مهاڳ
دنيا جي طرف دري کولي ٿو[/b]
ازرا پائونڊ چيو هو ته اعليٰ ادب جو دور اصل ۾ ترجمن جو دور ئي هجي ٿو. شايد اها ڳالهه هُن ان حوالي سان ڪئي هجي ته ٻين ٻولين جو سٺو ادب ترجمي ذريعي ڪنهن نئين ٻولي جو ويس ڍڪي سرحدون ۽ ملڪ اُڪري ويندو آهي ۽ ادبي شاهڪارن جي نه صرف مقامي حيثيت به ختم ٿي ويندي آهي ته انهن تان ڪنهن هڪ ٻوليءَ جي پابندي به ختم ٿي وڃي ٿي. مقامي حيثيت ختم ٿيڻ مان مراد آهي بين الاقوامي حيثيت اختيار ڪرڻ لڳن ٿا. ترجمي بابت ڊگها بحث آهن ترجمي ۾ ”تخليق“ جو عنصر ڪيترو شامل هجي ٿو؟ ترجمون ٻئي ادب جو پڙاڏو هوندو آهي يا ترجمو ڪرڻ به لکڻي آهي؟ سروانٽي چيو هو ته Translation is the other side of tapestry.
ايمرسن جنهن چيو هو ته مون کي ترجمو پڙهڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿيندي آهي ۽ آءٌ سڀن سٺن ڪتابن جا ترجما ئي پڙهندو آهيان. ڪنهن به ڪتاب ۾ جيڪو به سٺو لکيل هجي ٿو، اهو ترجمي جوڳو هوندو آهي.
ڀلي ترجمي ۽ تخليق ۾ زمين آسمان جو فرق هجي، پر ترجمي جي اهميت ۽ ان حساس ڪم کان انڪار ڪرڻ ناممڪن آهي. ترجمي جو ڪم دنيا ۾ تحريڪن جو محرڪ بنيو آهي. مثال طور يورپ ۾ جڏهن بائيبل جو ترجمو ٿيو ته ان تان مذهبي طبقن جي اجاره داري ختم ٿي ۽ مقامي ٻولين/انگريزي ۾ ترجمي سبب بائيبل عام ماڻهن جي پهچ ۾ سنئون سڌو اچي ويو جنهن ڪري ماڻهو ان جو مطالعو ڪري سماج جي گردن تي سوار اتان جي مذهبي طبقن کان سوال ڪرڻ/پڇڻ جي لائق بنيا. عيسائيت پروٽيسٽنٽزم ۽ ڪئٿولڪزم ۾ ورهائجي وئي ۽ سماج عقليت جي راهه اختيار ڪرڻ طرف وڌيو.
ڪنهن دور ۾ مذهبي طبقن ۾ ترجمي جهڙي فن سبب خوف طاري هوندو هو ۽ مذهبي طبقا مقدس ڪتابن جي ترجمن جي خلاف ڪفر جون فتوائون ڏيندا هئا. ڇو ته ترجما ئي علم کي عوام طرف وٺي ويندا آهن.
ترجمي جو فن ساڳئي وقت ٻولي جي رڪاوٽ سبب حساس ۽ ڏکيو به هجي ٿو. هڪ ٻولي جا اکر کهرا، اگهاڙا، لفظ ٻي زبان ۾ مٺا، سهڻا، پوشاڪ پاتل ٿي سگهن ٿا. هڪڙي جاگرافيائي خطي جي آرٽ کي ٻي جاگرافيائي خطي ۾ اگهائڻ ڏکيو ڪم آهي. ان لاءِ لغوي ترجمي کان وڌيڪ تشريحي ترجمي کان به ڪم وٺڻو پوي ٿو ۽ اهو مڃيل سچ يا تسليم شده حقيقت آهي ته شاعري جو ترجمو هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. انهي ڳالهه کي مدِنظر رکندي سيموئل جانسن چيو هو ته ”شاعري جون خوبصورتيون ۽ حسناڪيون اسان ٻي زبان ۾ محفوظ نٿا رکي سگهون، سواءِ ان زبان يا ٻولي جي جنهن م اها تخليق ڪئي وئي آهي.
ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي اسان چئي سگهون ٿا ته شاعري ئي آهي جيڪا ترجمي ۾ ضايع ٿي سگهي ٿي، پر اهو رسڪ فِڪشن يا نثر ۾ نٿو رهي.
هندستان ۾ جديد لٽريچر جي نشونما پويان ترجمي نگارن جي وڏي محنت هئي ۽ اهو جديد يورپي لٽريچر ترڪي مان هندستان پهتو. انهي کانپوءِ روسي انقلاب ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي قيام کانپوءِ، انهي پس منظر ۾ لکيل لٽريچر هندستان ۾ متعارف ٿيو. اوهان سنڌي لٽريچر جي تاريخ کي کڻندؤ ته جديد لٽريچر تي ترجمن ذريعي پوندڙ اثر، انهن ترجمن ذريعي متعارف ٿيندڙ نيون صنفن وغيره بابت اوهان کي ڄاڻ ملندي.
ڀوَن سنڌي، سنڌي ادب- شاعري ۾ هڪ سينئر نالو آهي. اسان کان سينئر هن دوست کي اسان سنڌي ٻارڙن جي رسالي ۾ تڏهن پڙهندا هئاسون، جڏهن اسان خود ٻار هئاسون هن جي شاعري کانسواءِ سندس ترجمون ٿيل پرڏيهي ڪهاڻين جو مجموعو ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ جي نالي سان ٻيو ڀيرو تازو ڇپجي چڪو آهي. اوهان جي هٿن ۾ سندس محنت جو هي ثمر ڪتابي شڪل ۾ آهي. ڪهاڻين جو هي مجموعو ڏهن ڪهاڻين تي مشتمل آهي. جنهن ۾ امريڪي، فلپيني، ترڪي، آرميني، ملئي... ڪهاڻيون شامل آهن. ڀون سنڌي جيئن ته سنڌ جي لاڙ خطي سان تعلق رکي ٿو جتي سنڌي ٻولي وٽ لفظن جو ذخيرو گهڻو آهي. ڀون جيئن ته لکڻ پڙهڻ جي سفر جو پراڻو مسافر آهي ان ڪري هن جي ڪهاڻين جي چونڊ تي اکيون پوري اعتبار ڪري سگهجي ٿو. هن مجموعي ۾ به هن جي بهترين سليڪشن نظر اچي ٿي.
توڙي جو هي ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ اڳ ۾ ڇپجي چڪيون آهن، پر ٽڙ پکڙ ڪهاڻين توڙي ڪنهن به ٻي مواد کي، ڪتابي صورت جي هر وقت ضرورت ان ڪري هجي ٿي، جو هڪ پڙهندڙ جي پهچ ليکڪ يا ڪتاب تائين آساني سان ٿي وڃي ٿي ۽ هن ڪتاب ذريعي ڀون سنڌي پرڏيهي فڪشن تائين پنهنجي پڙهندڙن جي پهچ آسان بنائي آهي.
هنن ڪهاڻين پڙهڻ وقت يقيناً اوهان تي مختلف قومن، انهن جي ڪلچر، وهمن وسونن، اظهارڻ جي طريقن جي دري به کلندي، ته دنيا جي گولي جي ٻين حصن تي رهندڙ ماڻهن، ڪردارن سان اوهان جي ملاقات به ٿيندي. اهڙن جذبن دردن، ڏکن، خوشين، خواهشن جا عڪس اولڙا به نظر ايندا، جن جي ڪا سرحد ناهي. جيڪي انسان ذات جو گڏيل اثاثو به آهن ته گڏيل الميا به آهن. جيئن آرميني ڪهاڻي جي پوڙهي نوسراد جو پنهنجي پٽ لاءِ ورهين جي ڪيل انتظار يا سالن جي اوسيئڙي [b][/b]کي سندس پُٽ هڪ رات لاءِ اچي پٺ ڏئي، نوسراد سان ملڻ کانسواءِ هليو ٿو وڃي. ائين ڀون سنڌي ”للي جي ننڍڙي دنيا“ نالي ملئي ڪهاڻي جي ترجمي ۾ اسان کي اهڙي ڇوڪريءَ ۽ مزدور جي ڪردارن طرف سنڌي ٻولي جي ميڊيم ذريعي ٻڌائي ٿو. جنهن ۾ للي جي ڪمٽمنٽ هڪ معذور مزدور سان آهي ۽ هن جي سڄي دنيا اهوئي معذور شخص اهي جيڪو صنعتڪار جا سرمائيدار جي بي حسي جو شڪار آهي.
فوڪ لور Folk lore دنيا جي قومن جو گڏيل اثاثو. انهن قومن جي فوڪ لور ۾ عجب هڪ جهڙايون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ اوهان کي فلپيني ڪهاڻي ۾ آرسي متعلق عجب سنوڻ ساٺ، يا وهم بيان ڪيل ملندا ۽ اوهان آرسي بابت سنڌ جي ڳوٺن شهرن ۾ ملندڙ جلندڙ سنوڻ ساٺ، وهم گمان اڪثر ٻُڌا هوندا.
آءٌ اهو چوندو آهيان ته سطحي ۽ رجعتي تخليق کان اهي ترجما هزار ڀيرا بهتر آهن جيڪي اسان کي ثقافتي ڪوهيڙي کي ٽوڙي ڪنهن روشني طرف وٺي وڃن.
ڀون سنڌي- اسانجو پيارو، جنهن محنت مستقل مزاجي سان انهي ڪم کي سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان لاءِ يقيناً هو جس لهڻي . سندس هي سالن جو پورهيو، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ يقيناً اسان جي انهن پڙهندڙ نوجوانن جي ذهني اڃ لاهيندو، جيڪي دنيا جي فڪشن کي پڙهڻ چاهين ٿا ۽ ڪنهن ٻولي مان ٿيل ترجمو، ماڻهن/پڙهندڙن کي تقابلي مطالعي جو موقعو به ڏئي ٿو.
ڀون سنڌي جو هي ترجمو ٿيل ڪم يقيناً اسان کي ان تقابلي مطالعي ۽ تجزئي جو موقعو ڏيندو ته هن وقت اسان جو سنڌي فِڪشن شارٽ اسٽوري ڪٿي بيٺل آهي؟
[b]-حفيظ ڪنڀر
[/b]
حيدرآباد
15 سيپٽمبر 2015ع