ٽٽل شيشي جو عڪس
[/b]
ٿئي ائين ٿو ته، آءٌ جڏهن به هن البم ۾ پنهنجي تصوير لڳائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته، منهنجي تصوير تي ڪيئن ٻيا چهرا چهٽي پون ٿا. اهي چهرا ڪي اوپرا چهرا ناهن پر منهنجن ئي عزيزن، رشتيدارن ۽ دوستن جا چهرا آهن. جنم جنم جي معصوميت سان ڀريل سفاڪ چهرا، جن جي خاموش رڙين سان منهنجي دماغ جون نسون ٽٽڻ لڳن ٿيون، ٽڪرا ٽڪرا جوڙي هڪ مجسمو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، پر هوا ايتري تيز آهي جو اُنهن ٽڪرن جي وکرڻ جو خوف برابر لڳو رهي ٿو. آءٌ اُن بدنصيب شخص جيان آهيان، جيڪو ڊوڙندي ڊوڙندي سهڪي پيو آهي. پر گهڙي پل آرام ڪرڻ لاءِ جنهن وڻ جي ڇانو ۾ ويٺو آهي، اُن جي سمورين جڙن کي ڪيڙا ڪٽي ۽ کائي چڪا آهن.
مون کي پاڻ تائين پهچڻ لاءِ نه ڄاڻ ڪيترين دوزخن مان گذرڻو پوندو. اُف! هڪ جهنم کان ٻي جهنم تائين پنهنجي ذات جي ٽڪرن کي سميٽڻ ڪيترو نه ڪربناڪ ٿيندو آهي.
آءٌ پنهنجي چهري تي جنهن چهري جي جلن محسوس ڪريان ٿو، اُهو منهنجي پوڙهي ماءُ جو تباهه حال چهرو آهي. مڪمل تباهه ٿيل ۽ بيمار. ٿڪاوٽ ۽ ٻڍاپو هن جي نس نس مان ظاهر آهي. بس ڪنهن به ڏينهن موڪلائڻ جي تياري ڪري ويٺي آهي. تڏهن به هن جو علاج برابر جاري آهي. ڳوٺ جو ڪهڙو ڊاڪٽر يا حڪيم آهي جنهن کان مون هن جو علاج نه ڪرايو هجي ۽ هاڻ به ڪرائي رهيو آهيان. اڄ به هر مهيني ٽيهه يا چاليهه رپين جي دوا درمل ٿي وڃي ٿي. ڦل فروٽ الڳ ٿئي ٿو پر نه- ان ۾ احسان جتائڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي. مون کي ان روز جي معمول جي پورائي لاءِ لازمي ڪم ڪرڻو ئي پوي ٿو. روزانه ٻه ٽي ڪلاڪ اوور ٽائيم، ڏينهن ۾ چار پنج ڪوڙ ۽ هڪ اڌ موٽي مرغي جي تلاش. ها- اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان سواءِ ساڍا ٽي سئو رپين مان ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. منهنجي ماءُ به سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي. اڃا گذريل مهيني مون کي غير متوقع طور تي هڪ پارٽي کان ٻه سئو رپيا مليا ته گهر ۾ سڀني جي لاءِ ڪپڙا، ٻارڙي لاءِ مٺائي ۽ رانديڪا اچي ويا هئا. ٽن چئن ڏينهن تائين سڀ ڏاڍا خوش هئا. امان ٻئي ڏينهن ڪرم علي شاهه بابا جي درگاهه تي پڙ چاڙهي آئي. امان شايد اُتي منهنجي ڪمائي ۾ برڪت لاءِ دعا به گهري هجي. ماءُ پٽ جي لاءِ سچي دل سان دعا ئي گهري سگهي ٿي پوءِ کڻي اها ڪوڙ جي حمايت ۾ ئي ڇو نه هجي.
ها، ان کي ته هڪ پراڻو آدرشي قصو چئي سگهجي ٿو ته ماءُ پنهنجي پٽ جي کيسي جي هيٺان سئو دينار سبي ڇڏيا ۽ کيس سفرتي اُسهڻ مهل هدايت ڪئي ته، ”پٽ هميشه سچ ڳالهائجانءِ“ ۽ پوءِ اُن ڇوڪري جي سچائي ڌاڙيلن جون دليون ڦيري ورتيون. پر جي منهنجي ماءُ اهو سڀ ڪجهه ڪري ته کنگهي کنگهي ٽي ڏينهن ئي دم ڏيئي ڇڏي. مون کي ته خبر آهي. امان جي بيماري موت جي بيماري آهي. آءٌ اهو به ڄاڻان ٿو ته هن ۾ ڳالهه ڳالهه تي ڪرڪڻ ۽ کنگهه کرڙي کان سواءِ باقي ڪجهه به ناهي بچيو. پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. ماڻهو آخري ساهه تائين زندگي سان چهٽي رهڻ چاهي ٿو. ڪير آهي جو خوشي خوشي مان جيئري ئي قبر ۾ وڃڻ چاهيندو هجي. ماءُ جي خدمت کان ڀلا ڪيئن انڪار ٿي سگهي ٿو؟ هن مون کي ٽن سالن تائين کير پياريو آهي. آءُ به هن کي گذريل ٻارهن سالن کان دوا پياري رهيو آهيان ۽ ذرو به بيزار نه ٿيو آهيان. مگر پاڻ کي ڪيئن سمجهايان. سعادت مندي جا تمغا مفت ۾ ته ڪونه ٿا ورهائجن. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو کي هڪ بهتر ماڻهو جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ خواهشن جي ڪيترين ئي قتل گاهن مان گذرڻو پوندو آهي.
اڃا تازو ئي آءٌ امان لاءِ اسٽور تان دوائون خريد ڪري آيس. ميڊيڪل اسٽور ۽ شراب جو گتو هڪ ٻئي جي ڀرسان هئا. آءٌ بيخيالي مان شراب جي گتي ۾ گهڙي ويس ۽ رنگ به رنگي بوتلن تي لالچي نگاهون وجهندي دوائن جي پرچي شراب جي گتي جي مئنيجر جي هٿ ۾ ٿمايم. هن مون کي مٿي کان هيٺ تائين گهوري ڏٺو ۽ آڱر سان اشارو ڪندي چيو:
”پاسي واري دڪان ۾ وڃ“
تڏهن مون کي هوش آيو ۽ آءٌ شرمندو ٿيندي اُتان موٽي آيس. اُن رات مون کي ڀلي ننڊ نه آئي. عجيب ۽ اُبتاسبتا خواب ڏسندو رهيس. مون کي لڳو ته آءٌ هڪ ويران بيابان ۾ ڊوڙندو هلي رهيو آهيان. اُڃ جي سبب نڙي خشڪ ٿي ويئي آهي ۽ ٿڪل چوپايي مال جيان زبان ٻاهر ڪڍي سهڪي رهيو آهيان.
سامهون پاڻي جو چشمو نظر اچي ٿو اُن جي طرف مڙيو آهيان، پر چشمي جي ويجهو پهچڻ کان اڳ ئي گوڏن تائين واري ۾ ڦاسي پيو آهيان ۽ ڦاسندو ئي وڃان ٿو. اُن رات مون پهريون ڀيرو محسوس ڪيو ته امان جي کنگهه منهنجي ننڍ ۾ ڪيترو رخنو وجهي ٿي. امان جي دوا برابر جاري آهي. آءٌ نافرمان قطعي ناهيان. منهنجو سڀ ڪجهه ايتريقدر جو مان پاڻ به وڪامجي وڃان ته به آخري گهڙين تائين هن جو علاج ڪرائيندو رهندس. پنهنجي ماءُ سان ڪنهن کي محبت نه هوندي؟ مون کي به آهي. محبت شايد انسان جي آخري مجبوري جو نالو آهي. امان جي چهري سان گڏ هڪ ٻيو چهرو به جڙيل آهي. اُداس ٿڪل ۽ سنڌ سنڌ کان ٽٽل. اهو بابا سائين مرحوم جو چهرو آهي. ها هو هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو. بيماري؟.
ڪا به بيماري نه هئي سواءِ شراب جي. آخري ڏينهن ۾ ته هو ايتريقدر پيئڻ لڳو هو جو هن جي پگهر مان به شراب جي بوءِ ايندي هئي. آءٌ بابا کي صرف انهي ڪري عظيم انسان ليکيندو آهيان جو هو دنيا جي ٻين عظيم انسانن وانگي پنهنجي زال يعني منهنجي ماءُ کان هميشه دکي هو. غالبن انهي ڏک کي وسارڻ جي خاطر هو بي تحاشا پيئندو هو. مون کي ياد آهي ته هن امان سان هڪ ڏينهن جهيڙي جي دوران چيو ”تنهنجي گهر کان زياده سڪون ته مون کي اوشا ٻائي جي ڪوٺي تي ملندو آهي“. ان ڏينهن امان سڄو وقت بابا کي گاريون ڏيندي ۽ پٽيندي رهي، گهر ۾ چلهه به نه ٻري. اُن ڏينهن بابا مون کي هوٽل ۾ ماني کارائي هئي. جڏهن بابا موت جي بستري تي هو ته سندس وات ۾ آبِ زم زم جا متبرڪ ڦڙا پاتا ويا. هن آبِ زم زم وٺڻ کان انڪار ڪندي ٻه ڍڪ شراب جا گهريا هئا. مون چاهيو هو ته شراب جا ٻه چمچا پياريانس، مگر برادري جي بزرگن مون کي تڙي ۽ ڇڙٻ ڏيئي اُتان هٽائي ڇڏيو. بابا جي موت جي ٽي ڏينهن، اُن جي روح کي سڪون پهچائڻ جي خاطر پنجن فقيرن کي ماني کارائي ويئي. خيراتي ماني ۾ مرحوم جي من پسند کاڌن جو خاص خيال رکيو ويو هو. پيٽ ڀري کاڌو کارائڻ کانپوءِ هر هڪ فقير کي ڇهه ڇهه وال ڪپڙو به نذراني طور ڏنو ويو ته جيئن بابا جي روح کي اُن جو پورو پورو ثواب حاصل ٿئي. آءٌ چپ چاپ اهو تماشو ڏسندو رهيس. فقير بار بار پنهنجي پيٽ تي هٿ ڦيريندي الله رحيم آهي، الله غفور آهي جا نعرا هڻي رهيا هئا. جڏهن هو نڙي تائين کاڌو ڦسي چڪا ۽ ڇهه ڇهه وال ڪپڙو بغل ۾ دٻائي ٻاهر نڪتا، ته آءٌ مڙي اُنهن وٽ ويس ۽ ڏهين رپئي جو نوٽ پيش ڪندي انتهائي عاجزي مان هٿ ٻڌندي چيم: ”شاهه صاحب! منهنجو بابا مرحوم سٺن کاڌن سان گڏ شراب جو به ڏاڍو شوقين هو. هي ننڍڙي رقم اوهان جي ڀيٽ ڪريان ٿو. هن مان هڪ هڪ پيگ وٺي پيئجو، جو مرحوم جي آخري خواهش اها هئي.“
اهو ٻڌي فقير ڏاڍو خفا ٿيا هئا ۽ مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو هئن. بابا زندگي ۾ هزارين رپيا ڪمايا، مگر سڀ اهڙي بي درديءَ سان اُڏائي ڇڏيا ڄڻ اُهي سڀ پئسه ريس جي سٽي مان ڪمايل هجن. منهنجي لاءِ ورثي جي نالي تي هڪ ٽٽل ڦٽل گهر، مستقل بيمار ماءُ ۽ ٻارنهن هزار رپين جو قرض ڇڏي ويو هو. قرض ڏيندڙ ته تقاضا ڪندي ۽ ڌمڪيون ڏيئي ڏيئي نيٺ ٿڪي هارائي ويا. البته هي ٽٽل ڦٽل گهر ۽ شڪست حال ماءُ اڃان به مون سان گڏ آهن.
بغور ڏٺو وڃي ته اسين پنهنجي لاءِ ڏهه فيصد به نٿا جيئون. اسان جي نوي فيصد زندگي ٻين جي خواهشن ۽ فرمائشن جو قرض ادا ڪرڻ ۾ ئي گذريو وڃي.
امان جي چوڻ مطابق منهنجي شادي هن جي آخري خواهش هئي. هڪ فرمانبردار پٽ جي طرح مون به شادي ڪري ورتي. جيتوڻيڪ هاڻ هن جي خواهش پوري ٿيندي اٺ سال ٿي چڪا آهن. پر هن جي خواهشن جو سلسلو برابر جاري آهي. شايد خواهشون ڪڏهن ختم نٿيون ٿين.
هي منهنجي زال آهي. هي اُن وقت جي تصوير آهي جڏهن هوءِ گهر ۾ ڪنوار بنجي آئي هئي. ڍڳي جي طرح معصوم نظر اچي ٿي نه؟ توهان صحيح فرمائي رهيا آهيو. مگر توهان کي هن جا نوڪدار سڱ نظر نٿا اچن. جناب عاليٰ اهو ته جوتو پائڻ وارو ئي ڄاڻي ٿو ته ڪلي ڪٿي لڳي رهي آهي. هاڻ ته هوءِ تمام ٿلهي ٿي پيئي آهي ۽ ماس لڙڪي آيو اٿس. هن کي پنهنجي گهر ۽ خاندان کان سواءِ ٻاهر جي ڪا به خبر ڪونهي. عورت، هڪ خالص گهريلو عورت هئڻ به ڪيتري نه سک جي ڳالهه آهي. زال جو روزمره جو پروگرام بلڪل ٺهيل ٺڪيل آهي. صبح جو اُٿڻ، اُلٽو سڌو کاڌو تيار ڪرڻ، هِن بهاني، هُن بهاني سس کي ٻه چار گاريون ڏيڻ، ٻارن کي ڦٽ لعنت ڪرڻ ۽ رات جو پگهر سان ڀريل جسم منهنجي حوالي ڪري ڏيڻ ۽ پوءِ پاسو ڦيرائي بي خبري جي ننڍ سمهي پوڻ. ٺيڪ آهي محفوظ، سنئين سڌي ۽ سادي سودي زندگي جو هڪ ٻيو باب پورو ٿيو.
آءٌ شروع ۾ هن جي بد مزاجين۽ زناني جهاليت جي سبب ڪجهه پريشان ضرور ٿيس. پر بعد ۾ اُن جو عادي ٿي ويس. هاڻ ته مون کي هن تي قابو پائڻ ۾ اُهو لطف اچي ٿو جيڪو هڪ شهسوار کي سرڪش گهوڙي تي سواري ڪرڻ ۾. هر عورت وانگي زيور ۽ لباس، هن جون ٻه ڪمزوريون آهن. جنهن لاءِ ڀوڳڻو مون کي پوي ٿو. هن جي گلي ۾ هي جيڪو چاليهه گرامن جو منگل سوتر نظر اچي رهيو آهي اُنجي لاءِ مون کي تمام وڏين ذلالتن مان گذرڻو پيو آهي. صاحب جي اڳيان پڇ لٽڪائو ٿي مٿين ڪمائي واري ڪرسي ڦٻائڻي پئي. اُن جي لاءِ گپتا سان هميشه جي لاءِ دشمني ڪرڻي پئي. پوءِ رپئي ٻن رپين جي حقير رقم لاءِ ڪڏهن هن جي ته ڪڏهن هُن جي گلي تي ڇري ڦيريندو رهيس. اهو نه سمجهوته منگل سوتر ملڻ کان پوءِ زال جو حرص گهٽجي ويو. حرص ته عمر سان گڏ وڌندو رهندو آهي. پر ها هوءِ منهنجي حق ۾ ڏاڍي وفادار آهي. مگر ڪير به سوچي سگهي ٿو ته، جنهن عورت جو جسم ساٿ ڇڏي چڪو هجي، ٻين مردن کي مسحور ڪرڻ ۽ ڇڪڻ جو هنر وڃائي چڪي هجي اُها پنهنجي مرد جي حق ۾ وفادار نه رهي ته ڇا ڪري؟
آءٌ پهرين ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته محبت يا وفاداري انسان جي آخري مجبوري جو نالو آهي. زال کي دنيا ۾ صرف ٻن شين سان بي حد پيار آهي. زيورن سان ۽ ببلو سان. ببلو اسان جو ستن سالن جو ڇوڪرو آهي. ماڻهن جي خيال ۾ هو ڏاڍو خوبصورت آهي. مون سان هن جي ڪا به مشابهت ڪانهي. هن جو رنگ ڳورو ۽ اکيون ننڍيون آهن. آءٌ ايترو خوبصورت ڪٿي آهيان؟ منهنجي زال جو خيال آهي ته هو وڏو ٿي رچرڊ برٽن جي طرح ڏسڻ ۾ ايندو. نه نه منهنجي زال جو رچرڊ برٽن سان ڪهڙو تعلق؟ ڪٿي هي ۽ ڪٿي هو؟ پر ها. مون هن کي ”بيڪٽ“ ڏيکاري هئي تڏهن ببلو هن جي پيٽ ۾ هو. زال کي رچرڊ برٽن ڏاڍو وڻيو هو. مون کي ياد به آهي، اُن رات هوءِ وڏي جوش ۽ خروش مان مون کي چهٽي منهنجو منهن چٽي رهي هئي.
ببلو ستن سالن جو ٿي چڪو آهي مگر زال هاڻي به هن کي گود ۾ ويهاري کارائيندي آهي ۽ ڇاتي سان لڳائي سمهاريندي آهي. تمام گهڻو پيار ڪندي آهي ببلو کي. بعض اوقات هوءِ ببلو جو منهن ايترا ڀيرا چمندي آهي جو منهنجي اندر هلڪي هلڪي رقابت جاڳڻ لڳندي آهي. مون ”بيڪٽ“ کان پوءِ زال کي رچرڊ برٽن جي ٻي ڪا فلم ناهي ڏيکاري. هوءَ اڪثر چوندي آهي: ”منهنجو ببلو وڏو ٿي اداڪار بنبو.“ آءٌ ڪجهه ڪو نه چوندو آهيان. منهنجي ماءُ به ننڍپڻ ۾ منهنجي ڊاڪٽر بڻجڻ جو خواب ڏسندي رهندي هئي. سواءِ خواب ڏسڻ جي ماڻهو جي اختيار ۾ آهي به ڇا؟
دنيا جي ٻين زالن جي طرح منهنجي زال کي به منهنجي خاندان وارن سان بي حد نفرت آهي. خصوصن منهنجي چاچي ۽ اُن جي گهروارن سان. بابا جي موت کان پوءِ چاچا ۽ اُن جا ٽي پٽ سالن کان ٽٽل ڦٽل گهر جي لاءِ مون سان ڪيس وڙهندا رهيا. هڪ ڏينهن اُنهن مون کي غنڊن کان مار به ڪڍرائي هئي. پر رشتا ڪٿي ختم ٿين ٿا. رشتا ته زندگي جو بوجهه آهن. جن کي انسان پوري عمر ڍوئيندو رهي ٿو. اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن موڙ تي توهان ٿڪي ساهي پٽڻ جي خاطر، ٿوري دير لاءِ اُن ٻوجهه کي لاهي رکو. مگر وري اُن کي کڻي اڳيان وڌڻو پوندو آهي، ايستائين جو توهان پنهنجي قبر جي منهن تائين پهچي ويندا آهيو. زال منهنجي خاندان وارن کان پوءِ منهنجي دوستن کان گهڻي نفرت ڪندي آهي. مگر مون کي اُهي سڀ دوست تمام سٺا لڳندا آهن. انسان بغير زال جي، بغير خاندان جي زندهه رهي سگهي ٿو مگر توهان بغير دوستن جي زندگي جو تصور ڪري سگهو ٿا؟ شايد نه.
هي سڀ دوست جيڪي هن تصوير ۾ منهنجي آسپاس بيٺل آهن، انهن سڀني سان منهنجي گهري دوستي آهي. پر مان ڄاڻان ٿو ته اُنهن مان گهڻا ته ڪنهن نه ڪنهن غرض جي ڪري مون سان لاڳاپيل آهن. گهڻا اُهي آهن جن سان آءٌ پنهنجي مطلب برادري جي ڪري جڙيل آهيان. غور سان ڏسو! هر دوستي جو بنياد ڪنهن نه ڪنهن غرض تي ئي ٻڌل نظر ايندو. شايد دوستي به انسان جي بيشمار ضرورتن مان هڪ آهي.
ماءٌ، زال، ڀائر، عزيز، رشتيدار، ڪيترا سايا منهنجي چوگِرد گهمي رهيا آهن. آءُ هڪ آئينو بڻجي ويو آهيان. جنهن ۾ ٻين جا عڪس مڪس ٿي ويا آهن. عڪسن جي هن هجوم ۾، پنهنجي ذات جي تلاش جي اڻ ٿڪ ڪوشش مون کي چڪا چور ڪري ڇڏيو آهي.
آءٌ هڪ سعادتمند پٽ آهيان، وفادار مڙس آهيان، شفيق پيءُ آهيان، ڀاءُ آهيان، دوست آهيان يعني آءٌ جو ڪجهه آهيان، ٻين جي ڪري آهيان. آءٌ خود ڪٿي ڪجهه به ناهيان. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته منهنجي هستي هڪ اهڙو ڪتاب آهي. جنهن جو مان صرف عنوان آهيان، پنا اُٿلائي ٿڪي پوان ٿو پر اندر عنوان سان لاڳاپيل هڪ اکر به نٿو ملي.
***