هاڻي ته مڃيندين نه؟“
”مڃان ٿو دوست!“ ٽم چيو، ”منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالهه سُجهي آئي آهي. شايد تو ٻڌو هجي ته هتي ڪافي ماڻهو سٺي موسم لاءِ انشورنس ڪرائيندا آهن. انهي مقصد لاءِ هو وڏيون رقمون ادا ڪندا آهن. اها انشورنس به زندگي يا حادثن جي ويمي جيان هوندي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اُن کي قانوني حيثيت حاصل آهي ۽ اِهو ڪاروبار غيرقانوني به ناهي.“
سام چانهه پيئندي پيئندي رڪجي ويو. هن جي اکين ۾ خوشي جي چمڪ اُڀري آئي بلڪل ٺيڪ ٿو چئين منهنجا دوست“.
”سام.“
ٽم جذباتي لهجي ۾ چيو، ”هن آچر تي رائل سنس جي سينٽ پئٽرڪ ۾ پريڊ ٿيڻ واري آهي. فرض ڪر ته رائل سنس وارا توکي چون ته سٺي موسم جي ضمانت ڏي. ضمانت پوري ٿيڻ تي توکي ويهه ڊالر ادا ڪيا ويندا. جي ضمانت پوري نه ٿي يعني موسم سٺي نه رهي ته توکي ٻه سئو ڊالر ادا ڪرڻا پوندا. پنهنجي قسمت ۾ جي سٺي موسم رهي ته ويهه ڊالر ڪيڏانهن به ڪونهي ويا ۽ هاڻ هڪڙي ٻي ڳالهه. فرض ڪر تون مون وٽ اچين ٿو ۽ چوين ٿو ”موسم جي متعلق هڪ شرط لڳايون ٿا.“ ٽم چيو ”آءٌ توکي ڏهه ڊالر ڏيندس ۽ چوندس ته هن آچر تي بارش ڪو نه پوندي“. تون چئجانءِ ”ضرور پوندي“ ظاهر آهي شرط جي معاملي ۾ تون کٽي نٿو سگهين. نتيجو اِهو ٿيندو جو ان آچر تي بارش ڪو نه ٿيندي. تون هارائيندين ضرور پر رائل سنس جا ويهه ڊالر تنهنجا ٿي ويندا.“
”ڏاڍي سٺي تجويز آهي.“ سام متاثر ٿيندي چيو، ”ڇا انهي قسم جو ويمو ٿي سگهي ٿو؟“
ويمو نه پر ان کي هزارن ڊالرن جو ڪاروبار چئو منهنجا دوست“
”ته پوءِ ڏاڍو سٺو.“ سام اُٿي بيٺو. ”ٽم اڄ کان تون منهنجو ڀائيوار آهين.“ هن کيسي مان ويهه ڊالر ڪڍيا ۽ ٽم کي ڏيندي چيو ”هان وٺ! هن رقم مان منهنجي لاءِ ڪنهن آفيس جو انتظام ڪر. آفيس جي دروازي تي بيما ڪمپني جو بورڊ لڳائي ڇڏجانءِ.“ ڪجهه وقت رکي سام وري ڳالهايو ”هي وٺ هڪ ڊالر آءٌ شرط لڳايان ٿو ته جيئن ئي آءٌ شانن جي گهر پهچندس ته هوءِ مون کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيندي ۽ مون سان ڳالهائڻ تائين به پسند نه ڪندي. جيڪڏهن اِها ڳالهه صحيح نه نڪري ته هڪ ڊالر تون رکي ڇڏجانءِ“.
”منظور آهي.“ ٽم مسڪرائيندي چيو، ”آءُ چوان ٿو ته هوءِ دل، جي گهرائي مان تنهنجي آجيان ڪندي ۽ تنهنجي گود ۾ ويهي دير تائين توسان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندي.“
ڪجهه دير کان پوءِ ٻيئي شانن جي گهر جي سامهون بيٺا هئا.
”هون ته تون آيو آهين؟“ شانن سام کي اجنبي انداز مان ڏسندي چيو، ”مون توکي چيو هو ته مون سان هاڻ ڪڏهن به ملڻ نه اچجانءِ؟“
”ها تو چيو هو پر آءٌ اچي ويو آهيان.“ سام مسڪراهڻ لڳو. ”ڪهڙو فائدو؟“ شانن بي رخي مان ڳالهايو. سام اڳتي وڌي هن جا هٿ پاڻ ڏي ڇڪيا ۽ بدستور مسڪرائيندي چيو ”آءٌ هڪ ڊالر جي شرط لڳائي چئي سگهان ٿو ته تون مون کان نفرت ڪرين ٿي.“
شانن غالبن اِهو ئي چوڻ واري هئي جو هن کي ايئن محسوس ٿيو ته ڪنهن هن جي زبان قبضي ڪري ورتي هجي. هن ڳالهايو. ”نه منهنجا سام نه، اها ڳالهه ناهي. مون کي تو کان نفرت ڪونهي. توسان مون کي بي پناهه محبت آهي.“ شانن کي خود به حيرت ٿي ته هوءِ ڇا چئي رهي هئي.
”آءٌ هڪ ڊالر جي شرط ٿو لڳايان ته تون مون سان شادي ڪو نه ڪنديئين؟“
شانن چوڻ ٿي چاهيو ته ها آءٌ شادي ڪو نه ڪنديس. پر هن کي پنهنجي زبان تي هن جو پنهنجو اختيار ڪٿي هو؟ هوءِ چئي ويٺي ”ها آءٌ توسان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
سام ۽ شانن جي شادي ٿي چڪي آهي. سام جي انشورنس ڪمپني خوب هلي رهي آهي. هو هاڻ لک پتي بڻجي چڪو آهي. ٽم هن جو ڀائيوار ۽ اڪيلو رازدان آهي. سام ان سان ملي شيطان کي شڪست مٿان شڪست ڏيئي رهيو آهي.
سام ۽ شانن جي سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ زندگي گذري رهي آهي. خوشحالي ۽ خوشگوار زندگي جي لاءِ برابر شرطون لڳنديون رهن ٿيون. ۽ ظاهر آهي ته سام هي سڀ شرطون هارائيندو رهي ٿو ڇو ته شيطان پنهنجي هوڏ تان لهڻ لاءِ قطعي تيار ڪونهي.
اٽڪل سال کن اڳ سام ۽ ٽم جي وچ ۾ شرط لڳي هئي. سام چيو ٿي ته هن سال ڇوڪري ڄمندي. جي نه ڄمي ته هو ڏهه ڊالر ادا ڪندو.“
ٽم چيو ”نه توکي ڇوڪرو ڄمندو.“ سام ظاهر آهي ته شرط هارائي ويٺو. هن کي ڇوڪرو ڄائو آهي ۽ هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ ڇوڪري جي ڄمڻ تي شرط لڳل آهي.
***